سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

مسافر جي راءِ - ذوالفقار هاليپوٽو

سفر نامو ادب جي دنيا جي هڪ پاپولر صنف آهي. هر ٻوليءَ جي ادب ۾ هن صنف تي شايد ئي اهڙو ڪو ليکڪ هجي جنهن طبع آزمائي نه ڪئي هجي. پنهنجي ماحول کان ٻاهر نڪري نوان ماڻهو، نئين موسم، نوان زمانا، نوان ٽرينڊ ۽ سماج ڏسڻ سان ذهن ۽ دل کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پوءِ ان جي اظهار يعني لکڻ لاءِ ڪيترائي موضوع ۽ خيال ملن ٿا ۽ ان جي اظهار جو موقعو به ليکڪ پنهنجي هٿ مان وڄڻ نٿو ڏي .
دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمندي ٻين ليکڪن وانگر منهنجي به من ۾ هر وقت اهو خيال جوان رهندو آيو آهي ته هر سفر، هر پنڌ ۽ آوارهه گرديءَ بابت هر دفعي ڪو نئون ڪتاب لکجي. منهنجو پرڏيهي سفر گهڻو ڪري هڪ عام ۽ رواجي Conventional) ( سياح کان وڌيڪ، ڪانفرنسن، سيمينارن، ٽريننگز ۽ ورڪ شاپس جي شريڪ طور رهيو آهي تنهن ڪري هميشه اهو سوچيندو رهندو آهيان ته اهڙي سفرنامي کي پڙهي ماڻهو سخت بيزار ٿيندا جنهن ۾ رڳو خشڪ ڪانفرنسن جي ڪارواين جا تفصيل هجن. پڙهندڙ ته سفرنامي وسيلي اهي سڀ ماڳ، جايون، ثقافتون، ماڻهو ۽ سماج ائين ئي محسوس ڪرڻ گهري ٿو. جيئن هڪ سياح ڏسي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ۽ اسين ڪم کان ٻاهر نڪري ڪا گهڻي دنيا ڏسي رهيا هجون ته ڪو اهڙو وڏو احوال لکون جيڪو پڙهندڙ کي ڪتاب تي خرچ ڪيل رقم وصول ڪرائي سگهي.
سو ائين هر ڀيري سفرنامي لکڻ جي جذباتي فيلصي تي نظرثاني ڪندي ڪنهن اهڙي سفر جي انتظار ۾ اکيون اوسيئڙي ۾ رهنديون آيون، جنهن سفر ۾ پنهنجي ڪم کان علاوه زماني جي ڪم جون ڳالهيون به هجن.
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون
پر هيل جڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي نمائنده جماعت سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي صدر عزيز ناريجي پاران فلوريڊا ۾ ٿيندڙ سانا جي 23 سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو سڏ مليو ۽ آمريڪا جي مختلف علائقن مان دوستن پاران چڪر ڪاٽڻ جون دعوتون ملڻ شروع ٿيون ته هيل اها اُميد پيدا ٿي ته ايترو گهمڻ ڦرڻ ٿي ويندو جو ڪجهه لکي سگهجي ۽ پڙهندڙ به ان سفرنامي جي روداد کي انجواءِ ڪري سگهن.
هونئن ته ڪيترن ئي وڏن توڙي ننڍن ۽ مشهور توڻي غير معروف ليکڪن جا سفر ناما پڙهيا اٿم ۽ ڏٺو اٿم ته هر ليکڪ جو پنهنجو اسٽائيل ۽ شيئن کي پيش ڪرڻ جو پنهنجو مخصوص انداز آهي. سنڌيءَ ۾ سفرنامن جو وڏو نالو الطاف شيخ آهي، جنهن پنهنجي پاپولر لکڻين زريعي سنڌي ادب پڙهندڙ کان علاوه عام ماڻهن کي به سفر ناما پڙهڻ جي اهڙي عادت وڌي آهي جو هر ڪو الطاف جي سفر نامن جي ذريعي پوري دنيا ائين گهمي رهيو آهي ڄڻ هو ليکڪ سان گڏ انهن هنڌن، ماڳن ۽ ملڪن ۾ موجود هجي.
سفر نامي جو اهو شاندار پاپولر ٽرينڊ سنڌي ادب ڏانهن الطاف شيخ جي وڏي ڪنٽريبيوشن آهي. هڪڙا سفرناما روايتي مسافر واري انداز م لکيا وڃن ٿا. سياسي ماڻهن جي پنهنجي شهر يا ملڪ کان ٻاهر جي دنيا کي ڏسڻ جي پنهنجي منفرد اک هجي ٿي. هڪ شاعر ۽ اديب مسافريءَ کي پنهنجي تخليقي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو انداز اپنائي ٿو. هڪ سماج سڌارڪ ۽ سماجي سائينسدان جا مشاهدا ۽ ان جي بيان جا رنگ پنهنجا هجن ٿا.
