سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

پيپلزپارٽي جو ميلو ۽ لنڊن

مئي جو مهينو هو. سنڌ ۾ حسب روايت مون سون جون بارشون ۽ ٻوڏ تباهي مچائي رهيا هيا.ڪئنالن ۽ واهن کي گهارا پئجي رهيا هئا. ڏڪار ۾ ورتل ۽ بک مرندڙ اسان جو پنهنجو رت يعني سنڌي ماڻهو هاڻ ٻوڏ جي ڪري تباهي ۾ هيا. ڪچو ۽ ٻيلو ته سيراب ٿي رهيو هو پر ماڻهو لڏ پلاڻ ۾ هيا. سنڌ اندر ق ليگ جي جوڙتو وڏيرن ۽ ايم ڪيو ايم جي حڪومت هئي تنهن ڪري ڪنهن کي به پرواهه ڪونه هئي ته ڪير مئو ڪير ٻڏو ۽ ڪير بچيو.
هوڏانهن سڄو ڏينهن عوام سان گڏ هجڻ جون خبرون ڪندڙ پيپلزپارٽي جا ليڊر به گم لڳا پيا هئا. حيدرآباد کان وٺي لاڙڪاڻي شهداد ڪوٽ ۽ ٻين علائقن تائين تنظيم سرگرم هئي پر نالي وارا اڳواڻ گم هيا.
اسان سنڌ ڊيموڪريٽ فورم پاران محترمه شهيد کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ ڪافي سخت زبان استعمال ٿيل هئي. مٿين سطح جي قيادت ۾ وٺ پڪڙ ٿي. کٽمنڊو کان لنڊن ويندي سيد نويد قمر (جيڪو هن وقت ناڻي ۽ نجڪاري جو وفاقي وزير ۽ حڪومتي ڌر جو اهم ترين ماڻهو آهي) موبائيل تان فون ڪري محترمه جي شڪايت پهچائي ته ايس ڊي ايف کي اهڙي ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهربي هئي.
شهداد ڪوٽ لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڪجهه ٻيا علائقا ٻوڏ ۾ هئا. ماڻهن جو ڪو به اوهي واهي ڪو نه هو تنهن ڪري ڪاوڙ به پنهنجن سان ٿيندي آهي. غيرن سان يا غيرعوامي ڌرين سان ڪهڙو جهيڙو ڪجي. سو اسان محترمه کي لکي ڇڏيو ته سڀ وڏيرا چونڊن جي چڪر ۾ لنڊن پهتل آهن ۽ اوهين سڀ مشرف سان ڊيل ڪري وطن ورڻ گهرو ٿا ۽ جن ماڻهن جو حالتون سڌارڻ لاءِ چونڊون ۽ حڪومت جي تبديلي چاهيو ٿا سي ته برباد لڳا ويا آهن ۽ ٻوڏ واري علائقن ۾ اوهان جي همراهن جو پتو ئي نٿو پوي.
اها محترمه جي عظمت هئي جو ڪڏهن به اسان جي (ڪجهه ٻين نام نهاد ليڊرن وانگر) تنقيد کي پرسنل وٺي لاڳاپا خراب ڪرڻ بدران ڇتي ۾ ڇتي تنقيد جو به جواب ڏيندي هئي يا اسٽاف ۽ هيٺئين قيادت کي چوندي هئي ته شڪايت ڪندڙن سان ڳالهايو وڃي. سو انهن ڏينهن ۾ انهيءَ گرمي سردي دوران لنڊن ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ جو موقعو مليو ۽ لنڊن جي ڪجهه علائقن ۾ پيپلزپارٽي جا ميڙا نظر آيا. محترمه بينظير ڀٽو پاران پارلياماني بورڊ جي اجلاس لنڊن ۾ طلب ڪرڻ ڪري قومي توڙي صوبائي اسمبلين جا اميدوار لنڊن ۾ ائين لٿل هئا جيئن قومي اسمبلي يا سنڌ اسمبلي جي اجلاس مهل اسلام آباد يا ڪراچي ۾ نظر ايندا آهن.
گهڻو ڪري سڀني جا ويزا لڳي چڪا هئا تنهن ڪري ورلي اهڙو اڳواڻ هو جيڪو لنڊن ۾ نظر نٿي آيو.
