سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

منور لغاري سان رهجي ويل ملاقات

رسول بخش پليجو هڪڙي ڳالهه زبردست ڪندو آهي ته مخالفت انهيءَ ماڻهو جي ٿيندي آهي، ساڙ، حسد ۽ گلا به ان شخص جي ٿيندي آهي جيڪو مارڪيٽ ۾ سرگرم هوندو آهي ۽ ڪم جو هوندو آهي. باقي مئل تي مٿو ڪير ڪونه هڻندوآهي. تنهن ڪري جيڪو ان چڪر ۾ پوندو ۽ سندس گلا ٿئي ٿي ۽ برائي ٿئي ٿي ته يا غلط تبصرا ٿين ٿا ته اهو اڳيان نه وڌي سگهندو. منور لغاريءَ جي معاملي ۾ به اها ڳالهه فٽ آهي ته هو انتها جو سرگرم ۽ محنتي شخص آهي، تنهن ڪري مارڪيٽ ۾ (پوءِ اها سنڌ هجي يا واشنگٽن) سندس مخالفت به بي حد آهي ۽ دشمن به گهڻا آهن. آءٌ ان بحث ۾ نٿو وڃان ته سندس مخالفت جا سبب ڪيترا صحيح ۽ ڪيترا غلط آهن پر ايترو ضرور آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي سماج تي اثرانداز ٿيندڙ هوندو آهي تحرڪ ۾ هوندو آهي ان جون ئي مخالفتون ۽ دوستيون هونديون آهن.
هن دنيا ۾ ڪهڙو اهڙو شخص آهي جنهن جا ڪي مخالف نه هجن ۽ پورو جهان رڳو دوست هجي، ڪي ماڻهو اسان کي به ڏينهن رات گاريون ٿا ڏين، سنڌ ۾ مخالفت ٿا ڪن پر نوٽيس ئي نٿا وٺون جو متحرڪ ماڻهوءَ سان ئي اهي لوازمات لاڳاپيل آهن.
حسن مجتبيٰ بي حد محبت ڪندڙ دوست آهي. پنهنجي وکري طبيعت جي ڪري ڪنهن به طرفان سندس حمايت ۾ پوري دوري دوران هڪ اکر به چڱو نه ٻڌم پر مون کان ڪير پڇي ته هو ڪيترو محبوب ماڻهو آهي. نصير ميمڻ به حسن مجتبيٰ سان گڏ رهندي هڪ حيران ڪن وقت گذاريو ۽ واپسي ۾ چوندو رهيو ته مجو جهڙو ماڻهو ئي ناهي ڪو ٻيو.
سو انسان انهن خامين، خوبين، دوستن ۽ دشمنن سان زندگيءَ جي گاڏي کي اڳيان ڍڪي رهيو آهي.
منور به پنهنجي سياسي زندگي ۽ پيشه ورانه ڪيريئر ۾ ائين ئي متنازعه رهيو آهي. منهنجي ۽ منور جي ملاقات مقرر نه هئي ۽ منور کي پنهنجي والده جي طبيعت جي خرابي جي ڪري ايمرجنسي ۾ دبئي وڃڻو پيو جتي سندس امڙ کي پاڪستان مان کڻائي سندس گهرڀاتي رڳو ان ڪري پهتا هيا ته منور جي امڙ پنهنجي ٻچڙي کي ڏسڻ جي خواهش پوري ڪري جو منور پاڪستان نٿو اچي سگهي. منهنجي ناقص معلومات موجب پاڪستان اندر منور جا معاملات ٺيڪ ٿي ويا آهن پر هن شايد رسڪ کڻڻ نٿي گهريو.
ڪيڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته ماڻهو جنهن ڌرتيءَ تي ڄائو هجي ۽ جنهن هنج ۾ ننڊون ڪندي، روئيندو کلندو وڏو ٿيو هجي، پنهنجي حياتي ۾ انهن گهٽين ۽ گلين ۾ واپس نه اچي سگهي. پنهنجا ويڙها دوست يار، مٽ مائٽ ڏسي نه سگهي. اهو درد هن کي بي چين رکندو هوندو. ان بي چينيءَ کي هن مايوسيءَ ۾ زندگي گذارڻ بدران سگهه ۾ تبديل ڪري نه رڳو نالو ڪمايو آهي پر سنڌ جي ڪيس جي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ وڏي وڪالت ڪئي اٿس.
اسان جي هڪ ٻي دوست جاويد قاضي، منور لغاري جي يادگرين تي ٻڌل هڪ ڪتاب ”جلاوطني – جدوجهد لاءِ اتساهه“ لاءِ لکيل خوبصورت مهاڳ ۾ منور لغاري کي ٻيهر ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپرايل اهو ڪتاب منور جي والد ۽ اسان جي قابل احترام دوست ۽ بزرگ چاچا محمد علي لغاري تحفي طور ڏنو هو. هي سٽون لکندي اها خبر به پئي ته چاچا محمد علي لغاري اڄ ڪلهه امريڪا ۾ آهي. خالد هاشماڻي ۽ نصير ميمڻ جي هڪڙي اي ميل ۾ سنڌي شام جي نالي هيٺ چند دوستن پاران ملهايل هڪ خوبصورت رهاڻ ۾ چاچا محمد علي پاران پنهنجي مخصوص انداز ۾ لطيف جي جهونگاريل شاعري جو تذڪرو موجود هو.
منور پاڻ به ڀٽائي جو عاشق آهي ۽ صوفي ازم تي يقين رکندڙ آهي. سنڌ جي سيڪولر قدرن ۽ صوفي ازم کي دنيا جي سمورن تضادن ۽ تڪرار جو حل سمجهي ٿو.
هن ڪتاب ۾ به هن انهن عالمي سطح جي سياسي تڪرارن ۽ معاشي بحرانن تي ڳالهايو آهي.
منهنجي خواهش هئي ته انهن سان ملاقات ٿئي، سندس دبئي وڃڻ ڪري اها ملاقات اڌ ۾ رهجي وئي.
ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ سال 2008 ۾ ٽيڪساس رياست جي شهر ڊيلاس ۾ ٿيندڙ سانا ڪنويشن ۾ شرڪت لاءِ پهرين واشنگٽن ويندي ساڻس ملاقات ٿئي ، ڪوشش ڪندس ته 2008ع واري سانا ڪنويشن (جيڪر دوستن دعوت ڏني ۽ پاڻ وٽ گهرايو ته) ۾ شريڪ ٿيان ۽ پوءِ واشنگٽن ۾ جلاوطني ۾ جدوجهد ۾ ۽ جاکوڙ جو اتساهه پيدا ڪندڙ منور لغاري سان سنڌ تي هڪ طويل ڪچهري ڪيان.