ڪتاب جي هڪ اڻ کٽ دنيا موجود آهي. جيتوڻيڪ سفرنامن جي صنف کي روايتي ادب ۾ اڃا شايد ڪو خاص درجو حاصل ناهي يا ان ڏانهن ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي پر بهرحال سفرناما لکجندا رهن ٿا ۽ هرليکڪ پنهنجي پنهنجي حساب سان مختلف ياترائن جا مختلف اڪائونٽس پيش ڪندو رهي ٿو.
آمريڪا ياترا جي حوالي سان هونئن ته سنڌي توڙي پاڪستان جي ٻين ٻولين خاص طور تي اردوءَ ۾ شاهڪار ڪتاب لکيا ويا آهن، سنڌي ءَ ۾ الطاف شيخ، تنوير عباسي، قاضي عبدالمجيد عابد، ڊاڪٽر حيدر سنڌي. اردو ٻوليءَ ۾ اردو تنقيد نگاريءَ جي وڏي نالي ڊاڪٽر سليم اختر جو ڪتاب ”آمريڪي ياترا“
جنگ ڪراچيءَ جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر ۽ مشهور ڪالم نگار محمود شام جو ڪتاب ”آمريکا کيا سوچ رها هي“ اي حميد جو ڪتاب ”آمريکا مت جيؤ“ ڊاڪٽر احمد نصير جو ڪتاب ”سفر پاري“ رضيه بٽ جو بهترين ڪتاب ”آمريڪي سفرنامه“ اسلامي اسڪالر پروفيسر محمد تقي عثماني جو ”دنيا ميري آگي“ ۽ جهان ديدهه ۾ شامل آمريڪي سفر جو باب ۽ ڪيترائي ٻيا ڪتاب به شامل آهن.
منهنجي چند هفتن جي آمريڪي ياترا جو هيءَ ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي. آمريڪا دنيا جو هڪ اهڙو دلچسپ ملڪ آهي جنهن جو هڪ ڀيرو دورو ڪرڻ جي خواهش دنيا جي هر ماڻهوءَ جي دل ۾ آهي.مهرباني ڪري مون کي به انهيءَ ڳڻپ ۾ شمار ڪيو وڃي. جيئن پاڪستان ۾ لاهور لاءِ مشهور آهي ته جنهن لاهور نه ڏٺو اهو ڄڻ ڄائو ئي ڪونه- ائين ئي عالمي سطح جي رولاڪيءَ جي ڏس ۾ جنهن آمريڪا نه ڏٺو ان ڄڻ دنيا ئي نه گهمي.
هيءَ ياترا هڪ اهڙي ملڪ جي ياترا آهي جيڪو هن وقت دنيا جي اڪيلي سپر پاور رياست آهي. آمريڪا جيڪو هڪ پاسي پوري دنيا پاران تنقيد جو نشانو بڻيل آهي ته ٻئي پاسي هر باصلاحيت ماڻهوءَ لاءِ بهترين موقعا (Opportunities ) فراهم ڪندڙ جنت ارض طور مشهور آهي.
آمريڪا، هڪ نظريي موجب پوري دنيا ۾ هڪ پاسي پنهنجي جارحيت واري پاليسن ۽ اڳرائين ڪري عالمي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو تصور ڪيو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي ڪنهن ٻئي نظريي موجب ساڳيو آمريڪا دنيا جي سڀ کان بهترين جمهوري رياست ۽ پنهنجي عوام کي سماجي انصاف فراهم ڪندڙ ڌرتي آهي. بين الاقوامي سياست جي تناظر ۾ دنيا جي تقريباً هر خطي ۽ ملڪ اندر زبردست سياسي ۽ دفاعي اثر رکندڙ آمريڪا – 11/9 واري دهشت گردي کان پوءِ هڪ بدليل آمريڪا آهي. جن ماڻهن آمريڪا کي 11/9 تي ٿيندڙ دهشتگردي ۽ نيويارڪ جي ٽوئين ٽاورز واري سانحي کان اڳ ۽ پوءِ ڏٺو آهي انهن جو خيال آهي ته 11/9 کان پوءِ آمريڪي سياست، آمريڪا جي اثر هيٺ رهندڙ بين الاقوامي سياست، آمريڪي سماج، آمريڪا ۾ دنيا جي ٻين خطن جا رهندڙ ماڻهو ۽ ماحول ۽ سڀ ڪجهه بيحد تبديل ٿي چڪو آهي.
آئون جون 2007 ۾ هڪ اهڙي ئي آمريڪا ۾ داخل ٿي رهيو آهيان جيڪو منهنجي ذهن ۾ موجود آمريڪا کان گهڻو بدلجي ويل هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي آزادي، جمهوريت ۽ انساني حقن جا نظريا مٽجي چڪا آهن. جتي آمريڪي سماج ۽ عوام پنهنجي ئي حڪومت جي جارحيت خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي. تنهنڪري آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي عوام کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ جي ائين ئي ضرورت آهي جيئن پاڪستاني عوام ۽ جنرل مشرف جي گذريل آمراڻي ۽ غير آئيني اقتدار کي الگ ڪري ڏسڻ جي ضرورت هئي.
