33
هن جي بدلي ٿيڻ سان مون کي اڪيلائپ جو تمام گھڻو احساس ٿيو. منور جي بدلي جو ڏک ۽ تنهنجي بداعتمادي ۽ شيئر نه ڪرڻ جي ڏک ڪري رات پاسا ورائيندي گذرڻ لڳي ته، مان ٽيپ ريڪاڊ تي ڪيسٽ ريڪاڊ ڪئي. جنهن ۾ اهو ريڪارڊ ڪيم، ته: منور جي وڃڻ کانپوءِ مان بالڪل تنها محسوس ڪيان ٿو، مون کي جيڪڏهن، ڪنهن شخص خيرپور ۾ رهڻ جو ڍنگ سيکاريو ۽ حوصلو ڏنو اهو صرف منور هيو. مان پنهنجو هر ڏک سک ان سان شيئر ڪندو هيس. تون به منهنجي سٺي دوست هئينءَ، توسان به گھڻي حد تائين ڳالهيون ڪري سگھندو هيس. پر، تون دوستيءَ جي جذبي جي توهين ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڳالهه لڪائي آهي. خبر ناهي اسان جي دوستيءَ جي ڀت ۾ ڏار ڇو پئجي ويا آهن؟ مون کي، تومان اها اميد هرگز نه هئي. مون کي ڪنهن به قسم جو اعتراض ناهي. پر، ڏک صرف اهو آهي ته، تو، مون کي، ان لائق نه سمجھيو ته پنهنجي زندگي جي اهم فيصلي ۾ مون کان راءِ وٺين. مون کي چانڊوڪي رات ۽ سانجھيءَ جي وقت واري پريشاني ختم ڪري ڇڏيندي.
توکي به، پريشاني ٿي ۽ ڪنهن حد تائين شرمندگي به ته تو واقعي به اها ڳالهه مون کان لڪائي هئي. پر، جيئن هر ڳالهه جو جواز هوندو آهي. تو وٽ به جواب موجود هيو جيڪو ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪري موڪليو هيئه.
“تون جيڪو منهنجي دوستيءَ تي شڪ ڪيو آهي اهو صحيح نه آهي. مان پوري ڳالهه ان ڪري نه ٻڌائي جو مون کي يقين هو ته اها ڳالهه ٻڌائيندي، منهنجا ڳوڙها ضرور وهن ها. مان نه پئي چاهيان ته منهنجن ڳوڙهن جي ڪري منهنجو سٺو دوست، هڪ اهڙو شخص جنهن کي مان زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ چاهيو هو منهنجي ڪري پريشان ٿي. هن جي، راتين جي ننڊ منهنجي ڪري ڦِٽي. منهنجي ڪري هو گھڻيون خوشيون انجواءِ نه ڪري سگھي. مان چاهيان ٿي ته، مان جتي به رهان، ڪيئن به هجان، تون هميشه خوش رهين.
ساحره جا ڳوڙها، توکي ڪڏهن به پريشان نه ڪن.
مون کي يقين آهي ته تون جتي به هوندين، منهنجو هوندين. مون کي پڪ آهي ته، تنهنجي چهري تي خوشي، منهنجي ڪري هوندي تنهنجي دل منهنجي نالي تي ئي ڌڙڪندي، ان لاءِ جو مان توکي ايترو چاهيو آهي، جيترو ٻي ڪنهن به توکي نه چاهيو هوندو.
تون منهنجي دوستيءَ جي شڪايت ڪئي آهي ۽ چيو ته، دوستيءَ جي ديوار ۾ ڏار پئجي ويا آهن. اها ڳالهه بالڪل غلط آهي پوءِ اها منهنجي بزدلي سمجھه، يا منهنجي ڳوڙهن جي مجبوري جو مان اها ڳالهه توسان نه ڪري سگھيس.
تو وانگر، مون به منور کي مِس ڪيو آهي، منهنجي به منور سان دوستي هئي، ۽ اها تنهنجي حوالي سان ئي هئي. مون کي يقين آهي ته هن شهر ۾ مون کي جڏهن به ڳوڙها ڳاڙڻ جي ضرورت پئي ته ٻه ڪلها آهن جن تي ڪنڌ رکي اهي ڳوڙها وهائي سگھان ٿي. هڪ تون ۽ ٻيو منور. مون منور کي مس انهي ڪري به ڪيو آهي جو، مان هن کي پنهنجيون، تنهنجيون سڀ ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ تون جڏهن نه ملندو هئين، ته مان هن سان ملي تنهنجي سِڪ جھڪي ڪندي هيس.
