سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

ٻه اکر- پروفيسر اعجاز قريشي

پراڻا ڏينهن ڪي ڏينهن هئا. زندگي جا مزا ڪي ٻيا هئا. وقت گذرندو رهي ٿو، حالتون ڦرنديون رهن ٿيون. دنيا جو ماحول به ڦرندو رهي ٿو. سياسي ۽ سماجي تبديليون اينديون رهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ ائين ٿئي ٿو. ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي، جنهن ۾ مختلف تبديليون نه اينديون هجن- پاڪستان به اهڙو ئي ملڪ آهي. تڏهن به هتان جي سياسي ۽ سماجي صورتحال دنيا جي ملڪن کان مختلف آهي. جهموريت جي عمليت اهڙو ڄار آهي، جنهن ۾ عوام کي ڦاسائڻو آهي. فوجي راڄ جي به هن ملڪ ۾ ڀلان ڀليءَ جو ڪو ڇيهه ناهي.
منهنجي نوجوانَ دوست ۽ ساٿِي ذوالفقار هاليپوٽي، پنهنجي آمريڪا ياترا کان پوءِ هڪ سفرنامي لکڻ جي سڌ ڪئي ۽ شروعات ڪئي. هي دوست ڪتاب خريد ڪندو آهي ۽ پڙهندو آهي ۽ پوءِ اڀياسي محفلن ۾ بحث به ڪندو آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر لکڻ لاءِ مون کي چيو. ذوالفقار منهنجي دوستيءَ کان سواءِ منهنجي پري جي مائٽي ۾ به اچي وڃي ٿو. ذولفقار هڪ انتهائي هونهار ۽ سجھيو نوجوان آهي. پنهنجي ننڍي عمر ۾ هن تمام گھڻي محنت ڪئي آهي. گھڻو پڙهيو آهي ۽ تمام سٺو لکي ٿو. ذولفقار انٽرنيٽ ۽ ايميل جو تمام ڄاڻو آهي ۽ دنيا جي بهترين ڊاڪيومينٽس (دستاويز) تي هن جي پهچ تمام تکي آهي. ذولفقار سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جيڪو سول سوسائٽي جو موجوده وقت ۾ هڪ اهم ادارو ٿي اڀريو آهي. ان کي ابرار قاضي سان گڏ هڪ سٺي ليڊرشپ ڏئي رهيو آهي. هن هر وقت دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي ادبي ۽ سماجي کيتر ۾ گڏڻ جي هڪ ڪامياب ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ذوافقار جا موجوده وقت ۾ ڪيترائي مرتب ڪيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. انهن مان خاص طور تي ٽي ڪتاب شهيد راڻي بينظير ڀٽو تي آهن. ٽن ۾ پهريون سنڌيءَ ۾ آهي، ٻيو اردو ۾ آهي ۽ ٽيو انگريزي ۾ آهي. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي ٽئي ڪتاب تمام وڏي اهميت جا حامل آهن ۽ رهندا. ذولفقار ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکي رهيو آهي. سندس هڪ ڪتاب شيخ اياز تي پڻ اچي رهيو آهي. هيءُ ڪتاب جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي اهو آمريڪا جو سفر نامو آهي. ذوالفقار گذريل سال يعني 2007 ۾ سانا جي ڪانفرنس ۾ آمريڪا ويو هو ۽ واپسي تي يورپ جو دورو ڪندو آيو هو. هن ڪتاب ۾ هن تمام سٺو ۽ پرائتو حال احوال ڏنو آهي. جيڪو دوست هن ڪتاب کي پڙهندو اهو ختم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگھندو ڇو جو هي سفر نامو تمام مزيدار ۽ دل لڀائيندڙ آهي. ذوالفقار انهن شين کانسواءِ گھڻا مضمون لکيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ پنهنجا پيپر پڙهي چڪو آهي. هن جو موضوع ”سنڌ ۽ سنڌي سماج“ آهي. آمريڪا ياترا جي ڳالهه نڪتي آهي ته مون کي به ڪجهه آمريڪا جون يادون اچي ويون آهن.
1993ع جي ڳالهه آهي، آءٌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هئس، ۽ سنڌ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سينٽر جو ڊائريڪٽر پڻ. انهيءَ دؤر ۾ مونکي آمريڪا حڪومت طرفان هڪ وزٽ جي آفر ٿي، جيڪا انٽرنيشل وزٽرز پروگرام تحت هئي. يونيورسٽي آف سنڌ جي وائيس چانسيلر جي اجازت سان اهو ڪم ٿيو. هن قسم جي وزٽ يونيورسٽي جي استادن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪنٽريبوشن يا ميرٽ جي بنياد تي ملندي آهي. تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظاميا مون کي ان لائق سمجهيو، ۽ ان پروگرام لاءِ مون کي نامزد ڪيو. منهنجي لاءِ آمريڪا جو اهو پهريون دورو هو، ان کان اڳ ۾ آئون دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏسي چڪو هئس ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ مختلف ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري ۽ پيپر پڙهي چڪو هئس. هن کان اڳ، 1980ع ۾، آئون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي حيثيت سان فل برائيٽ اسڪالرشپ کٽي چڪو هئس. سڄي پاڪستان مان ان اسڪالرشپ لاءِ 2000 اميدوار چٽا ڀيٽيءَ ۾ شامل ٿيا هئا، جن مان چار ڄڻا سال جي مسلسل چٽاڀيٽين کان پوءِ چونڊيا ويا هئا. انهن چئن خوشنصيبن مان هڪڙو آءُ به هئس. پر انهيءَ دور ۾ ضياءَ الحق جي فوجي راڄ جو چنبو سخت هو، ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافيون ٿينديون رهنديون هيون، ۽ مون کي آمريڪا وڃڻ کان ”خاص حلقن“ جي رپورٽن جي بنياد تي روڪيو ويو، ۽ آئون وڃي نه سگهيس ۽ ائين منهنجي پي ايڇ ڊي جو پروگرام رڪجي ويو. بهرحال ان ڳالهه جو ڏک رهجي ويو، ڇو جو مون پنهنجي ميرٽ تي اها اسڪالرشپ حاصل ڪئي هئي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته فل برائيٽ اسڪالرشپ دنيا جي وڏي ۾ وڏي اسڪالرشپ آهي، جيڪا آمريڪي حڪومت ڏيندي آهي.

