ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

ليکڪ پاران (پهرين ايڊيشن لاءِ)

آءُ لکندو ڇو آهيان؟ اها مون کي پاڻ کي خبر ناهي، بس اندر جي آنڌمانڌ، ولوڙ، ڪڏهن ڪڏهن لکرائيندي آهي، جنهن ڪري گھڻو نه لکيو اٿم. مون جڏهن به لکيو آهي، تڏهن منهنجي منَ اندر ۾ هزارين سائيڪلون ورتل انڊين اوشن پيدا ٿي پوندا آهن. مون تڏهن لکيو آهي، جڏهن ڪنهن ڏک جي احساس تحت ڳلي ۾ ڳوڙهو محسوس ٿيندو آهي. ان وقت مون کي يقين هوندو آهي ته منهنجي ڪيفيت جو گھٽ ۾ گھٽ پنجويهه سيڪڙو پڙهندڙ تي ضرور اثر ٿيندو. ڇو جو اڃا تائين، اهڙا لفظ ئي پيدا نه ٿيا آهن، جيڪي ڪنهنجي به من اندر جي ڪيفيت کي سئو سيڪڙو ظاهر ڪري سگھن. هونئن به لکڻ وقت، هجڻ ايئن گھرجي جو خيال پنهنجو پاڻ هڪ وهڪرو ٺاهيندا اچن. ڪِيٽس به ڪنهن هنڌ ايئن چيو آهي ته شاعري اهڙي ريت ڪجي، جيئن وڻن تي پن اچڻ شروع ٿيندا آهن.
ننڍپڻ کان وٺي مشاهدي جي حِس چڱي هئي ۽ ان حِس کي جِلا ڏيڻ ۾ اسان جي گھر جو ۽ گھر کان ٻاهر جو ماحول ڪافي مددگار ثابت ٿيو. اسان جو ننڍپڻ ۽ جواني جمالياتي نظارن ۾ گذري. گھر جي هڪڙي طرف لاڙڪاڻي جون خوبصورت بلڊنگون به هيون، اسڪولن جا ڪشادا ميدان به هيا ته ٻي طرف چهچ سايون ٻنيون به هيون ۽ ٻنين وچ مان گجگوڙ ڪندي، رائيس ڪئنال به وهندي هئي، جنهن ۾ اونهاري جو چانڊوڪين ۾ تڙڳندا به هياسي ته سج لهڻ، جو منظر جھٽڻ لاءِ ڪيمرا ڳچيءَ ۾ وجھي ويهبو به هو. ڪناري لڳ واڙيءَ مان گجرون، گوبي، گوگڙون، موري ۽ ٻير وٺي کائبا هئا (پر انهن کان وڌيڪ چوري پٽيل شين مان لطف ايندو هو.)
گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول جي خوبصورت بلڊنگ اڳيان ميدان تي ڏينهن جو چڌي (بلور) راند کان وٺي ڪرڪيٽ کيڏبي هئي ته رات جو ونجھوٽي ۽ ٻلهاڙو کيڏبو هو. ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جا ٻار ”ڊرامو“ ڪندا هياسي، جنهن لاءِ لالٽين اسان جو اُهو ڪارو ۽ چپ ڊُولو دوست کڻي ايندو هيو جيڪو ڊرامي ۾ ”سبز پريءَ“ جو ڪردار ادا ڪندو هو. ڊرامي جي پُڄاڻي ”ڀاڄ“ سان ان وقت ٿيندي هئي، جڏهن سبز پريءَ جو ديو نما پيءُ گھران ڪاوڙيو ايندو هو ته “ماڻهين ٿي اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي ۽ تون لالٽين کڻي آيو آهين“
مختلف ۽ دلچسپ ڪردارن جي به اسان جي پاڙي ۾ اڻاٺ نه هئي. لاهوري محلي جو ٻار ٻار، ارباب علي عرف ”اربو ٻٽاڪيءَ“ کان واقف هيو. هو اسان کي ڳالهين جي سحر ۾ وٺي دنيا جھان جا سير ڪرائيندو هو. اسان اڪثر ڪري گھر ڀرسان، هاءِ اسڪول جي ميدان ۾ کجيءَ جي وڏي وڻ هيٺيان ويٺا هوندا هياسين ته اتان لنگھندو هو ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ننڍي پيٽي، حجامت جي سامان سان ڀريل هوندي هئي ۽ بغير چوڻ جي ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويندو هو.
