گڏيل نيوڪليئر آپريشنز جو امريڪي دستاويز
دنيا جي مختلف تنظيمن، تحقيقي شعبن، سفارتي فورمن ۽ سرڪاري ادارن جي ويب سائيٽن تي هڪڙي نئين سياسي ۽ عسڪري دستاويز بابت اڄڪلهه پوري دنيا ۾ زبردست بحث ٿي رهيو آهي. ان دستاويز جو نالو آهي Doctrine for joint Nuclear Operations (گڏيل نيوڪليئر آپريشن جو دستاويز) اهو دستاويز آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف پاران جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آمريڪا جي ٽنهي عسڪري قوتن آرمي، نيوي ۽ ائيرفورس جي شعبن جي مالڪي ڏيکاري وئي آهي.
Final Coordination (2) 15 March 2005، joint publication 3-12 جي سب ٽائيٽل سان آمريڪي سرڪار جي دنيا ۾ موجود نيوڪليئر طاقت ۽ هٿيارن بابت حڪمت عمليءَ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندڙ اهو دستاويز ظاهر ڪري ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا دنيا ۾ موجود نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ۽ خاص طور تي انساني تباهيءَ واري هٿيارن (WMDs) تي ڪيئن ڪنٽرول رکڻ گهري ٿو.
اهو دستاويز ٻڌائي ٿو ته آمريڪا جي فوجي ۽ عسڪري طاقت صدر جي هڪ حڪم تي هر ان ملڪ ۽ قوت خلاف نيوڪليئر طاقت استعمال ڪري سگهي ٿي، جنهن مان عالمي امن يا دنيا کي خطرو هجي. ايستائين جو ان خطري جو احساس ٿيندي ته ڪا قوت موتمار انساني تباهيءَ وارن هٿيارن جي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، آمريڪا ان حملي کان اڳ Pre-emptive (اڳواٽ) حملو ڪري ان تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو.
عسڪري ۽ نيوڪليئر معاملن جو تجزيه نگار وليم آرڪين، دي واشنگٽن پوسٽ ۾ لکي ٿو ته:
The administration has created and placed on continous high alert a force whereby the President can launch a pinpoint strike، including a nuclear strike، anywhere on earth with a few hours' notice.
(آمريڪي انتظاميا نه رڳو پاڻ کي هر وقت هاءِ الرٽ تي رکي ڇڏيو آهي پر اُتي اچي بيهاريو آهي جتي آمريڪي صدر جي بس هڪ حڪم سان دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ تي، چند ڪلاڪن جي نوٽيس تي حملو ٿي سگهي ٿو. اهو حملو نيوڪليئر حملو به ٿي سگهي ٿو.)
جولاءِ 2004ع تي آمريڪي فوج جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل رچرڊ ميئرس (General Richard Myers) جيمس ايلز جونيئر کي هيءُ سرڪاري خط لکيو،
The President charged you to be ready to strike at any moment's notice in any dark corner of the world (and) that's exactly what we have done. We have the capacity to plan and execute global strikes.
(صدر صاحب (جارج بش جونيئر) اوهان کي اهي اختيار ڏنا آهن ته اوهين چند لمحن جي نوٽيس تي دنيا جي ڪنهن به اونداهي ڪنڊ ۾ حملو ڪري ڏيو ۽ پاڻ ائين ڪري ڏيکاريو آهي. هاڻ پاڻ وٽ عالمي حملن جا منصوبا ۽ سگهه موجود آهي.)
ڏهن ٻارنهن سالن جي محنت، مشاورتي اجلاسن ۽ هاءِ ڪمان جي ڏاهپ جي نتيجي ۾ هن سال مڪمل ٿيندڙ اهو دستاويز دنيا مٿان جاري آمريڪي ننگي جارحيت کي ويتر جارحانه بنائڻ جو هڪ نئون فارمولو آهي ۽ ان فارمولي تي پوري دنيا پريشان آهي. خاص طور تي امن پسند قوتون ۽ رياستون ۽ نيوڪليئر طاقت کي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪندڙ ملڪ ان دستاويز کي اڳواٽ حملو تصور ڪري رهيا آهن.
