سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

ڊزني ورلڊ جو دورو

سياحتي مرڪز ۽ اتي موجود لوازمات ڪنهن به سياح کي هٿ مان نه وڃڻ ڏيندا آهن. هر وقت ڪوشش ڪندا آهن ته سياح سندن شين کي واپرائي. ان ڏس ۾ تعارفي ڪتاب، بروشر انهن تي ڇپيل خوبصورت تصويرون، روٽ جا نقشا، رعايتي پئڪيج وغيره بابت مارڪيٽنگ جو هر آرٽ استعمال ٿيل هوندو آهي.
آرلينڊو، ڊزني ورلڊ جي ڪري دنيا جي سياحن لاءِ وڏي ڇڪ رکي ٿو ۽ ان ڇڪ کي اڃا وڌائڻ لاءِ هت به هر هوٽل جي ڪمرن، لابيز توڙي کاؤنٽرز تي بروشر ۽ تعارفي ادب رنگا رنگ تصويرن سان موجود هجي ٿو.
چيڪ ان ٿيڻ مهل به اهڙي لٽريچر جي هڪ ڀري مٿي تي لڳي ۽ ڪمري ۾ به رائيٽنگ ٽيبل تي ڪيترائي خوبصورت پمفليٽ موجود هيا.
هاڻ ويهي فيصلا ڪري اهو همراه ته کيس ڪڏانهن وڃڻوآهي، ڇا گهمڻو آهي جيڪو سياح طور آرلينڊو جي ميدان تي لٿو آهي.
هڪڙا پمفليٽ مختلف پراڊڪٽس ۽ سياحت جي مخصوص جڳهن بابت هيا ته ڪجهه ڪتاب پوري آرلينڊو جي نقشي، گهمڻ ڦرڻ جي جڳهن کان وٺي هوٽلن، بازار، ٽيڪسي، بس توڙي ٻين سهولتن جي تفصيل سان ڀريل هيا.
شروع شروع ۾ اسان جهڙو نئون آيل نيم سياح ته سمورا پنا کنيو وٺي پر پوءِ پريشان ٿيندو آهي ته ڪڏانهن وڃي ۽ ڪڏانهن نه.
آئون ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان ٽي ڏينهن اڳ آرلينڊو پهتو هيس ته جيئن ڪانفرنس کان اڳ گهمڻ ڦرڻ ڪجي ۽ پوءِ ڪانفرنس ختم ٿيندي ئي روانو ٿي وڃجي ۽ ميڙو متل ڇڏي نيويارڪ هليو وڃجي.
ٻه ٽي شيون ڏسڻ جو گهڻو اشتياق هو. هڪ ته مشهور يونيورسل اسٽوڊيو، سي ورلڊ ايڊونچر پارڪ ۽ ناسا جو ڪينڊي اسپيس سينٽر جيڪو آرلينڊو ڊاؤن ٽاؤن کان اوڀر ۾ 45 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. ٻيو آرلينڊو جي وائيلڊ لائيف جو گهڻو ٻڌل هو. ٽيون ايپڪوٽ سينٽر ۾ جديد زراعت جي سکيا جو مرڪز ۽ ٽائٽئنڪ جهاز جهڙو جوڙيل شهر.
منهنجو خيال آهي ته جڏهن به نئين دنيا گهمڻ لاءِ گهران نڪرجي ته ضرور ان بابت ڪجهه معلومات اڳ ۾ ئي حاصل ڪري وٺجي. جيتوڻيڪ اها معلومات ان مشاهدي جو نعم البدل نٿي هجي جيڪي اوهان گهمندي ڦرندي، رولاڪيون ڪندي، ماڻهن سان ڪچهريون ڪندي حاصل ڪيو ٿا پر ڪجهه شين ۾ اها اڳواٽ مليل ڄاڻ ضرور مددگار ثابت ٿئي ٿي.
