سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس ۾

سنڌ ۾ جتي ٻين ڪافي اهم اشوز تي اخبارن، رسالن ۽ تحقيقي جرنلز ۾ لکيو وڃي ٿو، مختلف ريڊيو ۽ ٽي وي مذاڪرن ۾ بحث ڪيو وڃي ٿو، مختلف ڊائيلاگ فورمز تي مذاڪرات ڪيا وڃن ٿا، اتي گذريل ڏهن سالن اندر سنڌ جو پاڻيءَ جو ڪيس اهڙي سياسي، معاشي ۽ سماجي بقا جي نعري طور اڀريو آهي، جو دنيا جو ورلي ڪو اهڙو فورم هجي جتي اسان جي فني ماهرن، ايريگشن ۽ پاڻيءَ جي انجنيئرز، ڪالم نگارن، سياسي تجزيه نگارن، سياسي پارٽين ۽ ڪارڪنن يڪراءِ ٿي سنڌ جي نقطه نظر کي، سائنسي ۽ سياسي بنيادن تي بهترين نموني پيش نه ڪيو هجي.
خاص طور تي ڊئمن ۽ ڊيلٽا جي ڪيس ۾ سنڌين هر حوالي سان زبردست موقف پيش ڪندي عظيم الشان قومي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي، پوري دنيا لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي. سياسي ميدان ۾ سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن پاڻ ملهايو آهي.
فني ميدان ۾ سنڌ، اي اين جي عباسي، ادريس راجپوت، قاضي مجيد، ابرار قاضي، طاهر قريشي، عبدالمجيد نظاماڻي، اعجاز قريشي، هاشم لغاري، مشتاق ميراڻي، عزيز ناريجي ۽ نصير ميمڻ جهڙا حلالي پٽ پيدا ڪري دشمنن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. ٻي پاسي قيصر بنگالي، صبيح الدين غوثي، زبيده مصطفيٰ، عارف حسن، شاهد حسن وغيره جهڙا وڪيل سنڌ جي ڪيس کي وڏي سپورٽ آهن.
ٻي پاسي سانا ۽ WSI جهڙين تنظيمن آمريڪا ۾ ويٺي پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ، ماحوليات جي تباهي ۽ ڊرينج جي تباهڪار منصوبن لاءِ پاڪستان کي فنڊ ڏيندڙ عالمي بئنڪ (WB) جي هيڊ آفيس ۾ سنڌ جي ڪيس جي وڏي لابنگ ڪئي.
ايل بي او ڊي کي بين الاقوامي سطح تي ايترو ته کنيو ويو جو عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي انسپيڪشن پينل جوڙي معائنو ڪرڻو پيو.
ان ڏس ۾ ايڪشن ايڊ پاڪستان، فشر فوڪ، ايس ڊي ايف جهڙين تنظيمن به وڏو ڪردار ادا ڪيو.
واشنگٽن جي دوري دوران ادي حميرا رحمٰن اسان کي عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس ۾ وقت وٺي ڏنو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ عالمي بئنڪ جو صدر وولف ووز ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي بئنڪ کان ڌار ٿي چڪو هو، سو خود عالمي بئنڪ جي پنهنجي ساک،شفافيت ۽ گورننس جي ڍانچي تي وڏا تبصرا هئا.
اسان عالمي بئنڪ جي هيڊ آفيس جي بلند وبالا عمارت اندر ٻه ڪلاڪ کن سنڌ جي پاڻي، ڊرينج ۽ ڊئمن جي ڪيس تي ڳالهائيندا رهياسين. اسين شروع کان ئي چوندا آهيون ته انهن عالمي ادارن سان ڊائيلاگ ضرور ڪجي ته جيئن انهن وٽ سنڌ ۽ سنڌ جي مؤقف بابت پهتل غلط تاثر کي ختم ڪجي. ان ڏس ۾ آمريڪا جا دوست وقت به وقت انهن عالمي مالياتي ادارن سان لهه وچڙ ۾ رهندا آيا آهن. عالمي بئنڪ جي دوستن سان بهترين ميٽنگ ٿي.
مون کي ميٽنگ ڪجهه وقت اڳ ۾ ڇڏڻي پئي جو وائيس آف آمريڪا جي اردو سروس جو پاپولر اينڪرپرسن فيض الرحمٰن پنهنجي آفيس ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هوڏانهن ادي حميرا ۽ نصير ميمڻ عالمي بئنڪ جي اعليٰ عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهيا.