2
انهن ڏينهن ۾ منهنجي دلچسپي وِينا ۾ هوندي هئي، جيڪا سونهن، سياڻپ ۽ هوشياريءَ ۾ يونيورسٽي جو نَڪُ هئي. ڪلهن تي ڪريل وار، گول منهن، شرير اکيون ۽ ننڍڙو پيارو نڪ، چپ سنهڙا، قد جيترو عورتن کي سونهندو آهي، چال ڄڻ ڊيل ٽلي ۽ حاضر جوابي سندس عادت هئي. منهنجي وري ڪمزوري ِاها، جو شرميليون ۽ گھٽ ڳالهائڻ واريون ڇوڪريون مون کي ڀانءِ نه پون. منهنجي نظر ۾ اها ڇوڪري وڌيڪ سٺي آهي جيڪا کل ڀوڳ ڪري سگھي ڪنهن به ڳالهه جو غلط مطلب نه وٺي. هر موضوع تي بحث ڪري سگھي ۽ سوال جو جواب اهڙو هجي جو ٻيو سوال جنم وٺي. چرچن جو چين ري ايڪشن(Chain Reaction) هجڻ کپي،
اهو سڀ ڪجهه وِينا وٽ هيو .
مان ڪو خوبصورت ناهيان. سانورو رنگ، ٿلها چپ، نڪ بينو ۽ ننڍيون اکيون. پر مان ڇوڪرين جي دوستي واري معامعلي ۾ خوشنصيب رهيو آهيان. انهن ڏهاڙن ۾ منهنجي ڪنهن سان به محبت نه هئي. اسان جي ٽولي ۾ اٺ، ڏهه ڇوڪريون هونديون هيون ۽ مان اڪيلو ڇوڪرو! ڪڏهن ڪڏهن فرخ ۽ حميد به اچي گڏ ٿيندا هيا، ڇوڪرين سان ويهڻ ۾ نه منهنجا ڪن ڳاڙها ٿيندا هيا ۽ نه وري آواز ۾ڏڪڻي پيدا ٿيندي هئي، ڳالهائڻ ۾ هروڀرو جا ڊائلاگ نه هوندا هئا، جيئن عام طور تي ڇوڪرن ۾ ٿيندو آهي. وڏا وڏا ٽهڪ ۽ ڪڏهن تاڙِي ملائڻ جو ڦهڪو، بس دوستن وانگي ڪچهري هلندي هئي. مان سڀني ڇوڪرين کي “سهيليون“ سڏيندو هيس. يونيورسٽي جي هر فنڪشن جي آرگنائيزرس ۾منهنجو نالو هوندو هيو. چاهي اهو عيد ميلادالنبي هجي يا “نيو ييئر فنڪشن.“ پٽيواليِ کان وٺي V.C تائين مون کي سڀ سڃاڻيندا هُيا.
انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڪلاس جي ون ڊي پڪنڪ لڳي. خوبصورت جھڙالي موسم ۾ استادن جي نگرانيءَ ۾ اسان جي بس ميرواهه تي”گوشئه تسڪين“ پهتي. ميرواهه جي وهندڙ پاڻيءَ کي ڪناري تي بيٺل يوڪلپٽس جون ٽاريون چمي رهيون هيون. ڪپر تي ٻيڙي بيٺل ۽ خوبصورت پيچرو وڻن جي ڇٽيءَ سان ڍڪيل هيو. ميرواهه تي اڏيل خوبصورت پل ۽ لان ۾ لڳل وڻن جي ڏارن جون ڪپيل بينچون، اهڙي موسم ۽ منظر کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ هرڪو ٽڙي پکڙي ويو.