ان دستاويز جي پس منظر ۾ ويانا ۾ ايران جي نيوڪليئر طاقت جي مستقبل بابت ٿيندڙ مذاڪرات ۽ فيصلن هڪ دفعو ٻيهر دنيا ۾ موجود نيوڪليئر طاقت ۽ ان صنعت سان لاڳاپيل ٻين معاملن بابت نوان بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن. نيوڪليئر طاقت جا ٻه متضاد پاسا آهن.هڪ ان جو توانائي ۽ ترقيءَ لاءِ مثبت استعمال ٻيو پاسو آهي نيوڪليئر هٿيارن جي بناوٽ ۽ اهڙي ٻي ٽيڪنالاجي.
دنيا ۾ جن به ملڪن وٽ نيوڪليئر توانائي ۽ طاقت موجود آهي، انهن ۾ جيڪي وڏيون طاقتون آهن، جهڙوڪ آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين ۽ روس اهي سدائين ان خدشي جو اظهار ڪندا رهن ٿا ته اها طاقت رکندڙ ڪمزور ۽ غريب ملڪ ان توانائي کي ڪنهن به مهل منفي انداز ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ نتيجي ۾ اهي عالمي طاقتون مختلف وقتن تي مختلف رياستن مٿان نيوڪليئر توانائي کي هٿيارن، بمن ۽ تباهيءَ جي ٻين هٿيارن جي تياري ۾ استعمال ڪرڻ جا الزام لڳرائينديون رهيون آهن.
گهڻي ماضيءَ ۾ وڃڻ بدران رڳو ويجهي تاريخن ۾ ڏسجي ته آمريڪا پاران عراق، ايران، شام لبيا ۽ اُتر ڪوريا کي Evil States (شيطاني طاقتون) قرار ڏئي اهو الزام هنيو ويو هو ته اهي رياستون ائٽمي ۽ نيوڪليئر ۽ ڪيميائي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ رُڌل آهن، تنهن ڪري انهن تي ڪنٽرول ضروري آهي ۽ پوءِ جڏهن عراق مٿان آمريڪي جارحيت شروع ٿي ته ان جو محور عراقي عوام کي صدام حسين جي آمريت کان بچائڻ کان وڌيڪ عراقي وسيلن تي قبضي واري ايجنڊا هئي.
عراق مٿان حملي جو جواز پڻ اهو ٻڌايو ويو ته عراق انساني تباهيءَ جا موتمار هٿيار Weapons of Mass Destruction (WMD) ٺاهي رهيو آهي ۽ انهن مان ڪن هٿيارن (ڪيميائي هٿيار) جي صدام حسين مخالف ڪرد قوم مٿان استعمال جا ثبوت به موجود هيا.
بين الاقوامي ائٽمي توانائي واري ايجنسي (IAEA) کي اهو مينڊيٽ حاصل آهي ته هو ڪنهن به ملڪ ۾ داخل ٿي، اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڇا واقعي به اهو ملڪ نيوڪليئر توانائي جو صحيح استعمال ڪري رهيو آهي يا ان مان هٿيار ۽ ٻيا مادا ٺاهي رهيو آهي؟ ان ايجنسي عراق بابت پنهنجي رپورٽ ۾ اِهو لکيو ته عراق پاران ان توانائي کي نيوڪليئر هٿيارن يا ٻين موتمار معاملن لاءِ استعمال ڪرڻ جي شاهدي نٿي ملي ۽ ائين ان رپورٽ عراق مٿان آمريڪي حملي جي جواز کي غير قانوني ثابت ڪيو. ان زبردست اخلاقي شڪست کان پوءِ به آمريڪا بهادر مسلسل اها ضد ڪندو آيو آهي ته ڪي ملڪ عالمي امن لاءِ خطرو آهن ۽ ان خطري جا بنياد نيوڪليئر هٿيار ۽ ٻيا معاملا آهن.
ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ نيوڪليئر طاقت ۽ خاص طور تي موتمار هٿيارن ۽ بمن جي ذخيره اندازي جو رواج شروع ٿيو. ٻن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهايل دنيا ۾ سرمائيداراڻي نظام جي حامي ٿنڪ ٽينڪس، سياسي تضادن کي ايترو ته اُڀار ڏنو جو سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ پوري دنيا زبردست سياسي اختلافن ۽ ڪشمڪش جو شڪار رهي.