آءٌ اهڙي آمريڪا کي رڳو مجسمن ۽ عمارتن آڏو يا پارڪن ۾ فوٽو ڪڍرائي سفر نامو لکڻ واري دقيانوسي اسٽائيل مان ٻاهر ڪڍي هڪ اهڙي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهران ٿو جنهن ۾ هن ڪتاب جي پڙهندڙ کي آمريڪي رياست، آمريڪي سماج، آمريڪي ماڻهن جي نفسيات، آمريڪا جي سياست جي سنڌي سماج تي اثر، آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي طرز زندگي، سفارت ڪاري ۽ لابنگ جي دنيا جي سڀ کان وڏي مرڪز ڪيپيٽال هل ۾ سنڌ جي سياسي مؤقف جي ضرورت ۽ اهميت، سنڌين جي لاءِ آمريڪا وڃڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۽ اتي پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ انهن جي حل لاءِ منصوبه بندين جي ضرورت، آمريڪي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي تنظيمن جي ڪم ۽ اثر بابت تفصيلي ۽ تنقيدي ڄاڻ ملي سگهي.
هن ڪتاب رستي اها ڪوشش ڪرڻ گهران ٿو ته سفرنامي لکڻ جي اصل روح ۽ مينڊيٽ کي ڇيرڻ کان سواءِ پڙهندڙن کي هڪ اهڙي گائيڊ بڪ فراهم ڪجي جو مستقبل ۾ گهمڻ ڦرڻ، پڙهائي توڙي مستقل اميگريشن لاءِ واجهائيندڙ سنڌين کي ويزا پراسيس کان وٺي آمريڪي ايئرپورٽس تي موجود ويزا کان به ڏکئي مرحلي يعني اميگريشن ۽ رجسٽريشن کان ٿيندي آمريڪي سوسائٽي ۽ ماڻهن کي سمجهڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ طور ڪم اچي.
ائين ڇو آهي جو هڪڙي ئي ايئرپورٽ تي لهندڙ هڪ ئي جهاز جي ٻن مسافرن مان هڪ کي آمريڪي ايئرپورٽ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهاريو وڃي ٿو ۽ ٻئي مسافر کي پوري اميگريشن ۽ رجسٽريشن پراسيس اڪلائڻ ۾ هڪ ڪلاڪ مس لڳي ٿو. ان جا ڪارڻ ڪيترائي آهن جن ۾ اوهان جو پاسپورٽ، اوهان جو ڊريس ڪوڊ، اوهان جو اعتماد، اوهان جي ٻولي، اوهان پاران فراهم ٿيندڙ صحيح يا غلط معلومات وغيره اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اڳيان هلي انهن سببن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪبي ته جيئن بظاهر ڏکين پر آسانيءَ سان ضابطي هيٺ ايندڙ اهي ڪارڻ آمريڪا جي سفر لاءِ تياريون ڪندڙ نون مسافرن کي ڪم اچي سگهن.
هر شخص زندگيءَ جي هر سفر کي قلم بند ڪرڻ چاهي ٿو پر هو ائين نٿو ڪري سگهي ۽ هر مسافر هر سفر جي روداد بيان ڪرڻ جي اهل به ناهي. زندگيءَ جا ڪيترائي خوبصورت پنڌ، ناقابل فراموش رولاڪيون، پنهنجن پيارن سان گڏ پرديس ۾ گهاريل گهڙيون، هر هر ياد ايندڙ آوارگيون ۽ زندگيءَ جا ڪيترائي اڻ وسرندڙ سفر رڳو ڳالهين ۾ ئي بيان ڪندي ڪندي فنا ٿي ويندا آهن. تيزيءَ سان گذرندڙ وقت ۽ مختصر ٿيندڙ حياتيءَ ۾ وري زندگيءَ جا ڪي اڃان نوان سفر انهن يادگيرن کي ري پليس ڪندا ويندا آهن. انساني ذهن هر وقت تبديليءَ جي خطرناڪ خواهش هيٺ، هر وقت تازين شين مان مزي وٺڻ جي نفسيات رکي ٿو تنهن ڪري پراڻيون ڳالهيون، قصا، ماڳ، سفر، پراڻا دوست يار، سفر ۾ گڏ هلندڙ ساٿي ۽ سانگي ۽ انهن سان شيئر ڪيل ڳالهيون ۽ ٽهڪ سڀ ويسر جي کوهه ۾ ڪرندا ويندا آهن. قدرت انساني ذهن جو سافٽ ويئر ڪجهه ايئن ٺاهيو آهي جو نئون مواد اڳيان اچڻ ڪري پراڻو مواد پاڻ مرادو آٽوميٽڪ طريقي سان ڊيليٽ ٿيندو ويندو آهي. اهڙي خيال جي ذهن ۾ هر هر اچڻ ڪري اهو پڪو پهه ڪيم ته ان کان اڳ جو دل کي گرمائيندڙ ۽ قلم جو رخ ڦيرائيندڙ ڪو ٻيو سفر هن تاريخي آمريڪي ياترا جي يادگيرن کي زور سان ٺونٺ هڻي ويسر جي کوهه ڏانهن ڌڪي، ڇو نه لکي وٺان ان سادي سفر جون ساديون ڳالهيون – ان شاهوڪار ملڪ ۾ رهندڙ شاهوڪار دل رکندڙ سنڌي دوستن جون خبرون –
هي ڪتاب بنهه سادي انداز ۾ لکي پنهنجي سموري سفر کي ائين بيان ڪرڻ ٿو گهران ته جيئن پڙهندڙ پاڻ کي مون سان هن سفر ۾ محسوس ڪن.