مان به دوستن سان گڏ واهه جو ڪنارو ڏئي اڳتي وڌي ويو هيس. تون به وِينا جي مهمان هئينءَ. ٿوري دير کان پوءِ سڀني لان ۾ چادرون وڇائي کائڻ ۽ ڳائڻ جي محفل شروع ڪري ڇڏي هئي. فرخ ڳائي بس ڪيو ته مون مذاق ڪندي رپيو سندس آڏو رکيو ته کل جا چڙا وڄي ويا ۽ پوءِ هُن وٽ چڱا پئسا گڏ ٿي ويا هيا. وينا منهنجو غزل ڳايو هو،
عشق انـگـوريو آهي انـدر ۾،
ٿـوهـر نـسـريـو آهـي اندر ۾ .
هوءَ غزل ڳائيندي، جڏهن مون کي ڏسي رهي هئي ته مون کي هر شيءِ ڪٿڪ ناچ ڪندي نظر آئي. ڳائڻ کان پوءِ چانهه جو دور هليو، مون چانهه پي بس ڪئي ته ِوينا پنهنجي ٿرماس مان هڪ ٻيو مگ آڻي ڏنو، منهنجي انڪار ڪرڻ تي چيائين ته “مون کي خبر آهي ته توهان چانهه پيتي آهي، هيءَ چانهه منهنجي طرفان ضرور پيئو.“ مون مرڪندي چانهه جي مگ کي چمي ڏني ته وِينا جي مُک تي مرڪ ايئن پکڙجي وئي، جيئن صبح جي ڪچڙي اُس ڪنهن ماٿري تي پکڙجي وڃي.
ميرواهه کان پوءِ ٻي منزل ”ستين جو آستان“ هئي. ستين جي آستان تي جوتا لاهي مٿي وياسين، قبرون ڏسي موٽياسين ته منهنجو جوگر گم هو. سمجھي ويس ته ڪنهن شرارت ڪئي آهي. تنهن ڪري ڇوڪرين جون سڀئي چپلون ۽ سينڊل هٿ ۾کڻي اعلان ڪيم ته ”ٻن منٽن ۾ جاگر واپس ڪيو، نه ته هي سڀ ڪيانوَ ٿو سنڌوءَ حوالي“. منهنجي ان ڌمڪيءَ تي تون جلديءَ ۾ بوٽ کڻي آئينءَ ۽ سر رزاق توکي کلندي چيو ته، ”بوٽ نه لڪائبو آهي، خبر اٿئي بوٽ ڪنهن جو ۽ ڪڏهن لڪائبو آهي؟“ ٻين سڀني ٽهڪ ڏنا ۽ تون شرمائجي وئي هئينءَ. ٻي صُبح جو گرلزڪامن روم جو پٽيوالو هڪ ڪارڊ ڏئي ويو.
Thank you
Yours
Thoughtfulness
Was so
Typical Of you!
Thanks for your best co-operation!!
ڪنهن جي طرفان هو ڪجھه به لکيل نه هيو، منهنجو ڌيان تنهنجي ۽ وِينا طرف ويو. وِينا ملي جنهن اعتراف ڪيو.
تون اسان ٻنهي تي نظر رکندي هئينءَ، اسان جي گھرائپ توکي نه وڻندي هئي. وِينا مون کان ٽيبل ٽينس سکڻ لڳي، اسان ٻنهي جون ڪچهريون به وڌڻ لڳيون. خوبصورت جسم ۽ خوبصورت ذهن مشڪل سان هڪ هنڌ ڪٺو ٿيندو آهي، پر هن ۾ ٻئي خوبصورتيون هيون. ادب ۽ آرٽ تي ڳالهائڻ کان وٺي ذاتي موضوع اسان جي بحث هيٺ ايندا هيا. هوءَ تصويرون ٺاهي ايندي هئي ۽ پوءِ مان کيس صلاح مشورو ڏيندو هيس. منهنجي صلاح تي هُن صابڻ مان به خوبصورت اسڪليپچر ٺاهيا.
