سرفراز ميمڻ ۽ سنڌين واري بيگر
زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا ڪردار ٽڪرائبا آهن، جن کي ڏسي دنيا ۾ اڃا ماڻهپو هجڻ ۽ ڪائنات جي (اهڙن روين جي موجودگيءَ ڪري ئي) خوبصورت ۽ رنگا رنگ هجڻ جو احساس ٿيندو آهي.
ميان سرفراز ميمڻ به منهنجي زندگيءَ جي ان ايمان جي توثيق جو ذريعو آهي ته ڪائنات دراصل خوبصورت ماڻهن جي ڪري ئي خوبصورت آهي.
آرلينڊو ۾ سانا ڪنويشن جي پڄاڻيءَ تي ساڻ کڻي ميامي بيچ کان ٿيندي واشنگٽن ۾ استقبال ڪرڻ ۽ ڪراچي ويندڙ جهاز تي موڪلائڻ تائين هن شخص اسان کي ڪمال محبتون ڏنيون.
نه ڪا مٽي مائٽي، نه ڪا گهري سڃاڻپ، بس رڳو اي ميل رستي هلڪي ڦلڪي سلام دعا، پر سرفراز ميمڻ جيترو قرب ڏنو، اهي ٿورا لاهي نٿا سگهجن.
مون کيس بيگر ڪٽڻ جو بادشاهه ڏٺو. اسين آمريڪا ۾ نوان ماڻهو، ڪار هلائڻ ۽ ان کان به ڏکيو مرحلو ڪار پارڪ ڪرڻ. وقت ڪڍي گهمائڻ ڦرائڻ، هر هر فون ڪري خيريت معلوم ڪرڻ، اسان جي خبرن کي غور سان ٻڌڻ ۽ پوءِ سنڌ جي بهتري ۽ بقا لاءِ صحتمند رايا ڏيڻ. عمر ۾ وڏو هوندي به هم عمر دوستن وانگر گڏ گڏ هلڻ، کاڌي پيتي جي ڪا به شيءِ خريد ڪرڻ مهل پيسا ڏيڻ تي ويٽو استعمال ڪرڻ، هن شخص قرب جي انتها ڪري ڇڏي.
چوندو هو ته ”اوهان کي جس آهي جو سنڌ ۾ ويهي ايتري جاکوڙ ۾ آهيون.“ اسان ته هت ويهي رڳو خبرون ٿا ڪيون، تنهن ڪري اوهان جي خدمت به نه ڪيو ته اها زيادتي ٿيندي.“
ڪچهري جو ڪوڏيو، پنهنجي طبيعت وارو شخص، جي ڪنهن سان لڳي وڃيس ته سر ڏئي ڇڏي ۽ نه لڳيس ته ڪهڙو به خان صاحب ڇو نه هجي، ويجهو ئي ڪونه ويندو.
بنيادي طور تي ڊسلپن ۾ رهڻ وارو ماڻهو. چوندو آهي ته سانا اسان جي عزت آهي، اسان جي سڃاڻپ آهي، تنهن ڪري ان خلاف ڪابه غير ضروري جارحيت برداشت نه ڪبي. هو هر وقت سانا خلاف لکجندڙ اي ميلز ۽ خطن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهندو آهي. جبار صديقي سندس بهترين دوست آهي. سائين علي نواز ميمڻ جي گهر ۾ سرفراز جي ڀيڻ ادي رضيه پرڻيل آهي، جيڪا پڻ سٺي ليکڪا آهي.
سرفراز هت ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان نه ٺهندو آهي، جن سان اسان جون ملاقاتون رکيل هيون، پر هن ڪڏهن به ڪنهن خلاف اکر نه ڳالهايو. باقي موقف تي اختلاف راءِ رکڻ، سندس چوڻ هو ته هر انسان جو بنيادي انساني حق آهي.
هن گاڏي پنهنجي گهر پارڪ ڪئي. علي نواز ميمڻ اڳ ۾ ئي گهر ۾ موجود هو. دير ٿي چڪي هئي ۽ رڳو هيءُ دوست نه پر اُتي هر ماڻهو ستين اٺين وڳي ماني کايو سمهيو رهي، سو هڪ سٺي ڪچهريءَ کان پوءِ سرفراز ميمڻ صفا سنڌين واري ماني کارائي، جنهن ۾ مٽن قورمو، ڀينڊيون ۽ گهڻو ڪجهه شامل هو. ماني کائي سندس گهر جي بئڪ يارڊ ۾ واقع سوئمنگ پول جي ٽيرس ۾ دير تائين حال احوال ڪندا رهياسين ۽ پوءِ سائين علي نواز جي ڏنل ڊيڊ لائين تي پنهنجو سامان سرفراز جي گاڏيءَ مان سائين علي نواز جي گاڏيءَ ۾ شفٽ ڪيوسين، جو ميمڻ صاحب هوٽل بدران گهر ۾ قيام جي محبت ڀري آفر ڪئي هئي. اسين ٻن منٽن اندر ئي سنڌ هاؤس پهچي وياسين. سائين خوبصورت بيسمينٽ ۾ ڪمرا ڏيکاريا. آءُ نصير دير تائين ڪچهري ڪندي ڪندي سمهي رهياسين.