حيدرآباد ۾ آمريڪي پاسپورٽ ۽ ويزا لاءِ ضروري دستاويز جمع ڪرائڻ واري اٿورائيزڊ سروس اسپيڊ ايڪس جي پراسيس کان ٿيندي شديد سرديءَ ۾ صبح جو ستين وڳي آمريڪي سفارت خاني جي ٻاهر ڊگهي قطار ۾ بيهي انٽرويو لاءِ پنهنجي واريءَ جي انتظار ڪرڻ تائين – فلوريڊا جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهي اميگريشن ۽ رجسٽريشن ڪرائڻ کان وٺي واپسيءَ مهل واشنگٽن جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي واپسيءَ جي رجسٽريشن ڪرائڻ تائين – آمريڪا ۾ گذاريل سموري وقت ۾ دوستن سان ملاقاتون، سنڌ بابت زبردست ڪچهريون، سياست تي گرما گرم بحث، سنڌين جي مستقبل بابت پيش ٿيندڙ مختلف نظرين تي اختلاف راءِ ۽ محبتن وارا جهيڙا – آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي قومي شناخت - سنڌ سان ،آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ايندڙ نسلن جي وابستگي ۽ ڳانڍاپي جا بحث – آمريڪي سماج ۾ هر قابل صلاحيت ۽ ميرٽ واري ماڻهوءَ لاءِ موجود بيشمار موقعا – آمريڪي سياست ۽ سماج جو انساني حقن ، قومي آزادي ۽ جمهوريت جي عالمي تحريڪن تي اثر – دهشت گرديءَ، مذهبي انتها پسندي ۽ رجعت پرستيءَ خلاف جوڙيل آمريڪا جي نام نهاد جنگ ۽ ان بابت دنيا جي سيڪيولر ۽ پروگريسو ماڻهن جو موقف – پاڪستان اندر پائيدار جمهوريت ۽ سنڌين جي پنهنجي وطن تي حق حاڪميت جي سوال ۽ سنڌين جهڙي جمهوريت پسند ۽ روشن خيال قوم بدران نسل پرست ۽ لسانيت جو زهر ڦهلائيندڙ فاشسٽ قوتن کي آمريڪا جو آشيرواد – انهن کوڙ سارن گرم توڙي ٿڌي موضوعن تي جيئن ۽ جهڙي لهجي ۾ دوستن سان گفتگو ٿي، صحافين سان بحث مباحثا ٿيا، آمريڪي اسڪالرز ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان مڪالما ٿيا. تنهن کي جيئن جو تيئن پيش ٿو ڪجي.
آمريڪي ياترا کي ڪتاب جي صورت ۾ آڻڻ جو عزم انهيءَ ڪري به ڪيم ته جيئن اڄوڪي بدلجندڙ عالمي، علاقائي ۽ ملڪي صورتحال ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي وجود کي درپيش نون چيلينجز، ان ڏس ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي قوم جي سڄاڻ سپوتن جي سرگرمين، جدوجهد ۽ ڪمٽمينٽ کي به پڙهندڙ اڳيان پيش ڪيو وڃي. اڄ اسين هڪ عالمي ڳوٺ ۾ زندگي گذاري رهيان آهيون. عالمگيريت جو راڪاس پوري دنيا کي پنهنجي مڙني خامين ۽ خوبين سان هڪ مُٺ ۾ بند ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري اهڙي مُٺ جي حاڪم آمريڪا بهادر جي سرزمين جو دورو ڪجي ۽ موٽي اچي اتان جي سياست جي نون رنگن، بدلجندڙ اقتصادي ۽ سماجي قدرن ۽ خاص طور تي 11/9 کان پوءِ واري آمريڪي سياست ۽ نظام جو احوال نه لکجي ته اها وڏي زيادتي هجي ها.
منهنجي هن آمريڪي دوري جو مقصد سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي سالياني گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ اتي سنڌ جي پاڻي ڪيس بابت هڪ مقالو پڙهڻ هو. منهنجي دوري جو مقصد علمي ۽ سياسي هو جنهن کان پوءِ آرلينڊو، نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ سنڌين، پاڪستان توڙي آمريڪي صحافين، دانشورن، سول سوسائٽي جي ليڊرن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان تمام گهڻين گڏجاڻين، ميٽنگز ۽ سيمينارن ۾ وڃڻ جو موقعو مليو تنهن ڪري اهو به ضروري سمجهيم ته دنيا جي سياست جي ڳڙهه وائيٽ هائوس ۾ اسان جي خطي بابت جن بنيادي تبديلين بابت سوچيو پيو وڃي، انهن متعلق به اوهان کي آگاهي ڏجي .
منهنجو خيال آهي ته سفرنامي لکڻ بابت ڪابه مروج يا خاص ٽيڪنيڪ موجود ناهي ۽ نه ئي رديف قافئي يا بحر وزن جو ڪو مسئلو آهي. سفر نامو لکڻ ته بس ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جو آرٽ آهي . هڪ ڳالهه جي يادگيري ڪيترن ئي ٻين يادگيرن، واقعن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ياد ڪرڻ جو سبب ڳولهي وٺندي آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ته ان سموري يادگيريءَ جي اُٿل پُٿل کي بي ترتيبيءَ سان ”جيئن جو تيئن“ پيش ڪرڻ ئي سفر نامي جي اصل خوبصورتي آهي. سفر نامو لکڻ ڪا نوڪري يا اسائينمينٽ ته آهي ئي ڪونه جو ويهي ڪا ڊگهي منصوبه بندي ڪجي پر مون ڪن اهم معاملن کي، جن جو سمجهڻ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ۽ خاص طور تي آمريڪا گهمڻ يا سيٽل ٿيڻ جي خواهش مند سنڌين لاءِ ضروري آهي انهن اشوز کي هڪ اهڙي منصوبه بنديءَ سان لکيو اٿم ته جيئن آمريڪي سماج ۽ سياست، اتان جي عوام ۽ اتي رهندڙ سنڌين بابت بنيادي انڊراسٽيڊنگ موجود هجي.
هي ڪتاب لکندي ۽ سفر دوران مختلف ڪاڳرن تي ورتل پنهنجا نوٽس پڙهندي ۽ آمريڪا جهڙي خوبصورت ملڪ تي اڳ ۾ لکيل ڪيترائي زبردست سفرناما پڙهندي مون کي پاڪستان جي مشهور براڊ ڪاسٽر قمر علي عباسي جي ڪتاب ”آمريڪا مت جيؤ“ ۾ لکيل ”راز کي بات“ پڙهي ڏاڍي کل آئي. آئون اوهان سان سندس لکڻيءَ جو اهو ٽڪرو شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. ”هڪ همراهه جي دل جو آپريشن ٿي رهيو هو. اچانڪ هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ بند ٿي وئي ۽ همراهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مٿي پهتو ته سندس هر پاسي زبردست آڌرڀاءُ ٿي- جنت جا چوڪيدار کيس مڪمل پروٽوڪول ڏئي اندر وٺي آيا- اتي موجود جنت جي فرشتن کيس وڏا ڀاڪر وڌا – حورن ڳچيءَ ۾ ڳانا وڌا، گلن جا هار پارايا ۽ کيس آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي کيس هر پاسي کير جون ڍنڍون، ماکيءَ جا کوهه، انگورن ۽ صوفن جا ڍير، گل ۽ ڇا ڇا نه نظر آيو – پکي پکڻ ۽ هلڪي بونداباري – بس جنت جو جيڪو تصور هن جي ذهن ۾ هو، هن جنت کي ان کان به وڌيڪ حسين ڏٺو. ٿوڙي دير کان پوءِ خوبصورت حورن جو هڪ جٿو سندس ويجهو آيو ۽ پيار سان چوڻ لڳو. ”سائين ٻڌاءِ هاڻ تنهنجي ڪهڙي رضا آهي.“
اهو ٻڌڻ شرط ئي هن جي اک کلي وئي. دل ٻيهر ڌڙڪڻ لڳي. ڊاڪٽر، مٽ مائٽ، اولاد، دوست يار سڀ خوش ٿي ويا ته همراهه مرڻ کان بچي ويو. ان ڳالهه کي ٿورڙو وقت گذريو ته همراه حقيقت ۾ مري ويو. مٿي ويو ته ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ قطار، نه چوڪيدار، نه داروغا، نه حورون، نه پروٽوڪول، ماڻهن جي پيهه مان ڌڪا ٿاٻا کائيندو - رڙهي رڙهي مس وڃي اندر پهتو ته اتي به نو لفٽ – نيٺ هڪڙي فرشتي کي ٻک وجهي قابو ڪيائين ۽ منٿون ڪندي چيائين ته مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو وڃي ته آئون ماڻهو ته ساڳيو آهيان پوءِ ڀلا هيل ڪير پُڇي ئي ڪونه ٿو........ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي فرشتي وراڻي ڏني ”بابا پهرين تون مهمان هئين هاڻ مستقل قيام لاءِ پهتو آهين.“
سو قمر عباسيءَ واري ڳالهه ته اسين به چند ڏينهن جا جو مهمان هئا سين ته سنگت آمريڪا جنت بڻائي ڏنو. رهائشون، گهمائڻ ڦرائڻ، کائڻ ”پيئڻ“– گاڏيون موٽرون – ڀاڙا ڀُتا سڀ سندن مٿي تي - خرچ ٽڪو به ٿيڻ نه ڏنائون- ڪير تصور ڪري سگهي ٿو ته هن دور ۾ آمريڪا جو سير ڪجي ۽ سو ڊالر به خرچ نه ٿين.
