لنڊن ۾ ڪجهه ڏينهن
سو لنڊن جو ويزا هجڻ ڪري سوچيم ته ڇو نه مفت جو چڪر ڪاٽيندو، دوستن سان ڪهچريون ڪندو، آمريڪا وڃان.
ستن ڪلاڪن جي اڏام ڪندي ٽرانزٽ تي اچي دنيا جي ٻين نمبر معروف ايئرپورٽ هيٿرو انٽرنيشل تي لٿس. لنڊن گهڻو اچڻ وڃڻ ڪري بس ۽ ريل جي ٽڪيٽ سستي هجڻ وارو ٽرانسپورٽ ڪارڊ ريچارج ڪندو سڌو وڃي ادا گل (ڊاڪٽر علي گل ميتلو) جي گهر پهتس. جتي هن سان وڏي ڪچهري ٿي. اتفاق سان سندن والد ۽ والده به اتي پهتل هيا جو هو پنهنجي نياڻيءَ ڏانهن ڪئناڊا وڃن جون تياريون ڪري رهيا هئا. سو ادا گل جي والد صاحب سان ڪچهريون ٿيون. ميتلو به لندن جو عجوبو آهن. اهڙي نفسانفسي واري دور ۾ به هو نه رڳو ڀينرن ڀائرن جو بي حد خيال رکن ٿا. اڄ به هو سڀ گڏيل گهراڻي طور هڪ ٻي سان جڙيل رهن ٿا پر دوستن يارن کي بي پناهه قرب ڏين ٿا.
آءٌ لنڊن پهريون ڀيرو 1999 ۾ آيو هيس جڏهن ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي صدر ڊاڪٽر منور هالييپوٽي لنڊن اچي انساني حقن جي هڪ بين الاقوامي ڪانفرنفس ۾ مقالي پڙهڻ جي دعوت ڏني. جتي ميري رابنسن به آئي هئي. تن ڏينهن ۾ لندن ۾ رهندڙ سياسي دوستن جي اندروني جهيڙن ۽ اختلافن جي ايتري ڄاڻ نه هئي سو وڃي ڊاڪٽر صاحب وٽ پهتاسين. اتي خبر پئي ته ورلڊ سڌينگريس جا ڪي دوست بلڪ باقي سمورا دوست ڊاڪٽر صاحب سان اختلاف رکندي الڳ تنظيم سازي ڪري رهيا آهن.
يوسف ڪوثر ڀٽي صاحب جي مهربانين سان مليل ويزا جي نتيجي ۾ لنڊن گهمڻ جهڙو ٿيس. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر هاليپوٽي جي شادي ٿيل نه هئي. تنهن ڪري مهمان نوازي ۾ وسان نه گهٽائيندو هو. هر ماڻهوءَ جو خيال رکندو هو (بلڪ ڪيترن ئي ماڻهن ڊاڪٽر جي دعوت جي آڌار لنڊن شهر جو منهن ڏٺو) پر پوءِ شادي ٻار ٻچا ۽ نوڪري جي مصروفيت ۾ گهر ٻار کي گهڻو وقت ڏيڻ لڳو. اڄ به هو هر سال سنڌ جي ڪيترن ئي ”ڇٽل ڪارتوسن“ جي هڪ وڏي لوڌ کي دعوتون ڏيندو رهندو آهي پر هاڻ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ٻين دوستن جي هٿن ۾ هلي وئي آهي. ان مختصر دوري دوران ڊاڪٽر حليم ڀٽي، لکومل ۽ ٻين دوستن سان به ڪچهريون ٿيون.
اسان جي پياري دوست ۽ سانگهڙ جي مشهور زميندار الطاف حسين رند جي نياڻي اسان جي هڪ ٻي دوست ڊاڪٽر علي رضا ميرجت سان پرڻيل آهي. ڊاڪٽر صاحب به، جڏهن به اڪيلو يا گهر وارن سان لنڊن وڃڻ ٿيندو آهي ته مصروف هئڻ باوجود به قرب سان ملندو آهي ۽ خيال رکندو آهي.
ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو جو گهر وارو سهيل ڪلهوڙو هڪ ڊائنامڪ سنڌي نوجوان آهي. فون توڙي اي ميلن ذريعي ڪچهري رهندي آهي. هر دفعي ملاقات جو وقت طي ڪرڻ باوجود به نه ملي سگهيا آهن. سدائين فون تي مشڪري ڪندي چوندو آهيان ته ادا ڪو وڏو تعويز ٿيل آهي جو پاڻ ملي نه ٿا سگهون.
ڊاڪٽر رحيم سولنگي جو ڀاءُ به هڪ قربائتو شخص آهي. ڪيتري به سوڙهه هجي سدائين پنهنجي گهر رهڻ لاءِ آفر ڪندو آهي.
ائين ڪن سان فون تي ڪچهريون ته ڪن سان ملاقاتون ڪندي امريڪا وڃڻ جي تياري ۾ هيس. انهن ئي ڏينهن ۾ ميان محمد نواز شريف به لنڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو هو. هڪ ڏينهن ادا گل ٻڌايو ته سورٺ ٿيٻو سندن شوروم تي آئي هئي ۽ چئي وئي آهي ته آءٌ ساڻس رابطو ڪيان. مون کيس فون ڪيو ته ان وقت مخدوم شاهنواز، سورٺ ٿيٻو، نواب ارشد ٽالپر ۽ سنڌ جا ڪي ٻيا دوست سائين غوث علي شاهه وٽ ويٺا هيا. هنن مون کي فورن اتي اچڻ جو چيو پر ڊاڪٽر حليم ڀٽي وارن سان وقت رکڻ ڪري معذرت ڪيم ۽ سائين غوث علي شاهه سان رات جو وقت طي ڪيوسين ڪچهري جو.