پهرين ته ڪڏانهن گهمڻ ڦرڻ وڃبو هو ته اهڙا همراهه ڳولهبا جا جيڪي اڳ ۾ ئي رلي پني آيا هجن ته جيئن انهن کان روبرو ڪجهه پڇجي پر هاڻ ته ان 5 ڪلو جي ڊٻي يعني ڪمپيوٽر ۽ ان ۾ موجود گوگل سرچ جي انجن سياحن جي زندگي آسان ڪري ڇڏي آهي.
اوهين گهر ويٺي سموري معلومات حاصل ڪري، پنهنجي مرضيءَ سان گهمڻ ڦرڻ جون جايون چونڊ ڪري، ڪريڊٽ ڪارڊ تي اڳواٽ بڪنگس ڪرائي ۽ ٻيا لوازمات به پورا ڪري بس وڃي پهچو ته هر شيءِ اوهان جي منتظر.
ٽيڪنالاجي جي جدت نه رڳو مسافتن جا فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن پر سياحتن ۽ مسافتن کي دلچسپ ۽ وڻندڙ به بنايو آهي. هاڻ ته ايتريون سهولتون ٿي پيون آهن جو بس رڳو ڪپڙن جو ٿيلو ۽ هڪ عدد ڪريڊٽ ڪارڊ گڏ کڻي پيا سموري دنيا گهمو ڦرو. آئون به آمريڪا رواني ٿيڻ کان اڳ ڪوشش ڪري اهڙي سموري ضروري معلومات جي ڄاڻ حاصل ڪري چڪو هيس. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي سڀ کان پهرين آرلينڊو شهر جي جنرل معلومات واري ڪتاب ۾ هٿ وڌم جو ان سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا آهن. منهنجي ته سمورن دوستن کي صلاح آهي ته پرديس ۾ ۽ اهو به ٻئي جي خرچ تي هوٽل ۾ داخل ٿيندي ئي پهرين ڪمريء جا هاؤس ڪيپنگ اصول پڙهي وٺجن نه ته چيڪ آئوٽ ٿيڻ مهل سمورا بل پاڻ ڀرڻا پوندا آهن. هت خبر پئي ته سڀ کاڌو پيتو ميزبانن تي آهي ۽ مني بار چيڪ ڪري پيزا جو آرڊر ڏيڻ لڳس ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ سدائين ٽهڪن سان ٽمٽار ادا حسين بخش جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته لابي ۾ هليو اچان جيئن ماني کائڻ لاءِ ٻاهر وڃي سگهون.
آئون اڳ ۾ ئي گرم پاڻيءَ سان وهنجي ڪپڙا مٽائي چڪو هيس تنهن کان پوءِ آمريڪا جي سڀ کان مقبول ڊريس چڍو ۽ ٽي شرٽ پائي لابي ۾ آيس، جتي ادا حسين بخش ۽ تاج نظاماڻي اڳ ۾ ئي بيٺل هيا. هوٽل کان ٻاهرنڪتاسين ته هڪ وڏي گاڏي ويلي پارڪنگ وارن آڻي تاج حوالي ڪئي ۽ ائين آئون آرلينڊو ۾ پهريون ڀيرو گهمڻ ڦرڻ نڪتس. لڳو هو ته واقعي جنت جهڙي شهر ۾ داخل ٿي ويا آهيون. ادي تاج نظاماڻي سان پهرين تفصيلي ڪچهري ٿي رهي هئي. ڪشادا روڊ، بهترين ٽريفڪ نظام، هر پاسي سياحن جو مخصوص بسون ۽ گاڏيون، رستي ۾ ايندڙ وڏين وڏين هوٽلن جي پارڪنگ لاٽس جي رش، پارڪ وغيره من کي موهيندڙ منظر هيا. هونءَ به نئين شيءِ جي پنهنجي ڇڪ هوندي آهي. منهنجي لاءِ اهي منظر نوان ۽ دل کي راحت ڏيندڙ هيا ئي هيا پر حيرت ان وقت ٿي جڏهن اها خبر پئي ته آمريڪا ۾ ڏهاڪن کان رهندڙ اسان جي ڪيترن ئي دوستن ۽ انهن جي فيمليز جو اهو پهريون دورو هو آرلينڊو جو، آمريڪا هڪ ملڪ بدران خطي جو نالو آهي. جيڪو ايترو ته پکڙيل ۽ وسيع آهي جو ورهين جا ورهين ماڻهو هڪ رياست کان ٻي رياست ڏانهن وڃي نه سگهندا آهن.
