آمريڪا هينئن به گهمي سگهجي ٿي! - جامي چانڊيو
منهنجي پنجن سالن جي دور ۾ هن عبرت ۾ مستقل ۽ تمام گهڻو لکيو ۽ خاص طور ڪرنٽ افيئرس جي حوالي سان هو عبرت جو فرنٽ لائين ليکڪ هو. ڪرنٽ افيئرس ۾ هن جي دلچسپي تمام گهڻي هئي ۽ هو بنهه شارٽ نوٽيس تي به وقتائتا ۽ مدلل مضمون ۽ ڪالم لکي وٺندو هو، جنهن کي چرچن ڀوڳن ۾ سنگت ۾ ”چَتي“ چئبو هو. پوءِ حيدرآباد جي ليکڪ دوستن جي حلقن ۾ اهو اصطلاح ڏاڍو هليو ۽ زلفيءَ جو پنهنجو به تڪيه ڪلام بڻجي ويو.
منهنجو عبرت وارو اُهو دور نه رڳو منهنجي حوالي سان پر سڄيءَ سنگت لاءِ هڪ يادگار دور رهيو. منهنجي آفيس سنگت جو مرڪز هوندي هئي ۽ سڄو ڏينهن گاڏي کاتي جي ڪلو پڪوڙائي ۽ لجپت روڊ جي عقيل ڀائي جي آچار ۽ مرچائي پڪوڙن تي دنيا جي هر موضوع تي بحث مباحثا هوندا هئا. سنڌ ۾ ڪيترا وڏا وڏا ڪم ۽ پيش قدميون اُتي ٿيون ۽ حقيقت اها آهي ته نئين دور جي سول سوسائٽيءَ جا سگهارا بنياد عبرت جي ان آفيس ۾ پيا. زلفي، ارشاد لغاري، حسن درس، عبدالرحمٰن سمون، عزيز گوپانگ، علي آڪاش، حفيظ ڪنڀر، اي جي چانڊيو، شبير نظاماڻي، شعيب قريشي، ايوب گل، شاهنواز رند، حميد ميمڻ، سڀاش حميراڻي، جي پرڪاش ۽ امداد سومرو ان ”ڪلب“ جا خاص ميمبر هئا. انهن دوستن مان ارشاد لغاريءَ ۽ زلفيءَ سان منهنجيون ڪچهريون پوءِ اڪثر زلفي جي کوکر پاڙي واري جاءِ تي به ٿينديون هيون.
زلفيءَ سان حقيقت ۾ دوستيءَ جو تعلق ان ئي عرصي ۾ ٿيو. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ماڻهو ناهي جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جون ڪچايون ڦِڪايون نه هجن، آءٌ ۽ زلفي به انهن ماڻهن ۾ شمار آهيون پر زلفيءَ جون ڪجهه خوبيون نراليون آهن. هڪ ته هو دوستيءَ جي تعلق ۾ آسان ماڻهو آهي، جنهن سان هلندي توهان کي ڪو بارُ محسوس نه ٿيندو. چرچا، ڀوڳ، کِل ۽ تمام سنجيده ڪم به کلندي کلندي ڪرڻ، اها سندس شخصيت جي نرالي خوبي آهي. ٻيو هو ذهني طور ٻين روايتي سنڌي ليکڪن وانگر سُست يا ڪاهل ناهي. هو تمام چُست ۽ سرگرم ماڻهو آهي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن خفي ۾ مصروف هوندو آهي. هن کي ڪو دَڳُ ملي وڃي پوءِ زلفيءَ کي ڪاميابيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.