آمريڪا دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ وڌيڪ ترقي يافته ملڪ آهي. اتان جا ماڻهو تمام محنتي ۽ سمجهدار آهن، پنهنجي سماج جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻي جاکوڙ ڪندا آهن. هن وقت آمريڪا سڄي دنيا جي ملڪن تي، معاشي ۽ سياسي طور، ڇانيل آهي. خاص طور جڏهن کان گڏيل روس جو ملڪ ختم ٿيو، تڏهن کان آمريڪا جو زور وڌي ويو. سوويت يونين جي هجڻ تائين دنيا ٻن وڏن سياسي بلاڪن ۾ واضح طور ورهايل هئي، پر سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا هن دنيا جي اڪيلي وڏي طاقت بڻجي ويو آهي.آمريڪا پنهنجي طاقت جو اظهار نيو ورلڊ آرڊر جاري ڪرڻ وسيلي ڪيو. انهيءَ آرڊر وسيلي هُن هڪ لحاظ کان ڄڻ ته دنيا تي اهو واضح ڪيو ته هاڻ هن دنيا ۾ هوئي اڪيلي وڏي طاقت آهي، جنهن جي فرمانبرداري ۽ تابعداري ضروري آهي. ان نموني سڄي دنيا جي ننڍن وڏن ملڪن مان پنهنجي ميڙيءَ چونڊيءَ وسيلي، آمريڪي رياست، پنهنجن شهرين لاءِ دنيا جون سڀ سهولتون موجود ڪيون.
تازي تاريخ ۾، اسان جي اڳيان ٽي اهڙا مثال آهن، جنهن ۾ آمريڪا جي مڪمل استحصالي سوچ ظاهر آهي، جن ۾ عراق، افغانستان ۽ پاڪستان شامل آهن. عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا پنهنجي فوجي طاقت ۽ اتحادي قوتن وسيلي ڄمائي ويٺو آهي. پاڪستان به اهڙو ملڪ آهي، جيڪو شروع کان وٺي آمريڪي امداد ۽ نظر ڪرڻ جو ڳيجهو رهيو آهي، ۽ گذريل اٺن نون سالن کان ته اهو هڪ “Client State” وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي پاليسي اها آهي ته هتي جهموريت، سياسي پارٽيون ۽ پارليامينٽ توڻي ٻيا رياستي ٿنڀ/ ادارا ڪمزور هجن، ۽ ملڪ تي شخصي حڪومتون قائم هجن ته جيئن هُو آسانيءَ سان پنهنجون پاليسيون لاڳو ڪري سگهن، گذريل اٺن نون سالن جو گذريل عرصو ان جو چٽو ثبوت آهي. هو چاهيندو آيو آهي، ته سندس بادشاهي سلامت هر صورت ۾ رهي پر دنيا جي غريب ملڪن جو کين ڪوبه احساس ناهي.
ڏکڻ ايشيا ۾ چين البت، هينئر هڪ طاقت ور ملڪ ٿي اڀري رهيو آهي. پر تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي سندن مفاد ساڳيا آهن، توڻي جو هنن ٻنهي جي پاليسين جو محور به مارڪيٽ اڪانامي آهي.
آئون آمريڪا ۾ سوا مهينو کن رهيس ۽ آمريڪا ۾ نيويارڪ، واشنگٽن ڊي سي ڪالوراڊو، بوسٽن، شڪاگو، ۽ لاس اينجلس ۽ هوائي جو رياستون گهميس.
آمريڪا محنتن سان پاڻ کي ٺاهيو آهي ۽ تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ خاص طرح سڄي دنيا کان مٿاهون رهيو آهي. مٿين رياستن جي گهمڻ سان گڏوگڏ مون اتان جي تمام گهڻين يونيورسٽين، اين جي اوز، ميوزيمس، نيشنل جاگرافڪ، عجائب گھر ۽ سينڊياگو جو ڊزني ورلڊ پڻ مزيدار سير ڪيم. بوسٽن يونيورسٽي هارورڊ يونيورسٽي، اٺاڪا انسٽيٽيوٽ آف ائنٿراپالاجي، ڪارنيل يونيوسٽي، ڪالوراڊو اسٽيٽ يونيورسٽي، يوٺا يونيورسٽي، برڪلي يونيورسٽي، هوائي يونيورسٽي ۽ ايسٽ ويسٽ سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيم. ماڻهن جي محنت ۽ تحقيق کي ڏسي اهو احساس ٿيو ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به ان قسم جو جذبو هجي ۽ تعليم ۽ تدريس جي اهڙي سهولت هجي ته جيڪر اسان جي نوجوان نسل جي ذهني پهچ به تمام اتم هجي ۽ اهڙي سڌريل ۽ پڙهيل ڳڙهيل اعزازي قوت وسيلي هيءُ ملڪ ترقي ڪري سگهي ۽ جي وري سنڌ کي اهڙي سهولت مليل هجي ته ائون سمجهان ٿو ته سنڌ ڌرتي جيڪا سون ٺاهي ٿي سا علم وسيلي سونا ذهن به پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ چند سالن ۾ هيءُ ڌرتي خود هڪ يورپ ۽ آمريڪا جهڙي ترقي ماڻي سگهي ٿي. ڇو جو هيءَ هڪ امير ڌرتي آهي، پر سڄو مامرو آهي، وري به، سرڪار جي دلچسپيءَ جو. جيڪڏهن مناسب رٿابندي هجي، ۽ عملدرآمد نظام به عوام کي هيٺين سطح تائين فائدو ڏياريندڙ هجي، ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ وٽان آهي، ائين بلڪل به نه آهي، ته سنڌ جي قسمت تبديل نٿي ڪري سگهجي. آئون آمريڪا کان اڳي يورپ جو تفصيلي دورو ڪري چڪو آهيان ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم اي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي اٿم. جڏهن يورپ جي ماڻهن کي، انهن جي ادارن تي انهن جي لائبررين تي نظر ڦيرايان ٿو ته منهنجي اکين اڳيان اها سيءِ پري اچي ٿي ڄڻ ته اسان مهذب ٿيڻ جو سفر اڃا شروع ئي ناهي ڪيو.
آمريڪا ۾ گهمندي ڦرندي ڪافي دوستن سان ملاقاتون رهيون. ان دور ۾ امريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جون ٻه اهم تنطيمون هيون، جيڪي اڃا تائين ڪم ڪري رهيون آهن، اهي آهن سانا ۽ سمنا.
سانا آهي سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ آمريڪا ۽ سمنا آهي سنڌي ميڊيڪل ايسوسئيشن آف آمريڪا. سانا ۽ سمنا سنڌ جي سماجي، معاشي مسئلن، سنڌ جي حقن تي آواز اٿارينديون رهيون آهن. آمريڪا ۾ رهندڙ گهڻي ڀاڱي سڀ سنڌي انهن ٻن تنظيمن جا ميمبر آهن.
هر سال سانا پاران 4- جولاءِ تي ساليانو ميڙ ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻا سنڌي اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ سنڌ مان به خاص دوست اچي سندن دعوت تي شامل ٿيندا آهن، ۽ سنڌ جي اهم مسئلن تي بحث مباحثو ٿيندو آهي؛ ۽ ساڳئي وقت سنڌي راڳ رنگ جي محفل به مچائي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽرن پاران سمنا جو به ساليانو اجلاس ٿيندو آهي. آئون به انهن خوش نصيبن مان هڪ آهيان، جنهن 1993ع ۾ پنهنجي دوري دوران سمنا جي سالياني ميڙ ۾ شرڪت ڪئي.
