ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

15

مان، منور ۽ واصف، ڪينٽين جي لان تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هياسين، سامهون ڪچنار جي وڻن ۾ خوبصورت اڇا ۽ فيروزي گل لڏي لمي رهيا هيا. تون به ڪچنار جي گلن سان جنجهل ٽاري جيان لڏندي لمندي اسان وٽ اچي ويٺي هئينءَ. تنهنجي واصف سان اڳ ۾ ملاقات نه هئي.
”هي منهنجو دوست واصف آهي، انجنيئر پر ان سان گڏ، لفظن جو به سٺو انجنيئر آهي، شاعري ڪندو آهي، گھڻو پڙهي ويو آهي، هاڻي ٿورو...“ مان لوندڙي وٽ آڱر کي ڦيرايو، سڀئي کلي ويٺاسين.
”شاعري ڪندا آهيو، ڪو چڪر آهي ڇا؟“ تنهنجي جملي جو پهريون تير واصف مٿان لڳو.
واصف، ٿوري حيرانگيءَ مان مون ڏانهن ڏٺو، مون کيس اک ڀڃندي اجازت ڏني ته جيئن وڻئي تيئن ڳالهاءِ.
”ها پهرئين ذهن ۾ آئيڊيل جوڙي، ان تي شاعري ڪندو هيس“
”هاڻي مون تي ڪيو شاعري“ مذاق مان کل جي جھانجھه وڄائندي چيئه.
”مان پنهنجي شاعريءَ جو ويليو ڪيرائڻ نه ٿو چاهيان.“ جملي جي موٽ سٺي هئي
تو وري چيس ”پنهنجي ڪجھه شاعري ٻڌايو“
”درٻاري شاعر ناهيان“
”ڪمال آهي، توهان کي هڪڙي ڇوڪري شعر ٻڌائڻ لاءِ ٿي چئي ۽ توهان شعر نه ٿا ٻڌايو، عجيب شاعر آهيو!“
”مون کي چئه، مان ٻڌايانءِ“ منور به ڳالهه ۾ حصو وٺڻ چاهيو ته تون چيس
”سکر واريءَ کي ٻڌائجانءِ“
منور کل ۾ ويڙهجي ويو.
تو پنهنجي ڊائري کڻي واصف کي ڏني ته هن تي پنهنجو ڪو شعر لکي ڏيو. واصف گھڻو ئي لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس مجبور ڪيئي. هن تنهنجي ڊائري وٺي، مون ڏي ڏسي پڇيو
”ڇا لکان؟“
”جيڪو توکي وڻي“ مون چيو.
”توکي متان اعتراض ٿئي؟“ تنهنجي انداز مان هن اندازو لڳايو هو ته تنهنجو منهنجو ڪو واسطو آهي.
”نه نه جيڪو وڻيئي لک“
هن توکي ڪو شعر لکي ڏنو. جنهن جو مطلب اهو هيو ته هروڀرو به ماڻهو کي پنهنجو پاڻ تي ايڏو ناز نه هجڻ گھرجي.
منهنجو دوست واصف، هن وقت ڊگري هٿن ۾ کنيون گھمندو وتي ٿو، هڪ ٻن هنڌن تي کيس نوڪري ملي به هئي پر پنهنجي بيچين طبيعت جي ڪري ڇڏي آيو هو.
هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو ڏاڍو منفي آهي ۽ ڏاڍو مايوس لڳندو آهي. هن اديبن سان رهي ڏٺو آهي، اديبن جي گروهه بنديءَ کان ڪاوڙيل آهي، هن جو چوڻ آهي ته، اهي اديب صرف شايع ٿيندا آهن، جن جو ساڳي گروهه سان واسطو هوندو آهي، صرف پنهنجو پاڻ کي وڏا اديب سمجھندا آهن. شام جو چانهه تي ويهي هڪ ٻئي کي ٽيڳرون ڏئي دنيا جي اديبن جي قطار ۾ هڪ ٻئي کي بيهاريندا.