تاج نظاماڻيءَ جي ان ڳالهه تي مون وراڻي ڏني ته پوءِ آرلينڊو ۾ ته پاڻ سڀ غيرملڪي آهيون.
تاج، ادا حسين بخش کان لنچ بابت صلاح ڪئي ۽ طي ٿيو ته ڪنهن اٽالين ريسورنٽ ۾ ماني کائجي. هڪ مارڪيٽ (فوڊ اسٽريٽ) ۾ انڊين ۽ اٽالين هوٽلن جي قطار نظر آئي ۽ تاج نظاماڻي آمريڪا جي مشهور چين جي نالي واري هڪ اٽالين هوٽل جو بورڊ پڙهي گاڏي پارڪ ڪئي.
مانيءَ کان اڳ تاج بلغاريه جي بهترين وائين جي هڪ بوتل جو آرڊر ڏنو. مانيءَ کان پهرين سلاد ۽ ايپيٽائيٽر اچڻ ۽ وائين تڪڙي پيئڻ ڪري خمارجي ويا هياسين. هاڻ آهستي آهستي نئين جهان ۾ هجڻ وارو احساس ۽ ڪنهن ڪنهن مهل ڊپ لڳڻ واري طبعيت سيٽ ٿيندي پئي وئي. تاج ۽ حسين بخش جي موجودگيءَ ۾ لڳي رهيو هو ڄڻ گهر ۾ هجان. اهو احساس خمارن کي اڃا وڌائي رهيو هو.
هوٽل جي وڏين وڏين شيشي وارين درين کان ٻاهر جو جهڙالو موسم طبيعت کي اڃا رومينٽڪ بنائي رهيو هو.
ٻي پاسي ادا حسن بخش جون خبرون، چرچا، ڀوڳ ۽ ڪچهري ماحول کي کنيو بيٺا هيا. خماريل هوٽل پهتاسين ۽ ڪجهه گهڙيون ننڊ ڪري شام جو تاج جي ڪمري تي ويهڻ جو طي ڪري هوٽل موٽي لابيءَ ۾ موڪلايوسين.
جيئن ڪائنات رنگارنگ آهي ائين ڪائنات ۾ موجود هر ماڻهوءَ جو پنهنجو رنگ، پنهنجي پسند، پنهنجي طبيعت ۽ مزاج آهي. ان جو مظاهرو مون آرلينڊو ۾ ڏٺو جتي هر ماڻهو پنهنجي طبيعت وٽان سرگرميون ڳولهي رهيو هو.
ڪي ماڻهو وڏن وڏن شاپنگ سينٽرز ۾ فيڪٽري آؤٽ ليٽس ۾ گهڻ ڦرڻ ۽ شاپنگ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا هيا. ڪجهه سياح عربين نائٽيس بدران چائنيز هوٽلن تي ماني کائڻ ڏانهن وڌي رهيا هيا. ڪي ٻارڙا ساڻ هجڻ ڪري ٻارڙن جي پسند جي باغن، راندين جي هنڌن، ڊائناسور ورلڊ ۽ ٻيو ڪجهه گهمي رهيا هيا.
گذريل 12 سالن کان هر سال گرمين جي موڪلن تي مون سان لنڊن کان آرلينڊو گڏ آيل هڪ آئرش فيملي ٻڌايو ته هو هر سال سڌو Walt Disney World هليا ويندا آهن. اهو هڪڙو هنڌ ئي ايڏو وڏو ۽ دلچسپ آهي جو کين آرلينڊو جا ٻيا ماڳ گهمڻ جو وقت ئي نٿو ملي.
