38
“يونيورسٽي وارن کي ڪهڙي جلدي هئي بند ڪرڻ جي!؟”
“احتياطن بند ڪئي اٿئون، باهه پکڙجڻ لاءِ صرف سُڪيون ڪاٺيون ئي ضروري ناهن”
“تون ڪڏهن ويندين”
“سڀاڻي، ظاهر آهي رات جو ئي هاسٽلون خالي ڪرائيندا”
“زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو فريب اهو هوندو آهي ته، ڪا به شي اسان وٽ ناهي رهندي، ڪجهه شين کان اسان پاڻ پري ٿي ويندا آهيون ۽ ڪجھه حالتون اسان کان پري ڪري ڇڏينديون آهن.”
“اهو فطرت جو اصول آهي.”
“منهنجي زندگيءَ جي ٽريجڊي اها آهي جو، جنهن شيءِ کي مون چاهيو آهي، اها مون وٽان جلدي پري هلي ويندي آهي. شايد ميلاپ ۽ جدائي، اهي ٻئي عنصر اسان جي زندگيءَ تي حاوي رهن ٿا. هونئن به، سهارا ڪجھه ڏينهن لاءِ هوندا آهن”
“ان جو مطلب آهي، ته مان ناڪام آهيان. جو، جيستائين مان حاضر آهيان ته تنهنجو سهارو آهيان ۽ پوءِ نه؟”
“نه، تو جھڙن جون يادون هميشه رهنديون آهن ــ تنهنجون يادون، منهنجي وجود تي حاوي رهنديون.”
“لڳي ٿو ته هن موڪلن سان گڏ ئي گرمين جي وئڪيشن ڪري ڇڏيندا.”
“هونئن به ته وئڪيشن تي وڃڻو هيو، پر ايڏو جلدي اهو ڪڏهن سوچيو ئي نه هيم. ڪيئن ڪنديس مان؟”
“تون ان عرصي دوران پينٽنگز ٺاهجانءِ ۽ پوءِ انهن تي ڳالهائينداسين به”
“سڀاڻي وڃڻ مهل منهنجي گھر ضرور اچجانءِ ۽ ڪيسٽ به رڪارڊ ڪري اچجانءِ.”
ٻئي ڏينهن تي، تنهنجي گھر پڄي ويو هيس. جڏهن موڪلائڻ جو وقت ٿيو ته، تنهنجين ماڻڪيون پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳيون ۽ روئيندي تاڪيد ڪيئي ته، روزانو پنهنجو حال احوال لکجانءِ ۽ چنبڙي پئي هئينءَ. ڄڻ، ٻنهي جو وجود هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ کان اڳ، پنهنجيون ڪجھه نشانيون، پنهنجا عضوا ٻئي سان مٽا سٽا ڪري رهيو هو. جڏهن، الڳ ٿياسين ته مان تو وٽ هيس ۽ تون مون وٽ. مان ڪمري مان نڪرڻ لڳو هيس، تنهنجيون اکيون بند هيون ۽ مون تو کان اکيون بند ڪرڻ جو سبب پڇيو تون، جواب ۾ چيو ته:
“مان چاهيان ٿي ته، تنهنجو عڪس پنهنجين اکين ۾ بند ڪري ڇڏيان. مان، توسان ضد ڪيو هو ته جيستائين، اکيون نه کوليندينءَ ته مان به چپ چاپ بيٺو رهندس”
تون اکيون کوليون ته، لڪيل ڳوڙها نڪري آيا. مان، تنهنجين پنبڻين کي پيار مان چميو ۽ تو چيو ته
“مان روزانو انهن پنبڻين تي تنهنجا خواب ۽ خيال سجائينديس ۽ ها، تون به مون کي ضرور ياد ڪجانءِ.”
“چوڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ايئن ٿي ئي نه ٿو سگھي جو، اڌ وجود يادن ۾ مشغول هجي ۽ ٻيو خاموش هجي!”