انهيءَ دور ۾ ڊاڪٽر الهوڌايو ڀٽي، ڊاڪٽر وقاصي تمام سرگرم هوندا هئا. ساڻن گڏ ڊاڪٽر مظهر لاکو، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، خالد هاشماڻي، اقبال ترين، ڊاڪٽر يعقوب ميمڻ، ڊاڪٽر لطيف لغاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، علي نواز ميمڻ، ڊاڪٽر امان الله پٺاڻ، ڊاڪٽر قاضي، اصغر عابد (مرحوم) ۽ ڊاڪٽر آفتاب قاضي ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل هوندا هئا. هن وقت سانا جو صدر مسٽر عزيز ناريجو آهي جيڪو هن تنظيم کي تمام سٺي رهنمائي ڏئي رهيو آهي. عزيز اصلي ميرپوخاص جو آهي.
انهن دوستن سان ملاقاتون ڪري دل باغ بهار ٿي ويئي. انهن سڀني دوستن پاران منهنجي لاءِ پڻ پُر تڪلف ۽ سليقي واريون دعوتون ڪيون ويون، جن ۾ ٻيا ڪئين دوست اچي شامل ٿيندا هئا. هڪ دعوت محترم علي نواز ميمڻ پنهنجي گهر ۾ ڪئي. هڪ دعوت محترم ڊاڪٽر فيروز احمد وڏي پيماني تي ڪئي ۽ ڪافي دوست گهرايا پر رڳو دعوتون کائڻ ئي ڪم نه هو، پر انهن موقعن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، جيئن ته سڀ سنڌي وطن کان پري وطن جي ڳالهه ڪندا هئاسين، ان ڪري، ڳالهائڻ جو مرڪزي نقطو اهوئي هوندو هيو، ته ڪهڙيءَ ريت سنڌ کي مختلف ميدانن ۾ پاڻڀرو ڪري سگهجي ٿو، ۽ ڪهڙي نموني انهيءَ کي اڳتي آڻجي جو هيءُ ڏتڙيل، پوئتي پيل ۽ ڪنهن حد تائين غلامن جو ديس، ترقيءَ جي راهه تي اچي وڃي. اهي دعوتون ۽ انهن ۾ ڪچهريون ڄڻ ته هڪ نئين اتساهيندڙ لهر جيان هونديون هيون، جنهن کان پوءِ، سنڌ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ جذبو جاڳندو هو، ۽ وطن ۽ وطن سان وابستگي اڃا به وڌيڪ مضبوط ۽ سگهاري ٿي ويندي هئي.
ڊاڪٽر فيروز احمد ڪراچيءَ جو خالص سنڌي اسماعيلي خوجو هو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪيائين ۽ پوءِ اتي پروفيسر ٿي رهيو. ان جي پهرين ڊگري مائيڪرو بائلاجي ۾ هئي. بعد ۾ هن آمريڪا مان سوشيالاجي جي مضمون ۾ ڊيموگرافي جي کيتر ۾ ڊگري ڪئي ۽ هڪ ماهر معاشيات ۽ ماهر سماجيات ٿي اڀريو. ڊاڪٽر صاحب هڪ تمام اعليٰ دماغ استاد ۽ اعليٰ پائي جو اسڪالر ٿي رهيو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. سندس موضوع غربت، پاڪستان، آفريڪا ۽ سنڌ جون سماجي حالتون رهيون. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجيءَ جو پروفيسر ۽ هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو.
ضياءَ الحق جي دور ۾ سياسي ۽ سماجي حالتون خراب هجڻ ڪري هن کي سنڌي يونيورسٽيءَ مان خيرباد ڪيو ويو. بعد ۾ هو ڪراچي لڏي ويو، ۽ اتي هڪ رسالو پاڪستان فورم نالي ڪڍيو. ڪي سال اڳي ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر اقبال احمد ۽ اعجاز احمد گڏجي پاڪستان فورم جو رسالو ڪڍندا هئا.
ڊاڪٽر فيروز احمد سان زندگي وڌيڪ وفا نه ڪئي ۽ هن 56 ورهين جي عمر 1997ع ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪئي؛ ۽ هو اتي ئي دفن ٿيل آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس زال پاڪستان لڏي آئي، جيڪا هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. سندس گھر واري ڊاڪٽر صاحب جي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ماس ڪميونيڪشن جو شعبو ٺهرائي ڏنو آهي. سندس گهر واري ڊاڪٽر صاحب جي مڪمل لائبرري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) لاءِ عطيي طور ڏني آهي. جيڪا هن وقت اسلام آباد ۾ سگا جي شاهه لطيف مرڪز ۾ قائم آهي.
سانا جي تنظيم جا ميمبر پنهنجي حيثيت رکندڙ هئا (هينئر به آهن) ۽ اهي هر وقت سنڌ بابت آمريڪي سرڪار اڳيان ڪيس رکندا هئا ۽ سنڌ جي قومي سلامتي ۽ حقن بابت لک پڙهه ڪري فوجي حڪومتن خلاف ڪيترائي اڇا چٺا ڪڍيا. مون اتي اها ڪوشش ڪئي ته آمريڪا ۾ پنهنجي سنڌ کي ڪيئن ڏسجي. آئون سمجهان ٿو ته جتي به سنڌي ماڻهو رهن ٿا، اتي سنڌي معاشرو موجود آهي ۽ اها ئي ننڍڙي سنڌ آهي جيڪا هر هنڌ موجود آهي. سنڌ جي سنڌي مسلمانن کانسواءِ اتي 1947ع ۾ لڏي ايندڙ ڪيترائي سنڌي هندو خاندان پڻ موجود آهن. انهن مان ڪيترن جو اهو خيال آهي ته ڇاڪاڻ ته جڏهن هو پنهنجو وطن، سنڌ ڇڏي سگهن ٿا، ته ضروري نه آهي، هو هندستان لڏي وڃن. ان ڪري هو آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ڏانهن لڏي آيا آهن.
آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌ جا ڪيترائي خاندان اتي خوشحال نظر اچي رهيا آهن. سندن خوشحالي سندن محنتن جو ثبوت آهي. آمريڪا هڪ تمام وڏو ملڪ آهي. جنهن جي پکيڙ تمام وڏي آهي. ان ڪري سنڌ جا ماڻهو پري پري مختلف رياستن ۾ پکڙيل آهن. ان جي برعڪس يورپ جا ملڪ ننڍا ننڍا آهن ان ڪري يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ هڪ ننڍڙي سنڌ جتي ڪٿي موجود ڏسبي. انگلينڊ ۾ سنڌي تمام واضح نظر اچن ٿا. هتي هڪ ڳالهه ضرور چوڻ گهرجي، ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ سنڌين جو پاڻ ۾ تمام گهڻو ميل جول ڳانڍاپو آهي ۽ سندن ڪئين تنظيمون آهن. اهڙي نموني آسٽريليا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ ايشياءَ جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ سنڌي تمام گهڻا موجود آهن.
