32
پروگرام جي تيارين ۾، گھڻو وقت صرف ٿيڻ لڳو. اسان ٻنهي جي موجودگي هر ڪميٽيءَ ۾ هئي. تنهن ڪري سڄو ڏينهن ڪم ۾ مصروف رهون پيا. پروگرام ٿيڻ ۾ صرف هڪ ڏينهن وڃي بچيو هو. ان ڏينهن اسان حد کان وڌيڪ مصروف رهياسين. اسٽيج ٺاهڻ، وري ريهرسل ڪرڻ، پروگرام ارينج ڪرڻ ته آئٽم ڪهڙي سلسلي سان هجن. اهو سمورو ڪم ڪندي ٿڪجي پيو هيم. جنهن ڪمري ۾ ريهرسل ٿي رهي هئي، اتي ٿڪجي ٽٽي اچي ويٺس ته تون به ڀر ۾ اچي ويٺي هئينءَ، مان توکي چٽ لکي ڏني:
“جيڪڏهن مرڪي ڏسندينءَ ته منهنجو سمورو ٿڪ لهي ويندو”
ايئن ماڻهن جي منهن تي چٽ ڏيڻ خراب پئي لڳي، تنهن ڪري بهانو بڻائيندي، توکي چٺي ڏيندي چيم ته:
“هي ڪجھه ضروري سامان آهي. شام جو اچو ته وٺندا اچجو”
تون سنجيدگي سان چٺي ورتي، پر پڙهڻ کانپوءِ تنهنجو منهن مرڪي پيو ۽ ماڻهن جي نظرن کان لڪي منهنجي هٿ تي چهنڊي پاتئي ته سچ پچ ٿڪ لهي پيا.
شام جي پڄاڻي ۽ رات جي شروعات ٿي ته گروپ جي سمورن فنڪارن اڇي ڊريس ۾ قطارن ۾ بيهي سرگم ڳائڻ شروع ڪيو هو. ان کان اڳ ۾ طوفان جي صوتي اثر سان اسٽيج جو پردو کلڻ لڳو. طبلي جي آواز ۽ پوءِ سرگم سان پردو کلندو ويو. اها هئي، اسان جي سنگيت جي سفر جي شروعات. تون به غزل ٻڌايو، جنهن جو مفهوم ڪجھه ايئن هيو “هو اسان جي محفل ۾آيو آهي، ٻڌو اٿم ته ان سان ڳالهيون ٿينديون” ان محفل ۾ تنهنجو ڀيڻيويو به آيو هو. غزل ڳائيندي ڪڏهن ڪڏهن تنهنجون نظرون ان طرف کڄي پئي ويون.
پروگرام ڏاڍو ڪامياب رهيو، سڀ مهمان، مهمان خاص ۽ صدر صاحب گھڻا خوش ٿيا. رات يارنهن وڳي محفل پڄاڻيءَ تي پهتي. تون ان ڏينهن وار کولي، ۽ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ خوبصورت بڻجي آئي هئينءَ. پروگرام کانپوءِ جڏهن سڀ هليا ويا ته تون، مان ۽ منور اڪيلا رهجي وياسين. ٻين ورڪرن کي ماني کائڻ لاءِ موڪل ڏني. اسان ٽئي صوفا سيٽ تي ويهي رهياسين. مان ٿڪجي پيو هيس، تنهن ڪري تنهنجي ڀر ۾ پيل صوفي تي ليٽي پيم. تون منهنجي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي رهينءَ ۽ منور سان ڳالهائيندي رهينءَ. مان ڪجھه دير کان پوءِ وڃي اسٽيج تي ويٺس ۽ هارمونيم تي ڳائڻ لڳس. منور سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي تون روئي ويٺينءَ ۽ پنهنجا ڳوڙها اگھندي مون ڏي مرڪي ڏٺئه. مان پڇڻ مناسب نه سمجھيو ۽ پري ٿي ويٺو رهيم ته جيئن توکي جيڪي ڪجھه ڳالهائڻو آهي، ڳالهائي وٺين. ڪافي دير گذري ويئي. دوست واپس ئي نه وريا، توکي گھر وڃڻ ۾ دير ٿي رهي هئي. مان رزاق صاحب جي روم تي وڃي ان کي گاڏي لاءِ چيو. جنهن گاڏي هٿ ڪري ڏني ۽ تنهنجي منهن تان پريشاني ختم ٿي وئي. ڇو جو توکي گھر جو خيال ٿي رهيو هو. ٻئي ڄڻا تو کي گھر ڇڏي آياسين.
واپس جڏهن ڪمري تي آياسين ته، مون منور کان تنهنجي روئڻ جو سبب پڇيو، جنهن ٻڌايو ته تون ڳالهين ڪندي چيو ته مان خوشيون سميٽڻ چاهيان ٿي. جيتريون به خوشيون ملن اهي سميٽي وٺان. تنهن تي منور توکان پڇيو ته تون ٻه ٽه دفعا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، سبب ڪهڙو آهي؟ تون روئندي جواب ڏنو ته جلدي خبر پئجي ويندي. منور توکي ڪجھه دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو ته ٿي سگھي ٿو ته مان غلط هجان. پر ڪجھه ڏينهن کان تنهنجين ڳالهين مان اندازو لڳايو اٿم. جيڪڏهن غلط هجان ته معاف ڪجانءِ، مان سمجھان ٿو ته، تون پنهنجي ڀيڻيويي سان شادي ڪري رهي آهين. تنهنجي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا ۽ پوءِ تون روئيندي منور کي ٻڌايو ته مان قرباني ڏيان ٿي پنهنجي ڀيڻ لاءِ، ان جي ٻارن ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ لاءِ، تنهن تي منور توکي چيو ته تنهنجو فيصلو غلط آهي. جنهن تي تون چڙي چيو ته مان صحيح فيصلو ڪيو آهي. ضرور ڪنديس.
تون منور سان منهنجي شڪايت ڪئي ته:
“هو منهنجن احساسن کي سمجھي ئي نه ٿو.... ڏسو توهان مون کي منجھيل ڏسي پڇيو پر هن اڃان تائين پڇيو به ناهي”
منور جي ٻڌائڻ تي مان پريشان ٿي ويس. ڇو جو تنهنجي فيصلي ۾قرباني جو جزو غلط هيو. مون کي ڪاوڙ به آئي ته، تون مون کي اها ڳالهه ڇو نه ٻڌائي. مان ته تنهنجين ڳالهين مان گھڻي وقت کان اندازو لڳايو هو، پر چئي نه پيو سگھان ته متان مان غلط هجان ۽ توکي ڏک پهچي.
صبح جو اسان جي ڪلاس جي پڪنڪ هئي اتي واهه ۾ وهنجندي، جڏهن ڪناري تي ويٺم ته، اسان جي ڊپارٽمنيٽ جي چيئرمين، فنڪشن جي ڪاميابيءَ جي مبارڪ ڏيندي چيو:
“ٻڌو آهي ته توهان جي جوائنٽ سيڪريٽري نيو جنريشن مان اولڊ جنريشن ۾ وڃي رهي آهي” مان لاعلميءَ جو اظهار ڪيو.
مون کي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي. ان ڪري جو، سموري جڳ کي خبر هئي ۽ تو مون کان لڪايو هو. منهنجي پڪنڪ جو مزو خراب ٿي ويو، اتي ئي ويهي توڏانهن خط لکيم. جنهن ۾ اها ئي ڳالهه لکيم ته تون، مون کي دوستيءَ جي لائق نه سمجھيو ۽ مون کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪيو ٿي. سمورو وقت موڊ خراب رهيو.