هن ٿوري وقت ۾ جيڪو پاڻ مڃرايو آهي يا جيڪي انيڪ ڪاميابيون ماڻيون آهن، انهي پٺيان سازگار حالت جو گهٽ ۽ هن جي محنت ۽ سرگرم مزاج جو عمل دخل وڌيڪ آهي ۽ جي هاڻي هن وٽ اڳتي وڌڻ ۽ ڪاميابيون ماڻڻ لا ڪي سازگار حالتون آهن ته به اُهي هن پاڻ پنهنجي محنت ۽ سرگرميءَ سان پيدا ڪيون آهن. هن جو تعلق ان طبقي سان آهي جن کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستا ٺهيل ٺڪيل نه ملندا آهن، اُهي رستا ماڻهوءَ کي پاڻ ٺاهڻا پوندا آهن. زلفيءَ به پنهنجا اهي رستا پاڻ ٺاهيا آهن.
هن پنهنجي ذاتي، پروفيشنل ۽ علمي زندگيءَ ۾ ڪاميابين جا سڀ گِرههَ پنهنجيءَ پليٽ مان کنيا آهن، ڪنهن ٻئي جي حصي مان نه کنيا آهن. زلفي گذريل ڪجهه سالن کان تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌيو آهي. اهو انهي ماڻهن لاءِ مثال آهي جيڪي اڳتي به وڌڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجيءَ قوم لاءِ سنجيده ڪم به ڪرڻ چاهين ٿا. هو منهنجو دوست ۽ هم عصر هئڻ سان گڏ ٻه ڏينهن مون کان ننڍو آهي، انڪري مونکي هن جي ڪاميابين ۽ تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي ۽ مان اڪثر پَرَپُٺِ ان جو مثال به ڏيندو آهيان.
زلفي هڪ تيز رفتار ليکڪ آهي، هن کي اخبارن لاءِ مضمون يا ڪالم لکڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪ گهرجن. مون هن جي اِها قلمي تيز رفتاري سالن کان ڏٺي آهي. اها صلاحيت تمام گهٽ ماڻهن ۾ ٿيندي آهي. اصل ۾ تيز رفتاري هن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ شامل آهي ۽ اوهان کي هن جي هر ڪم ۾ اها شيءِ واضح نظر ايندي. سائبر ايڪٽوازم (Cyber Activism) ۾ به هو ان حوالي سان جڳ مشهور آهي. زلفيءَ جو هيءَ سفرنامو به هن جي قلمي تيزرفتاريءَ جو مظهر آهي. ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي جيڪي سفرنامو لکڻ لاءِ سال گهرجن ها پر هن اهو ڪتاب مهينن اندر لکيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سفرناما لکڻ جي روايت ڪافي پراڻي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هر قسم جا سفرناما پڻ لکيا ويا آهن جنهن ۾ تفريحي، تعليمي، ثقافتي، معلوماتي، صحافتي ۽ نج ادبي شاهڪار شامل آهن. زلفيءَ جو هي سفرنامو معلوماتي ۽ صحافتي نوعيت جو آهي جيڪو رپورٽاز جي اسلوب ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٺاههَ. ٺُوههَ کان يا ادبي فنڪاريءَ کان ڪم نه ورتو ويو آهي. ڪتاب بس اکين ڏٺو احوال آهي، جيڪو هن قلمي صورت ۾ اسان پڙهندڙن سان شيئر ڪيو آهي. ان ڪري ئي ڪتاب جي ٻولي به بنهه سادي آهي جيئن ڪنهن ٻار کي به سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي.
مطلب ته زلفيءَ هن ڪتاب ۾ به پنهنجا سفر دوران مشاهدا، تجربا، خيال ۽ صلاحون قلمند ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، انڪري هو پاڻ به هن ڪتاب کي پرڏيهه وڃڻ جي خواهشمند نوجوانن لاءِ هڪ گائيڊ بُڪ جو نالو ڏئي ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته سفر نامي کي اهڙي انداز ۾ لکڻ جو اهو تفريحي معلومات سان گڏوگڏ ان علائقي جي سياست، معيشت ۽ سماج بابت سنجيده معلومات فراهم ڪري ان ڪتاب جي اهميت يقينن رهنمائي ڪندڙ ڪتاب واري هجي ٿي.
