سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

اڙي هيءُ آهي وائيٽ هائوس!؟

نيويارڪ مان حسن سان ڀاڪر پائي موڪلايوسين. ڀاڀي پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ ڪجهه سامان ڏنو، جيڪو مون ۽ نصير ورهائي پنهنجي سفري بيگز ۾ رکيو جو نصير کي سڌو ڪراچي وڃڻو هو ۽ مون ڪجهه ڏينهن لنڊن ۾ رهڻ جو پي سوچيو.
حسن ۽ منهنجي دوستي ۽ حيدرآباد شهر ۾ گذاريل وقت هڪ الڳ موضوع آهي، هڪ نئين ڪتاب جو مواد آهي، تنهن ڪري سوچيان پيو ته ان تي پوءِ ڪڏهن لکندس، پر اهو حسن جيڪو آمريڪا ۾ گم ٿي ٻيهر اُسريو آهي، تنهن تي هن سفرنامي ۾ ڪجهه سٽون ضرور لکندس.
هن جو زور هو ته اسين ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهون يا واشنگٽن مان موٽي اچي نيويارڪ مان واپسي ڪيون، پر اسان ٻيهر اچڻ جو واعدو ڪري ساڳي گري هائونڊز بس ۾ واشنگٽن ڏانهن روانا ٿياسين.
نيويارڪ کان واشنگٽن ڊي سي ڄڻ ڪراچيءَ کان سکر وڃڻو ٿيو. سو اچي پهتاسين ان واشنگٽن شهر ۾ جتان پوري دنيا تي راڄ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ٿيون وڃن. واشنگٽن لاءِ ٻُڌل هو ته هيءَ شهر اسلام آباد وانگر آهي. ان کي الڳ ٿلڳ ڊزائن ڪيو ويو آهي. واشنگٽن هڪ خاموش، پرسڪون، لابنگ، سفارتڪاري ۽ عالمي سياست جي شعبده بازين جو مرڪز آهي.
سرفراز ميمڻ کي خبر هئي ته اسان ڪٿي لٿا آهيون. هو ڪجهه دير اندر گاڏي کڻي بس اڏي تي پهتو ۽ گهر وٺي هلڻ جو چئي گاڏي هلائڻ لڳو. ان وچ ۾ سوچيندو رهيس ته خبر ناهي ڪهڙي قسم جا رستا هوندا، نه ڄاڻي ڪهڙي قسم جا روٽ، پروٽوڪول ۽ پابنديون هونديون؟ وائيٽ هائوس، ڪانگريس بلڊنگ، ڪئپٽال هل بلڊنگ ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ بلڊنگ ڏانهن وڃڻ مهل سوچيم ته ڪهڙين ڪهڙين شاهرائن ۽ رڪاوٽن تان گذرڻو پوندو.
مون وٽ اسلام آباد ۾ قائم صدارتي محل، قومي اسيمبلي ۽ اهڙن ٻين ادارن اڳيان فضول ۽ غير ضروري سيڪورٽي ۽ عوام آزار انتظاميه جي هوند جو تصور هو. سوچيو سين پئي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ سرفراز ميمڻ يا سائين علي نواز کان انڊر گرائونڊ ميٽرو يا بس جو روٽ پڇي گهمي اينداسون وهائٽ هائوس ۽ ٻيون عمارتون. اهو سوچيندي آءٌ واشنگٽن جا ويران ۽ نيويارڪ جي نسبت گهٽ ٽريفڪ واري شهر جون عمارتون ۽ ماڻهو ڏسندو رهيس.
ٿورڙي دير ۾ اکين اڳيان اچانڪ هڪ مانوس بلڊنگ اچڻ لڳي ۽ نيٺ ان وقت پڪ ٿي ته اسين ڪئپٽال هل بلڊنگ جي سامهون آهيون، جنهن مهل سرفراز ميمڻ هڪ هنڌ مين روڊ تي ٺهيل پارڪنگ ۾ بريڪ هڻي تڪڙ ۾ چيو: ”اڄ موڪل آهي، واشنگٽن جون اهم عمارتون گهمي وٺو، سڀاڻي کان وڌيڪ رش شروع ٿي ويندي. توهان وٽ وقت گهٽ آهي، اڃا اوهان کي ڪافي ميٽنگ ڪرائڻيون آهن ۽ واشنگٽن جا ميوزم به گهمڻا آهن.“
سندس اهڙو اعلان ٻڌي آءٌ ته حيرت ۾ پئجي ويس ته ڪيئن چند لمحن ۾ اسان انهن عمارت اڳيان گاڏين جا دروازا لاڪ ڪري رهيا آهيون، جن لاءِ مون سوچيو هو ته وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي رڳو پري کان ڏسڻ لاءِ.