اسين به سنگت سان رونشي ۾ وڃي رحمٰن ملڪ جي گهر قطار ۾ بيٺل همراهن سان ڪچهري ۾ لڳي ويندا هياسين. حيدرآباد مان زاهد ڀرڳڙي ويزا نه ملڻ ڪري لنڊن نه پهچي سگهيو هو پر هن جي سيٽ بابت پڪ هئي ته کيس ملندي جنهن جو سبب هن جو ڪم ۽ زبردست لابنگ ٻئي شيون آهن. سيد امير علي جاموٽ، پرويز انصاري، صغير قريشي، عرفان قريشي، فياض شاهه، پاشا قاضي سوڌو حيدرآباد مان ڪافي دوست نظر آيا. لنڊن ۾ رهندڙ پياري دوست ۽ ريڊيو پاڪستان جي مشهور اناؤنسر اشرف بلوچ چيو ته يار پيپلن کي ميڙاڪا ڪرڻ اچن ٿا. لنڊن جهڙي مهانگي ترين شهر ۾ به هو ايترا جمع ٿيا آهن ۽ ائين هلي رهيا آهن جيئن لاڙڪاڻي، جي نئين ديري هائوس يا ڪراچي ۾ بلاول هائوس جي ٻاهران جمع ٿيندا آهن.
سيد نويد قمر، سيد خورشيد شاهه، نثار کهڙو، پير مظهر الحق ۽ مراد علي شاهه سوڌو سنڌ جا کوڙ سارا دوست ۽ اڳواڻ موجود هيا.
ٽڪيٽن لاءِ انٽرويوز مهل همراهن جون شڪلون اسڪولي ٻارن جهڙيون ٿي وينديون هيون. سخت ٽينشن ۾ ته الائي ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ اهو به محترمه جي قيادت جي ڪرزما جو ڪمال هو جو وڏا وڏا ڏنگ قطار ۾ بيٺل ۽ سندن ساهه هيـٺ مٿي ٿيندي ڏٺوسين.
سيد خورشيد احمد شاهه کي سکر شهر واري سيٽ نه ملڻ ڪري هن جڏهن صوبائي سيٽ لاءِ درخواست ڏني ته محترمه ان کي به پينڊنگ ڪيو هو ۽ پوءِ کيس مجيب پيرزادي واري سيٽ ڏانهن اماڻيو ويو ۽ سکر شهر واري سيٽ آصف علي زرداري جي جيلن جي ساٿي اسلام الدين شيخ کي ڏني وئي. ان فيصلي تي سنڌ وانگر لنڊن ۾ به تبصرا ٿيندا رهيا ته اسلام الدين شيخ جي ڪري محترمه پنهنجي اهم سياسي ڪمانڊر کي پاسيرو ڪيو آهي. پر وقت جا ڦيرا به عجيب آهن. محترمه جي شهادت کان پوءِ اڄ پيپلزپارٽي جي وقتي چيئرپرسن جي ويجهي ترين ماڻهن ۾ خورشيد شاهه به شامل آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اهو تاثر غلط آهي ته آصف زرداري شاهه صاحب کي ذاتي پسند ۽ ناپسند ڪري ڪارنر ڪرڻ گهريو ٿي.
خورشيد شاهه اسلام الدين شيخ جي پٽ نعمان شيخ جي به ائين ئي ورڪ ڪئي جيئن هن پنهنجي دوستن ۽ ساٿين نصرالله بلوچ، انور مهر ۽ جاويد شاهه جي ڪئي ۽ پيپلز پارٽي ان ٻڌيءَ ۽ خورشيد شاهه جي حڪمت عملين جي نتيجي ۾ سکر ضلعي جي سمورين سيٽن تي سرخرو ٿي.
محترمه جڏهن سنڌ جي قومي ۽ صوبائي سيٽن لاءِ اميدوارن لاءِ انٽرويوز وٺي رهي هئي ۽ هر سيٽ تي تقريبن هر اميدوار پنهنجي متبادل طور ڌي، پٽ، ڀائيٽي، ڀاڻيجي، سوٽ، ماسات جا نالا پي ڏنا. انهن ڏينهن ۾ به مون محترمه کي هڪ ذاتي اي ميل ڪئي هئي ته ڇا پيپلزپارٽي ۾ اهڙو قحط اچي ويو آهي جو جيڪر ڪنهن به ضلع ۾ ڪو اميدوار ناهل قرار ڏنو وڃي ته پارٽي وٽ تنظيم ۾ يا ورڪرن ۾ ڪو نعم البدل ناهي. وڏيرن پاران ڪو رنگ اميدوارن طور مٽ مائٽن جا نالا ڏين ۽ اوهان پاران منظور ڪرڻ دراصل اهو ثابت ڪري ٿو ته پيپلزپارٽي جاگيرداراڻي ڪلچر جي حمايت ڪري ٿي ۽ جمهوريت جون ڳالهيون ڪندي غير جمهوري فيصلا ڪري ٿي.
