سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

حسن مجتبيٰ جي ڇڪ ۽ نيويارڪ آمد

فلوريڊا کان نيويارڪ جو سفر، سو به روڊ تي ۽ بس ذريعي ڪو آسان سفر نه هو. پر حسن مجتبى جي ڇڪ ويهڻ ئي ڪونه ڏنو. زندگيءَ جو هڪ ڊگهو، ڏکيو ۽ پريشانين جو سفر گڏجي گذاريو هيوسين. نائين ڪلاس ۾ هيس ته پيءَ گذاري ويو. مجو دوستيءَ ۾ وڏو عرصو منهنجو ائين خيال رکيو جيئن مٽ مائٽ رکندا آهن. تنهن ڪري اهو ته ناممڪنات ۾ شامل هو ته حسن سان ملڻ کان سواءِ آمريڪا ڇڏجي - جتي ماڻهو ايترو تڪڙو ۽ سولائيءَ سان اچي به نٿو سگهي.
ڇهين جولاءِ تي گري هاؤنڊز بس سروسز جي هڪ وڏي لاري نيويارڪ جا روڊ رستا لتاڙي اچي مشهور 42 اسٽريٽ اسٽاپ تي لاٿو. بس جي سامهون مجتبى، ڀاڀي سيما ۽ سندن گُلن جهڙو بسام بيـٺل نظر آيو. بسام خيرن سان ڪافي وڏو ٿي ويو هو. هو حيرت ۽ خوشگوار مُرڪ سان هڪ اهڙي ديس مان آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪري رهيو هو جنهن ملڪ بابت سندس والد وٽ انتهائي خوفناڪ تجربا آهن. سندس والد ڇاڪاڻ ته هڪ بي باڪ ۽ بهادر ڪالم نگار ۽ ليکڪ آهي تنهن ڪري بسام کي هن ڪڏهن به پنهنجي ملڪ بابت غلط ڄاڻ ناهي ڏني. هو پاڪستان کي افغانستان کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند رياست سمجهي ٿو. ها البته پنهنجي آباڻي ڪکن سنڌ بابت هن جي ڳالهين ۽ لکڻين ۾ اڄ به اهڙوئي قرب آهي جهڙا پهرين پيار ۾ هجي ٿو.
آرلينڊو ۾ گهڻو ڪري اهو ٻڌايو ويو ته آمريڪا ۾ پرديسين کي محتاط رهي هلڻ گهرجي، آمريڪا ۾ ڪارن کان پاسو ڪجي، رات جو دير سان هيڏانهن هوڏانهن چڪر نه هڻجي، گهڻا پئسا (جيڪي اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به نه ٿي سگهيا آهن) هڪ وقت هٿ ۾ نه رکجن ۽ ڪيش بدران ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪجي وغيره وغيره.
هت ته هر تصور ئي اونڌو هو. حسن انهن احتياطي تدابير جي ابتڙ هڪ نئون آمريڪا ڏيکاريو. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا جهڙي زبردست رياست ۽ هتان جي ماڻهن جهڙو بهترين عوام دنيا ۾ ڪٿي به ڪونهي. سو صلاح ڏنائين ته مزي سان ئي آزادي سان گهمو ڦرو. هو هر وقت پاڪستان جي سياست، سياستدانن ۽ اسٽيبلشمنٽ خلاف ڳالهائيندو رهندو آهي. وڏيرن کي گاريون ڏيندي پيپلز پارٽي تي ڇتي تنقيد ڪندو آهي.
منهنجي نيويارڪ اچڻ جي پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت کي به خبر هئي ڇاڪاڻ ته مون عادت ٺاهي ڇڏي هئي ته آءٌ جڏهن به ملڪ کان ٻاهر ويندو هيس ته محترمه بي نظير ڀٽو شهيد کي اي ميل ڪري اُتان جي پارٽي يا برانچ جي عهديدارن سان ملاقات لاءِ درخواست ڪندو هيس. ۽ پوءِ محترمه جي اسٽاف جي چوڻ تي ڪيترن ئي هنڌن تي گڏجاڻيون رکيون وينديون هيون. ان ڪم جو مون وٽ هڪ مقصد اهو هوندو هو ته ڪيترن ئي اختلافن جي باوجود به هيل تائين سنڌي عوام جي نمائنده پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. تنهن ڪري ان اهم ترين سياسي جماعت جي اوورسيز جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي ضرور سنڌ جي اشوز بابت ڄاڻ ڏجي ۽ دستاويزي معلومات فراهم ڪجي. آءٌ لنڊن ويندي به هر دفعي ڪنهن مهل پاڻي ۽ ڊئمن بابت ته ڪنهن مهل اين ايف سي، ڪنهن مهل ايم ڪيو ايم ته ڪنهن مهل پيپلز پارٽي جي پنهنجي هڪ تنظيم طور بهتر بڻجڻ جي اشوز تي گڏجاڻيون رکائيندو هيس ته جيئن سنڌ جو ڪيس هر هڪ سطح تي پهچي ۽ ٻاهر ويٺل ماڻهن کي به اسان جي صحيح نقطه نظر جي خبر پوي.