سياست ۾ اسڪول جي زماني کان رهيو آهي پر هاڻي سياست کان به مايوس آهي. هو جنهن پارٽيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، کيس انهن تي اعتراض آهي ته، پارٽيون ڪنهن ڪارڪن جي تخليقي عمل کي ختم ڇو ٿيون ڪن؟ ۽ پارٽي لائين ، جيڪا ڪجھه ماڻهن جوڙي آهي، ان تي آمنا صدقا ڇو ڪجي، اها غلط به ٿي سگھي ٿي، ان تي اعتراض ڪري سگھجي ٿو. پر پارٽي ۾ ان ڳالهه لاءِ ڪا گنجائش ناهي، ۽ ڪارڪن کي مشين سمجھن ٿا ۽ ڪم جي وصف به هنن وٽ فزڪس واري آهي، ايئن هرو ڀرو ڇو ٿا ڪن؟ ان جي ڪري ئي سوچيندڙ سمجھندڙ ڪارڪن ۾ بيزاري ٿئي ٿي، پوءِ مجبورن پارٽيءَ جي چولي کي ڇڏڻو پئي ٿو” هن مون کي ٻڌايو ته
”مان هڪڙي ڏينهن يونيورسٽيءَ جي جنرل باڊيءَ ۾ ويس. اتي هڪڙي ٻي شاگرد پارٽيءَ جو نوجوان تمام جذباتي تقرير ڪري رهيو هو، شاگردن کي سمجھائي رهيو هو ته اسان کي ڪلاس صحيح نموني اٽينڊ ڪرڻ کپن. اسان جو مستقبل، اسان جو آئيندو تڏهن روشن ٿيندو جڏهن اسان چڱي نموني پڙهنداسين. ان ڪري توهان کي منهنجي گذارش آهي ته، توهان سڀاڻي ڪلاسن جو بائيڪاٽ نه ڪجو، ڇو جو هڪ شاگرد تنظيم اهو چاهي ٿي ته سڀاڻي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرايو وڃي.“
مون کي ڪاوڙ اچي وئي. سڀاڻي اسان جي تنظيم بائيڪاٽ لاءِ سوچي رهي هئي. ان ڪري جو حڪومت تشدد ڪري اسانجي ساٿيءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. اهو ليڊر تقرير ڪري رهيو هيو ته مان وڏي آواز سان چيو ”بڪواس ٿو ڪري “
ساري پنڊال جون نظرون مون طرف ڦري ويون. ان پارٽيءَ جا جوڌا مون طرف بگھڙن جيان وڌي آيا ۽ پڇيائون ته “ تو ايئن ڇو چيو؟” هنن جون ڳاڙهيون اکيون، منهنجي جسم تي چنبڙي پيون.
“سنئون سڌو غلط ڳالهائي رهيو آهي.” مون چيو،
“ توکي ڪجھه ڳالهائڻو آهي، ته اسٽيج تي ڳالهاءِ “
“ها ڳالهائيندس.”
ليڊر پنهنجي تقرير ختم ڪئي ته منهنجو وارو آيو. مان تقرير ڪري چيو ته، “افسوس آهي جو توهان باشعور دوست ان ڳالهه تي متفق ٿي ويا آهيو ته سڀاڻي بائيڪاٽ نه ڪيو، ان لاءِ جو توهان کي پنهنجو مستقل پيارو آهي. ڀلي توهان جا ساٿي، هڪ هڪ ڪري ختم ڪيا وڃن پر توهان کي پنهنجي ڊگري پياري آهي. قوم جي سڃاڻپ ۽ اهميت کان وڌيڪ ڪا ٻي شي ناهي. توهان جي سڃاڻپ ختم ٿي وڃي. پوءِ توهانجون ڊگريون ڪهڙو ڪم ڏينديون؟ يونيورسٽي بند رهڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، هي ته هڪڙي ڏينهن جو بائيڪاٽ آهي، ڍاڪا يونيورسٽيءَ جو مثال وٺو. ڪيترو وقت بند رهي؟ انقره يونيورسٽي جو مثال وٺو. باقي، توهان جي هڪ ڏينهن بائيڪاٽ ڪندئو ته توهان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو؟ اسان به نه ٿا چاهيون ته تعليمي ميدان ۾ اسان پٺتي رهجي وڃون. پر طاقتور دشمن کي اسان احساس ته ڏياريون، اسان هن کي اهو ته ٻڌايون ته اسان جي قوم سجاڳ آهي، تون جي هڪ منصور ڪهندين ته هتي الائي ڪيترا منصور پئدا ٿي پوندا. خاموشي ته دشمن جي همت افزائي ڪندي آهي، آئينده به اهڙيون شرمناڪ حرڪتون ڪندو رهندو. توهان اسان سان ساٿ ڏيو اهو توهان لاءِ ئي صحيح آهي...”