”هاڻي هاڻي، ايس پي صاحب (ڪوبه وڏو عملدار) جا وار ٺاهي آيو آهيان، وري فلاڻي صاحب ڏي وڃڻو آهي، تنگ ڪري ماريو اٿائون، هيڏا حجم، لاڙڪاڻي شهر ۾ آهن پر مون کان سواءِ ڪنهن جو هٿ وڻين ئي نه ٿو. هاڻي گذريل عيد تي ڀٽو صاحب (ذوالفقار ڀٽو) آيو، وار ٺهرائڻ لاءِ مون کي سڏايائين، حالانڪه ٻين،ڪٽپر جهڙن چمچن، چيس ته ”سائين وزيراعظم ٿي ڪري، اڃان ان کان وار ٺهرائيندئو“ پر، شابس آهي ڀٽي صاحب کي، جنهن چين ته ”نه وار ٺهرائبا ته رڳو ارباب علي خان کان“. بهرحال مان به وڃي ”المرتضىٰ“ پهتس. ڀٽو صاحب ۽ رضا شاهه (تڏهوڪو شهنشاهه ايران) لان ۾ ويٺا هجن، ڀاڀي فرح (ملڪه ايران) ورانڊي ۾ ويٺي هجي، ڀٽي صاحب، منهنجو تعارف ٻنهي سان ڪرايو. ڀٽي صاحب ۽ شهنشاهه ايران جا وار ته لاٿم ئي لاٿم پر ڀاڀي فرح به ضد ڪيو ته ان جا به وار ٺاهڻا پيا، اهڙي بلي بلي ٿي پئي جو ان وقت رضا شاهه کڻي چمي ڏنس...“ اربوءَ چواڻي، پاڪستان جي تقريبن هر وڏي شخص هُن کان وار ٺهرايا هيا. هو اسان کي پنهنجا سفرناما به ٻڌائيندو هو، ڪڏهن چين جو سير ڪرائيندو هو، ته ڪڏهن انگلينڊ جو. هر سفرنامي ۾ هن تي هڪ ماهه لقا ضرور عاشق ٿيندي هئي. سندس ٻڌائڻ جي انداز واري سحر ۾ اسان سڀ ٻار وات پٽي، هُن جون ڳالهيون ٻڌندا هياسي ۽ کيس رشڪ جي نگاهن سان ڏسندا هياسي. اها ٻي ڳالهه آهي ته وڏي ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته ارباب علي، لاڙڪاڻي کان ٻاهر نڪتو ئي نه هو.
هڪڙي واياڻي”مائي لڌي“ روز صبح جو ڇلي کڻي، مارڪيٽ مان ڇيڇڙا کڻڻ ويندي هئي. کوڙ ٻِليون سندس انتظار ۾ هاءِ اسڪول جي ميدان تي چڪر ڪاٽينديون هيون. پهچڻ تي بي صبر ٻلين کي چوندي رهندي هئي ”مايون! ڇوٿيون بي صبريون ٿيو، ڏيانو ٿي“ هن سڄي ڄمار اهو ڀيرو نه ڀڳو. اها خبر نه هئي ته ڪير آهي، شادي ٿيل اٿس يا نه ڪي چوندا هئا ته “ڪوڙي” جي زال آهي جنهن کيس دينوءَ جي ڪري ڇڏي ڏنو آهي.“ ڪوڙي جو باغ، گھر ڀرسان هوندو هو جنهن باغ ۾ ٻيرن، زيتونن، ليمن، نم ۽ انب جا وڻ هوندا هيا. ڪوڙو، سڄي عمر دينوءَ سان گڏ رهيو ۽ ان ڪري ڀارت به نه ويو.
ان کان علاوهه سياري جي رات هجي يا اونهاري جي، ٺيڪ يارهين وڳين، هڪ ڇولن وارو عجيب آواز ۾ هوڪو ڏيندو هيو. ننڍي هوندي، ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڇولي وارن مصالحن جي ڪري، سندس آواز ايئن آهي. سندس رات جو اچڻ، عجيب لڳندو هو. پوءِ خبر پئي ته ڪنهن زماني ۾ لاهوت ويو هو ۽ جبل جي ان هنڌ ڦاسي پيو هو، جتي چوندا آهن ته “حرامي ٻار“ ڦاسي پوندو آهي. ان کان پوءِ موٽيو ته ماڻهن جي مهڻن کان گھر ۾ بند ٿي ويو. پوءِ صرف رات جو گھر کان نڪرندو هو.
