خالد هاشماڻي: هڪ بي چين سنڌي روح
معصوم ٻارڙن وانگر اوهان جي ڳالهه کي خاموشي ۽ حيرانگي واري مسڪراهٽ سان ٻڌندو، پنهنجو مؤقف ڏيندو ۽ پوءِ اسان جي پياري ڊاڪٽر رجب ميمڻ وانگر ٿورڙي ٿورڙي دير جي وقفي سان سهمت به ٿيندو ويندو ته موڊ خراب ٿيس ته اختلاف به رکندو ويندو آهي آءٌ ته حيران ٿيندو آهيان ته هن کي ڪيئن ٿو وقت ملي انٽرنيٽ تي سنڌي توڙي پاڪستان جون ٻيون اخبارن پڙهڻ جو. يا اهي بين الاقوامي سطح جو مواد جنهن ۾ سنڌ تي تبصرو يا خبر هجي.
سنڌ جو ڪو اهڙو اشو ناهي جنهن تي هن جي نه رڳو اک نه هجي پر ان اشو تي سندس پاران ڪو زبردست مؤقف نه ايندو هجي. واشنگٽن ويندڙ سنڌي دوستن سان ڪميونٽي پروگرامن سان گڏوگڏ اتان جي سول سوسائٽي ٿنڪ ٽينڪس، ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ ۾ ملاقاتون رکائي ڏيندو آهي، زور زور سان چوندو رهندو آهي ته سنڌ جو ڪيس هر حوالي سان مضبوط آهي پر ان جي پيش ڪرڻ جي طريقه ڪار ۽ دليلن کي هر وقت سائنسي بنيادن تي مضبوط ڪندو رهو.
ڪالاباغ ڊيم هجي، اين ايف سي هجي، سنڌ جي عوام جي حق حاڪميت جو جهيڙو هجي، يا يو اي ايس ايڊ جي سنڌ اندر تعليم جي ميدان ۾ بهتري آڻڻ بدران تباهي ڦهلائيندڙ پروگرام اسرا (ERSA) يا صوبائي خودمختياري ۽ جمهوريت جو معاملو هجي، هاشماڻي صاحب هڪ ذميوار شهري طور هر اشو تي پنهنجو نقطه نظر شيئر ڪندو آهي ۽ سنڌ جي حوالي سان واشنگٽن ۾ ٿيندڙ سرگرمين بابت آگاهي ڏيندو رهندو آهي.
مون ۽ نصير آرلينڊو ۾ سندس انتظار پي ڪيو ته ملاقات ٿئي. اتي دوستن کل ڀوڳ ۾ ٻڌايو ته جيڪو شخص جنرل باڊي ۾ هر هر پوائنٽ آف آرڊر تي اتي بيهي، سمجهو ته خالد هاشماڻي آهي ڇاڪاڻ ته اسان خالد هاشماڻي کي اڃا ڏٺو نه هو.
ان سال سانا ڪنوينشن جي قراردادن ٺاهڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هو. پاڻ هڪ محنتي ۽ جفاڪش انسان آهي. سنڌ ٻين ڪيترن ئي دوستن وانگر سندس زندگي جو حساس موضوع آهي، پر هو ان احساس کي لکڻ پڙهڻ، هر وقت سنڌ جي اشو تي صلاحون ڏيڻ ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ وارو ڏکيو ڪم ڪندو رهي ٿو.
اسين جيترا ڏينهن واشنگٽن ۾ رهياسين هر روز ڪنهن نه ڪنهن اداري ۾ ميٽنگ لاءِ وقت وٺي ويندو آهي.
آءٌ کيس تڪڙو تڪڙو هلندي، سنڌ سنڌ ڪندي ڏسي سوچيندو هيس ته اسان کي پنهنجن اهڙن سڄڻن ۽ همدردن جو قدر ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هو امريڪا جهڙي معروف سوسائٽي ۾ رهندي ڪجهه وقت وطن لاءِ سوچيندي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا ته پاڻ کي اهڙن دوستن کي ياد ڪرڻ، کين وڌايون ڏيڻ ۽ ضرورت مهل ساٿ ڏيڻ جو فرض نڀائڻ گهرجي.
پنهنجي خواهش آهي ته سنڌ کان ٻاهر رهندڙ اهڙن دوستن جا تفصيلي پروفاشلز رکان، ايندڙ نسلن لاءِ ڪو اهڙو دستاويز لکي ڇڏجي جو اهڙا وطن پرست ڪردار اسان جي دلين ۽ داستانن مان گم نه ٿي سگهن.