دنيا جي ٻن وڏن سمنڊن يعني ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ جيڪي به ٻيٽ آهن انهن ۾ سنڌين جي تمام گهڻائي آهي، ۽ انهن ٻيٽن جي واپار تي سنڌين جو ئي قبضو آهي. انهن جو ٻيو مثال دبئي، ابوظهبي ۽ شارجا پڻ آهن. آمريڪا جون سنڌي تنظيمون انهن ملڪن جي سنڌين سان ڳانڍاپي ۾ آهن، ۽ وقت به وقت هڪٻئي جي مدد ڪنديون رهن ٿيون.
مون کي آمريڪا جي دوري ۾ آمريڪي حڪومت پاران ڪافي شعبن ۾ دعوتون ڏنيون ويون هيون. جن ۾ مون کي پاڪستان جي اقتصادي، سماجي ۽ سياسي حالتن تي کي ڳالهائڻو هو ۽ ليڪچر ڏيڻا هئا، جن لاءِ مون کي تياري ڪرڻي هوندي هئي ۽ آئون رات جو ڪافي دير تائين نوٽس وٺي صبح جو ليڪچر ڏيندو هئس. مون هر رياست جي حڪومتن ۽ مرڪزي حڪومتن جي زرعي ۽ سياسي کاتن ۾ به ڳالهه ٻولهه رکي ۽ آمريڪي ماهرن سان ڪافي بحث مباحثا ٿيندا رهيا ۽ اهڙي نموني سان ڪافي مفيد ڳالهيون ٿينديون رهيون. اهڙي نموني ئي مختلف يونيورسٽين ۾ پڻ مون تمام جهجهي تعداد ۾ پاڪستان ۽ سنڌ تي ليڪچر ڏنا جنهن ۾ اقتصاديات سماجيات ۽ سياست، غربت، صحت ۽ تعليم جا موضوع وغيره شامل آيا.
جڏهن مون آمريڪا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ته آمريڪين سفارتخاني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون. آمريڪين سفارتخاني، وزٽ جو تفصيلي پروگرام ٺاهيو، جنهن ۾ هڪ مهيني جو پروگرام، ڏينهن، ڪلاڪن ۽ منٽن سميت ٺهيل هو. ڪٿان ڪا ڪٿي وڃڻو آهي، سفر ڪيئن ڪبو، ريل ۾ وڃبو، بس ۾ وڃبو، يا ڪار ۾ وڃبو. منزل تي پهچڻ کانپوءِ جنهن بلڊنگ ۾ ميٽنگ آهي، اتي پنڌ ڪري وڃڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو وغيره وغيره. اهڙي ٺهيل پروگرام کي ڏسي دل کي خوشي ٿي، ته سڌريل ملڪن ۾ ماڻهو ڪيئن نه سوچين ٿا، ته ڪنهن ٻاهران ايندڙ ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف نه ٿئي. ترقي ڪيل ملڪن جون اهي ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون انسانذات جي ڀلائيءَ واري پهلوءَ کي اجاگر ڪن ٿيون. آمريڪين سفارتخاني، جتي جتي مون کي وڃڻو هو، اتي وقت، ڏيڍ ٻه مهينا اڳ ۾ ئي مقرر ڪيو ويو هو. هن پروگرام سان انهن سڀني ادارن ۽ يونيورسٽين جا خط، جن ۾ هاڪاري جواب هئا، پڻ گڏ هئا.
نيويارڪ يونيورسٽيءَ جي هڪ اداري انسٽيٽيوٽ آف ائنٿراپالاجي، بنگهيمپٽن، اٺاڪا، جي پروفيسر مائيڪل هار ووٽن جو هڪ خط پڻ شامل هو، جنهن ۾ اهو لکيل هو ته:
I am dying to meet a Professor from Sindh, Professor Qureshi is most welcome and he will be my guest.
خط پڙهي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، ته سنڌ سونهاري واقعي هڪ عظيم ڌرتي آهي، سنڌ نالو ۽ ان جو حوالو هڪ ئي وڏي نعمت آهي، جيڪا اسان مٽيءَ جو پنوڙن کي سون جي اگهه ۾ تورڻ جو سبب بنجي ٿي.
جيئن ئي آمريڪا پهتس، ته هفتي کن کانپوءِ نيويارڪ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهڙي شهر بنگهيمپٽن پهتس؛ جتي ائنٿراپالاجي جو انسٽيٽيوٽ ۽ پروفيسر صاحب جو گهر هو. پروفيسر مائيڪل مون کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ عزت پڻ. صبح جو سوير مون هنن جو انسٽيٽيوٽ گهميو؛ ۽ سندس اداري جي استادن ۽ شاگردن سان ملاقات ٿي. انهيءَ ڏينهن صبح جو پاڪستان ۽ سنڌ جي حوالي سان هڪ مختصر ليڪچر ڏنم. انهيءَ ليڪچر ۾ مون سنڌ جي غربت ۽ تعليم تي خاص طور ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي، عمومي طور ڳالهايو، ته گڏوگڏ مون سنڌ ۾ اقتصادي خوشحاليءَ جو نقشو پڻ چٽيو، مختلف شعبن جا مثال ڏيئي، شرڪت ڪندڙن کي قائل ڪيم، ته جيڪڏهن سنڌ ۾ غيرسرڪاري سطح تي سماجي ترقي ۽ جاڳرتا جا پروگرام شروع ڪيا وڃن، ته اتي بنهه وسيع ميدان موجود آهن. انهيءَ ليڪچر مان شرڪتڪار گهڻا متاثر ٿيا، ۽ انهن سنڌ بابت ۽ خاص طور سنڌو ندي ۽ ان جي آڌار تي جئيندڙ انسان بابت ڪي ڳالهيون ڪيون ته هڪ وسيلن سان مالامال ماٿري جا ماڻهو ڪيئن گذارين ٿا ۽ درياهه ۽ وطن سان سندن ڪهڙو رشتو آهي.
انهيءَ موقعي تي مون کين شاهه لطيف جا ڪجهه بيت به سندن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايا، جن مان وطن دوستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جو سبق مليو ٿي، مثال طور:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻسين،
پسو پکيئڙن، ماڻهوئا ميٺ گهڻو.