مان هاڻي سوچيان ٿو ته محترمه سان ڪيئن نه جهيڙا ڪندا هئاسين. هن کي به خبر هئي ته اها ڪاوڙ محبتن تي ٻڌل آهي. سندس ۽ سنڌ جي خيرخواهي ۾ اهڙيون پاڳلن جهڙيون خبرون ٿا ڪيون نه ته اسين به منشي ۽ ڪمدار ٿي لائين ۾ ڇو نه لڳي وڃو، ڇو ويهي اهڙي چريائپ جا جهيڙا ڪيون. هاڻ خبر ناهي ته اهڙيون محبتون ڪنهن سان ٿينديون. محترمه ته وئي هلي هاڻي ڪير ويهي اي ميلون پڙهندو ۽ ڌيان ڏيندو ته پارٽي کان ٻاهر جو اهڙو آواز جيڪو وطن جي خير خواهي چاهي ٿو، سو ڇا ٿو سوچي.
30جون تي هيٿرو کان آرلينڊو فلائيٽ هئي ۽ ائين ڪجهه ڏينهن دوستن سان ڪچهريون ڪندي، پيپلزپارٽي جو ميلو ڏسندي امريڪا روانو ٿي ويس.
حيدرآباد مان پيپلزپارٽي جو ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ عبدالحفيظ پيرزادي جو پراڻو ۽ بي حد ويجهو دوست آهي. وٽس خبر پئي ته حيدرآباد مان آيل سنگت ساڻ ڪري سائين امير علي شاهه ڄاموٽ، پيرزادي صاحب جون زمينون گهمڻ ٿو وڃي. لنڊن ۾ عبدالحفيظ پيرزادي جون ذاتي ملڪيتون آهن. شڪار جو شوقين هجڻ لاءِ هن وٽ ناياب شڪاري هٿيار موجود آهن. اهي ڏسڻ جو شوق ته هو پر ٻي ڏينهن فلائيٽ هجڻ ڪري مجيب ميتلي جي گهر اچي سامان پيڪ ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس ۽ حفيظ پيرزادي سان ڪچهري جو موقعو وڃائي ڇڏيم. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪابينا جو چاڪليٽي هيرو، 1973ع جي آئين جي خالقن مان هڪ حفيظ پيرزادي جو سنڌ ۾ وڏو نالو هو ۽ هن عمر جي آخري حصي ۾ پرويز مشرف جهڙي آمر جي پگهار تي ڪم ڪري پنهنجو اميج ئي خراب ڪري ڇڏيو.
دل چاهي ٿي ته لنڊن، اتي رهندڙ سنڌين ۽ هر وقت قرب ڏيندڙ دوستن جو احوال لکان. اهو احوال ڪنهن ٻي مهل ڪيترائي ڀيرا گهميل لنڊن جي سفرنامي ۾ تفصيل سان ڪبو.
ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جي گهر تنهن وقت لنڊن ۾ جلاوطني جي زندگي گذاريندڙ لياقت علي خان جتوئي، پير مظهر الحق، واجد شمس الحق، بي بي سي جي دوستن محمد حنيف، جاويد سومرو، دنيا جي هڪ وڏي سول سوسائٽي ٿنڪ ٽئنڪ ولٽن پارڪ جي سورنهن صدي جي ڪنهن رومانوي فلم جي پراسرار محل جهڙي بلڊنگ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسز تي لکان، سنڌ جي نالي ۾ ڪيترن ئي همراهن طرفان ڏينهن رات ڪمٽمينٽ سان ڪم ڪرڻ واري سنجيده ڪوششن تي لکان ۽ گڏوگڏ سنڌ جي نالي ۾ لنڊن ۾ ڪن ٻين دوستن طرفان ٿيندڙ عمر شريف ڪاميڊي شو جهڙين سرگرمين تي به لکان.
ڪاش طارق عالم ابڙي جي ڪتاب ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ جهڙو ڪو ڪتاب لکي سگهان.