اسلام آباد روانگي
اهڙي جاکوڙ ۾ حصيدار ٿيندي سانا جو دعوت نامو، ٽيڪس جي رسيد، بئنڪ جا پنا، ڪوثر ڀٽي صاحب پاران اسپانسرشپ ڏنل هڪ بي حد وزني بئنڪ اسٽيٽمينٽ،آمريڪي رسالن ۾ ڇپيل چند مضمون ۽ خط ۽ ٻيا ضروري دستاويز کڻي، درخواست فارم (جيڪو هاڻ هٿ بدران ڪمپيوٽر تي ڀرڻو پوي ٿو) پنهنجي هٿن سان پُر ڪري حيدرآباد ۾ آمريڪي ويزا جون درخواستون وصول ڪرڻ جي Authorized اداري اسپيڊ ايڪس جي هردلعزيز انچارج رند صاحب وٽ اهو فارم ۽ ضروري ڪاغذ جمع ڪرايم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رند صاحب جو فون آيو ته منهنجي انٽرويو جي تاريخ ۽ پاسپورٽ واپس اچي ويو آهي. جيڪو سندس آفيس مان کڻي وٺان. رند صاحب جو ڪم سڄو ڏينهن انهن معاملن کي ڏسڻ آهي، سو ٻڌايائين ته تڪڙي تاريخ ملي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ويزا لڳي ويندو. هن ٻڌايو ته ان کان اڳ به جامي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جا پاسپورٽ ۽ انٽرويو جي تاريخ تمام تڪڙي ملي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته انهن وانگر منهنجو به ويزا آسان آهي.
هونئن به جيڪڏهن دستاويز صحيح آهن، فارم درست پر ٿيل آهي ۽ سانا جهڙي اداري جي دعوت آهي ته پوءِ ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي. دل کي اها تسلي ڏيندي پاسپورٽ ۽ انٽرويو جي ٽڪيٽ هٿ ۾ کڻي ٿڌي سڙڪ تي واقع ضلع ناطم آفيس ۽ سوڪ سينٽر جي وچ ۾ قائم پي آءِ اي آفيس جي مٿين فلور تان رند صاحب کان موڪلائي روڊ ڪراس ڪري پنهنجي آفيس اچي ويٺس.
آمريڪي ويزا پروسيس جي ڄاڻ هجڻ ڪري اهو خوف ذهن ۾ هو ته جيڪر اڪيلي اسلام آباد ويس ته ڏاڍو خوار ٿيندس. تنهن ڪري سوچيندو رهيس ته ڪو ساٿي گڏ هجي ته اسلام آباد جو بور ڪندڙ سفر ڪاٽي سگهجي. يا ڪو دوست اسلام آباد ويندو هجي ته ساڻس گڏجي اهو پنڌ کُٽائجي.
اها خواهش اڃا ڪنهن سان شيئر ئي نه ڪئي هيم ته ڀائو مولا بخش چانڊئي جو فون آيو ته ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن اسلام آباد جو چڪر ڪاٽيندي. مظهر الاسلام جون ڪچهريون، ميلوڊي مارڪيٽ جا چپلي ڪباب سپر مارڪيٽ جي ڪافي، جناح سپر جي فروٽ چاٽ ۽ جهانگير ريسٽورنٽ جو باربي ڪيو کائيندي، ڇو نه گهمي ڦري اچجي. سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي ايتري ئي خوشي ٿي، جيتري ويزا لڳڻ مهل ٿي هئي. ڀائو سان هائوڪار ڪري آفيس ۾ ويٺل ڊوميسٽڪ ٽڪٽنگ جي انچارج طاهر کي اسلام آباد جون ٻه ٽڪيٽون ٺاهڻ جو چيم. ايتري دير ۾ ڀائو مولا بخش آفيس اچي پهتو ۽ اسلام آباد جي دوري جي منصوبه بندي ڪرڻ سان گڏ مظهر الاسلام، سائين خورشيد شاهه ۽ ٻين دوستن سان رابطا ڪياسين. مظهر الاسلام اسلام آباد ۾ سنڌين جو ادبي سفير آهي ۽ سائين خورشيد شاهه سنڌ جو سياسي سفير. مولا بخش ڀائو جي ثقافتي آمد جو ٻڌي سائين خورشيد شاهه اسمبلي ميمبرن لاءِ جوڙيل پارليامينٽ لاجز ۾ پنهنجي سوئيٽ ۾ پڙاؤ وجهڻ جا احڪامات جاري ڪيا. مون ڀائو کي، سائين جي اسمبلي اجلاس ۽ ٻين سياسي سرگرمين ۾ مصروف هجڻ جي ڪري تڪليف نه ڏيڻ جي صلاح ڏني ۽ سائين اهو ٻڌندي پنهنجي ڪمري کان علاوه ڪيڏانهن به نه وڃڻ جي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.