تنهنجين اکين ۾ چمڪ اچي وئي. ٻنهي ڄڻن، ڪيسٽون ايڪسچينج ڪيون ۽ ٻنهي جي ڏورن ۾ ڏندن جا نشان رهجي ويا.
لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي جڳهه جي ڪوٺي تي ستل هيس، ڀرسان واري باغ مان، رات جي راڻيءَ جي خوشبو اچي رهي هئي. آسمان تي چنڊ کڙيل هو ۽ مان تنهنجي ڪيسٽ ٻڌي رهيو هيس:
“منهنجي دل ڳالهائڻ تي نه ٿي ٿئي. دل چئي ٿي ته، مان صرف سوچيان تنهنجي باري ۾ ۽ انهن ايندڙ عذاب وارن لمحن جي باري ۾. جڏهن مان روئڻ چاهينديس ته تنهنجو ڪلهو به نه ملندو، آواز ڏيڻ چاهينديس ته، تو وٽ آواز به نه پهچندو. توسان ملڻ ۽ ڏسڻ چاهينديم ته، اسان جي وچ ۾ ميلن جو مفاصلو هوندو. خبر ناهي، يونيورسٽيءَ وارن کي ڪهڙي تڪليف ملي جو، وئڪيشن ڪري ڇڏيائيون.
(روئڻ جو آواز). خير اهو وقت ته ڪڏهن نه ڪڏهن اچڻو هو، اڄ نه سهي سڀاڻي، سڀاڻي نه سهي پرينهنءَ، پر، وڇوڙي جو ڏک فطري آهي.
مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته، ڇا ڳالهايان ڳوڙها پنهنجو پاڻ وهڻ لڳا آهن. ان ڪري جو تون هتان هليو ويندين ۽ چوڻ جو فائدو به ڪونهي، ڇو جو ڪجھه ڳالهيون چئبيون ناهن پر، سمجھبيون آهن ۽ تون مون کي چڱي نموني سمجھين ٿو. مون کي چوڻو صرف ايترو آهي ته، مون کي پنهنجي لفظن جي خوشبو ۾ رکجانءِ.
مون کي ذات جي استعارن ۾ رکجانءِ،
مون کي پنهنجي اڱڻ جي چنڊ تارن ۾ رکجانءِ.
منهنجا ڪجھه خط آهن، جن کي مان پنهنجي رت جي صداقت سان لکيو هو، جن ۾ صدائن جي پاڪيزگيءَ سان پڪاريو هو توکي.
منهنجا چند لمحا آهن،
جن ۾ تنهنجي ڳالهائن جو رنگ هو.
منهنجون ڪجهه پسند هيون،
جن کي تنهنجي پسنديدگيءَ جي ضرورت هئي.
منهنجو ماضي آهي،
جنهن کي تنهنجي رفاقت، ماضيءَجو مفهوم ڏنو.
منهنجو هڪ آئيندو هو،
منهنجون ڪجھه خوشيون هيون تنهنجي حوالي سان،
۽ اهو هڪ گلاب،
جنهن کي ٻين گلابن کان ڌار ڪري مون کي ڏنو هو
انهن کي ۽ ڪجھه ٻين ڳالهين کي،
پنهنجي يادن ۾ رکجانءِ .
گفتگو جي پناهن ۾ رکجاءِ، اشارن ۾ رکجانءِ،
پنهنجي ذات جي استعارن ۾ رکجانءِ،
ته مان ۽ تون
هڪ صدي اڳ،
هڪ ئي جسم هياسي،
هڪ ئي ذهن ۽ روح هياسي،
هڪ ئي نانءُ هياسي.