اينيوئل اسپورٽس ويڪ جي آخري ڏينهن تي تصويري نمائش جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن جو سمورو انتظام مون کي، سر رزاق ۽ وينا کي ڪرڻو پيو. ان ئي نمائش ۾ هڪ تصوير رکيل هئي. ڪيپشن هيس:
The piece of art, I love most
جڏهن مهمان خاص پردو هٽايو ته ڪجهه دير حيران ٿي ويو ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي ڀرپور مزو ورتائين. هُن جي سامهون ڀت تي آئينو ٽنگيل هو. تون به تصويرون ٺاهيندي هئينءَ پر الائي ڇو ان نمائش ۾ حصو نه ورتو.
منهنجي ۽ وينا جي وچ ۾ محبت جهڙي ڪابه شيءِ نه هئي، بس سٺي دوستي هئي. پر، تڏهن به يونيورسٽيءَ ۾ اسانجي باري ۾ ڳالهيون هُلڻ لڳيون، اسان جڏهن به ڪامن روم ۾ يا ڪينٽين تي وڻن هيٺيان ويهي ڪچهري ڪندا هياسي ته تون اچي هروڀرو به کل مذاق ڪندي هئينءَ ۽ تنهنجي اها حرڪت ڪڏهن ڪڏهن اوور لڳندي هئي.
مان پنهنجي برٿ ڊي نه ملهائيندو آهيان، پر ان سال تون برٿ ڊي ڪارڊ موڪليو، جيڪو تون پاڻ ٺاهيو هو. وِينا جو ٻه ٽي ڏينهن دير سان ڪارڊ مليو .
Sorry!
I missed your Birthday
But is really your fault!
.....if you were born
A few days later,
This card would have been on time!!
Any way...
Happy birthday to you
انهن ڏينهن ۾ گھر ۾هڪ قضيو ٿي پيو، جنهن اپ-سيٽ ڪري ڇڏيو. منهنجي پڙهڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي، ساري دنيا اداس لڳي، ڪئمپس جي ڀتين تي اداسيءَ وار وڇائي ڇڏيا هيا، مون کي اڪيلي رهڻ ۾ مزو اچڻ لڳو. مان ڪنهن به محفل ۾ نه ويندو هيس ۽ اڪيلائي ساڻ کڻي گھمندو هيس. اتفاق سان وِينا به انهن ڏينهن ۾ ونواهه ۾ ويٺي هُئي، تون هڪ ڏينهن مون کي وِينا جو نياپو ڏنو ته شاديءَ ۾ ضرور اچان. تو شايد اهو سوچيو ته، مون پنهنجي اها حالت وِينا جي جدائي جي ڪري ڪئي آهي. پوءِ تون مون وٽ گھڻو وقت ويهڻ لڳينءَ. هڪ ڏينهن جيئن ئي ٽيبل ٽينس روم ۾گھڙيس ته روم خالي هيو، منهنجي گھڙڻ شرط تون”هئه“ ڪري پردن پٺيان نڪري آئينءَ ۽ کل جا يڪتارا وڄڻ شروع ٿي ويا. تو پنهنجن وڏن کليل وارن کي جھٽڪو ڏئي ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا، منهنجو مَنُ به تنهنجي حرڪت تي مرڪڻ لڳو ۽ مان توکي چيو ته، “ايئن نه ڪندي ڪر، خبر ٿي قلوپطره به پاڻ کي قالين ۾ لڪائي سيزر آڏو آندو هو، ۽ پوءِ جڏهن غلامن قالين کي محلات جي فرش تي رکي، سيزر آڏو کوليو هو ته قلوپطره باهه جيان ڀڙڪو ڏئي نڪتي هئي، ۽ پوءِ سيزر ساري عُمر انِ باهه ۾ جلندو رهيو“، تون چُپ رهيئن، مان مرڪندي توکي چيو، “تون به پردي ۾ لڪي پوءِ ظاهر ٿي آهين، مون کي به جلائڻ ٿي گھرين ڇا؟“
تون ڏاڍو کلي هئينءَ ۽ پوءِ تنهنجون حرڪتون وڌنديون ويون.