بلڊنگ ۾ ماڻهو ائين اچي وڃي رهيا هئا جو اسان کي سنڌ سيڪريٽريٽ جي بلڊنگ ۾ به ائين نه اچڻ ڏين. سرفراز ميمڻ اسان جي حيرت کي محسوس ڪندي چيو: ”ادا! اڃا ته 11/9کان پوءِ ٿورڙي سختي آهي، نه ته ماڻهو سڄو ڏينهن پيا اندر گهمندا هيا.“
نيوي جو هڪ بينڊ زبردست ڌنون وڄائيندو آيلن کي ڀليڪار ڪري رهيو هو. هر سياح سُڪون سان انهن سان فوٽو ڪڍرائي يا وري مووي ريڪارڊ ڪرائي رهيو هو. هر ماڻهو جي چهري تي مرڪ هئي. مون سوچيو ته 11/9 جهڙي سانحي کان پوءِ به هن ملڪ جو عوام پنهنجي ساڳي رنگ ۾ آهي. ماڻهو خوف ۾ آهي پر پنهنجي سماجي زندگيءَ جي سرگرمين کي جاري رکندو اچي.
بلڊنگ ڏسي ڪيترن ئي دوستن ۽ اديبن جي سفرنامن جي ٽائيٽل تي ان بلڊنگ جو پرنٽ ٿيل فوٽو ياد آيو ۽ مون فيصلو ڪيو ته 1980ع واري دور جي ڪنهن رواجي فوٽو وانگر آءٌ هرگز پنهنجي سفرناني جي ٽائيٽل تي اهڙو فوٽو ڪونه ڏيندس، جنهن ۾ آءٌ هينگر ٿيو بيٺو هجان. سرفراز اسان کي ٻي ڏينهن تي مختلف جڳهون گهمڻ جو روڊ ميپ سمجهائيندي ٿورڙي ئي پنڌ تي گاڏي اچي هڪ ٻي عمارت سامهون بيهاري.
اڙي! هيءُ ته وهائٽ هائوس آهي ۽ ان سان لڳولڳ روڊ تان ڪاريون، موٽرون مزي سان هلي رهيون آهن. سرفراز ٻڌايو ته 11/9 کان پهرين ان روڊ تان بسون به هلنديون هيون. نصير رڙ ڪري چيو ته اهڙي آسانيءَ سان وهائٽ هائوس جي مک ڀت واري لوهي سيخن کي هٿ لاهڻ ته ڪلفٽن واري باغ جناح تي به سولو ناهي.
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪا رياست ۽ حڪومت پاڻ کي عوام آڏو جوابداه ۽ ذميوار رکندي آهي، سا عوام کان پري رهڻ وارين نوڪر شاهي روايتن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ جيڪا سرڪار هوندي ئي عوام دشمني جي پيداوار آهي، سا هر ممڪن ڪوشش ڪندي آهي ته عوام سندن محلن ۽ دربارن کان پري رهي.
لنڊن ۾ به اوهين ڏسو ته ڪيئن برطانوي وزيراعظم جي آفيس جي ٻاهر ڪجهه ميٽرن جي مفاصلي تي اوهين احتجاج ۽ مظاهرا ڪري سگهو ٿا ۽ هت (پاڪستان اندر) اگر اهڙن ادارن اڳيان مظاهري لاءِ وڃو ته ان جو حشر پاڻ تازو پاڪستان انڊر وڪيلن واري تحريڪ ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڏسي چڪا آهيون.
دنيا جي سياست کي لوڏي ڇڏيندڙ انهن اهم عمارتن اڳيان فوٽو ڪڍرائي وهائٽ هائوس جي سامهون ورهين کان بک هڙتال تي ويٺل هڪ همراهه جي ڪئمپ کي ڏٺوسين.
سرفراز ٻن ڪلاڪن اندر پوري دنيا جي سياست جا مرڪز ائين جهٽڪي سان گهمائي ڇڏيا جو خبر ئي نه پئي. رستي تي سائين علي نواز ميمڻ جو فون آيو ته ڪٿي پهتا آهيون؟ سرفراز کيس جلدئي گهر پهچڻ جو چيو ۽ اسان جي گاڏي ميري لينڊ جي هڪ پوش علائقي ۾ واقع سرفراز ميمڻ جي گهر ڏانهن رواني ٿي وئي.
پنهنجي ذهن ۾ موجود رڪاوٽن ۽ پابندين جي ابتڙ وهائٽ هائوس ۽ ڪئپٽال هل بلڊنگ کي ايترو اوپن ۽ سياحن لاءِ هر وقت کليل رهندو ڏسي، آمريڪي سرڪار جي سياڻي هجڻ جي حڪمتِ عمليءَ تي کِل به آئي ته حيرت واري خوشي به.