پر ان ڳالهه جو هر وقت احساس رهندو هو ته هي سمورا دوست انتهائي مصروف سوسائٽيءَ جو حصو آهن، جتي وقت ڏوڪڙن کان به وڌيڪ قيمتي سرمايو آهي. تنهن ڪري سگنت تي بار گهٽ وجهجي پر دوستن فلوريڊا کان وٺي واشنگٽن تائين هڪ منٽ لاءِ به الڳ ٿيڻ نه ڏنو . آمريڪا جو اهو سفر دوستن جي محبتن ۽ پيار جي ڪري بيحد تاريخي ٿي ويو ۽ ائين آئون ۽ ان سموري سفر ۾ منهنجو شريڪ سفر دوست نصير ميمڻ ڪجهه هفتا آمريڪا ۾ گهاري وطن واپس ورياسين.
سفر ۾ ائين به ٿيندو آهي ته اوهين جن دوستن جي آسري تي پنڌ ڪري رهيا هوندا آهيو ۽ منزل تي پهچڻ کان پوءِ انهن جو ڏس پتو به ڪونه هوندو آهي ۽ وري ڪي نوان ماڻهو اوهان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ قرب ۽ محبت جو مظاهرو ڪندي اوهان جي ائين سارسنڀال لهندا آهن جو اوهان حيران ۽ پريشان ٿي ويندا آهيو. مون سان به هن سفر ۾ ائين ئي ٿيو حيدرآباد ۾ سڄو ڏينهن واهه واهه ڪندڙ ڪي دوست، هر سفر گڏ ڪرڻ ۽ گڏ دنيا گهمڻ جون ڦوڪون هڻندڙ سنگت اتي موجود هجڻ جي باوجود به هڪ ڪلاڪ لاءِ به ويجهو نه آئي. جڏهن ته اتي رهندڙ اهڙن انسانن، جن سان رڳو اي ميلن ذريعي هلڪي ڦلڪي سلام دعا هئي ۽ انهن سان ڪڏهن ميل ملاقات به نه هئي انهن مهمان طور خيال رکڻ، محبتون ڏيڻ ۽ سارسنڀال لهڻ جا ريڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا.
اسان جي ”وَکري“ دوست حسن مجتبيٰ سان ته منهنجو رشتو ئي ٻيو آهي. اسين هڪ ٻئي جا گهرڀاتي آهيون تنهن ڪري ان جي مهمان نوازيءَ تي ڇا لکان! نه آئون ان جي گهر ۾ مهمان هئس نه ئي ان جي فيملي منهنجي لاءِ ميزبان هئي. باقي اها زيادتي ٿيندي جو آئون سرفراز ميمڻ ۽ سندس حيدرآباد جي رهواسي دوست ڊاڪٽر جبار صديقي، علي نواز ميمڻ، تاج نظاماڻي، خالد هاشماڻي، آفتاب قاضي، اقبال ترين، حميرا رحمان ۽ عزيز ناريجي پاران ڏنل محبتن ۽ عزت جو جو ذڪر ريڪارڊ تي نه آڻيان.
هن سفر دوران حيدرآباد مان آمريڪا ۽ ڪيناڊا لڏي ويل گهراڻن سان پڻ ملاقاتون ٿيون.آمريڪا ۾ رهندڙ سرگرم سنڌين سان ٿيندر گرما گرم بحثن جو احوال به موجود آهي. اهي سڀ احوال محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان اڳ جا آهن. جيئن چيو ٿو وڃي ته 11/9 واري سانحي کان پوءِ آمريڪي ماڻهن جو زندگي مٽجي وئي بلڪل ائين ئي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين سان گڏوگڏ آمريڪا توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ رهندڙ سنڌين جي به زندگيءَ تي انهيءَ سانحي جو گهرو اثر پيو آهي.
بيشڪ بي نظير جي شهادت سنڌين لاءِ 9/11 آهي
هن ڪتاب ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس سياست جي حوالي سان جيڪو حال احوال موجود آهي سو هاڻي محترمه جي شهادت کان پوءِ يقيناً ڪن ٻين ۽ مختلف رخن ڏانهن مٽجي ويو آهي. خود آمريڪا ۾ به رهندڙ سنڌين جي تصورن، قدرن ۽ سياسي خيالن ۾ وڏي تبديلي آئي هوندي. محترمه جي شهادت کان اڳ پاڪستان، جمهوريت، سنڌ، وفاقي سياست، ايم ڪيو ايم، فوج ۽ ايجنسين جي سنڌ جي سياست ۾ مداخلت بابت جيڪي تصور ((Perceptions ۽ سياسي خيال ۽ نظريا(Political Thoughts)، آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ذهنن ۾ هيا سي يقيناً هاڻي مٽجي چڪا هوندا. ويجهڙائيءَ ۾ ان فڪري تبديليءَ بابت مختلف وسيلن ذريعي انهن سان ڪافي بحث مباحثا ٿيا آهن پر روبرو ملاقاتن ۽ بحث مباحثن جو چُسڪو ۽ مزو ئي ٻيو آهيو، تنهن ڪري ايندڙ دوري ۾ انهن سان وري حال احوال ٿيندا.