جيڪي ڳالهيون نه ڪري سگھندي هيس، اهي مان منور سان ڪندي هيس. تو وٽ ٽائيم به گھٽ هوندو هو ۽ تون پنهنجي زندگي ءَ جا ڪجهه لمحا مون کي به ڏين ها ته سڀ ڪجھه توکي ٻڌايان ها.
تون، منهنجي باري ۾ نه سوچيو ته، مان اهي ڳالهيون ڪيئن برداشت ڪيون. ايترن ڏينهن تائين ڪنهن کي به نه ٻڌايم. توکي منهنجي چهري مان سڀ ڪجھه سمجھي وڃڻ کپي ها. مون کان پڇين ها، ڇو جو دوستي صرف ڏيکاءُ ناهي. پر دوستي انسان جي اندر ۾ لڪيل ڏک کي تلاش ڪندي آهي. مان به تنهنجا غم تلاش ڪيا آهن. منهنجي ان ننڍي غلطي کي منهنجو خيال آهي ته تو کي معاف ڪرڻ کپي.
هاڻي جڏهن منور به ناهي ته، مان تنهنجي دوست آهيان نه! مان جيستائين هتي آهيان، منهنجو توکي هڪ عرض آهي، منهنجي زندگيءَ جون جيڪي خوشيون آهن، ايترن ڏينهن ۾ مون کي حاصل ڪرڻ ڏي، تون دوستيءَ ۾ جيتريون خوشيون ڏئي سگھن ٿو ڏي. ڇو جو خبر ناهي. پوءِ هي وقت مون کي ڪيڏانهن وٺي وڃي، جتي مان روئڻ چاهيان ته سڏڪي نه سگھان. ڏس ساقي، منهنجين اکين مان ڳوڙها وهن ٿا. توکي انهن ڳوڙهن جو احساس نه ٿو ٿئي؟ دوستي ايترو ته نازڪ رشتو ناهي جو ايتري معمولي ڳالهه تي ٽوڙي ڇڏجي. ان تي شڪ ڪجي، منهنجيون مجبوريون به ته سمجھي سگھي ها. منور ناهي ته ڇا ٿيو؟ مان ته آهيان.(گھگھو آواز) چانڊوڪي رات ۾ توکي يادون پريشان ڪنديون. تون مون کي ياد ڪجانءِ، تصور ڪجانءِ ته، ساحره توکي دريءَ مان نظر ايندڙ ٻنين ۾ پريشان گھمندي نظر ايندي. صرف ان لاءِ جو تون پريشان هوندين.
ڪاش! هن دنيا ۾ اسان کي ڪجھه ملي ها، اسان پاڻ ڪجھه ڪري سگھون ها ته مان انهن پريشان لمحن ۾، تنهنجا سڀ ڳوڙها ،تنهنجا سڀ ڏک سميٽي وٺان ها.ڪاش! هي وقت اسان کي ايترو پابند نه ڪري ها. اسان کي مجبور نه ڪري ها. توکي گھرجي ته تون مون کي تمام گھڻو حوصلو ڏي. مون کي همت ڏي. ڇو جو، ساحره پنهنجي زندگيءَ جو وڏو ڪمپرومائيز (COMPROMISE) ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي. تمام گھڻي اعتماد ۽ يقين سان. هوءَ ظالم شيءِ ڏسو ته ڪيڏي مٽيءَ جي هيٺيان وڃي ستي، هن سوچيو به نه ته نانا جان کي هڪ لمحي، ڪيڏو نه سوبر ڪري ڇڏيو آهي. مان هن جي جڳهه نه ٿي وٺي سگھان، بالڪل به نه (روئڻ جو آواز). مگر مون کي اهو سڀ ڪجھه ڪرڻو آهي. گھڻي يقين ۽ بردباريءَ سان، حوصلي سان. تمام گھڻن ڳوڙهن کي لڪائڻو آهي. ڇو جو، نانا جان کي هن سان گھڻو پيار آهي، تمام گھڻو مان هن جي شين تي مٽي ڄمندي نه ٿي ڏسي سگھان. مان هن جي گلن کي مرجھائندي نه ٿي ڏسي سگھان. ان لاءِ پنهنجي زندگي ٻئي جي خاطر لٽائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي مٽائي ختم ڪري ٻئي کي بنائڻ ئي منهنجي زندگي آهي.