خاص طور تي پاڙيسري ملڪن کي اقتصادي ۽ سماجي اوسر ۽ ترقي کان پرڀرو رکڻ لاءِ آمريڪي ڏاهن نيوڪليئر طاقت جي استعمال ۽ ان تائين رسائي واري ڊاڪٽرائين کي وڏو پروموٽ ڪيو ۽ ائين ايران ۽ عراق، پاڪستان ۽ هندستان، اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا، يورپ جا ڪيئي ملڪ ۽ خطه وڏي سياسي ڀونچال جي زد ۾ رهيا.
هي اهي ڏينهن آهن جڏهن دنيا ليفٽ ۽ رائيٽ (ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر) ۾ ورهايل هئي ۽ ان ورهايل دنيا کي سرمائيداراڻي نظام حڪومت ويتر تقسيم ڪرڻ لاءِ نيوڪليئر توانائي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو.
ان کان پوءِ جڏهن روس ٽڪرا ٽڪرا ٿيو ۽ دنيا Post Cold War Era (سرد جنگ جي خاتمي واري فيز) ۾ داخل ٿي ته آمريڪا ان کي پنهنجي سياسي سمجهه ۽ ڏاهپ (Political Wisdom) جي فتح قرار ڏئي دنيا مٿان هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي نئين ٿيوريز ۽ دستاويز تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ هر اهو ملڪ جيڪو ماضيءَ ۾ روس ۽ ڪميونزم جو حمايتي هو يا کڻي آمريڪا مخالف هو، سو ان نئين فيز ۾ آمريڪا جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهي ۽ هاڻ unilateral دنيا ۾ عالمي امن جي فروغ جي نعري هيٺ آمريڪا انهن سمورن قوتن کي ٻنجو ڏيڻ گهري ٿو جيڪي ماضيءَ ۾ آمريڪا جي سياسي، جغرافيائي ۽ معاشي مفادن خلاف جهيڙو ڪندا رهيا آهن.
ايران مٿان جيڪو نئون دٻاءُ آهي سو انهيءَ نئين سياسي حڪمت عملي (Political Strategy) جو حصو آهي. پاڪستان به وقت به وقت (آمريڪي ڪئمپ جو سچو سپاهي هجڻ باوجود به) نيوڪليئر پروگرام جي حوالي سان سفارتي دٻاءُ (Diplomatic Pressures) جو شڪار رهندو آيو آهي.
جيتوڻيڪ آمريڪا نيوڪليئر هٿيارن جي ڪنٽرول واري معاهدي Nuclear Non-Proliferation Treaty (NPT) جو ميمبر آهي پر هن اڃا Comprehensive Test Ban Treaty (CTBT) تي صحيح نه ڪئي آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ايران، پاڪستان، هندستان، اتر ڪوريا وغيره CTBT تي صحيح ڪن ته جيئن ائٽمي ۽ نيوڪليئر هٿيارن جي استعمال نه ڪرڻ واري دستاويز جو اطلاق انهن ملڪن تي ٿي سگهي.
ايران مٿان تازو دٻاءُ پڻ آمريڪا جي سفارتي ڪوششن جو ردعمل آهي جو ايران پاران NPT تي صحيح ڪندڙ ملڪن کي پنهنجي ائٽمي ۽ نيوڪليئر پروگرام جا دستاويز پيش ڪرڻ جي تجويز پڻ آمريڪا جي دنيا اندر سڀ کان ويجهي سياسي ساٿي برطانيا پيش ڪئي آهي.