هڪ چرئي جو ڪردار به عجيب هو،”مِيم چريو“. هو ڪنهن به گھٽيءَ ۾ پهچڻ سان هوڪو ڏيندو هو: ”مِيم چريو آيو پپلي“ پوءِ ٻار گھرن مان نڪري ايندا هيا. جيڪي کيس چيڙائيندا هيا ۽ هو انهن جي ڪڍ ڊُڪي کين ڀڄائيندو هو. هو وڏن ماڻهن کي ”ادا، ادا“ ڪري سڏيندو هو ۽ سڏڻ کان پوءِ کين هٿ سان هڪ مخصوص فحش اشارو ڪندو هو. اسان جا صحافي دوست سال ٻه اڳ ۾ سکر کان لاڙڪاڻي ويا، کين ”مِيم“ جون ڳالهيون ٻڌل هُيون، هُنن پڪو پهه ڪيو ته پويان ڪير به سڏ ڪري، نهارڻو ناهي، اوچتو هڪ هنڌان ڪنهن سَڏ ڪينُ، ”ادا، ادا“ هنن ازخود پوئتي نهاريو ۽ ”مِيم“ پنهنجي واردات ڪري ويو.
اسان جي گھر جي ڇت تي مغل طرز جا ڪاٺ جا ونگ ٺهيل هوندا هيا، اتي ڇت تي گرمين ۾ ڇڻڪار ڪري چنڊ کي تڪبو هو ۽ ڀرسان واري باغ مان انب، سرينهن ۽ نم جي ٻور جي خوشبو ايندي هئي، مطلب ته مشاهدي ۽ ذهن جي ڳڙکي کولڻ لاءِ اڻ ڳڻت منظر ۽ لقاءَ هُيا.
باقي لکڻ پڙهڻ جو ماحول ته اکيون کولڻ سان ئي مليو. گھر ۾ ڪتابن جا انبار هيا، جن کي پڙهڻ جو شوق بابا سائينءَ کان وٺي ننڍين ادين تائين هو. اردو، سنڌي رسالن کان علاوه، ريڊرس ڊائجسٽ، ٽائيم ۽ لائيف به گھر ايندا هيا. ان وقت اسان صرف فوٽو ڏسندا هياسي، انهن سڀني مان آمريڪن رسالو ”لائيف“ وڌيڪ وڻندو هو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ فوٽو گھڻا هوندا هيا. بيٽلز، ڪينيڊيءَ کي گولي لڳڻ، آرمسٽرانگ جا چنڊ تي قدم، ۽ ويٽنام ۾ مري ويل آمريڪي فوجين جا لائيف تي آيل ٽائيٽل اڃان تائين ياد آهن. بابا وٽ مشاعرا به ٿيندا رهندا هيا. وارهه ۾ هجون يا جيڪب آباد، هر هنڌ اديبن ۽ شاعرن جو ميڙو هوندو هيو. وارهه ۾ اردو شاعر وڌيڪ هيا، اتي اخلاق شايد ٻئي درجي ۾ هُيو. هن به اردو جي اثر ڪري هڪ شعر لکيو هو جيڪو ادي وڏي ٻڌائيندي آهي ”لي ڪي ڏنڊا، لي ڪي بالي، پاڪستان زنده باده“
مطلب پاڻ سمجھو.
مون کي ياد ٿو اچي، مان به ساڳي عمر يعني ٻي يا ٽئين درجي ۾ هڪ ڏينهن، ڪاپي ۽ پين کڻي ڏاڪڻ جي هُريءَ ۾ رکيل، ڪاٺ جي وڏي پيتيءَ مٿان ويهي ڪهاڻي لکڻ لڳس. شايد ڪنهن بادشاهه جي هئي. وڏو ڀاءُ اشفاق انصاري اتان گذريو. پڇڻ تي کيس ٻڌايم ته ڪهاڻي ٿو لکان ۽ هُن مرڪي چيو ”لِکُ لِکُ.“ اها منهنجي پهرين تخليق هئي.