مان، توکي چيو هو نه ته مان پنهنجي زندگي ان شخص جي حوالي ڪنديس، جنهن کي منهنجي ضرورت هوندي. مان پنهنجي زندگي انهن جي نالي ڪيان ٿي. جن کي منهنجي ضرورت آهي. منهنجيون به گهڻيون خواهشون هيون، مون کي تمام گھڻو اڳتي وڃڻو هو. مگر، ڏس زندگيءَ جي راهگذار خود منهنجي آڏو پکڙجي پئي آهي. مان تمام گھڻي يقين، حوصلي ۽ خوشيءَ سان راهه تي قدم رکيو آهي. ان يقين سان مون کي ان رستي ۾ خوشيون ضرور ملنديون .ڪيڏانهن وينديون مون کان ڀڄي؟ ان لاءِ جو مان خلوص دل سان پنهنجون خوشيون ٻين جي حوالي ڪيون آهين.
(روئڻ جو آواز)
مون کي يقين آهي ته مون کي جڏهن به ڳوڙهن وهائڻ جي ضرورت پئي، ته هڪ شخص اهڙو هوندو جيڪو منتظر هوندو منهنجن ڳوڙهن کي پنهنجي هٿ سان اگھڻ لاءِ، هڪڙو ڪُلهو اهڙو ضرور هوندو، جنهن تي ڪنڌ رکي مان ڳوڙها وهائي سگھنديس. هڪ شخص اهڙو هوندو، جنهن سان مان اهي سڀ جمع ٿيل ڳالهيون ڪري سگھنديس. جڪي ٻين سان نه ڪري سگھبيون. مون کي فخر آهي ته مونکي تو جھڙو دوست مليو آهي. منهنجي زندگيءَ جو سرمايو تون آهين. خدا ڪري تون هميشه زنده رهين منهنجو ساهه نڪري پر تون زندهه رهه ته جيئن مرڻ وقت منهنجيون اکيون ان يقين سان بند ٿين ته، مرڻ کان پوءِ ڪوئي ته اهڙو هوندو جنهن مون کي تمام گھڻو پيار ڏنو. تون ڪٿي به هوندين منهنجو هوندين.
هاڻي ٻڌاءِ ته منهنجو پيار ڪوڙو ته نه آهي. منهنجي دوستيءَ ۾ کوٽ ته ناهي نه؟”
رات جو ڪمري ۾ تنهنجي ڪيسٽ ٻڌندي منهنجين اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا. مون کي تنهنجي بيوسي، تنهنجي مستقبل جو اونو هيو. ڄاڻان پيو ته هي، فيصلو تنهنجي لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿو. مان چاهيان پيو ته، جيتوڻيڪ منهنجي نظر ۾ غلط هو، پر تون ان فيصلي ڪرڻ کانپوءِ خوشيءَ جو سج ماڻي سگھين. واقعي به تون زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪمپرومائيز (COMPROMISE) ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئينءَ. تنهنجو منهنجو جھڳڙو اڪثر ان معاملي تي هلندو رھندو هو. مان چوندو هيس ته، هن دنيا ۾ رهڻ لاءِ ننڍا ننڍا معاهدا ڪرڻا ٿا پون ۽ ڪرڻ گھرجن .نه ته هن دنيا ۾ رهڻ تمام گھڻو ڏکيو آهي. توکي سدائين اعتراض هوندو هو ۽ چوندي هئينءَ ته: معاهدا، ماڻهوءَ جي شخصيت کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين ٿا ۽ معاهدن کان سواءِ به جڳ ۾ رهي سگھجي ٿو. پر اڄ تون هڪڙو وڏو معاهدو ڪري رهي هئينءَ، جنهن جو مون کي شدت سان احساس هيو. تنهنجي معاهدي ڪامياب ٿيڻ لاءِ من ئي من ۾ توکي دعائون ڏئي رهيو هيس. مون کي خبر هئي ته توهان ٻنهي جي عمرين ۾ چڱو خاصو فرق هو. ۽ پوءِ ايترا سارا ٻار، جن کي توکي سنڀالڻو هيو. ان کان علاوه تنهنجي اها ڳالهه به مون کي ياد اچي رهي هئي. تون هميشه چوندي هئينءَ ته،
“مان ڪڏهن به پاروٿيون ۽ بچيل شيون پسند نه ڪندي آهيان. چاهي منهنجو مڙس يا منهنجو محبوب ڇو نه هجي. اها شيءِ کپي جيڪا پهريان پهريان مان استعمال ڪيان.” پر هن معاهدي موجب ته تون...