اسين وري ان شهر جي سفر تي نڪتاسين، جتي مون زندگيءَ جا ڇهه ڊگها سال گذاريا آهن ۽ پوءِ وقفي وقفي سان اتي ويندو رهيو آهيان. پاڪستان پيپلز پارٽي جي 1992ع واري لانگ مارچ واري اعلان کان پوءِ آئون به ڪوثر ڀٽيءَ جي خرچ تي اسلام آباد ويندڙ پيپلز پارٽي حيدرآباد جي هڪ وڏي ٽيم سان شاليمار ريل رستي حيدرآباد کان لاهور ۽ پوءِ ڪوچ رستي راولپنڊي پهتو هيس. هر طرف ناڪابندين جي ڪري تنهن وقت جي وڏي جيالي نزهت پٺاڻ ۽ هاڻوڪي ايم اين اي شگفته جماڻي هڪ دُهل خريد ڪري هر ناڪا بندي تي اهو چوندي گرفتاريءَ کان بچائينديون رهيون ته سنڌ مان هڪ ڃڃ آهي جيڪا راولپنڊي وڃي رهي آهي. ڪنوار وٺڻ. احمد سولنگي ان وقت گهوٽ بنائي پيش ڪيو ويو هو.
آءٌ اسلام آباد ۾ ان وقت ئي رهي پيو هئس، پوءِ پاڪستان اندر سماجي سائنس جي ڊگرين جي سڀ کان وڏي تعليمي اداري، قائداعظم يونيورسٽي مان تاريخ ۾ ماسٽرز ڪرڻ کان وٺي اسلام آباد ۾ صحافت ۽ اين جي اوز جي نوڪري ۽ نجڪاري ڪميشن آف پاڪستان ۾ ميڊيا ايڊوائيزر طور ڪم ڪندي ڇهن سال جو عرصو اسلام آباد ۾ گذاري سنڌ موٽي آيو هئس.
مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ٻي حڪومت جي خاتمي ۽ 1997ع جي عام چونڊن کان پوءِ فرحان نبي ميمڻ جي قتل ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ حيدرآباد ۾ ئي رڪجي ويس ۽ شهر ڇڏڻ لاءِ دل به ٻڌي سگهيس شايد اهو داستان ڪنهن ٻي مهل جو آهي.
آئون ۽ ڀائو مولا بخش چانڊيو اسلام آباد جي هوائي اڏي تي پهتاسين ته لوڪ ورثا جي ڊائريڪٽر ۽ اردو ناول ۽ ڪهاڻي جي وڏي نالي مظهر الاسلام صاحب جي گاڏي بيٺي هئي. سڌو وڃي سائين خورشيد شاهه جي ڪمري تي پهتاسين. باورچي ۽ ٻيا ملازم حسب دستور ڊيوٽيءَ ۾ الرٽ پر اسين منهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي مظهر الاسلام جي 10/F مرڪز واري جڳهه تي ڪچهري لاءِ پهچون ٿا.
عام طور تي اهڙين شام وارين ڪچهرين ۾ سياست، ادب ۽ سماج بحث جو موضوع هوندا آهن. مظهر صاحب وٽ ڪچهريءَ ۽ چڪيءَ جي گرميءَ ۾ بدن گرمائجي رهيو آهي ٻاهر ڪافي ٿڌ هئي. اسلام آباد جو جهُڙ ۽ هلڪي بارش هونئن به ان ڪوفين جي شهر کي رومانٽڪ بنائي ڇڏيندا آهن. اهڙو موسم ڏسي ڀائو چيو ته يار! پئسا ئي سجايا ٿي ويا. هن چيو ته جنهن مُند کي ڏسڻ لاءِ اسلام آباد پهتو آهيان سا اکيون وڇايون آجيان ڪري رهي آهي.
پريان مارگلا جون پهاڙيون، جتان سنڌ جا ڪيترا ئي شاعر ۽ اديب امر جليل کان وٺي احمد سولنگي تائين انسپائريشن وٺي ڪهاڻيون ۽ شعر لکندا آيا آهن. وقت سان گڏ اها انسپائريشن ڪيترن ئي سببن ڪري مون لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ گهٽجي وئي آهي جو هڪ ته ترقيءَ جي نالي ۾ مارگلا جي ساوڪ کي ڪيپٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي (CDA) برباد ڪري پوري علائقي جي قدرتي ماحوليات کي خراب ڪري رهي آهي ته ٻي پاسي اسان جا سجيلا جوان ان پهاڙين جي پاڇي ۾ ملٽري جنرل هيڊ ڪوارٽرز جي نالي ۾ هزارين ايڪڙن تي ٻڌل ڪالوني جوڙي رهيا آهن، جيڪا اڳيان هلي گاديءَ واري هنڌ جي قدرتي توڙي سياسي ماحوليات کي خراب ڪندي. انهن ٻنهي اشوز تي ۽ مارگلا جي خوبصورتي بچائڻ لاءِ اسلام آباد سوڌو پوري ملڪ جي سول سوسائٽي احتجاج ڪري رهي آهي پر آمريت کي نه شرم هوندو آهي نه ئي عقل! سو جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جي احڪامن تي عمل جاري آهي. شاعرن جي توجه جو مرڪز مارگلا جون اوچايون هاڻي قبضه خورن جي توجه جو مرڪز آهن.