سائين غوث علي شاهه جي گهر جي هيٺان هڪ ڪافي شاپ آهي. ان ڪوسٽا ڪافي ۾ سائين نه رڳو پنهنجي مهمانن سان گرمجوشي سان ملندو آهي پر انهن کي لنڊن جي مهانگي ڪافي به هر هر آفر ڪندو آهي. سائين وٽ مهمانن جي ايتري اچ وچ آهي جو ڪوسٽا ڪافي جي انتظاميا به پنهنجي آوٽ ليٽ کي ذهني طور شاهه صاحب جي اوطاق طور قبولي چڪي آهي.
آءٌ لکو وارن سان ڪچهري ڪري سائين غوث علي شاهه وٽ پهتس. اسان ڊگهي ڪچهريءَ کان پوءِ موڪلاڻي کان اڳ ميان نواز شريف جي پارٽي جي سنڌ ۾ مستقبل بابت ڳچ وقت ڳالهايو. مون کيس ٻڌايو ته سنڌي هڪ سيڪولر قوم آهي تنهن ڪري نواز شريف ڪيترو به آئيڊيل موقف ڇو نه اختيار ڪري پر جڏهن سنڌ جا ماڻهو سندس کاٻي هٿ تي مولانا فضل الرحمٰن ۽ ساڄي هٿ تي قاضي حسين احمد کي ويٺل ڏسن ٿا ته ميان صاحب جون مارڪون گهٽجي وڃن ٿيون. اسان ٻنهي هڪ ٻي جي ڪچهري جا نوٽس به ورتا.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ترسان ته جيئن اهو سمورو احوال ميان صاحب جي روبرو ٿي سگهي.
انهن ڏينهن ۾ لنڊن ان ڪري به سياسي طور گرم هو جو ميان نواز شريف صاحب اي پي ڊي ايم جو اجلاس گهرايو هو، جتي ٻين اڳواڻن سان گڏوگڏ سنڌ مان عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو ۽ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي به پنهنجي پنهنجي وفدن سان پهتل هئا. انهن ڏينهن ۾ ميان صاحب پاڪستان اندر چونڊن جي بائيڪاٽ جي حق ۾ هو.
لنڊن جلاوطنن جي آئيڊيل ڌرتي آهي. عالمي سياست جي سرگرم ڪارڪنن جو مرڪز بڻيل هي ملڪ، هر ملڪ مان ڪوڙين سچين ايف آءِ آرن ذريعي سياسي پناهه ورتلن جي آماجگاهه آهي. پر هاڻ 11/9 ۽ 7/7 کان پوءِ سختي ٿي وئي آهي.
سنڌي مهاجر جهيڙن ۾ هڪ وڏي منظم تياري سان ايم ڪيو ايم ۽ ان جي همدردن سياسي انتقام پسندي جي موقف جي آڙ ۾ لنڊن ۾ هزارين ڪارڪن سيٽل ڪرايا ۽ هوڏانهن سنڌين جي چندي تي ٺهندڙ سنڌ نيشنل الائنس SNA ۽ عهديدار فنڊ سوڌو نه ڄاڻ ڪيڏانهن غائب ٿي ويا.
لنڊن دنيا جو مهانگو ترين شهر آهي پر هر شخص زندگي ۾ هڪ ڀيرو لنڊن گهمڻ جي خواهش رکي ٿو. جيڪڏهن لنڊن ۾ رهائش جو مسئلو حل ٿيل آهي پوءِ ته ڪجهه ڏينهن لاءِ گهمڻ ايندڙ مسافرن لاءِ لنڊن جنت آهي.
آءٌ سائين غوث علي شاهه سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪري ۽ سياسي حال احوال ڪري موٽڻ لڳس ته پريان وري ڊاڪٽر حليم، لکو ۽ سلطان وارا نظر آيا. اهو ٽڪراؤ عجيب هو. چيائون ته لبناني هوٽل جو کاڌو کائڻ آيا آهن. ايجويئر روڊ جهڙوڪ ڪراچي جو برنس روڊ هجي جتي لبناني هوٽلون سڄي رات کليل هجن ٿيون ۽ پنهنجن گاڏين وارا همراهه رات دير تائين اتي کاڌو کائيندا رهن ٿا. هوٽل ۾ داخل ٿياسين ته اتي پيپلزپارٽي جا ڪيترائي همراهه جن ۾ دفاع جو وفاقي وزير چوڌري احمد مختيار ۽ ٻيا قطار ۾ بيهي پنهنجي ماني وٺندي نظر آيا.
لذيذ لبناني ماني کائيندي، ڪچهري ڪندي ڊاڪٽر حليم وارن مون کي مجيب جي فليٽ تي ڇڏيو، جتان مون کي صبح جو سوير هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻو هو ته جيئن وقت تي بورڊنگ ڪري فلوريڊا روانو ٿي سگهان. گهر پهتس ته ادي مجيب کي صبح جو اٺين وڳي ايئرپورٽ رواني ٿيڻ جو ٻڌايم ۽ سمهڻ کان اڳ واري ڪچهري ۾ اهڙا ته قصا کڻي ويهي رهياسين جو صبح جا 5 ٿي ويا ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪيوسين ته تيار ٿي وڃجي متان اک نه لڳي وڃي. سو سمهڻ بدران هڪ طويل ڪچهري ڪري وقت ڪاٽي آءٌ سامان ٻڌڻ جي تياري ڪرڻ لڳس.