۽ اها ڳالهه حقيقت به آهي ته فلوريڊا جو هي سياحت جو اٺون عجوبو ايڏو ته وڏو ۽ وسيع آهي جو رڳو هڪڙي جاءِ پسند ڪجي ته ان کي ئي مڪمل طور گهمڻ ۽ انجواءِ ڪرڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن گهرجن. ان والٽ ڊزني ورلڊ ۾ ميجڪ ڪنگ ڊم پارڪ، ايپڪاٽ، ڊزني ايم جي ايم سٽوڊيو، ڊزني اينيمل ڪنگ ڊم پارڪ، ڊزني بيچ، ڊزني ٽاءِ فون ليگون ۽ ڊاؤن ٽاؤن ايريا شامل آهي. خوشقسمتي سان اسان جي هوٽل ان عجوبي جي ويجهو هئي، ڊا ؤن ٽاؤن ايريا ته بنهه سڏپنڌ تي هو. ڪجهه سياح خطرناڪ Water Rafting واري جاين کي پسند ڪن ٿا. ڪي ايڊونچر ۾ دلچسپي رکندڙ سياح وري آفريقا جي طرز تي جوڙيل هيبتناڪ جهنگل وائلڊ لائيف ۽ شڪار گاهن ڏانهن مهينن جا مهينا گم ٿي ويندا آهن. سفاري ٽوئرز جو به گهڻو ڪري شڪار جا شوقين يا جهنگ لتاڙڻ جا خواهشمند سياح اهتمام ڪندا آهن.
آئون تعارفي ڪتاب ڏسي ڏسي ٿڪجي پيو هيس ۽ سفر نامي لاءِ نوٽس لکڻ دوران سوچيندو هيس ته هڪڙو ته هي سڀ ماڳ گهمڻ لاءِ زندگيءَ جا ڪي سال واندڪائيءَ وارا گهرجن ۽ پوءِ انهن جا تفصيل لکڻ لاءِ وري ڪي وڌيڪ سال گهرجن، پر پوءِ سوچيم ته اهڙو ڪتاب ته اٺن ڏهن هزار صفحن جو هوندو ان کي آخر چپرائيندو ۽ وڏي ڳالهه ته پڙهندو ڪير.
اک کلي ته شام جا ست ٿي رهيا هيا، آئون سفر جي ڪري به ڪجهه ٿڪيل هيس. تيار ٿيڻ کان اڳ تاج ۽ ادا حسين جي ڪمري تي فون ڪيم ته همراهه ٻاهر نڪتل هيا. اڃا اها خبر نٿي پئي ته ڪير ڪهڙي ڪمري ۾ آهي. البته سانا انتظاميا سمورن ايندڙ مهمانن ۽ خاص طور تي جيڪي همراهه هنن اسپيڪرز طور گهرايا هيا تن جي خبرچار وٺي رهيا هيا.
سانا جي دوستن ۾ منهنجي تاج نظاماڻيءَ سان اڳ ۾ ملاقات نه هئي جو هو 2005 ۾ سنڌ ۾ ٿيل سانا ڪانفرنس ۽ هت هجڻ باوجود به مون سان ملي نه سگهيو هو. باقي ڪوثر ڀٽي صاحب جي گهر سانا جي دوستن جي اعزاز ۾ رکيل سنڌ ڪنويشن ۽ ڪراچيءَ ۾ سانا پاران ڪو ٺهيل ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي دوستن سان ملاقاتون ٿيون هيون، جن مان ڪن جا نالا ته ڪن جا چهرا ياد هيا.
تاج ۽ ادا حسين موٽي آيا ته ڪمري تي ڪچهري شروع ٿي. وائرليس سسٽم ۽ هر هڪ همراهه وٽ ليپ ٽاپ هجڻ جي سهولت هجڻ ڪري هر ڪو پنهنجي ليپ ٽاپ تي اي ميل وغيره چيڪ ڪري رهيو هو. مون به اي ميل تي گهر ٻڌايو ته آئون آرلينڊو ۾ آهيان. ان تي تاج مون کي سندس موبائيل فون ڏيندي اي ميل بدران فون تي حيدرآباد ڳالهائڻ جو چيو. ادا حسين بخش چيو ته بابا جيستائين فون واري رڙ نه ڪجي ته ڪيئن خبر پوندي ته پرديس مان فون آهي. مون تاج جي فون تان نونيءَ سان حيدرآباد ڳالهايو ۽ امڙ سان سان به هلو هاءِ ڪيم.
