آمريڪا جون صدارتي چونڊون ۽ پاڪستان
ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ آهي. سانا جي ايجنڊا ۾ هن ڪتاب جي مهورت جوپروگرام لکجي چڪو آهي، ڪتاب جي مهورت لاءِ ٻيهر سانا ڪنويشن ۾ جارج ڊبليو بش جي آبائي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس وڃڻ جي تيارين ۾ آهيان ۽ انهيءَ دوران آمريڪي سياست جي سڀ کان وڏي سرگرمي يعني صدارتي چونڊن جي گرمي پنهنجي عروج تي پهتل آهي. هڪ ڏکي ۽ پاپولر مقابلي کان پوءِ آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڪاري اميدوار ڊيموڪريٽس پارٽي جي نامزدگي حاصل ڪري ورتي آهي. آفريڪي نزاد بارڪ اوباما، آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن جي زال ۽ نيويارڪ جي گورنر سينيٽر هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏئي اها نامزدگي حاصل ڪري ورتي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته هيلري نائب صدر جي لاءِ اميدوار طور نامزد ٿيندي. آمريڪي صدارتي چونڊ به بلين ڊالرز تي راند آهي. جنهن ۾ ڪيترن ئي ڌرين جا مفاد لاڳاپل هجن ٿا. هوڏانهن آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار جي نامزدگي لاءِ ٿيل مئي 2008ع واري راءِ شماري ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي هيلري ڪلنٽن ۽ ريپبليڪن اميدوار جان مڪين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هئي. آمريڪي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق هيمپشائر ۾ ٿيل پارٽي راءِ شماري ۾ ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار هيلري ڪلنٽن پاران 39 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۽ سندس مخالف اميدوار اوباما کي 36 سيڪڙو ووٽ ملڻ کان پوءِ هيلري ڪلنٽن جي نامزدگيءَ جا چانسز وڌي ويا هئا ۽ ان راءِ شماري کانپوءِ هيلري ڪلنٽن چيو هو ته آمريڪا کي هن وقت وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هو صدر بڻجي وئي ته عراق جنگ کي صحيح رخ ۾ ختم ڪندي. هن جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته اهڙو صدر چونڊجي جيڪو عوام لاءِ بيهي سگهي. سياست راند نه آهي پر جي عوام جي مهم آهي. ٻئي طرف صدارتي اميدوار جي نامزدگي جي مضبوط اميدوار ۽ سينيٽر بارڪ اوباما پنهنجي شڪست کي قبول ڪندي هيلري ڪلنٽن کي مبارڪون ڏنيون هيون. بارڪ اوباما جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هو صدر چونڊجي ويو ته عراق جنگ ختم ڪندو. ۽ اتان فوج واپس گهرائيندو. هن چيو ته نائن اليون جي واقعن کي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.
هوڏانهن پرائمري راءِ شماري ۾ ريپبلڪن اميدوار جان مڪين کي 37 جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ميساچوسٽ جي اڳوڻي گورنر ميٽ رومني کي 29 سيڪڙو ووٽ مليا. آمريڪا ۾ صدارتي اميدوارن جي نامزدگي جي ڊوڙ ۾ شامل سينيٽر بارڪ اوباما کي ان ڪري به مضبوط اميدوار سمجهيو پئي ويو. ڇاڪاڻ ته هو چونڊ مهم دوران چوندو رهيو هو ته صدر بڻجڻ جي صورت ۾ هو عراق مان آمريڪي فوج واپس گهرائيندو.
پرمئي جي آخر ۾ پرائمري چونڊن دوران بارڪ اوباما 2154 ووٽ کڻي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو حتمي اميدوار نامزد ٿي ويو. سندس آخري تقرير تي پوري دنيا ۾ ڇتي تنقيد ٿي هئي جو هن آخري تقرير ۾ دهشت گرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ، وچ اوڀر جي امن، ايران،عراق، افغانستان ۽ اسرائيل بابت اهوئي موقف اختيار ڪيو جنهن تي دنيا جي پر امن ماڻهن کي شديد اعتراضات آهن ۽ جنهن تي دنيا جو چوڻ آهي ته جيستائين آمريڪا پنهنجي انتهاپسندي واري پاليسين کي ختم نه ڪندو تيستائين دنيا ۾ امن قائم نه ٿي سگهندو.