منور جي بدلي ٿي هئي ته تون ان کان جدا ٿيڻ تي ڪيترو پريشان ۽ ڏکويل هئين. اڄ مان به پريشان آهيان. هيءَ جدائي عارضي ئي سهي پر، سڀاڻي منهنجو هڪ دوست مون کان پري وڃي رهيو آهي. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي هن کي الوادع ڪيان ته ڪيئن ڪيان. ان چهري تان نظرون ڪيئن هٽايان، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪيئي ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو. مان اهو سوچي گھٻرائجي رهي آهيان ته، ان وقت جڏهن مان اڪيلي هونديس. پريشان ٿينديم، ڏک تي روئڻ ايندو، ڪنهن سان ڳالهائڻ چاهينديم پر، منهنجو دوست موجود نه هوندو. مون کي خبر آهي ته، زندگي ۾ اهڙا مقام ايندا آهن، جن کي اسان گھڻو چاهيندا آهيون. اهي ڌار ٿي ويندا آهن، اسان انهن کي روڪڻ به چاهيون ته وقت انهن کي اڳتي وٺي ويندو آهي ۽ اسان ڪجھه به نه ڪري سگھندا آهيون. صرف ٻيهر ملڻ جي اميد رکندا آهيون. اميد ڪيترو فريب آهي، ڪيترو خوبصورت فريب. جنهن جي آس ۾ هميشه زندهه رهندا آهيون، بغير روح جي زندهه، ڪيترا مجبور آهيون اسان! اسان جو ڪيترو عجيب رشتو آهي. سڀني کان الڳ ۽ انوکو. ايڏو پيارو رشتو ـــ (روئڻ جو آواز)
تون پريشان نه ٿجانءِ، تنهنجي جدائي جو سوچي، ڪجھه بي چيا ڳوڙها نڪري آيا آهن. ڪا ڳالهه ناهي، توکي به وڃڻو آهي.
زندگيءَ ۾ گھڻا مقام اهڙا به ايندا، جتي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ تمام گھڻا فاصلا هوندا، گھڻيون اهڙيون راهون اينديون، جن تي اسان کي الڳ الڳ ٿي وڃڻو هوندو. ۽ مان توکي ڪڏهن به نه روڪينديس، تنهنجي راهه ۾ ڪڏهن به رڪاوٽ نه بڻجنديم. توکي، ڪجھه به نه چوندم ۽ ڪڏهن ڪجھه به نه گھرنديم. ان لاءِ جو، تو مون کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي، تون پنهنجي دوستيءَ ۾ جيترو پيار ۽ خلوص ڏنو آهي، تمام گھڻو آهي، تمام گھڻو زندگيءَ ۾ مليل سمورين چاهتن کان وڌيڪ، هڪ دوست جو ايترو پيار به ڪافي آهي. تون جتي به هجين خوش رهين. تون جتي به هوندين، منهنجو هوندين. تنهنجون سوچون، منهنجون آهن تنهنجون يادون منهنجو سرمايو آهن. خبر ناهي، توسان ڪڏهن ملاقات ٿي؟ صبح جو تون ايندين، مون کي يقين آهي ته صبح ۽ ڏينهن ڏاڍو خوبصورت هوندو. حالانڪه، اُن ڏينهن غروب آفتاب جو به وقت ايندو، جڏهن توکي الوادع چوڻو پوندو.
سڀاڻي کان، وئڪيشن شروع ٿئي ٿي ۽ منهنجي لاءِ ڄڻ ته، عذاب وارن ڏينهن جي شروعات ٿي آهي. ڏينهنْ ته ڪنهن نه ڪنهن حالت ۾ گذري ويندا. پر، جڏهن پنهنجو پاڻ کان پياريون هستيون ڌار هجن ته هر پل عذاب ۾ گذرندو آهي.
مان وئڪيشن ۾ تمام گھڻيون پينٽنگز ٺاهينديس ۽ شاعري ڪنديس تنهنجي لاءِ. پوءِ جڏهن ملنداسين ته انهن پينٽنگز ۽ شاعري تي ڳالهائينداسين. مان جڏهن پينٽنگز ٺاهينديس ته، انهن ۾ تنهنجي چاهت ۽ پيار جا رنگ هوندا. ڇو جو، جڏهن مان ڪينواس تي برش رکنديس ته تنهنجون يادون برش جي رهنمائي ڪنديون ۽ مون کي يقين آهي ته، پينٽنگز تمام خوبصورت هونديون. ان لاءِ جو، تنهنجون يادون خوبصورت هونديون. شاعري به سٺي هوندي ڇو جو منهنجا لفظ تنهنجا هوندا، منهنجا هٿ تنهنجا هوندا جنهن ڪري قلم جڏهن پني تي لکندو ته، اهو سڀ ڪجھه سهڻو هوندو.