ماڻهن ۾ چوٻول مچي ويو. گھڻي ڀاڱي شاگرد منهنجا هم خيال ٿي ويا. اڪثريتي پارٽي جا ليڊر ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويا. پر شاگردن کي ڪيئن روڪين. ان لاءِ هنن چيو ته ووٽنگ ٿا ڪرايون ته سڀاڻي بائيڪاٽ ٿيڻ کپي يا نه؟ راءِ ورتي وئي، گھڻائي ان راءِ جي هئي ته سڀاڻي بائيڪاٽ ڪيو وڃي، مخالف دوست ڳاڙها ٿي ويا. جنرل باڊيءَ کانپوءِ هو مون وٽ آيا ۽ ڌمڪي ڏئي ويا ته ڏسئون ٿا ڪهڙو مائي جو لال سڀاڻي بائيڪاٽ ٿو ڪرائي.
مان هاسٽل تي اچي تنظيم جي دوستن سان صلاح مشورو ڪيو. هو سڀ مون کان خفي هيا ته “توکي ڪهڙي ضرورت هئي اهڙي حرڪت ڪرڻ جي. هو طاقتور آهن، اسان جيڪڏهن ٽڪر ۾ اينداسين ته يونيورسٽي ۾ رهڻ ڏکيو ٿي پوندو”
مون چيو ته “توهان کي پوءِ ته زندهه رهڻ جو حق به نه آهي. ۽ نه ئي سياست ڪرڻ جو. توهان جڏهن هڪڙي معمولي ڏاڍي کي سچ نه ٿا چئي سگھو ته اڳتي هلي ڇا ڪندئو؟ توهان ڀلي ساٿ نه ڏيو، مان پاڻهي منهن ڏيندس.”
“ٻئي ڏينهن مان، ڪجھه دوستن کي ساڻ ڪري بائيڪاٽ ڪرائڻ لاءِ فيڪلٽي ويس. مان ڇوڪرن کي ٻاهر ڪڍي ۽ پيپر ڦاڙي رهيو هيم. منهنجو ٻيو دوست ٻاهر نڪري شاگردن کي ڪٺو ڪري تقرير ڪري رهيو هو ته هڪدم هن جو آواز گم ٿي ويو. مان ان طرف ڀڳم ته ڏٺم مخالف شاگرد هٿياربند ٿي آيا هئا ۽ تقرير ڪندڙ دوست کي ٻاهر روڊ تي ماري رهيا هيا. مان ڊڪندو مخالف شاگردن جي هڪ ليڊر وٽ وڃي کيس چيم ته “اها ڳالهه چڱي ناهي، اڄ اسان جي پارٽيءَ جو ساٿي شهيد ٿيو آهي، سڀاڻي اهو ڏينهن سڀني تي اچڻو آهي. ان لاءِ گڏ ٿيڻ جون راهون بند نه ڪريو. ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي ڪنهن پارٽيءَ وٽ توهان کان وڌيڪ طاقت اچي ته پوءِ،؟”
هن مون کي چيو ته “تون منهنجو دوست آهين، تنهن ڪري هتان ڀڄي وڃ.”
“مان ڪيئن ڀڄندس، هي سڀ منهنجي ڪري هتي آيا آهن.”
“چوانءِ ٿو هليو وڃ، ڏاڍو بڇڙو ٿيندين .”
مان هن کي ڇڏي، ان طرف وڌيس، جتي اسان جا ساٿي بيٺا هيا ۽ کين مخالف بيلٽن سان ماري رهيا هيا. هو چپ چاپ بيٺا رهيا، مون کي ڏاڍي خار آئي. مان رڙ ڪري چيو ته، “خاموشيءَ سان مار کائي رهيا آهيون. شرم ڪيو، ڪجھه ته وڙهو”.