ان کان اڳ جڏهن بارڪ اوباما کي ڪن رياستن ۾ شڪست ٿي رهي هئي، ته هن جو موقف متوازن هو خاص طور تي صدارتي اميدوار جي نامزدگي لاءِ آخري ٻن رياستن مونٽانا ۽ ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ پرائمري ووٽنگ دوران هليري ڪلنٽن جي شڪست ۽ بارڪ اوباما جي فتح کان پوءِ هن جي موقف ۾ تبديلي ايندي وئي، مونٽانا ۽ ڏکڻ ڊڪوٽا ۾ چونڊيل وفدن جا 31 ووٽ آهن، جنهن مان اڌ بارڪ اوباما کي مليا، جڏهن ته بارڪ اوبامه کي اڳ ۾ ئي 2 هزار 76 وفدن ۽ هليري کي هڪ هزار 9 سئو 17 وفدن جي حمايت حاصل هئي جڏهن ته ڊيمو ڪريٽ پاران صدارتي اميداور جي نامزدگي لاءِ 2 هزار هڪ سئو 18 وفدن جي حمايت گهربل هوندي آهي، ان کانسواءِ سپر وفدن مان هليري کي 292 ۽ اوباما کي 338 سپر وفدن جي حمايت هئي،آمريڪي سياست ۽ خاص طور تي صدارتي چونڊن تي اک رکندڙ مبصرن جو چوڻ هو ته سپر وفدن جي اڪثريت بارڪ اوباما جي حمايت ڪندي ۽ اوهان ڏٺو ته آخر ۾ ائين ئي ٿيو ۽ هڪ عورت جي مقابلي ۾ بهرحال هڪ مرد کي ترجيح ڏني وئي.
اهڙي صورتحال بعد خابرو ادارن ان ڳالهه جو امڪان ڏيکاريو هو ته هليري پنهنجي شڪست تسليم ڪري وٺندي، ٻئي طرف هليري ڪلنٽن جي چونڊ مهم جي انچارج ٽيري مڪ ايلفي هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته منهنجي خيال ۾ هليري اوباما کي نامزدگي جون مبارڪون ڏئي ڇڏيندي، بعد ۾ ٽيري مڪ ايلفي پنهنجي بيان جي ترديد ڪندي چيو هو ته هليري ڪلنٽن شڪست تسليم ناهي ڪئي ۽ هوءَ اڃا تائين صدارتي اميدوار جي نامزگي واري ڊوڙ ۾ شامل آهي. اوهان ڏٺو هو ان بيان ۾ ئي هيلريءَ جي شڪست موجود هئي.
آمريڪا سياست ۾ صدارتي چونڊن جو پاڪستاني سياست تي وڏو اثر رهندو آيو آهي جتوڻيڪ پاڪستان ڏانهن آمريڪا جي پاليسين ۾ ڪو واضح فرق نه ايندو رهيو آهي پر جڏهن به ڊيموڪريٽس چونڊ کٽيا آهن ته پاڪستان تي دٻاؤ وڌيو آهي. هوڏانهن ريپبليڪن به پاڪستان اندر جهوريت بدران آمريتي حڪومتن کي وڏي وٿي ڏيندا آيا آهن. آمريڪا ۾ حڪومت ڪهڙي به ڌر هجي ان جو پاڪستاني سياست تي سڌو سنؤن اثر رهيو آهي. اوهان ڏٺو ته ڪيئن 2008 جي چونڊن کانپوءِ پاڪستان اندر حڪومت سازي ۾ پڻ آمريڪي سفارتخاني ذريعي آمريڪي حڪومت جي مداخلت جاري رهندي آئي ۽ هوڏانهن انهن ڏينهن ۾ ئي آمريڪا جي سڌ سماءُ جي ذريعن پڻ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۾ دلچسپي ظاهر ڪندي سياسي اڳواڻن مٿان هر هر زور ته اهي هٽايل ججن جي بحالي، عدالتي سڌارن ۽ صدر پرويز مشرف جي مستقبل جي حوالي سان مسئلن تي قومي مفاد وٽان پاڻ ۾ ٺاهه ڪن، مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي هڪ خصوص ادارتي رپورٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ هٽايل ججن جي فوري بحالي تمام ضروري آهي پر ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته حڪومت ۾ شامل پارٽين جو پاڻ ۾ اتحاد به برقرار رهي.
مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ وچ ۾ اختلافن جو حوالو ڏيندي اخبار لکيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي وزيرن جي استعيفائن کانپوءِ به حالتون پر اميد ۽ همت ڏياريندڙ آهن. ڇو ته نواز شريف استعيفائون ڏيارڻ کانپوءِ به حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو، اخبار وڌيڪ لکيو هو ته جيڪڏهن صدر مشرف کي عهدي تان هٽايو ٿو وڃي ته ان جو سڄو اعزاز مسلم ليگ (ن) کي ويندو، اخبار اهو لکيو هو ته پاڪستان جي ماڻهن کي پڪ آهي ته آمريڪا صدر مشرف کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان اخبار پنهنجي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته اها مشرف جي نه بلڪ جمهوري حڪومت جي حامي رهي، اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اتحادي حڪومت جي ختم ٿيڻ سان رڳو هڪ فرد کي فائدو ٿيندو.
ان علاوه ٻيا اهم آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ۽ اخبارون پاڪستاني سياست ۽ ان جي فيصلن ۽ پاليسين تي ڪنهن مهل حمايت ته ڪنهن وقت مخالفت ۾ لکنديون رهنديون آهين. تازو ڪارگل، ڊاڪٽر قدير خان، نيوڪيلئر پروگرام ۽ هندوستان سان لاڳاپن جي حوالي سان آمريڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ وڏيون خبرون سرگرم آهن. تازو هڪ ڪتاب تي آمريڪي پريس ۾ وڏا چرچا آهن. ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان ڪارگل ويڙهه دوران ڀارت خلاف ائٽمي ميزائيل استعمال ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو، اها دعويٰ 8 سال اڳ واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه جي حوالي سان هڪ نئين ڪتاب ۾ ڪئي وئي آهي، ڀارتي جي هڪ خابرو اداري موجب 586 صفحن تي مشتمل ” پاڪستان، آمريڪا ۽ عالمي ائٽمي هٿيارن جي سازش نالي ڪتاب جي ليکڪن ۽ تحقيقاتي صحافين ايڊرين ليوي ۽ ڪيٿرائن اسڪاٽ ڪلارڪ اها دعويٰ ڪئي آهي ته جولاءِ 1999ع ۾ جڏهن صدر ڪلنٽن بليئر هائوس ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، تڏهن ڪلنٽن نواز شريف کان پڇيو ته هو ڇا اوهان تي ڄاڻ آهي ته ائٽمي جنگ جو ڪهڙي حد تائين خطرو آهي، ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستاني فوج ائٽمي ميزائيلن جي استعمال جي تياري ڪري رهي هئي، جواب ۾ نواز شريف چيو ته هو پنهنجي فوج جي اهڙي قدم کان اڻڄاڻ هو، صدر ڪلنٽن نواز شريف کي خبردار ڪندي چيو ته هن وٽ هڪ اهڙو بيان جاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم پنهنجي فوج واپس گهرائڻ کان انڪار ڪيو ته ڪارگل جو سڄو الزام پاڪستان تي هنيو ويندو، آمريڪي صدر نواز شريف کي ياد ڏياريو ته اسامه بن لادن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آڻڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي واعدي باوجود آءِ ايس آءِ مبينا طور دهشتگردي جي واڌاري لاءِ اسامه بن لادن ۽ طالبان سان ڪم جاري رکي رهي آهي ۽ اهو سڀ آمريڪي ڄاڻين ٿا.
هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان اندر اڃا نئين جمهوري حڪومت جا پير به صحيح نموني ناهن لڳا ۽ آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جو ميڙو عروج تي آهي ته اهڙي ڪتاب جي اچڻ ڪري آمريڪا جي پاڪستان ڏانهن پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان آمريڪي اخبارن ۾ وڏا ليک لکجي رهيا آهن.