تنهنجي ۽ پنهنجي وچ ۾ هڪ وڇوٽي محسوس ڪري رهيو هيس، توسان ملڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ محتاط رهڻ لڳس. مون نه پئي چاهيو ته منهنجي ڪري، تنهنجي نئين جڙيل رشتي تي ڪو اثر پئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون کي هڪ اڻڄاتل ڏک به پهتو. اهو سڀ ڪجھه ڄاڻيندي به ته تنهنجو منهنجو رشتو، هڪ ڏينهن اهڙي طرح ئي ختم ٿيڻو هو. ڇو جو ٻنهي، اهو سمجھي ۽ سوچي ڇڏيو هو ته اسان جو رشتو شادي لاءِ ناهي، ٻنهي گڏجي چيو هو ته اسان جي رشتي کي انهن سڀني شين جي غرض ناهي. جيڪي پيار ۽ محبت جي پانڌيئڙن جون گھرجون هونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچڻ لڳندا هياسين ته، آخر ان رشتي کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟ اهو رشتو، جيڪو مضبوط آهي، خوبصورت جيئن ڪنول ــ ڪهڙو نانءُ ڏجي ان کي؟! تون چوندي هئينءَ ته منهنجو ۽ تنهنجو رشتو، روح ۽ جسم جو رشتو آهي. منهنجو ۽ تنهنجو رشتو گل ۽ خوشبوءِ جو رشتو، منهنجو ۽ تنهنجو رشتو چنڊ ۽ چڪور جو رشتو، تنهنجو منهنجو رشتو زندگي ۽ ساهه جو رشتو آهي. منهنجو ۽ تنهنجو رشتو گيان ۽ ڌيان جو رشتو آهي، ڇاڪاڻ ته گيان ۽ ڌيان بغير ايمان ڪجھه به ناهي.
مان جڏهن به ڳوٺ ويندو هيس ته، موڪلائڻ مهل هڪٻئي کي ڪِس ضرور ڪندا هياسين. ان ڏينهن موڪلائڻ مهل، محسوس ڪيم ته تنهنجي طرفان ان گرمجوشيءَ جو اظهار نه هيو، جيڪو اڳ ۾ هوندو هيو. منهنجي ذهن ۾ الائي ڪيترا قضيا ٿي پيا. تڪڙو تڪڙو موڪلائي هليو ويس. مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍو ڏک پهتو. لڳو ڄڻ مان توتي ظلم ڪري رهيو هيس. مان ڪنهن تي به بار نه ٿيندو آهيان. جيستائين ٻنهي ڌرين جي جنهن ڪم ۾ رضامندي شامل نه هجي، تيستائين اهو ڪم نه ڪندو آهيان. مان سوچيو ته هاڻي جڏهن، تون ٻئي جي آهين، ته مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هيو ۽ تنهنجي ان رويي کي حق تي سمجھي رهيو هيس، پر ان ڳالهه جو ڏک ٿي رهيو. هو ته، اسان جي رشتي کي ايترو جلدي تبديل نه ٿيڻ کپي ها. ڇو جو، اسان سوچي سمجھي، ۽ بحث مباحثي کان پوءِ اهو رشتو قائم ڪيو هو. تنهنجي شاديءَ جي باري ۾ فيصلي ڪرڻ کانپوءِ به اهو طئي ٿيو هو ته هاڻي به اسانجي رشتي ۾ ڪا تبديلي نه ايندي. مان توکي کُلي دل سان چيو هو ته، مان تنهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو جو نه ٿو چاهيان ته منهنجي ڪري تون ڪجھه ڀوڳين. تنهنجي عملي زندگيءَ تي ڪو اثر پئي. پر تنهنجي زور ڀرڻ تي، مان ان رشتي کي جاري رکيو هو. پر ان رويي تي مان ڏک جي اوڙاهه ۾ جلندو رهيس.جمعي وارو سمورو ڏينهن عذاب ۾ گذريو.
خيرپور پهچي توکي ٽيليفون ڪيم:
“.....پهچي ويو آهيان”
“آواز ڇو ايئن ٿي؟” تنهنجي لهجي ۾ پريشاني هئي.