اسان وٽ اهڙن ڪتابن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جن مان خاص طور نوجوان پنهنجي ڪيرئير، سماجي ڪردار ۽ پيشه ورانه طور اڳتي وڌڻ ۽ ان ڏس ۾ سامهون ايندڙ چئيلنجز کي سمجهڻ، انهن کي مُنهن ڏيڻ ۽ نتيجي ۾ ان مان رهنمائي حاصل ڪري سگهي. زلفيءَ جو هي ڪتاب گهڻي حد تائين اهڙي کوٽ پوري ڪري ٿو. هن ڪتاب جون جيڪي ڳالهيون مونکي سٺيون لڳيون، انهي مان مکيه هي آهن:
1- آمريڪا ۽ لنڊن ۾ تمام گهڻا سنڌي رهن ٿا، جيڪي ظاهر آهي ته انفرادي توڙي اجتماعي طور پنهنجي وطن، قوم، عوام، ان جي ترقيءَ، ثقافت، ٻوليءَ ۽ تعليم لاءِ سوچين، لوچين ۽ محسوس ڪن ٿا پر انهن جو سنڌي عوام سان وسيع رابطي جو ڪو اثرائتو ذريعو نه آهي. نه هِتي جي ماڻهن جي گهڻائيءَ کي هُتي جي خبر ئي پوي ۽ نه وري هُتي جي ماڻهن کي هِتي جي پوري خبر آهي. ذاتي لاڳاپن، عام ميڊيا يا سالياني ڪانفرنس کانسواءِ ٻيو ڪوبه سِرشتو موجود نه آهي. ان حوالي سان زلفيءَ جو هي سفرنامو پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي ويچارن، سرگرمين، خواهشن ۽ سنڌ بابت سندن مشاهدن ۽ تصورن جي حوالي سان گهڻي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
هي ڪتاب ان تاثر کي رد ڪري ٿوته ڪو پرڏيهه ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيه ۾ ويٺل سنڌي، سنڌ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کان ذهني طور لاتعلقو بڻيل آهن. هن قسم جا ڪتاب ۽ معلومات سنڌ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين وچ ۾ وڌيڪ اعتماد پيدا ڪرڻ جو وسيلو بڻبا. هن ڪتاب ۾ زلفيءَ شعوري طور به اهو گيپ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻنهي طرفن جا حال احوال ڪيا آهن. هن انفرادي تجربن سان گڏوگڏ آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي تنظيمن جهڙوڪ سانا، ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ توڙي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي حوالي سان پڻ سـٺي معلومات ڏني آهي ۽ ظاهر آهي ته هُن به کين سنڌ توڙي پاڪستان جي حالتن بابت به سٺيءَ طرح ڄاڻ ڏني هوندي. زلفيءَ انهن سڀني شين جو هن ڪتاب ۾ تنقيدي نظر سان جائزو پڻ ورتو آهي ۽ تمام گهڻيون ڪارائتيون صلاحون ڏنيون آهن، جن تي انهن ادارن ۽ تنظيمن کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي.
2- زلفيءَ کي هن دوري ۾ آمريڪا ۾ ڪافي پرڏيهي ادارن، آمريڪا جي بااثر اداري اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، مقامي ٿنڪ ٽينڪس ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان ملڻ، ساڻن گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ سندن رايا، سوچڻ جا انداز معلوم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي حال احوال ڏيڻ جو موقعو مليو. هن ڪتاب جي بهاني اُهي سموريون ڳالهيون نه رڳو محفوظ ٿيون آهن پر ليکڪ ان حوالي سان سنڌ جي سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽيءَ کي پڻ ڪارائيون صلاحون ڏنيون آهن ته اُهي ڪيئن پنهنجو ڪيس دنيا آڏو اثرائتي نموني رکي سگهن ٿيون؟ زلفي نه رڳو سياسي سوچ ۽ قومي درد به رکي ٿو ۽ هو لوڪل ۽ عالمي سول سوسائٽيءَ جو به سرگرم حصو آهي، ان ڪري هن کي خبر آهي ته سنڌ ۽ عالمي ادارن وچ رابطن جو گيپ ڪيئن ڀري سگهجي ٿو. هي ڪتاب ان جو کليل ۽ واضح اظهار ڪري ٿو.