اسان هتي پنهنجي مرضيءَ سان ڪجھه به ته ڪري نه ٿا سگھون، ڄڻ ته روبوٽ آهيون، ٻين جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ وارا. ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو، مان ڪنهن خاموش هنڌ تي ڪنهن خوبصورت لينڊ اسڪيپ تي رهان ها. ان جڳهه تي منهنجي ننڍڙي جھوپڙي هجي ها، جتي پکين جي آواز، ۽ آبشارن جي موسيقيءَ سان منهنجا ڪن ٻُرن ها، چنڊ منهنجي جھُوپڙي مٿان اچي بيهي ها ۽ سج منهنجي دروازي تي لهي ها. مون وٽ ڪينواس، برش ۽ رنگ هجن ها ۽ خوبصورت لينڊ اسڪيپ کي ڪينواس تي ٺاهيان ها ۽ پوءِ مان، ان سموري خوبصورتي کي اکين ۾ سمائي مري وڃان ها ۽ پوءِ منهنجي قبر، ان لينڊ اسڪيپ ۾ هڪ اضافو هجي ها. پر اهو رڳو هڪ سپنو آهي، تون موڪلن ۾ جڏهن گھمڻ وڃين ۽ اهڙا خوبصورت منظر ڏسين ته، سوچجانءِ ته وڏن وارن واري هڪڙي ڇوڪري، هڪ چري ڇوڪري تنهنجين نظرن سان انهن خوبصورت نظارن کي ڏسي رهي آهي. جڏهن، وڏا وڏا پهاڙ ڏسين، ڊگھا ڊگھا وڻ ڏسين ته محسوس ڪجانءِ ته هڪڙي ڇوڪري انهن وڻن پٺيان جھاتي پائي توکي تڪي رهي آهي. جڏهن، جھرڻن جي موسيقي تنهنجن ڪنن ۾ پئي ته محسوس ڪجانءِ ته هڪڙي ڇوڪري ان ڏينهن تي تنهنجي لاءِ جھونگاري رهي آهي ۽ اهڙي خوبصورت ماحول ۾، ڪنهن هنڌ لکي اچجانءِ :“هڪڙي چري ڇوڪري” ته ڄڻ مون کي شيئر ملي ويندو خوبصورت رستن تي گھمين ته سوچجانءِ ته تنهنجي قدمن جي نشانن تي ڇوڪري به پير رکندي پئي اچي. جيڪڏهن، مون کي اهڙي هنڌن تي وڃڻ جو موقعو ملي ها ۽ تون، ساڻ هجين ها ته تنهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي انهن نظارن کي ڏسان ها ته، اهو منهنجي زندگيءَ جو آخري ڏينهن هجي ها، خوشيءَ مان مري وڃان ها. جيڪڏهن تون، ڪنهن طرف نه وڃين ۽ گھر ۾ ئي رهين تڏهن شام جو گھر ڀرسان وهندڙ ڪئنال تي لهندڙ سج جو منظر ڏسين ته شفق جي رنگن ۾ منهنجي تصوير ڏسجانءِ. جيڪا، تنهنجين يادن سميت اتي هوندي ۽ پوءِ سوچجانءِ، خوبصورت ڳالهيون ۽ جڏهن مان توسان ملان ته مون کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائجانءِ جيڪي، تنهنجي ذهن ۾ منهنجي لاءِ آيون. مان توکي پينٽنگز ڏيکارينديس ۽ شاعري ٻڌائينديم ۽ ٻڌائينديس خوبصورت يادون، خوبصورت ڳالهيون خوبصورت خيال هڪڙي شخص لاءِ، جيڪو هن دنيا ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کان مختلف آهي. جيڪو ساحره جو ساقي آهي. جنهن، هن کي پنهنجي پيار جي مڌ پياري مدهوش ڪري ڇڏيو آهي.
