25
ڪارا ڪپڙا پهري آئي هئينءَ. تنهنجون اکيون ڪلر ۽ سمَ واري زمين وانگر لڳي رهيون هيون، چهرو ڄڻ اجڙيل گهر. خبر ناهي، تون الائي ڪهڙين نظرن سان ڏسي رهي هئينءَ. مان، ڪجهه وقت خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس. توکي ويهڻ لاءِ چئي مان پنهنجون نظرون زمين ۾ کپائي ڇڏيون. تنهنجين اکين ۾، اڏامندڙ اداسيءَ جي واچوڙن کي ڏسڻ جي سگهه مون ۾ نه هئي.
خاموشي
گهڻي دير چپ رهڻ کان پوءِ تون ڳالهايو ته، تنهنجو آواز ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ ڪو ماڻهو ميلن جي مفاصلي تان ڳالهائيندو هجي.
تو چيو:
“مون کي دوستن مان اها اميد نه هئي”
مان خاموش رهيس.
“جڏهن واقعي به مون کي دوستن جي ساٿ جي ضرورت هئي، ان وقت ڪنهن به مون کي آٿت نه ڏني. دلاسو نه ڏنو، پيار نه ڏنو، سهارو نه ڏنو.”
مان وري به چپ رهيس.
تنهنجي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. مان پنهنجي ڪرسيءَ کي تنهنجي ڀرسان آندو، ۽ پاڻ کي ڏوهي سمجهي رهيو هيس ۽ توکي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو ۽ منهنجي آواز ۾ ڏک سمائجي ويو.
“ساحره، مان سمجهان ٿو، ۽ مان محسوس ڪريان ٿو تنهنجي ڏک کي، باقي تون ايئن نه چئه.”
پنهنجاڳوڙها وهائيندي چيئه:
“سڀ خود غرض آهن، مان پنهنجي دوستن کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو، پر انهن مون کي ڪجهه نه سمجهيو”
“مان، ڇا پيو ڪري سگهان، امان اسپتال داخل هئي، تنهن ڪري تو وٽ ڪراچي نه اچي سگهيس.”
“تون، ان ڏينهن ٽيليفون ڪرڻ جو چئي، ٽيليفون نه ڪئي، مان ڏاڍو انتظار ڪيو.”
تنهنجي ڳوڙهن جي سنڌو وهندي رهي.
“پر، مان ته ٽيليفون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.” مان ڪوڙ ڳالهائيندي پنهنجين نگاهن کي جهڪائي ڇڏيو. منهنجي اندر ۾ وڍ پئجي رهيا هيا.
“اديءَ جو لاش، گهر ۾ پيو هو ۽ منهنجي ڪنن کي تنهنجي ٽيليفون ٻڌڻ جو انتطار هيو ۽ ساري رات ٽيليفون جو انتظار ڪندي رهيم.” تون اوڇنگارن ۾ پئجي وئين. گهڻي دير روئيندي رهينءَ. جڏهن ڏٺم ته، تون خاموش نه ٿي رهين آهين، مان توکي دلاسو ۽ آٿت ڏيڻ لاءِ، تنهنجي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي آهستي آهستي دٻائڻ ۽ مهٽڻ شروع ڪيو.
“مان پنهنجو وجود ختم ڪري آئي آهيان. ڪيڏو عذاب آهي، گھر جي ڪنهن فرد جو مرڻ.”
تنهنجا سڏڪا، وڌندا ويا. مان پريشاني ۽ بي وسيءَ جي احساس هيٺ خاموش رهيس.
“مون کي تو مان اها اميد هرگز نه هئي. ڏس نه، سڀ دوست صرف نالي جا دوست آهن.”
منهنجي اندر ۾ ڏوهي هجڻ جو احساس وڌي رهيو هو.
مون توکي چيو:
“مون کي معاف ڪر، مان واقعي تنهنجو ڏوهي آهيان. پر ان ۾ منهنجيون به ڪجھه مجبوريون هيون.”
تنهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي، هاڻي منهنجين هٿن کي سيراب ڪري رهيو هو.
مان توکي اتان اٿاريو. تنهنجي سڄيل اکين ۽ پريشان وارن ۽ روئڻ کي ڪافي اسٽوڊنٽ حيرت مان ڏسي رهيا هيا. تون ۽ مان گڏجي ڪامن روم ۾ آياسين، جتي تنهنجي روئڻ جي اسپيڊ وڌي وئي. منهنجي هٿن کي، پنهنجي هٿن ۾ پڪڙي اکين تي رکيئه. منهنجا هٿ آلا ٿي ويا. تنهنجا سڏڪا ڪامن روم جي ڀتين سان ٽڪرائجڻ لڳا.