“طبيعت خراب آهي” مون رُکو جواب ڏنو.
“ڇو خراب ٿي آهي، ۽ ڇا ٿيو آهي؟” پريشانيءَ مان سوال ڪيئه.
“طبيعت خراب ڪري وري پڇين به تون ٿي.”
“مان!”
“ها، تون”
“ڇا ڪيو آهي مان؟”
“خميس جي منجھند کان وٺي، پيڙا مان گذري رهيو آهيان”
“ڇا ڪيو آهي مان!” روئڻهارڪي ٿي وئي هئينءَ.
“تو ڪجھه ڪونه ڪيو آهي، مان پنهنجو پاڻ کي ڪريل محسوس ڪري رهيو آهيان”
“نه سمجھيم!”
“اسان ٻنهي جو رشتو ايترو مضبوط آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪنهن ڳالهه تي اعتراض هجي ۽ پسند نه هجي ته چئي ڏيڻ کپي؟”
“ها ايئن ته آهي”
“پوءِ، تون ايئن ڇو نه ڪيو. مان جڏهن موڪلائڻ مهل توکي ڪِس ڪيو هو ته تون پنهنجو پاڻ تي بار محسوس ڪري رهي هئينءَ مون کي محسوس ٿيو ته مان وحشي بڻجي، ڪنهن معصوم جانور جو خون پي رهيو آهيان”
تون پريشان ٿي وئينءَ ۽ تنهنجو آواز روئڻهاڪو ٿي ويو.
“ايئن بالڪل نه هيو تون غلط سمجھيو آهي”
“ها، مان سدائين غلط سمجھيو آهي” ڪروڌ ڀريل لهجي ۾ چيم.
“تون، بالڪل هن مهل منهنجي گھر اچ”
نه اچي سگھندس”
“ضرور اچ.‛
“رات جا نوَ ٿي رهيا آهن سواري به ڏکي ملندي”
“نه، تون ضرور اچ، نه ته ٻنهي جي رات ڏاڍي ڏکي گذرندي”
“تنهنجو ٿيڻ وارو مڙس به اتي رهيل آهي، هو مائينڊ نه ڪري.”
“هو منهنجو مڙس اڃان نه ٿيو آهي. تون ضرور اچ”
مان تنهنجي گھر پهتس ته تون روئندڙ اکين سان استقبال ڪيو.
“پنهنجو پاڻ کي مارڻ تي دل ٿي چاهيندي آهي، جڏهن توکي ڪو ڏک پهچندو آهي”
“مان ايڏو به بيوقوف ناهيان ته هوا ۾ اڏامندڙ ڏکن کي هرو ڀرو به پاڻ وٽ سوگھو ڪيان. مان سمورو عرصو ايذاءُ مان گذريو آهيان”
“پنهنجو پاڻ مفروضو قائم ڪرين ٿو ۽ تڪليف ۾ رهين ٿو. منهنجي طرفان ته ڪا به اهڙي ڳالهه نه هئي.” تون ڳالهه جاري رکندي چيو.
“مان، توکي خوشيون ڏين چاهيان ٿي، پر الائي ڇو تڏهن به ڏک، توکي پهچايان ٿي. تون پاڻ ٻڌاءِ ته مان ايئن ڪنديس به ته ڇو؟”
“ان لاءِ جو تون هاڻي ٻي جي امانت آهين”
“امانت ۾ خيانت ته هو ڪندو. مان ته تنهنجي امانت آهيان مون کي يقين آهي ته، مان هن سان به بدديانتي نه ڪري رهي آهيان، خبر ناهي، توسان ملندي، مون کي ڪنهن به ڏوهه جو احساس نه ٿو ٿئي، منهنجي نظر ۾ هر رشتي جي پنهنجي حيثيت آهي ۽ ان ۾ تبديلي نه اچڻ گھرجي”
مان اڃان ڪجھه چوڻ ئي چاهيان پيو ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ هن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳاسين، سمورو وقت ايئن گذري ويو. جڏهن تنهنجي ڀيڻ اٿي گھر وئي ته مان به توکان موڪلايو، ٻئي اٿي بيٺاسي، تون منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺي هئينءَ. توکي ڄاڻ هئي ته مان الوداعي ڪس ضرور ڪندس. پر مان دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري چڪو هيس ته ايئن نه ڪندس. توکي ڇڏي ڊائنگ روم مان نڪري آيس.