سو جڏهن نيويارڪ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ همراهه سان رابطو ٿيو ۽ کيس ٻڌايم ته آءٌ حسن مجتبى وٽ رهيل آهيان ۽ هن جو ڇرڪ نڪري ويو. حسن مجتبى کي پيپلز پارٽي جا دوست پنهنجو وڏو مخالف سمجهندا آهن. هو نيويارڪ ۾ آصف زرداري ۽ محترمه بينظر ڀٽو پاران ڪيل گڏجاڻين يا پريس ڪانفرنسن ۾ مسئلا پيدا ڪندو آهي. مون کي نيويارڪ جي هڪ پيپلي چئو. حسن هڪ ڀيري محترم کان سوال پڇيو هو ته هوءَ هڪ لبرل ۽ پروگريسو سياسي رهنما آهي ۽ پاڪستان اندر اقليتن سان وڏا ظلم آهن خاص طور تي هم جنس پرستن سان، ۽ هوءَ جيڪر اقتدار ۾ آئي ته سندس پارٽيءَ جو موقف ڇا هوندو هم جنس پرستي واري اشوز تي.
دوست ٻڌائين ٿا ته پريس ڪانفرنس ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو هو. حسن جذباتي مزاج جو ماڻهو آهي، هن جي پيپلز پارٽيءَ سان ناراضگيءَ هر دور ۾ رهندي آئي آهي پر اها ئي پيپلز پارٽي هئي جنهن کيس پنهنجي پهرين دور حڪومت ۾ نوڪري جي آڇ ڪئي هئي. 1988 واري پهرئين دور اقتدا ۾ محترمه جڏهن فهميده رياض کي نيشنل بُڪ فائونڊيشن جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ته حسن مجتبى، شاهد ڀٽي ۽ آفتاب سومري سوڌو اسان جا ڪيترائي دوست نوڪرين ۾ لڳا هيا.
محترمه جي شهادت حسن کي به لوڏي ڇڏيو هو. هيل تائين محترمه جي شهادت تي لکيل ڪنهن به ٻوليءَ ۾ سڀ کان ڀرپور نظم حسن جو آهي.
2008 جي عام چونڊن ۾ اهو نظم پيپلز پارٽي جي هر جلسي جو لازمي جُز هو. سول سوسائٽي جي پروگرامن ۾ پيپلز پارٽي جا دوست اهو نظم پڙهندي نظر ايندا هئا. محترمه جي شهادت جي سوڳ جي چاليهه ڏينهن پوري ٿيڻ تي آصف علي زرداري جڏهن پهريون جلسو ٺٽي ۾ ڪيو ته سسئي پليجو اهو نظم پڙهي پنڊال جهومائي وڌو هو.
اسين جيترا ڏينهن به اتي رهياسين، حسن نيويارڪ جي مشهور جيڪسن هائيٽس علائقي ۾ وٺي ويندو هو ۽ زور زور سان چوندو هو ته جن ماڻهن کي پاڪستان ۾ ڇيڻا ٻهاڙڻ جو روزگار به نه ملي، اهي آمريڪا ۾ اڄ ارب پتي ٿي ويا آهن ۽ پوءِ به آمريڪا کي گاريون ٿا ڏين لعنت پوي انهن تي.
هو اسان کي نيويارڪ جي مشهور ديسي هوٽل ”روٽي بوٽي“ وٺي ويندو هو جنهن جو مالڪ ربواهه جو عبدالوحيد قادياني هو. مجتبى کي هو گرمجوشيءَ سان ويلڪم ڪندا هئا ۽ مجو رڙ ڪري چوندو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي قاديانين کي غير مسلم قرار ڏئي نه رڳو سنڌين جي هڪ سيڪولر قوم هجڻ واري سڃاڻپ کي لڄايو پر هن پنهنجي هڪ روايتي وڏيري ۽ پنجابي اسٽيبلشمنٽ جي ساٿاري هجڻ جو واضح ثبوت ڏنو. هن جي سياسي راءِ هئي ته ڀٽو مذهب جي ڄار ۾ نه ڦاسي ها ته ڦاهي نه چڙهي ها.
حسن، آمريڪا ۾ منور لغاريءَ وانگر وڏي جفاڪشيءَ کان پوءِ پنهنجو هڪ الڳ جهان آباد ڪيو آهي. حسن اسان کي روٽي بوٽي تي شاندار بار بي ڪيو کارائي روائتي پان واري دوڪان تي وٺي آيو. صفا طارق روڊ جي بني ڀائي جي ڪيبين وارو اسٽائيل. پان جي چاشني اڃا زائقو ڏئي رهي هئي ته حسن هڪ ڳالهه اهڙي ٻڌائي جنهن سڀني کي اُداس ڪري ڇڏيو هو. هن ٻڌايو ته سندس پٽ بسام ۽ گهر واري پاڪستان کان جنهن جهاز ۾ آمريڪا پهتا انهيءَ جهاز ۾ ڊينئيل پرل جو لاش پهتو هو. آمريڪا صحافي ڊينئل پرل تي پاڪستان اندر ايجنسين جي انتها پسندن ۽ دهشتگردن هٿان قتل ٿيو هو ۽ حسن سوڌو ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن ۽ ڪالم نگارن ڊينئل پرل تي ليک لکيا ها. مون حسن کان نيويارڪ ۾ رهندڙ چند ٻين دوستن جيڪي انگريزي ۽ اردو پريس ۾ ڪم ڪن ٿا، انهن بابت حال احوال ورتا. مين هٽن جو علائقو صفا ايم اي جناح روڊ لڳو پئي. گندگيءَ به تمام گهڻي هئي. نيويارڪ آمريڪا جو ڪراچي آهي تنهن ڪري سوچڻ لڳس ته شايد گدلو به انهيءَ ڪري آهي. مجتبى جي ڇڪ نيٺ اچي نيويارڪ پهچايو هو.