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهه ڄاڻا ڪيڏانهن ويا!
ولين جئين وريام، ڳالهيون ڳُڻَ پرينءَ جا!
(لطيف)
هن ڪتاب لکڻ لاءِ منهنجو پهريون اتساهه سنڌ جو اهو نوجوان ۽ ايندڙ نسل آهي جيڪو پڙهائي توڙي پنهنجي پيشه ورانه ڪيريئر لاءِآمريڪا کي اڄ به پنهنجو بهتر مستقبل سمجهي ٿو. جيڪي اتي تعليم حاصل ڪرڻ يا مستقل رهائش پذير ٿيڻ گهرن ٿا. ٻيو اُتساهه سنڌ سان عشق ڪندڙ، سنڌ ۾ توڙين سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين کي هڪ ٻئي بابت نون لاڙن، قدرن، رجحانن ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ سياسي، معاشي ۽ سماجي نظرين ۽ تصورن کان آگاهي ڏيڻ آهي.
آمريڪا کي هر شخص گار ڏئي ٿو، گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو ۽ هر شخص انهيءَ آمريڪا ۾ رهائش پذير، پڙهڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ به چاهي ٿو . اهڙي پيار ۽ نفرت واري احساس واري هن عجيب وغريب ڌرتيءَ ۽ سماج ۽ اُتان جي ماڻهن جي انڊراسٽيڊنگ سنڌين لاءِ تمام ضروري آهي.
آئون ذاتي طور تي ان راءِ جو آهيان ته اڄوڪي خطرناڪ ۽ پيچيده عالمي سياسي منظر نامي ۾ سنڌ کي هر ان سوسائٽي ۽ سياسي نظام کي سمجهڻو ۽ غور سان پڙهڻو پوندو جيڪو نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان بلڪه پوري ڏکڻ ايشيا تي اثر انداز ٿئي ٿو. سنڌين کي امريڪي سماج کي به سمجهڻو پوندو جيڪو پنهنجين خامين ۽ خوبين سان دنيا جي سمورن سماجن مٿان اثر اندار ٿيندو رهي ٿو.
آمريڪا جيڪو هڪ پاسي افغانستان ۽ عراق سوڌو دنيا جي کوڙ سارن ملڪن ۽ خطن ۾ جمهوريت ۽ عوامي راڄ جي نفاذ جو سڀ کان وڏو مخالف آهي. سو آمريڪا پنهنجي ملڪ اندر پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ انهن عالمي قدرن کي نافذ ڪيو ويٺو آهي ۽ انهن جو احترام ڪري ٿو. اسان کي اهي بنيادي تضاد سمجهڻا پوندا ۽ آمريڪي سوسائٽيءَ جي مڙني خوبين مان ائين فائدو وٺڻو پوندو جيئن ٻيون قومون وٺي رهيون آهن.
اسان جون جيڪي گڏجاڻيون اسٽيٽ ڊيپارٽمينٽ جي اعليٰ عملدارن ۽ آمريڪي ٿئنڪ ٽينڪس سان ٿيون اتي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته هنن وٽ ڪنهن به سطح تي سنڌين جي هڪ سيڪيولر ۽ جمهوريت پسند قوم ۽ سنڌ جي صدين کان هڪ خود مختيار وطن هجڻ وارو تصور واضح ناهي. تڏهن خيال آيو ته ڇو نه ڪتاب ۾ انهن ملاقاتن ۽ گڏجاڻين جا تفصيل بيان ڪجن، جيڪي سانا ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي دوستن، اعليٰ آمريڪي عملدارن، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺل ڏکڻ ايشيا کي ڏسندڙ ڊپلوميٽس، اعليٰ پاليسي ۽ تحقيقاتي ادارن جي سربراهن ۽ بين الاقوامي مالياتي ادارن جي نمائندن سان رکرايون هيون.
هيءُ ڪتاب نج پج ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ خيالن تي ٻڌل هڪ اهڙو اڪائونٽ آهي جيڪو سنڌي پڙهندڙن ۽ سنڌ سان محبتن ڪندڙن جي لاءِ لکيو اٿم. منهنجي راءِ ۽ ايپروچ سان سهمت ٿيڻ ضروري ناهي پر هي ڪتاب آمريڪا، آمريڪي سوسائٽي ۽ سنڌي سماج جي هڪ جهڙائين ۽ تضادن بابت ڪافي ڳالهيون سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
مقصد کان وانجهيل ڪنهن به هڪ اکر جي حيثيت اجائي بار يا غير ضروري وزن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي- مقصديت ئي خيال ۽ تصور جي حيثيت، هئيت ۽ مستقبل جو تعين ڪندي آهي. مون وٽ به هيءُ ڪتاب لکڻ وقت ذهن ۾ هڪ مقصد آهي. اهو مقصد اهو آهي ته سنڌي سماج آمريڪا جهڙي عالمي سماج، عالمي قوت ۽ عالمي سياست جي قبلي کي ضرور سمجهي.آمريڪي تاريخ، سياست ۽ سماج پڙهڻ کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي ته کوڙ سارابين الاقوامي سطح جا سياسي معاملا ۽ پيچيدگيون سمجهه ۾ اچي سگهن.