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا، دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
جڏهن ته وطن ۽ وطن جي ٻوليءَ جي سلسلي ۾، مون کين نارايڻ شيام جو هيٺيون شعر پڻ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ته:
الا ائن مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
مون ڏٺو، ته آيل ماڻهو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳالهين جي منڊ ۾ منڊجي رهيا هئا، انهن جي چهرن جي اڀريل آيل تاثرن مان اها ڳالهه بلڪل چٽي نظر اچي رهي هئي. اهڙي ماحول بڻجڻ تي مون کي پڻ ڏاڍي سرهائي ٿي رهي هئي، ته آئون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ کي متعارف ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهيان، سچ پڇو ته اهڙو احساس جاڳڻ وقت ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو هلڪو محسوس ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي احساس اندر هڪ ٻيو احساس هوندو آهي، ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ڌرتيءَ جو قرض لهي رهيو آهي. اسين سنڌ ماءُ جا مقروض آهيون، ان جي پير - پڻي آهيون، هوءَ ڏاتار آهي ۽ اسين سيڪڙو، اسين لوهه آهيون ۽ هوءَ پارس آهي ۽ سڃڻ سان سون ڪري ڇڏيندي آهي. اهو احساس جڏهن به ان وزٽ دوران ٿيندو هو ته منهنجون اکيون عقيدت مان ڀرجي اينديون هيون، ۽ پنهنجي سنڌ ڄائي هجڻ تي فخر ٿيڻ لڳندو هو.
انهيءَ اداري جي استادن، منهنجي ڳالهه ٻولهه دوران منهنجي سامهون سنڌ جو نقشو آڻي رکيو، جنهن ۾ سڀاڳي ۽ سون ورني سنڌو ندي سنڌ جي سينڌ جيان نمايان طور نظر اچي رهي هئي. رات جو پروفيسر صاحب وڏي پئماني تي هڪ دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه فيميلز، سندس اداري جا استاد ۽ شاگرد، جن ۾ هڪ پاڪستاني شاگردياڻي پڻ شامل هئي، جنهن جي ماءُ سنڌياڻي ۽ پيءُ هڪ مهاجر فوجي هو- شامل هئا. رات جي ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن اسان اڪيلا ٿياسون ته پروفيسر مائيڪل مون کي چيو ته مان توسان هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، اميد ته دل ۾ نه ڪندين. تنهن تي مون کيس چيو ته ڀلي مون سان ڳالهه ڪر: هن مون کي ٻڌايو ته آئون يهودي آهيان ۽ يهودي نسل جو آمريڪي آهيان، متان توتان اها ڳالهه ڳري گذري، مون کيس وراڻيو ته ڪا ڳالهه ڪونه آهي، تون انسان آهين، ۽ اسين سنڌي صوفي مزاج وارا آهيون ۽ انسانيت ۾ اسان جو ويساهه آهي، اسين شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا پوئلڳ آهيون، جن جو مذهب انسانيت آهي. انسان ذات جي خدمت ۽ ان جي ڀلي جو ڪم ڪرڻ اسان جي تهذيب جوحصو آهي. منهنجي ان چوڻ تي هن روئي ڏنو، ۽ مون کي زور سان هڪ ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته تنهنجي دل ۾ به هڪ انسان ويٺل آهي ۽ تنهنجي دل ۾ انسانيت لاءِ محبت ۽ انهن جي خدمت جو جذبو ڏسي رهيو اهيان، تو جيڪي مون سان سنڌ جي ماڻهن جون ڳالهيون ڪيون آهن تن منهنجو اندر جهوري ڇڏيو آهي. ٽي ڏينهن اتي رهڻ کانپوءِ آئون دنيا جا جڳ مشهور ادارا بوسٽن ۽ هارورڊ ڏسڻ ويس. اهي ٻئي بوسٽن اسٽيٽ جي شهر بوسٽن ۾ آهن، بوسٽن شهر کي بوسٽن ندي ورهائي ٿي. هڪڙي پاسي بوسٽن يونيورسٽي آهي، ٻئي پاسي هارورڊ يونيورسٽي آهي. هارورڊ يونيورسٽي دنيا جا وڏا ۽ ناميارا معاشياتدان پيدا ڪيا آهن. پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ پاڪستان جي معيشت ۽ اقتصاديات تي هارورڊ يونيورسٽي جي مهر ۽ ڇاپ لڳل آهي. پاڪستان ٺهڻ سان ئي پاڪستان جو لاڙو آمريڪا ڏانهن هو. شروع کان وٺي اڄ تائين اهو لاڙو هلندو اچي ٿو ۽ اِهو مشهور هو ته آمريڪا جي اسڪالرشپن تي پاڪستان جا سوين ماڻهو اڪنامڪس جون ڊگريون هارورڊ مان ڪري ايندا هئا، ۽ اهو مشهور ٿيو هو ته پاڪستان تي هارورڊ اسڪول آف ٿاٽ حاوي آهي. اها حقيقت به آهي ته پاڪستان کي اقتصادي ۽ سياسي طور هلائڻ ۾ آمريڪا جو وڏو هٿ رهيو آهي. شروعاتي دؤر ۾ اقتصاديات کي هلائڻ لاءِ آمريڪي ماهر اقتصادياتدان، پاڪستاني ماڻهن سان گڏجي ملڪ کي هلائيندا هئا. هتي پڙهندڙن لاءِ هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته پاڪستان جي شروعاتي دؤر ۾ جڏهن اقتصاديات جا منصوبا ۽ رٿابنديون ٺهنديون هيون ته آمريڪي ماهر هنن کي ترقيءَ جو گس ڏسيندا هئا. شروعاتي دؤر ۾ ئي اهو چيو ويو ٿوري صنعت لڳايو ۽ ٿوري زراعت هلايو ۽ شپ بلڊنگ ڪريو پر ڪوبه سڌو رستو نه ڏسيو ويو.ٿورن سالن کانپوءِ اهو چيو ويو ته هاڻي توهان صعنت هڻون ۽ ان لاءِ آمريڪي امداد فراوني سان ملندي رهندي. ڪجهه وقت کانپوءِ آمريڪي ماهر پاڪستاني ماهرن سان گڏجي اها صلاح ڏني ته توهان صعنت نه ٿا هلائي سگهو، ان ڪري توهان زراعت هلايو نتيجي ۾ 60 واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري سبز انقلاب يعني Green Revolution آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو پروگرام ڪجهه وقت لاءِ ڪامياب ٿيو پر پنج سالن کانپوءِ آمريڪي صلاحڪارن اها صلاح واپس ورتي ۽ اهو چيو ته توهان زراعت نه ٿا هلائي سگهو، ۽ اهو چيو ته توهان وري صعنت ڏي اچو. ڪجهه اهڙي قسم جون صنعتون هڻون، جن جي وسيلي توهان کي سامان درآمد ڪرڻو نه پوي. اهڙي نموني سان آمريڪي صلاحڪارن پاڪستان جي اقتصاديات تي بار بار مختلف ۽ منجهائيندڙ رايا ڏنا، جن جي اثر مان پاڪستان اڃا تائين نڪري نه سگهيو آهي. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي اقتصادي واڌاري جي فائدن کي غريب ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان کي ناڪام بڻائي مرڳوئي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. اڄ به پاڪستان جي اقتصاديات جي حالت تمام خراب آهي. سنڌ صوبو جيڪو ملڪ جو هڪ امير ترين صوبو هو، اڄ غريب ترين صوبو ٿي رهيو آهي. اها ڳالهه آئون 2006 ۾ پڌري ٿيل ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ جي رپورٽ Securing Sindhi’s feature جي آڌار تي چئي رهيو اهان. آمريڪا جي سفر جون ڳالهيون نڪرنديون رهيون ته مون توهان کي اقتصاديات جي کيتر ۾ آمريڪا جي ڪارنامن جو ذڪر ڪري ٻڌايو. اسان جي اڳيان ٻه ٽي پهلو واضح طور نظر اچي رهيا آهن. پهريون پهلو اسان مٿي تفصيل سان ذڪر ڪري رهيا آهيون ته آمريڪا دنيا جو طاقور ترين ملڪ ٿي اڀريو آهي، دنيا جا اندازي پٽاندر 80 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو ننڍا، غريب ۽ اسرندڙ ملڪ سندس مختلف پاليسين تحت ڪم ڪن ٿا، ۽ انهن جي آزاديءَ جي ڪا حيثيت ڪانهي. آمريڪا پنهنجا مختلف طريقا استعمال ڪري پنهنجا ماڻهو هر فيلڊ ۾ جاسوسي طور مقرر ڪري ٿو ۽ انهن ملڪن جي حالتن ۽ انگن اکرن کي گڏ ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ جو هٿ مضبوط ڪري ٿو. ٻيو پهلو هيءُ آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪافي ماڻهو انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ به سوچيندا آهن، غريب ماڻهن جي مدد به ڪندا آهن. آمريڪا جو ٽيون پهلو اهو به آهي ته اهو هڪ آزاد معاشرو آهي. جنهن ۾ ماڻهو آزاديءَ سان رهن ٿا ۽ ڪنهن کي ڪابه جهل پل نه آهي. آمريڪا جو چوٿون پهلو آهي علم تدريس ۽ علم ۽ تدريس سان لاڳاپيل ادارا، تحقيق ۽ تحقيق سان لاڳاپيل ادارا ۽ يونيورسٽيون تمام مٿين سطح تائين پهتل آهن ۽ فائديمند ڪم ڪن ٿيون. آمريڪا جي اسڪالرن ۽ استادن پنهنجي سڄي زندگي پڙهائڻ ۽ تحقيق جي ڪمن ۾ گذاري آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته سڄي دنيا جا ماڻهو علم حاصل ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ وڏيون وڏيون ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا پهچن ٿا ۽ واپس وڃي پنهنجن مڪلن ۾ پنهنجي گهربل سماجي ڪردار ادا ڪن ٿا.
جاپان وڏو ملڪ آهي، جنهن ٻين مهاڀاري جنگ ۾ پهرئين آمريڪا کي شڪست ڏني ۽ بعد ۾ آمريڪا جاپان کي شڪست ڏني ۽ نيوڪليئر بمن جي ذريعي جاپان جا ٻه بهترين شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا. ان هوندي به جاپان پنهنجا ماڻهو سائنس ۽ اقتصاديات جي کيترن ۾ تربيت لاءِ آمريڪا موڪليا، جن واپس اچي پنهنجي ملڪ جي ٻين ماڻهن جي لاڳاپيل شعبن ۾ تربيت ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏياري.
اسان جي سنڌ جا به ڪيترائي استاد آمريڪا مان پڙهي آيا آهن. آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين انساني فڪر کي وڌائڻ، عقل، ڏاهپ، سمجهه ۽ ساڃهه پيدا ڪرڻ، قلم ۽ علم کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ انساني زندگي ۾ حاصلات جو جذبو اجاگر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. آمريڪا جي دوري دوران مون کي لاس اينجلس شهر تمام گھڻو متاثر ڪيو، لاس اينجلس جا مختلف علائقا سمنڊ جا ڪنارن تي آهن، اتان جا رستا وڏا ڪشادا آهن ۽ ماڻهن جي ملڻ جو طريقو انتهائي عاليشان آهي. لاس اينجلس کان سينڊياگو تائين ڪار جو سفر تمام من موهيندڙ هو، اهڙي نموني آمريڪا جا گهڻي ڀاڱي شهر صاف سٿرا آهن، آمريڪا سهڻو ۽ سرسبز آهي. مينهن ۽ برساتون جام ٿينديون آهن ۽ لڳاتار برفباري، نديون وهنديون رهن ٿيون، اتان جو سونهن ۽ سرهاڻ جو ڪو جواب ناهي. اتي هڪ قبرستان ڏسڻ جو به موقعو مليو، اهو هڪ باغ وانگر هو ۽ ڇٻر موجود هئي. انهيءَ ڇپر ۾ وٿي وٿي تي عاليشان ٻوٽو لڳل هو. پوءِ ٻڌايائون ته اهو ٻوٽونه آهي، پر ان ٻوٽي هيٺيان قبر آهي، انسان جيئرا ته جيئرا پر مئلن لاءِ اهڙو انتظام ڏسي سچ پچ، انسانيت جو قائل ٿيڻو پيو.
ماڻهن پنهنجن پيارن کي زمين اندر عقيدت ۽ احترام سان رکيو آهي، لاس اينجلس کانپوءِ مون کي هوائي وڃڻ جو موقعو مليو، هوائي آمريڪا جي هڪ بهترين اسٽيٽ آهي، جيڪا پئسفڪ سمنڊ ۾ جاپان ۽ آمريڪا جي وچ تي ٻنهي جي اڌ پنڌ تي هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ آهي. هوائي پندرنهن لک سال اڳ هڪ ٻيٽ طور ظاهر ٿيو. جنهن ۾ هن وقت گهڻائي جاپاني-آمريڪن نسل جي اهي. يعني اهي جاپاني جيڪي تمام گهڻي وقت کان آمريڪا ۾ اچي رهيا ۽ اتان جا شهري بنجي ويا ۽ هينئر آمريڪي ۽ جاپاني- آمريڪنن تي ٻڌل هوائيءَ جي هڪ پارليامينٽ پڻ آهي. آئون هوائي کي دنيا ۾ جيئرن انسان لاءِ جنت سڏيندو آهيان. هوائيءَ جا ماڻهو تمام سٺا، ملڻهار ۽ پيار ڪندڙ آهن. هوائي اسٽيٽ کي اتان جا ماڻهو Alloha اسٽيٽ ڪري سڏيندا آهن، ان جي معنى آهي ويلڪم يا آڌرڀاءُ. اتي ٻاهران ايندڙ ماڻهن جو پيلن گلن سان آڌرڀاءُ ڪيو ويندو آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ وقت هوائي جا ماڻهو پنهنجن ايندڙ مهمانن کي گل آڇي سندن شاندار آجيان ڪندا اهن، اسان سان به هنن اهڙي قسم جو بهترين ورتاءُ ڪيو، هوائيءَ ۾ رهڻ لاءِ تمام وڏيون ۽ شاندار هوٽلون آهن ۽ کاڌي پيتي لاءِ ننڍيون ۽ سستيون ۽ بهترين هوٽلون پڻ آهن. تمام وڏيون بيچون پڻ آهن. هوائيءَ ۾ هڪ يونيورسٽي جهڙو وڏو مرڪز ايسٽ ويسٽ سينٽر (East. West. Center) آهي، هيءُ اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ ايشيا ۽ مغرب جا ماڻهو اچي تعليم پرائيندا آهن. منهنجي انتهائي خوشقسمتي ۽ خوشنصيبي هئي، جو مون کي هوائي اسٽيٽ جي گهمڻ جو موقعو ته مليو پر East West Center ۾ رهڻ، ليڪچر ڏيڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ اتان جي استادن ۽ پروفيسرن، اسڪالرن سان گڏ رهڻ ۽ ملڻ جو موقعو پڻ مليو.