ٿورڙي دير ۾ جميل داؤدي، وحيد پاٽولي ۽ ڪي ٻيا دوست اچي ويا. ڪچهري رات جو دير تائين هلندي رهي. ڪچهريءَ سان گڏ کاڌو پيتو به هلندو رهيو، نيٺ ٽين وڳي هڪ ٻئي کان موڪلائي ڪمرن ڏانهن روانا ٿياسين.
صبح جو سوير اٿڻ جي عادت هئڻ ڪري ٻئي ڏينهن جلدي وڃي هوٽل جي ٻاهران ميدان ۾ ڊگهو پنڌ ڪري آيس. ڪجهه چهرا اهڙا واڪ ڪندي نظر آيا جيڪي سنڌي لڳي رهيا هيا پر واقف نه هجڻ ڪري هڪ ٻئي کي ڏسندا ئي رهياسين. مُهانڊن مان ته سڃاڻپ ٿي رهي هئي پر ويجهو ٿي پڇا ڪرڻ عيب سمجهيو ٿي وڃي آمريڪي سوسائٽي ۾ سو آئون لابي ۾ اچي ويس.
ڏهين يارنهين وڳي لابيءَ ۾ ڪافي ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويا ۽ اسان جو هڪ ٻي سان تعارف شروع ٿي ويو. جنهن پهرين همراهه سان هٿ ملائي تعارف ٿيو هو اهو هو عباسي صاحب، جيڪو سنڌ سونيورسٽيءَ ۾ اسان جي استاد ۽ پولٽيڪل سائنس شعبي جي پروفيسر سيف الله عباسي صاحب جو ڀاءُ آهي. هاڻ سمورا عباسي برادران ٽيڪساس جي شهر ڊيلس ۾ رهن ٿا. اتي سندن وڏا ڪاروبار آهن.
اڃا ساٿين سان ڪچهري جاري هئي ته سنڌ جي برک ڏاهي سراج ميمڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ محقق ادبي فهميده حسين جي ڀاءُ ضياءَ ميمڻ سان تعارف ٿيو.
ضياءُ ميمڻ صاحب کي مون پري کان ئي سڃاڻي ورتو هو ڇاڪاڻ ته سندس شڪل سراج صاحب سان ملندڙ آهي ۽ سندس آمريڪا ۾ هجڻ بابت به ڄاڻ هئي. ٻن ماڻهن سان ملڻ جو شوق هو هڪ خالد هاشماڻي ۽ ٻيو اقبال ......... تاريخي بابت داؤدي ٻڌايو ته هو اچي چڪو آهي پر پنهنجي ڪمري تي حسب دستور ڪمپيوٽر تي لک پڙهه جي ڪم ۾ مصروف آهي.
اتي ئي خبر پئي ته حيدرآباد مان آمريڪا ۽ پوءِ ڪيناڊا لڏي ويل فقير جي پڙ جي هڪ عرساڻي فئملي به ڪنويشن ۾ شرڪت لاءِ ڪيناڊا کان آيل آهي. منهنجي شهر جي حيدرآبادين سان ملڻ جي خواهش هئي ۽ ادي تاج نظاماڻيءَ کي چيم ته عرساڻي صاحب نظر اچي ته ضرور ملائجو.
حيدرآباد ۾ رڳو هڪ تعلقي کان ٻي تعلقي ڏانهن ٿيل لڏ پلاڻ جي نتيجي ۾ ئي اڃا تائين ماڻهو پنهنجا پراڻا، پاڙا، مائٽياڻا گهر ۽ ساٿي سنگتي نه وساري سگهيا آهن ته وطن ڇڏڻ جو درد ڪيترو نه ايذائيندڙ هوندو. اهو خيال ذهن ۾ آيو ته پاڻ کان سوال ڪيم ته ضروري ناهي ته ملڪ ڇڏيندڙ هر شخص جي ڪيفيت اهڙي هجي.