3- هونئن ته هي ڪتاب گهڻن حوالن سان پڙهڻ ۽ لطف وٺڻ جهڙو آهي پر هن ڪتاب جي هڪ خاص اهميت نوجوانن لاءِ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب ۾ انهي لاءِ، مڪمل رهنمائي موجود آهي ته پرڏيهه ۽ خاص طور آمريڪا ڪيئن وڃي سگهجي ٿو؟ تعليم هجي، سياحت هجي يا اميگريشن هجي انهن جي قاعدن ۽ قانونن کي ڪيئن سمجهڻ گهرجي ۽ ان جي تياري ڪيئن ڪرڻ گهرجي ۽ ان جون گهرجون ڪهڙون آهن؟ خاص طور آمريڪا ۾ نوجوانن لاءِ ڪيترا موقعا آهن؟ وڏي ڳالهه ته اُهي موقعا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا؟ اسانجو نوجوان باصلاحيت به آهي، محنتي به آهي، اڳتي وڌڻ جون جائز خواهشون به رکي ٿو پر دراصل وٽن معلومات جي غربت آهي. هن ڪتاب ۾ شعوري طور زلفيءَ اها معلومات جي غربت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انڪري منهنجي خيال ۾ هي ڪتاب نوجوانن کي وڌيڪ پسند ايندو جن لاءِ آمريڪا وڃڻ هڪ خواب مثل هوندو آهي.
مونکي ڪتاب پڙهڻ ۾ ان ڪري به گهڻو لطف آيو جو جن شهرن، ماڻهن، ماڳن، دوستن يارن ۽ ڪچهرين جا زلفيءَ حال احوال لکيا آهن انهن سان منهنجو به دل جو تعلق رهيو آهي. ساڳين دوستن جا حال احوال پڙهي وڌيل لطف آيو. عزيز ناريجي، ادي حميرا، منور لغاري، اقبال ترين، علي نواز ميمڻ، سني پنهور، خالد هاشماڻي ۽ حسن مجتبى جهڙي محبوب ماڻهن ۽ پيارن دوستن جا احوال پڙهي لطف اچي ويو ۽ ذهن جي ڪئميرا ۾ انهن سان گهاريل گهڙين جي ڪيسيٽ روائنڊ ٿيڻ لڳي. عالمي سياست اثر انداز ٿيندڙ جن اهم ادارن، فورمز ۽ شخصيتن جا تفصيل زلفيءَ هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن آءٌ به پنهنجي ريسرچ ۽ ٽرئيننگز جي ڏس ۾ انهن سان تمام گهڻي لهه وچڙ ۾ آهيان، انهن بابت هڪ نئين انداز سان لکيل نقطه نظر پڙهندي ڪافي مزو آيو. هونئن به هر شيءِ ويندي هلي آهي ۽ رڳو يادگيريون رهجي وينديون آهن. انهن جو حسن ئي وڃي باقي بچندو آهي. هن ڪتاب جي خوبصورتي به اها آهي ته ڪجهه هفتن جو سفر هو، جيڪو اَکَ ڇِنڀَ ۾ پورو ٿي ويو پر هڪ ذهين، وطن دوست ۽ ڏسندڙ اک، محسوس ڪندڙ دل ۽ ليکڪ جي قلم انکي محفوظ ڪري نه رڳو وقت جي فريم ۾ بند ڪري سنڌي ادب جي ديوار تي هڻي ڇڏيو پر انکي وڌيڪ امرتا ۽ حُسن پڻ بخشيو آهي.
جامي چانڊيو
B-98 قاسم نگر، قاسم آباد
حيدرآباد، سنڌ
7 جون 2008