آرلينڊو واپسي – گري هاؤنڊز ۽ جاڳ جا 40 ڪلاڪ
ميامي کان واپسي ايندي اهو طي ٿيو هو ته سرفراز ميمڻ اسان کي گري هاؤنڊز بس سروس جي اڏي تي لاهي ڇڏيندو ۽ پوءِ پاڻ واشنگٽن رواني ٿيڻ لاءِ ايئرپورٽ هليو ويندو. واشنگٽن واپس وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ جي سموري رستي ۾ ٽريفڪ جام جي ڪري ۽ ڪچهري ڪندي گهمندي ڦرندي اچڻ ڪري کين دير ٿيڻ لڳي هئي ۽ فيصلو ٿيو ته پهرين هو ڀاڙي واري گاڏي واپس ڪري ايئرپورٽ ويندا ۽ پوءِ اسين کين ايئرپورٽ تي موڪلائي بس اڏي ڏانهن روانا ٿينداسين. سو خير ميان سرفراز ۽ صديقي صاحب کي ڊوميسٽڪ ڊيپارچر تي ڇڏي آءٌ ۽ نصير ٽيڪسي ڪري گري هاؤنڊز بس سروس جي اڏي تي پهتاسين.
هاڻ اسان جو سفر آمريڪي دوستن ۽ ميزبانن کان سواءِ شروع ٿي رهيو هو. ٽيڪسي ۾ ايئرپورٽ کان گري هاؤنڊز بس اڏي تائين اسان آرلينڊو شهر جو نئون پاسو ڏٺو. پندرهن منٽن جي ڊرائيو ۾ اسان شهر جو نئون علائقو ڏٺو. وڏا وڏا ڪارخانا ۽ ڪمرشل عمارتون نظر اچڻ لڳيون. شروع ۾ لڳو هو ته هي شهر رڳو هوٽلن، ڊگهن وڻن، گهمڻ ڦرڻ جي جڳهن ۽ ٻارڙن جي وندر جو شهر آهي پر هاڻ هن شهر جو ڪاروباري رخ نظر اچي رهيو هو. هونئن به آمريڪا جي هر رياست جو سياسي ۽ معاشي ڍانچو هڪ خودمختيار رياست وارو آهي ۽ هر اسٽيٽ هڪ مڪمل ملڪ واري انداز ۾ جوڙي وئي آهي. امريڪي سوسائٽي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته امريڪا جي تاريخ ۽ ادب پڙهجي.
آءٌ چاهيان ٿو ته جيڪو همراهه هڪ دفعو آمريڪي هسٽري پڙهي پوءِ آمريڪا گهمڻ ايندو ته ان جهڙو خمار (ٻيو ڪو ڪيترو ئي ڇو نه گهمي ڦري) ان کي نه اچي سگهندو. امريڪا جي تاريخ، اتان جي سياسي، معاشي ۽ سماجي عروج و زوال جا داستان، خانه جنگيون، سياسي قيادتن ۽ ماڻهن جو جنهن به مطالعو ڪيو هوندو ان کي هتان جي لينڊ اسڪيپ کي سمجهڻ جو بهترين موقعو ملندو.
بارش ۾ چيز برگر کائي ۽ چلڊ پيپسي پي اسين ٻئي چڙهياسين نيويارڪ جي روٽ تي ويندڙ بس ۾- بس نه هئي ننڍو جهاز هو. گري هاؤنڊز بس سروس امريڪا جي سڀ کان وڏي ٽرانسپورٽ سروس آهي. سو ان کي قابل ڀروسو سروس سمجهندي ٻئي ڄڻا چڙهي پيا هياسين.
بارش ۾ ڀنل شيشا، ٻاهر روشنيون ڦيهلائيندڙ ڪارن جو هيڊلائيٽس جهڙالو موسم، ها اوهين سمجهي ويا هوندا ته نئين سفر ڏانهن وک طبيعت کي ڪيئن نه ايڪسائيٽڊ ڪيو ڇڏي.
پهرين ان سوچ ۾ پئجي وياسين ته ٽيهن چاليهن ڪلاڪن جو پهاڙ جيڏو وقت ڪيئن گذرندو پر ٻه ته ٻارنهن واري فارمولي تي پاڙيندي اچي جا ڪچهري شروع ڪئي سين ته خبر ئي نه پئي ته اهو وقت ڪيئن گذريو.