پهرئين ڏينهن صبح جو ساڍي نائين وڳي جيئن مان سينٽر جي مک دروازي مان اندر گهڙيس ته مون کي سامهون قد آدم جيڏو هڪ پوسٽر نظر آيو جنهن تي لکيل هو:

Our today's honorable guest. Welcome Professor Aijaz Ahmed Qureshi, Director Sindh Development Studies Center, University of Sindh, Jamshoro, Sindh, Pakistan.

اهي لفظ پڙهي آئون پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي، جيڪي بعد ۾ تيزي سان وهڻ لڳا ڇو ته مون ان کي قدرت واري طرفان پنهنجي لاءِ اها وڏي عزت ۽ اعزاز سمجهيو ۽ آئون رب العزت جو ٿورائتو آهيان مان پاڻ کي هميشه هڪ ادنى ماڻهو سمجهندو آهيان، مون سوچيو ته سنڌ يونيورسٽي جي هڪ استاد کي هيءُ عزت، ۽ هيءُ مان سندس زندگيءَ جي ڪل ڪمائي چئي سگهجي ٿو. گيٽ تي مون کي سينٽر جي پريزيڊنٽ جي سيڪٽري اداري جي نائب صدر ”رسيو“ ڪيو. ٿوري درير ۾ چانهه کانپوءِ مون کان ليڪچر ڪرايو ويو، جيڪو ٽن ڪلاڪن تائين هليو، ان کان پوءِ وڏي احترام سان الاهي پروفيسرن ۽ مهمانن سان گڏ مانجهادو ڏنو ويو. اهڙيءَ طرح منهنجا پنج ڏينهن هوائيءَ ۾ گهمندي ۽ يونيورسٽين ۾ گذاريندي گذري ويا. يونيورسٽي مان نڪرڻ يا ان سينٽر کي سچ پچ ته ڇڏڻ تي منهنجي دل راضي نه هئي. هتي مون کي هڪڙو واقعوياد اچي ٿو. جيڪو آءُ ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
ايسٽ ويسٽ سينٽر جي ڀرسان هوائي يونيورسٽي آهي، منهنجي پروگرام ۾ هوائي يونيورسٽي جي گهمڻ جو پروگرام پڻ شامل هو. خاص طور تي اتان جي ڏکڻ ايشيا جو شعبو (South Asian Center) انهيءَ شعبي ۾ وڃڻ سان منهنجي ملاقات ان جي ڊائريڪٽر پروفيسر ليڊي پرهام (Lady Parham) سان ٿي. تمام سٺي نموني ملي ۽ سٺو آڌر ڀاءُ ڪيائين. ڪافي دير ڪچهري کان پوءِ مونکي پنهنجي مرڪز جا ڪجهه ڪتاب ۽ پمفليٽ ڏنائين.
مون سڀ شيون پاڻ وٽ سنڀالي رکيون. هڪ سهڻو پمفليٽ، جيڪو هن مون کي آخر ۾ ڏنو، ان کي هڪ نظر ڏسي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌم، پر جلدئي اهو واپس ڪڍيم ۽ وري مٿان نظر وڌيم به پمفليٽ جي مٿانهن هڪ نالو لکيل هو. رام واٽو مل اسڪالرشپ مون ليڊي ٽرهام کان اهو پڇيو ته ڇا هي؟ ڇا رام واٽو مل سنڌي ته ناهي. مائيءَ چيو ته مون کي خبر نه آهي. هوءَ ٿورو اچرج ۾ پئجي ويئي، ۽ مون کي چيائين، ته تون مونکان اهو ڇوٿو پڇين؟ مون چيومانس، هن نالي مان هيءُ مون کي سنڌي ٿو لڳي. مائيءَ چيو ته لڳي ٿو ته تنهنجي ڇهين حس اهو ڪم ڪيو آهي. مون مائيءَ سان ها ۾ ها ملائي. مائيءَ مون کي چيو، اچ ته ڀلا ان پمفليٽ کي پڙهون. جڏهن اسان اهو پڙهيو ته سڄي ڳالهه پڌري پٽ اچي پئي ته واٽو مل حيدرآباد سنڌ جو هڪ وڏو سنڌ ورڪي واپاري هو، جنهن پنهنجي واپار جي ڪوٺي پهرئين هانگ ڪانگ ۾ کولي ۽ بعد ۾ اچي هوائيءَ ۾ هميشه لاءِ رهائش پذير ٿيو. رام سندس وڏو پٽ هو. جنهن جي شادي هن ٻي مهاڀاري جنگ کان ٿورو اڳي حيدرآباد ۾ ڪرائي هئي. رام کي ٻه نياڻيون به هيون. رام شادي ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ايندو رهندو هو ۽ پنهنجي پيءُ جي واپار کي هانگ ڪانگ ۽ بعد ۾ هوائيءَ ۾ هٿ ونڊائيندو هو. ٻي جنگ عظيم جي ڪري حيدرآباد اچي نه سگهيو. پنهنجي زال کي چيو ته هو کيس ٿوري وقت ۾ اچي هوائي ڏانهن وٺي ويندو. رام جي نه اچڻ ڪري سندس گهر واري ٻه ٻارڙيون ساڻ ڪري پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ڪيترن مهينن جو سفر ڪندي اچي هوائي پهتي. رام جي پيءَ کي پهرئين ڪپڙي جون ڪوٺيون هونديون هيون. بعد ۾ هنن راندين جي سامان جي واپار ۾ ڌاڪو ڄماڪو، جيڪو اڃا تائين هوائيءَ ۾ هلي رهيو آهي. 1950ع ڌاري رام هندستان گهمڻ آيو ۽ بدقسمتيءَ سان هوائي جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿي ويو. رام جا ٻار اڃا به هوائيءَ ۾ موجود آهن. رام جي فوتيءَ کان پوءِ آمريڪي حڪومت رام کي ڪئيي وڏا اعزاز بخشيا ۽ يادگار جوڙايا ۽ رام کي اڄ به ياد رکيو وڃي ٿو. رام جي پيءُ واٽو مل پنهنجي پٽ جي مرتئي کان پوءِ سندس نالي ٻه وڏيون اسڪالرشپون مقرر ڪيون، جيڪي هندستان مان ڪي به اسڪالر چٽاڀيٽي جي زور تي هندستان جي تاريخ جي اڀياس لاءِ يا Ph.D جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اچي سگهن ٿا. انهيءَ پمفليٽ پڙهڻ کان پوءِ ان مرڪز جي ڊائريڪٽر ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين، پروفيسر قريشي منهنجي ناليج ۾ اضافو ڪيو آهي، آئون تنهنجي ٿورائتي آهيان. بعد ۾ مون کيس سنڌ بابت اڃا به وڌيڪ ڄاڻ ڏني ته، سنڌ جا ماڻهو ڪيئن آهن، اتان جون موسمون، اتان جا نظارا ۽ جاگرافي اهڃاڻ ڪيئن ۽ ڪيترا آهن. مون کيس سنڌوسڀيتا، سنڌودرياهه، شان لطيف ۽ ٻين ثقافتي شاهڪارن بابت ٻڌايو. هن مون کان اهو پڇيو ته چون ٿا ته سنڌو سڀيتا جي ماڻهن ئي دنيا ۾ سڀ کان اڳ ڦيٿو ٺاهيو، ڇا اهو سچ آهي؟ مون وراڻيومانس ها. هڪڙي ڏينهن شام جو هوائيءَ جي ان مارڪيٽ ۾ آيس جتي واٽو مل جو دڪان هو. اهو دڪان اڃا به موجود آهي، جيڪو رام جا ٻار هلائن ٿا. منهنجي ڪنهن سان ملاقات ڪونه ٿي ڇو جو ان وقت انهن مان ڪوبه موجود نه هو. ۽ سندن نوڪر ئي دڪان هلائي رهيا هئا.
اهو سچ آهي ته تاريخ جون ڪيتريون ئي شاهديون ٻڌائين ٿيون، ته سنڌ وارن ئي اڳ ۾ ڦيٿي جي ايجاد ڪئي، ۽ انهيءَ کي ڏاند گاڏيءَ ۾ استعمال ڪيو. ان کان سواءِ هن مون کان اهو به پڇيو، ته چون ٿا، ته ”انڊس رور“ شينهن درياهه آهي، ائين هن کي ڇوٿا سڏين. مون ٻڌايومانس ته سنڌو درياهه هماليا جبلن جي مٿاهين تان، جنهن هنڌ تان جاري ٿئي ٿو، اهو شينهن جي شڪل جهڙو آهي، انڪري هن کي شينهن درياهه چون ٿا، مون هن کي اهو به ٻڌايو، ته سنڌوءَ جا گهڻائي نالا آهن، جيئن سپت سنڌو، اباسين، مهراڻ، اِسنگهي ڪبب وغيره، پر سنڌ وارا ان کي سندس اوائلي نالي ”سنڌو“ سان ئي سڏين ٿا. اهي سڀ ڳالهيون، ته ٿيون منهجن پنهنجن تجربن جون، پر اسان جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان دوست ذوالفقار علي هاليپوٽي پڻ پنهنجي آمريڪي ياترا جا احوال ڪٺا ڪيا آهن. سندس هيءُ سفرنامو، ڪو معلومات نامو نه آهي، جيئن عام طرح سفرناما لکيا ويندا آهن. جيڪي اجاين ذاتين حوالن سان ٽمٽار هوندا آهن، ۽ پڙهندڙ کي جلد بيزار ڪري وجهندا آهن، هيءُ سفرنامو هڪ جديد سفرنامو آهي، جيڪو آمريڪي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پهلوئن تي گهرائيءَ سان لکيو ويو آهي، هن سفرنامي ۾ اجايو ۽ واڌو احوالن کان وڌيڪ هڪ دانشوراڻو وقار آهي، ۽ ان ۾ هڪ قسم جي تحقيقيت آهي. عام لقائن ۽ روين جو گهرائيءَ سان ڇيد ڪري لاڀائتا دلچسپ ۽ ڪنهن حد تائين ڇرڪائيندڙ نتيجا ڪڍيا ويا آهن، انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ کي به سفرنامو لکندڙ نه وساريو آهي، ۽ هنڌين ماڳين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا حوالا پڻ ڏنا آهن. هيءُ سفرنامو ڪنهن ياترا تي ٻڌل نه آهي، پر ان ۾ مختلف وقتن تي ڪيل ياترائن جو احوال آهي. پنهنجي ڪيفيت ۾ هيءُ سفرنامو پڙهندڙ تي سٺو تاثر ڇڏي ٿو، ۽ اُن کي اهڙي نموني پنهنجي گرپ ۾ آڻي ٿو، جو ان کان نڪرڻ مشڪل ٿيو پوي ٿو. هڪ ڪامياب سفرنامي جو ڪمال اهوئي آهي، ته روزنامچي جي شڪل ۾ نه هجي، پر ان ۾ زندگي، ماڻهو، سماج، تهذيب، ثقافت جي تصوير ۽ تحريڪ هجي، ان کانسواءِ ان سلسلي ۾ تاريخي مثالن ۽ حوالي جو هئڻ به ضروري هوندو آهي، اهي سڀ هڪ تخليقي سفرنامي جا لوازمات آهن، اسان جي دوست ۽ ساٿي ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ سفرنامو، سفرنامي جي جديد فني گهرجن تي پورو لهي ٿو.
مون کي وڏيءَ حد تائين اميد آهي، ته سنڌ جا ماڻهو توڻي سنڌ کان ٻاهر موجود سنڌي هيءُ سفرنامو پڙهي، ان مان لطف ماڻيندا. هونءَ ته آمريڪا ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ، گهڻن ئي پڙهندڙن، ٿي سگهي ٿو، ته گهميا هجن، پر جنهن اک سان اسان جي دوست ذوالفقار ڏٺي ۽ ڏيکاري آهي، ان جي پنهنجي هسناڪي ۽ دلپذيري آهي، ان جو هڪ الڳ لطف ۽ سواد آهي. خاص طور سندس لکت ۾ بيان ڪيل ٻولي سولي ۽ سٺي آهي، اها ٻولي جيڪا عام طرح شهرن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. آئون سچ پچ ته ههڙي سفرنامي لکڻ تي کيس واڌايون ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان


پروفيسر اعجاز قريشي
88، مسلم هائوسنگ سوسائٽي، حيدرآباد
فون نمبر: 3040737-0300
تاريخ: 9- جون 2008ع