هو خاموشيءَ سان بيٺا رهيا. مان مخالفن سان اڪيلو وڙهندو رهيس. مار کائي بيهوش ٿي ويس. پارٽي مون مان هٿ ڪڍي وئي ۽ مان سموري يونيورسٽي لائف اڪيلي سر مخالفن سان وڙهندو رهيس.”
واصف جي شادي ننڍي عمر ۾ ئي سوٽ سان ڪئي وئي هئي. جيڪا، کانئنس عمر۾ وڏي هئي، ۽ ذهني طرح ائبنارمل پڻ، واصف پنهنجي شاديءَ لاءِ چوندو آهي ته، مان ذهني طرح ايڊجسٽ ڪري نه سگھيو آهيان. شاديءَ کي ڏهه ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. اهو سمورو وقت زال مون سان زنا ڪندي رهي آهي. مان تباهيءَ جي ڪناري تي آهيان منهنجا ٻار منهنجي دلچسپي آهن.”
گھريلو پريشاني، سياسي دلشڪستگي ۽ نوڪري جي پريشاني ڪري واصف انارڪسٽ ٿي ويو آهي. هو تمام ذهين آهي، پيار محبت جي باري ۾ هڪ دفعي ڳالهائيندي پڇيومانس:
“تون عشق ڪيئن ڪندو آهين.”
“ٻُڌ تي”
“مطلب!”
“جيڪڏهن ڪو شخص، مون کي ٻڌائيندو آهي ته فلاڻي ڇوڪري ڏاڍي خوبصورت آهي. هن جو نڪ، چپ، وار، اکيون، جسم خوبصورت آهي مطلب ته هر وصفين سهڻي آهي، ته منهنجي ذهن ۾ ان ڇوڪريءَ لاءِ عشق پئدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ هر حربو هلائي، هر تڪليف ڪٽي، هر مشڪل کي منهن ڏئي ان ڇوڪريءَ کي ڏسڻ چاهيندو آهيان. پوءِ سوين ميل پنڌ ڇو نه وڃڻو پوي. تازو به ڪجھه اهڙو قصو ٿيو، منهنجي هڪ دوست، هڪ ڇوڪريءَ جي تعريف ڪئي. مان هن کي ڏسڻ لاءِ 20 ڪلو ميٽر جھنگن جهرن، ڪرڙ ڪانڊيرن کي پار ڪري اتي پهتس.”
“پوءِ ڇا ٿيو؟”
“ڇوڪري ڏاڍي خوبصورت هئي، نقش نگار، وار، باقي پيٽ ڪجھه وڏو هيس”.
“مڪمل خوبصورتي ڪٿي به ڪونهي.”
“نه ايئن ناهي”
“ايئن آهي. هر هنڌ، هر ڪم ۾ هر محبوب ۾ پرفيڪشن ملڻ مشڪل آهي. ماڻهو ايڏو آيئڊيلسٽ نه ٿئي. ڪنهن جون ڪجھه شيون سٺيون لڳن ٿيون ته اهو به ٺيڪ آهي”
“قناعت ڪرڻ گھرجي؟”
“قناعت جي ڳالهه ناهي، آئيڊيل کي ماڻهو مافوق الفطرت نه بڻائي.”
“پر خوبين جي گھڻائي ته آئيڊيل واريون هجڻ کپي.”
“ها”
“ان ڪري عشق نه ڪندو آهيان.”
“ ڏس تي عشق ٿيندو به نه”
“ڇو نه ٿيندو، پنهون به ته ڏَسَ تي سسئي سان عشق ڪيو هو، راڻي به ته مومل سان ٻُڌَ تي عشق ڪيو هو.، نوريءَ ڄام تماچيءَ به ته ايئن ڪيو هو. انهن سڀني کي اهو ٻڌايو ويو ته فلاڻي مائي چنڊ جو ٽڪرو آهي”
“ايئن ته عشق ٿيندو ئي ناهي، عشق ته هڪ نظر ۾ ٿي پوندو آهي.” منور جيڪو ايتري دير خاموش هو تنهن آڙيءَ وانگر ڀڙڪو ڏيندي سوال ڪيو.