مون جتي جتي جو سير ڪيو – جيڪي جيڪي منظر ڏٺا- هر هنڌ ۽ مقام، هر جڳهه، هر آفيس، هر شخص، هر گهٽي هڪ مڪمل ڪهاڻي هئي جيڪا سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌي سماج تي اثر انداز ٿيندڙ آهي. اهو سمورو احوال ڪوشش ڪئي اٿم ته هن ڪتاب ۾ اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي لاءِ اهي سڀ معاملا نه رڳو منهنجي پنهنجي سِکيا ۽ انڊر اسٽينڊنگ لاءِ ضروري هئا. پر منهنجي خواهش ته اهي سڀ احوال اسين سڀ غور فڪر سان سمجهون.
ڪتاب جو پڙهندڙ ئي دراصل ڪتاب جو بهترين نقاد ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري پڙهندڙن جي راءِ، تنقيد، تبصرو ۽ ڪامينٽري منهنجي لاءِ وڏو سرمايو هوندو. سموري سفر ۾ هڪ ٻئي همسفر جو گڏ هجڻ ، هر ڳالهه ۽ خيال جو ٿڏي تي پوسٽ مارٽم ڪري، ان تي بحث ڪرڻ ۽ پوءِ شين جو تقابلي جائزو وٺي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ واري مشق مون کي ڪافي معاملا سمجهڻ ۾ مدد ڏني.
نصير ميمڻ ۽ آئون فلوريڊا جي هوائي اڏي تي لهڻ کان وٺي واشنگٽن ڊي سي جي هوائي اڏي تان وطن رواني ٿيڻ تائين گڏوگڏ هئاسين، تنهنڪري ڪيترين ئي ڳالهين ۽ شين کي مون ٻن بدران چئن اکين سان ڏٺو ۽ هڪ ذهن بدران ٻن ذهن سان پرکيو.
هيءُ ڪتاب حسن مجتبيٰ جي جلاوطنيءَ جي درد کي سندس نظمن ۾ محسوس ڪندي ۽ سرفراز ميمڻ، علي نواز ميمڻ ۽تاج نظاماڻيءَ جهڙن دوستن جي محبتن ۽ اُتساهڻ سبب لکجي سگهيو آهي. هيءَ ڪاوش ڀائو مولابخش چانڊيي ۽ محمود لغاري جي هر هر زور ڀرڻ ۽ پنهنجي ليکي مسودو فائينل ڪرڻ جي ڊيڊ لائنز مقرر ڪرڻ وارن محبتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهي آهي.
حسب دستور پنهنجي گهرواري منيزه جي سپورٽ ۽ محبت کان سواءِ لکڻ ممڪن ئي نه ٿي سگهي ها.پنهنجي ٻچن نساء ، سيف ۽ سعد سان مستيون ڪندي، وڙهندي، سندن چاڪليٽ ۽ رانديڪا هيٺ مٿي ڪندي پورو ڪيل هيءُ ڪتاب، انهن جي شرارتن مان ملندڙ روحاني سگهه ۽ اُتساهه کان سواءِ ڪڏهن به نه لکي سگهان ها.
آئون هن ڪتاب جي مڪمل ٿيل جي پراسيس ۾ پنهنجي دوستن ابرار قاضي ۽ اعجاز قريشي جي مدد جو ٿورائتو آهيان. بختيار ڀٽو جي ڪمپوزنگ، فضل الرحمان جي خوبصورت ٽائيٽل ڊزائيننگ، نديم سولنگي جي موهيندڙ ٽيڪنيڪل لي آئوٽ ۽ سنڌيڪا جي نور احمد ميمڻ جي محبتن ۽ محنتن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
آئون سمجهان ٿو ته پروف جون غلطيون ۽ چڪون شايد ايتريون اهم نه آهن جيتري ڪنهن خيال کي پيش ڪرڻ يا ان تي تبصري دوران اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٿيل ڪنهن اهڙي تاريخي ريفرنس جي چُڪَ جيڪا سموري خيال يا ڳالهه جو مقصد ئي مٽائي ڇڏي. تنهن هوندي به آئون ليکڪ جي حيثيت ۾ هن ڪتاب ۾ موجود هر هڪ چُڪ ۽ غلطيءَ جو پاڻ کي ذميوار ڪيان ٿو ۽ پڙهندڙن کان اڳواٽ معافي گهران ٿو ته اهڙي ڪابه غلطي ڄاڻي واڻي نه ڪئي وئي هوندي.
ڪهڙي منجهه حساب ، هئڻ منهنجوهوت ري
(لطيف)

ذوالفقار هاليپوٽو
منيزه جو گهر
15/A لطيف آباد نمبر 3 حيدرآباد
پهرين جون 2008