سوين ميلن جو سفر ڪيوسين ۽ رستي ۾ مجال آهي ته زمين جو ڪو اهڙو ٽڪرو اهڙو نظر آيو هجي جتي اسان کي وڏن شهرن جي نسبت گهٽ ترقي يا انفراسٽرڪچر نظر آيو هجي. روڊ، رستا، ساوڪ، هر ڪلاڪ کان پوءِ نظر ايندڙ خوبصورت نديون، پلون، درياهه، يا خدا ڪيتري نه خوشحالي آهي هن ڌرتيءَ تي ۽ جيڪڏهن هن ڌرتي جا حڪمران عوام دشمن پاليسون ۽ جارحيت ۽ بيٺڪي ذهنيت ختم ڪن ته دنيا ڄڻ ڪا جنت بڻجي وڃي.
نصير ۽ منهنجي لاءِ ان من موهيندڙ لينڊ اسڪيپ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ منظر اهي هيا جڏهن اسان پاڻي سان سيراب علائقا، دريا، نديون ۽ نالا، ساوڪ ڏسندا هئاسين ته ٻئي ڄڻا هڪ دم رڙ ڪري آمريڪا جي ماحوليات تي بحث شروع ڪري اچي سنڌ جي ڪسمپرسي، پاڻي جي اُڻاٺ جي سياست ۽ ماحوليات جي تباهي تي ختم ڪندا هئاسين.
نصير ۽ مان ذاتي زندگي، پيشه ورانه ڪيرئير، سنڌ ۽ نه ڄاڻ ڪهڙي ڪهڙي موضوع تي بنا برئڪ ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهائيندا رهياسين. نصير سفر ۾ ساڻ گڏ کڻي هلڻ لاءِ آئيڊيل پارٽنر آهي.
اسان ٻنهي جي زندگي جو سفر ۽ هيستائين پهچڻ واري پنڌ جي داستان، ڏکن، سکن، تڪليفن ۽ خوشيءَ جي تازو شروع ٿيل ٿورڙن لمحن جي ڪنڊيدار تارن سان وچڙندي اڳيان وڌي آئي. صبر جنين جو سير، تير نه گُسي تنين جو، چواڻي اسان به ڪوشش ڪئي آهي ته صبر سان بي ضميري ۽ منافقي واري دورنگي زندگي گذارڻ بدران سادي پر اهڙي زندگي گذارجي جنهن ۾ پنهنجي ٻچن ۽ ٻارن سان گڏ ڌرتيءَ سان محبتن جو پئمانو سدائين مٿاهون رهي.
نصير ميمڻ کي هاڻ ڌيءَ ڄائي آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هر سنڌي وانگر نصير ميمڻ ۽ سندس گهر واري اسان جي ڀيڻ ۽ ڪامريڊ زبيده ڀرواڻي کي به لوڏي ڇڏيو آهي. هنن پنهنجي دل جي ٽڪري جو نالو بي نظير رکيو آهي.
مون کي هڪ ڏانهن اها ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي ته هو پنهنجي ڌيءَ کي ساڻ ڪري شاهه عنايت شهيد، لطيف، سچل، ڳڙهي خدا بخش ۽ اهڙن ٻين روحانيَ ۽ انقلابي سگهه فراهم ڪندڙ ماڳن جو دورو ڪري آيا آهن، منهنجو ايمان آهي ته جنهن ماڻهو سنڌ جو اهو گس سمجهي ورتو، ان جي زندگي سجائي ٿي وئي ۽ هونئن به سنڌ انهيءَ گس جي رهبر ۽ رهنما هجڻ ڪري هر دور جي آمريت ۽ طوفانن کي مُنهن ڏيندي آئي آهي.
بس مختلف شهرن، پوائنٽس تي اسٽاپ ڪندي اچي نيويارڪ پهتي. بس تقريبن چاليهه ڪلاڪ ورتا ۽ اهو وقت روح کي تازگي بخشيندڙ آمريڪي ڪنٽري سائيڊ ڏسندي ڏسندي ائين گذري ويو جو خبر ئي نه پئي.
خوشحال ڌرتي کي سياسي ۽ معاشي طور بي حال ڪرڻ واري سازشن ۾ گهيريل سنڌ جي رهواسين طور امريڪي جي ساوڪ ۽ خوشحالي ايترو ته وڻي رهي هئي جو ڪچهريون ڪندي، ڀيٽ ڪندي، بحث مباحثا ڪندي 40 ڪلاڪن جي جاڳ کي ساڻ کڻندي اچي نيويارڪ شهر ۾ داخل ٿياسين، جتي گري هاؤنڊز بس اڏي تي پيارو حسن مجتبيٰ سندس گهر واري ڀاڀي سيما ۽ سندس گلن جهڙو شهزادو پٽ بسام انتظار ۾ بيٺا هئا.