ان کان پوءِ لکڻ پڙهڻ جو سلسلو هلندو رهيو. ٻاهريون ادب به پڙهيوسي، اردو ادب سان ته ننڍي هوندي ئي واسطو پيو، ٻاهريون ادب اهو پڙهيوسي، جيڪو هٿ آيو. ڇو جو اڳ ۾ صورتحال ۽ ڪميونڪيشن ايتري تيز نه هئي. هاڻي ته هر شيءِ ملي ٿي. اسان وٽ انهن اديبن ۽ لکڻين جو ورجاءُ پئي ڪيو ويو، جيڪي پهچ ۾ هيا پر ٻاهر وڃڻ کان پوءِ خبر پئي ته اسان صرف ادب جي هڪ دري کولي آهي، جڏهن ته دنيا جي ادب جا هزارين رنگ آهن، خوشبوئون آهن. پراگ(چيڪ ريپبلڪ) جي شاگردن واري ادبي محفل ۾ به اهڙيون لکڻيون اينديون هيون، جو حيران ڪري ڇڏينديون هُيون. ان ڀيٽ کان پوءِ لڳو ته اسان ڪيترين نه خوشفهمين ۾ رهون ٿا. ڪلاسڪل ۽ لوڪ ادب کي ڇڏي، اسان جو ادب، دنيا جي ادب کيتر ۾ بانبڙا پائيندڙ ٻار لڳو. اسان لفظن جي غلط استعمال سان ڪنهن شخص کي ادب جو اتانهون ستارو بڻايو ته ڪن کي وري تهمتن جا پٿر هڻي سنگسار ڪيو. پر، ان جو مطلب اهو ناهي ته مايوس ٿي لکڻ ڇڏجي. ارتقا جي عمل ۾ يقين آهي، ان جذبي تحت ئي هي ناول پيش ڪجي ٿو.
مون ڪڏهن به رٿابندي نه ڪئي هئي ته ناول لکندس. هي ناول به جڏهن لکڻ ويٺم ته هڪ خيال هيو يا ايئن کڻي چئجي، ته خيالن جا هُجوم هيا جيڪي ڪنهن، ڳوڙها گئس لڳڻ کان پوءِ ڇڙوڇڙ ماڻهن جيان نه، پر ڪُونجن جي قطار جيان منهنجي ذهن جي آڪاش تي اڏندا رهيا. مون رڳو انهن خيالن کي لفظن جي ٻيڙين ۾ وجھي هندن جي رسم ”گڻيش چوٿ“ جيان ڏيئا ٻاري درياهه حوالي ڪيو آهي.
هن ڪتاب جي ڪٿا، ان زماني جي آهي جڏهن هوا ۾ رومانس جون خوشبوئون پکڙيل لڳنديون هُيون. سج لهڻ جي سمي جو مزو وٺبو هيو، رابيل جي گلن کي وهاڻي ڀرسان رکي سرهاڻ کي اندر ۾ اوتبو هو. ڪنهن غزل جي سٽ کي هزار ڀيرا ورجائبو هيو. ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽندي هئي ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽندي هئي. ته هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
هن ناول پڙهڻ لاءِ، اوهان کي، ڏهه يارهن سال اڳ واريون حالتون ذهن ۾ رکڻيون پونديون. ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي پس منظر ۾ پرکڻو پوندو. مون هي ناول ڏهه سال اڳ لکي رکي ڇڏيو هو. ان عرصي دوران يورپ ويس، ڳپل سال اتي رهيس. ناول، اخلاق انصاريءَ جي شيلف ۾ حفاظت سان رکيل رهيو. ناول لکڻ وقت لطيف نوناري ۽ ستار سومري جي همت افزائي شامل رهي. نديم گل عباسي، شروع کان ناول ڇپائڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو. سلوواڪيه کان موٽڻ بعد به سڀني جو زور رهيو ته ڪتاب کي ڇپايو وڃي. مون نه پئي چاهيو ته ايتري عرصي گذرڻ کان پوءِ وري اهو ناول پڙهان ۽ Rewrite ڪيان. ڇو جو ان عرصي ۾ ذهن ۾ خود ڪافي تبديليون جنم وٺنديون آهن. تنهن ڪري اسڪرپٽ کي اصل صورت ۾ پريس حوالي ڪيو ويو ۽ ممتاز بخاري ۽ خالد ٻانڀڻ مدد ڪئي.
ايئن چئي سگھجي ٿو ته هي ناول ”ڪنوارو“ آهي.


اسحاق انصاري
جون 2000