مان ۽ واصف ٻنهي ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ته نه ايئن هڪ نظر ۾ عشق نه ٿيندو آهي.
“ٿيندو آهي ۽ ماڻهو عشق ڪري، پوءِ ان جي خوبين سان پيار ڪندو آهي. سوچي سمجھي آئيڊيل ٺاهڻ بيوقوفي آهي.” منور پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.
“ بيوقوفي تون ٿو ڪرين. ماڻهو ءَ جو هڪ نظر ۾ عشق نه ٿيندو آهي. پر هن جي ذهن ۾ لاشعوري طرح آئيڊيل محبوب جو هڪ خاڪو جڙيل هوندو آهي ۽ پوءِ، ڪنهن شخص کي ڏسڻ سان ئي لاشعوري طور تي محسوس ڪندو آهي ته هن جي آئيڊيل جون گھڻون خوبيون ان شخص ۾ آهن ۽ پوءِ هن سان لنئون لڳي ويندي اٿس.”
واصف چيو ته:
“ يار، تو اسان جھڙن ماڻهن لاءِ بازاري عورت سٺي محبوبا ٿي سگھي ٿي.”
“ڪيئن؟”
“اسان جيڪو ڪجھه چاهيون ٿا، هوءَ سٺي نموني ڏئي سگھي ٿي، ڳالهائڻ فرينڪنيس ۽ پنهنجي انداز ۾ ڳالهيون ڪرڻ ۽ راڳ ٻڌڻ”
“مون کي ته بازاري عورت کان شديد نفرت آهي. هن جي انگل ڪري ڳالهائڻ تي دل چوندي آهي ته چماٽ وهائي ڪڍانس”
“نه، تون هنن کي ويجھو کان نه ڏٺو آهي. مجموعي ۾ هنن جو ڳالهائڻ مصنوعي هوندو آهي. باقي نه ته ڳالهائڻ ٺيڪ ۽ سهڻو هوندو اٿن. بازاري عورت مان هڪڙو فائدو اهو به آهي ته، اسان جھڙا ماڻهو، جيڪي اڪثر ڪري عام عورت جي ضرورت نه سمجھي سگھندا آهيون ۽ پوءِ اُهي رسي ڪنهن ٻئي جي محبوبا بڻجندي آهي”
واصف کيسي مان ويليم فائيو ٽيبليٽ ڪڍي وات ۾ رکي چٻاڙيندي چيو:
“مون کان هڪ ڇوڪري ان ڪري ناراض ٿي وڃي منهنجي ٻي دوست سان ياري رکي جو مان هن سان ڳالهيون ته خوبصورت ڪندو هيس، ڪمپني به سٺي ڏيندو هيس. پر شرافت جو مظاهرو ڪندي. هن سان جنسي تعلقات نه رکيا. هڪ دفعي مان ڪجھه ڏينهن لاءِ ٻئي شهر ويس ته انهن ڏينهن ۾ اها ڇوڪري منهنجي ان دوست سان ٺهي وئي. ڇو جو هُن سندس سڀ ضرورتون پوريون ڪيون هيون.
ٻي ڇوڪري مون سان ان لاءِ ناراض ٿي وئي جو مان هن کي ڪِس ڪيو هو ۽ هن چيو “مان ته توهان جي ڏاڍي عزت ڪندي هيس. پر توهان به ٻين جھڙا نڪتئو وحشي” ايئن چئي روئيندي هميشه لاءِ هلي وئي. ان لاءِ ٿو چوانءِ ته بازاري عورت صحيح آهي اسان لاءِ.”
“هرهڪ جو پنهنجو خيال آهي، مان پاڻ چاهيندو آهيان ته عورت فرينڪ هجي. پر جيستائين تعلق آهي، عورت کي نه سمجھڻ جو، ته ان تي توسان متفق ناهيان. ڇو جو عورت ۽ مرد جي پاڻ ۾ دوستي ئي تڏهن سمجھڻ کپي، جڏهن ڀرونءَ جي هر هڪ اشاري کي سمجھجي، نه ته پوءِ اها دوستي ڪهڙي چئبي؟”
واصف تڏهن به پنهنجي ضد تان نه لٿو هيو.