هوڏانهن نوازشريف به جنرل مشرف مٿان ڪارگل جي حوالي سان سياسي دٻاءُ وڌائيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻي پاسي اوڳوڻي جنرل ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي هيڊ جنرل ڪياني جي جيو ٽي وي جي مشهور پروگرام ”ميري مطابق“ ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود کي ڏنل انٽرويو ۾ مشرف جي انتهائي غير ذميوار حڪمران هجڻ بابت ڪيل ڳالهين کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف به مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي نقصان پهچائيندڙ اصل ڪردار پرويز مشرف آهي ۽ جنرل (ر) گلزار جمشيد ڪياني جي انٽرويو بعد ڪارگل جي مس ايڊوينچر جي حقيقت قوم آڏو اچي وئي آهي، ان ڪري هاڻ ڪارگل واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ مشرف تي غداري جو ڪيس هلايو وڃي، هن راءِ ونڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي اهو مطالبوڪيو، نواز شريف چيو ته سندس بيگناهي جي فوج جا جنرل به شاهدي ڏئي رهيا آهن، مشرف ڪتاب ۾ ڪوڙ ڳالهايو آهي، هن فوج جي عزت بچائڻ لاءِ سڄو وزن پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ فوج جي عزت تي داغ لڳڻ نه ڏنو، هن چيو ته منهنجو ته سدائين موقف رهيو آهي ته ڪارگل واقعي جي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي، مون کي ڏک آهي ته جنهن فوج جي عزت بچائڻ لاءِ مون ايترو ڪجهه ڪيو انهن ئي گهر جي ڀت ٽپي منهنجي گهر وارن ۽ مائٽن سان خراب سلوڪ ڪيو، منهنجي پوڙهي پيءُ ۽ ماءُ کي تنگ ڪيو ويو، نواز شريف چيو ته اسان جي خصوصي ڪاميٽي آئيني پئڪيج جو جائزو وٺي رهي آهي، هن چيو ته پرويز مشرف آئين سان غداري ڪئي آهي. تنهنڪري 12 آڪٽوبر ۽ 3 نومبر جي قدمن تي مشرف جو مواخذو ٿيڻ گهرجي ۽ مٿس غداري جو ڪيس هلايو وڃي، هن چيو ته اڳوڻي ڪور ڪمانڊر جي بيان بعد اهو ثابت ٿي ويو آهي ته ڪارگل معاملي تي بطور وزير اعظم مون کي بي خبر رکيو ويو، پرويز مشرف مون کي ڪجهه ۽ فوج کي ٻيو ڪجهه ٻڌائي رهيو هو، مشرف جو اهو چوڻ به ڪوڙ تي مبني آهي ته مون هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو هو هن ڪتاب جي چپجڻ تائين ان اهم حساس قومي اشو تي پاڪستان توڙي آمريڪي پريس ۾ زبردست بحث هلندڙ آهي.
ٻي پاسي آمريڪي سرڪار توڙي پريس جو اسامه جي حوالي سان سڄو زور پاڪستان مٿان آهي. ٻئي ڌريون اهو چونديون آيون آهن ته اُساما پنهنجي ساٿين سوڌو پاڪستان جي سرحدن وٽ لڪل آهي.
انهن ئي ڏينهن ۾ اهي خبرون اچڻ لڳيون ته القاعده جو سربراهه اسامه بن لادن پاڪستان جي اتر ۾ واقع ڪي ٽو جبل ۾ لڪل آهي، هڪ عرب ٽي وي جي ويب سائيٽ موجب اسامه بن لادن کي ڳولڻ لاءِ آمريڪي سي آءِ اي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ وڏي آپريشن جو ارادو رکي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ قطر جي گادي واري هنڌ دوها ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي آمريڪي فوجي ڪمانڊر جنرل ڊيوڊ پٽرس ۽ اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن ۽ ٻين جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسامه بن لادن جي ڳولا لاءِ آپريشن جي منصوبي تي غور ڪيو ويو، رپورٽ موجب آمريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي اسامه بن لادن جي هماليه جي مٿين سطح تي موجودگي جي نشاندهي ڪئي آهي. ان صورتحال کان پوءِ پاڪستاني سرحدن اندر نيٽو يا اتحادي فوجن جي ڪارواين جي شروع ٿيڻ بابت به بحث هلندڙ آهي.
آمريڪا ۾ رهندڙ مختلف ڌريون انهن اهم ترين اشوز تي مختلف موقف رکندڙ آهن. انهن جي موقف ۽ ان جي آمريڪي توڙي پاڪستاني سياست تي پوندڙ اثر هڪ الڳ بحث آهي جنهن کي في الحال سفر نامي سان نٿا اٽڪايون، باقي ايترو ضرور چئبو ته آمريڪا ۾ رهندڙ روشن خيال ماڻهن، سنڌين، بلوچن، پختونن ۽ سرائڪين جو موقف سدائين تنگ نظر سرڪاري موقف جي خلاف رهيو آهي ۽ اهي روشن خيال ڌريون چونديون آيون آهن ته پاڪستان جهڙي زبردست رياست کي چند ڌرين جي مفادن ڪنهن عوامي فلاحي ۽ پر امن رياست بڻائڻ بدران Rent a State (ڪرائي جو ملڪ) بڻائي ڇڏيو آهي.