۽ ان ويانا اجلاس ۾ الجيريا، برازيل، ڪيوبا، مصر ۽ ڏکڻ آفريقا سوڌو ڪيئي ملڪ ان تجويز جي مخالفت ڪندي روس پاران ٽياڪڙي واري ڪردار جي ادائگي تي زور ڏيئي رهيا آهن. آمريڪا انهن ڳالهين کان قطع نظر نيوڪليئر آپريشنز جي حوالي سان جوڙيل نئين پاليسي تي عملدرآمد لاءِ پير هڻي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ هن وقت بظاهر آمريڪا جي فوجي سگهه ۽ عسڪري طاقت کي ڪو وڏو چئلينج ناهي پر ان محاذ کي مضبوط ڪرڻ ۾ سپورٽ ڪندڙ ٻين محرڪن، جن ۾ اقتصادي صورتحال، بين الاقوامي برادريءَ جي حمايت، سوسائٽي جي مضبوطي ۽ اخلاقي حمايت جهڙن معاملن ۾ آمريڪا هن وقت زبردست ڏيوالپڻي جو شڪار آهي. اهوئي سبب آهي جو آمريڪا هن وقت انتهائي جارحانه پاليسيون اختيار ڪندو دنيا مٿان فوجي طاقت جي زور تي مسلط ٿيڻ گهري ٿو، جيڪو لڳي ٿو ته ڊگهي عرصي تائين جاري نه رهي سگهندو.
اڄوڪي هن ڳوٺ بڻجي ويل عالمي سماج ۾ معاشي بهتري ۽ عالمي برادري سان زبردست لاڳاپا سڀ کان اهم هٿيار تصور ٿي رهيا آهن ۽ آمريڪا انهن محاذن تي ڪمزور وڪيٽ تي کيڏي رهيو آهي.
9/11 کان پوءِ دهشتگردي خلاف جوڙيل عالمي محاذ ۾ جيئن آمريڪا جي عالمي برادري غير مشروط حمايت ڪئي سا حمايت آمريڪا پنهنجي ناڪام ۽ جارحانه پاليسين ڪري وڃائي رهيو آهي. هوڏانهن روس، چين، هندستان ۽ يورپي يونين جي اقتصادي طاقتن طور اُڀار کي پڻ آمريڪا مخالف ڪئمپ جي مضبوطي تصور ڪيو پيو وڃي.
ٽين پاسي آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ عراق، افغانستان ۽ اهڙن ٻين معاملن جي موجودگي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته آمريڪا قطعي طور هڪ متوازن ۽ سياسي طور سگهاري ڌر ناهي. هاڻ ايران، لبيا، اتر ڪوريا، شام ۽ ٻين ملڪن ڏانهن آمريڪي پاليسي جي ناڪامي کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن به راڪيٽ سائنس جي علم جي گهرج ناهي. ايستائين جو پنهنجي حمايتي ملڪن (خاص طور تي پاڪستان) ۾ به آمريڪا جي پاليسين جي يوٽرن تي وڏا خدشا موجود آهن. ته اهڙي عالمي منظرنامي ۾ دنيا مٿان هڪ نئين آمرانا جارحيتي پاليسي مڙهڻ جو نتيجو به اهڙو ئي نڪرندو جهڙو ٻين معاملن ۾ نڪتو آهي.
دنيا اندر پنهنجي "زبردست سياسي سمجهه؟" جي بنياد تي امن قائم ڪرڻ ۽ جمهوريت ۽ انساني حقن جي قدرن کي فروغ ڏيارڻ جو دعويدار آمريڪا اڄ سواءِ آمراڻي ڪنٽرول ۽ جارحيت مسلط ڪرڻ جي باقي هر ميدان ۾ انتهائي ڪمزور ۽ ناڪام آهي.
آمريڪا جي هڪ ڪامياب دانشور صدر ٿيوڊور روز ويلٽ آمريڪي قوم کي صلاح ڏني هئي ته Speak softly and carry a big stick (ٿڌو ڳالهايو ۽ لٺ وڏي رکو) پر موجوده آمريڪي انتظاميا ان جي برعڪس Little stick with loud voice (وڏو وات ننڍي لٺ) واري پاليسي هيٺ کوڙ سارن معاملن تي پنهنجو ڪنٽرول وڃائي رهي آهي ۽ ان جو سمورو زور زباني معاملن ۽ واڪا ڪرڻ تي آهي. هيءُ نئون دستاويز به ڪجهه اهڙن ئي نتيجن جا اشارا ڏئي رهيو آهي.