جدائي جي موسم ڪيڏي عجيب آهي. تون هليو ويندين ته، مان پنهنجو پاڻ کي هن شهر ۾ اڪيلو محسوس ڪنديس. ڪنهن سان، تنهنجون ڳالهيون به نه ڪري سگھنديم، هڪ خاموشي آهي جيڪا منهنجي اندر ۾ لهندي وڃي ٿي.
ڪاش! مان جاهل ڇوڪري هجان ها. پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور نه هجان ها گھٽ ۾ گھٽ، ڄاڻ جو عذاب ته نه سهڻو پئي ها. نه ميلاپ جو، نه جدائيءَ جو، نه پيار جو نه ئي نفرت جو احساس هجي ها ۽ ڏاڍي خوش گذاريان ها. ڪڏهن ڪڏهن، دل چاهيندي آهي ته اکيون بند ڪري ويٺي رهان صدين تائين، ۽ جڏهن اک کلي ته بهار ئي بهار هجي، خزان جو احساس ئي نه ٿئي.
ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته خدا اسان کي پيدا ئي نه ڪري ها، هو، هروڀرو اسان جو تماشو ڏسي ٿو. خوامخواه، اسان کي ٺاهي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. مون کي ته، زندگيءَ ۾ ڪا به اٽريڪشن نظر نه ٿي اچي، شايد منهنجي سوچ تبديل ٿي وئي آهي. مون کي اها ڇوڪري به ياد آهي، جيڪا تمام گھڻو خوش نظر ايندي هئي. هن جو ڪنڌ هميشه اوچو هوندو هو. هوءَ چنڊ تارن کي ڏسندي هئي ۽ زمين ڏي نهاريندي به نه هئي. پر، هڪڙي ٺوڪر سان ايترو ڪري جو صرف زمين جا ذرا ئي نظر اچڻ لڳس. جنهن کي هاڻي چنڊ ستارن جي روشني محسوس ئي نه ٿي ٿئي. ڪيتري خوش هئي اها ڇوڪري، جيڪا هميشه مسڪراهٽن جا گل کڻي هلندي هئي. پر خوش ته هاڻي به آهي، جو هن کي زمين تان مٿي کڻي هلڻ وارا به آهن. جنهن کي رستو ڏيکارڻ وارا به آهن، ساقي به آهي، جنهن وٽ سهاري ڏيڻ لاءِ ڪلهو به آهي، مڌ به آهي. زندگيءَ ۾ صرف هڪ ڀيرو اهڙا ماڻهو ايندا آهن. جن سان ويراني ۾ بهار ايندي آهي، جيڪي ڇانورو ڏيندا آهن.
ڏس وڇوڙي جو لمحو ڪيترو ويجھو آهي. مون کي يقين آهي ته، وري ملنداسون. پر هڪ اڻڄاتل خوف، جدائي جو ڊپ پريشان ڪري ٿو. مگر، مون کي يقين آهي ته، مان توسان ۽ تون مون سان ضرور ملندين. منهنجو صرف هڪ عرض آهي ته ڏاڍو خوش رهجانءِ. مون کي ياد به گھٽ ڪجانءِ، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن يادون پيرن سان چنبڙي رستو روڪينديون آهن.
هتي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو عذاب سهڻو پئي ٿو. پر، مان خوشنصيب آهيان جو مان اهو سڀ ڪجهه اڪيلي سر نه ڀوڳيو آهي. مان ان يقين سان ڳالهه ختم ڪيان ٿي ته تون جتي به هوندين صرف منهنجي لاءِ ئي هوندين ۽ منهنجي لاءِ ئي سوچيندين”