ٻي ڏينهن ڪانفرنس شروع ٿيڻ واري هئي. تنهنڪري پوري آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌي هوٽل ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا هيا.
اقبال ترين، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، ڪوهه شير، عزيز ناريجو، حنيف سانگي، آغا ظفر، سني پنهور، طلعت ٽالپر، محمدي علي مهر، جميل داؤدي، سرفراز ميمڻ، پاڪستان اندر ڪنهن وقت اڳ ايجنسين مٿان گم ڪيل جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر سرڪي جي فئملي، ڊاڪٽر وقاصي منور سومرو وغيره آرلينڊو پهچي چڪا هئا.
هوڏانهن سنڌ مان مير حسين بخش ٽالپر، نواب نور احمد ٽالپر، نصير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اقبال ناريجو ڪنوينشن ۾ پهتل هيا. هتي ڪيترائي همراهه ڪن حوالن سان واقف هيا. ڪن جا نالا ورهين کان ٻڌندا هياسين. ڪن کي پڙهيوسين. ڪن کي اسان جي ڪم جي خبر هئي، سو تعارف مهل سڃاڻڻ ۽ انهن جي موجودگيءَ جي خوشيءَ جي حد ئي ڪونه هئي.
ملاقاتون ڪندي، تعارف ڪرائيندي اوچتو تاج نظاماڻي رڙ ڪئي ته جلدي گاڏيءَ ۾ ويهو ته ڪٿي هلي هندستاني کاڌو کائجي ۽ ٿورڙو گهمجي، سو تڪڙ ۾ هڪ ڏينهن اندر گهمي سگهڻ جهڙي ماڳ ايپڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين. واضح سائين بورڊز، روڊن تي لڳل اشارا ۽ ايرو جا نشان - اوهان کي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي جو روڊ سمجهه ۾ نه اچي يا ڪنهن کان پڇڻو پوي.
ايپڪوٽ ۾ ڪجهه شيون ڏنڊن ۾ آڱريون ڏياريو ڇڏين خاص طور تا خلا جو ٺهيل خاڪو ، يونيورس آف انرجي ۽ رات جو فائرشو وغيره. هلي هلي لاهه نڪري ويا رات اچي ٿي پر هڪڙو ايپڪوٽ ئي نه گهمي سگهياسين.
ادا حسين بخش نيٺ رڙ ڪري چيو ته وڃ لکين ماڻهوءَ رڳو هڪڙي ايپڪوٽ ۾ هلن پيا ته پوري فلوريڊا ۾ ڪيتري قوم آئي هوندي. هن اها ڳالهه اهڙي مزيدار ڪئي جنهن تي کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو.
حسين بخش چيو ته هزارين آمريڪي ٻار صبح کان هل هلان ۾ آهن پر اڃان تائين ڪنهن ٻار کي روڄ راڙو ڪندي يا مائٽن کي چنبڙندي ٿيندي ڪونه ڏنو اٿم. جس هجي آمريڪي عوام کي - جيڪڏهن اسان جا ٻار هجن ها ته ڪلاڪ هڪڙي کان پوءِ روئي روئي ڪِن ڪن ها ۽ چون ها ته ڪڇ تي کڻي گهمائيندا ته اڳيان هلنداسين نه ته نه. ۽ پوءِ ٻن ڪلاڪن اندر زال سان جهيڙو ٿئي ها ۽ نيٺ وڙهندا جهڙندا گهمڻ اڌ ۾ ڇڏي هوٽل واپس اچون ها.
رات جو ڪافيءَ جا وڏا ڊسپوزبل گلاس پيئندا، روح کي تازگي ڏئي ڇڏيندڙ فائرورڪ ڏسندا اچي هوٽل پهتاسين جتي خبر پئي ته مشهور زمانه هيوسٽن جي چنڊال ڇوڪڙي هوٽل پهچي چڪي آهي ۽ ادا حسين بخش ۽ تاج نظاماڻي جو استقبال ڪري رهي آهي.