“ڏس ايئن نه ڪر ڏاهي ٿيءُ.” مون توکي آٿت ڏيندي چيو. پر مون کي لڳو ته اهي لفظ منهنجا نه پر، ٻي ڪنهن جا هئا، ڏاڍا هلڪا لڳا اهي لفظ. منهنجن هٿن کي، تون پنهنجين اکين مٿان گھمائيندي رهينءَ. مون کي لڳو ته، توکي ايئن ڪرڻ سان سڪون ملي رهيو هئو. مان، تنهنجين اکين کي هٿن سان بند ڪري، انهن جي ڪنڊن وٽان وهندڙ ڳوڙهن کي اگھيو ته تو اکيون کولي مون کي ڏٺو. تنهنجي نظر ۾ هڪ ئي وقت شڪايتون به هيون ته، الائي ڪيترا سڏ به هيا. انهن سڏن جي آواز تي، مان جھڪندو ويس ۽ منهنجا چپ نمڪين ٿي ويا پوءِ منهنجا چپ ان نمڪيات کي قابو ڪندا، چهري تي چرڻ لڳا، تنهنجا سڏڪا آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳا. سڏڪن جو آواز ٻڌي، منهنجا چپ آواز جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ، سڏڪن جي آواز کي دٻائي ڇڏيائون. ڪافي وقت، گونگن ڳوڙهن جي نمڪيات، زمين تي نه ڪري. مان تنهنجو ڪنڌ لاڙي پنهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيو ۽ پنهنجو هٿ، تنهنجن وارن ۽ اکين تي ڦيريندو رهيس. تنهنجي روئڻ جي شدت گھٽجندي وئي، تنهنجا ڳوڙها، منهنجي قميص کي آلو ڪري ويا. اڄ، الائي ڪهڙي جذبي، مون ۾ بي خوفي ۽ جرات پئدا ڪري ڇڏي هئي. مون کي اهو خوف بالڪل نه هيو ته جيڪڏهن ڪنهن، ان حالت ۾ ڏٺو ته ڇا چوندو.
تنهنجي روئڻ، کي بند ٿيڻ ۾ چڱو وقت لڳو. مان، توکان ٿورو پر ڀرو ٿي ويٺس. تون، ڪنڌ جھڪائي ويٺي رهينءَ. مون توکي ٻڌايو ته، لاڙڪاڻي ٿو وڃان. امان جي اک جي آپريشن سڀاڻي ٿيڻي آهي، تون خاموش رهينءَ. مون کي ڏاڍو ڏکيو لڳي رهيو هو ته، تو کي ان حالت ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي وڃان. مان محسوس ڪري رهيو هيس ته، توکي منهنجي سخت ضرورت آهي. پر، منهنجو وڃڻ به لازمي هيو. مون توکي چيو ته:
“مان لاڙڪاڻي ٿو وڃان، مون سان هلندينءَ؟” تون اکيون صاف ڪندي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. مون توکي چيو
“تون هن پوائنٽ بس ۾ گھر وڃ، مان پنهنجي دوست کي گاڏي ڪاهي اچڻ لاءِ چوان ٿو، تون گھران اجازت وٺ ته جيئن پوءِ مان توکي وٺڻ اچان.”
تون ان بس ۾ گھر هلي وئينءَ.
مون کي گھڻي دير کانپوءِ سليم مليو، جنهن کي گاڏي لاءِ چيم. اسان شام جي شروعات وقت تو وٽ پهتاسين. دير تمام گھڻي ٿي چڪي هئي، تنهنجي گھر جي ڪال بيل وڄايم. تو ٻڌايو ته
“هاڻي مان نه هلي سگھنديس. ڇو جو، اڄ ئي موٽي نه سگھنديس، زرينه به ساڻ نه ٿي هلي. تون وڃ مان سڀاڻي اينديس.”
مان لاڙڪاڻي هليو ويس.
ٻي ڏينهن تي به نه آئينءَ. شام جو توڏي فون ڪيم. تو نه اچڻ جو سبب ٻڌايو ته:
“رات ننڊ نه پئي آئي. تنهنڪري ڊائزاپام جون گوريون کاڌيون هيم ۽ صبح جو سويل جاڳ ئي نه ٿي. يارهين بجي جاڳيم، وري ٿوري دير کانپوءِ سمهي پيس ته هاڻي اٿي آهيان. تنهنجي ٽيليفون تي”
“اها ته سٺي ڳالهه ناهي، حقيقتون تنهنجي آڏو آهن. ڪيستائين انهن کان منهن موڙيندينءَ، گوريون کائي؟”
“مون کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿو اچي. جنهن ڪري گوريون کاوان ٿي. سوچي سوچي دماغ ڦاٽي ٿو”
“ڏس، فراريت سٺي ناهي. چڱي نموني مقابلو ڪر، تون ته بهادر آهين”
“اهو سڀ ڪوڙ هيو، بهادري وغيره.” تون گگھي آواز ۾ چيو.
“نه نه تون بهادر آهين ۽ ٻڌ وري جيڪڏهن گوريون کاڌئي ته ماريندومانءِ، ٺيڪ آهي؟”
“ڪوشش ڪنديس”
“ڪوشش نه، توکي ايئن ڪرڻو آهي. ڏس اداس نه ٿي، مان سمجھان ٿو سڀ ڪجھه، پر ايڪٽنگ ئي سهي، ڪجھه کل ته سهي، ڳالهاءِ ته سهي.”
“هاڻي زمانو مون تي کلي ٿو.”
“چڱو، هاڻي، مان موڪلايان ٿو، واعدو ڪر ته گوريون نه کائيندينءَ. “
“ڪوشش ڪنديس”
مان توکي ان رات اسپتال مان خط لکيو. ڇو جو تنهنجي گورين کائڻ واري ڳالهه مون کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
“مان توکي هي خط اسپتال جي ڪاريڊور مان لکي رهيو آهيان. ڪمري ۾ امان ستي پئي آهي. منهنجين اکين مان ننڊ ڏور آهي تمام ڏور. ان سمي سوچيم ته، پنهنجي پريشاني ڪاغذ کي سونپيان. هونئن به، پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ سٺيون مصروفيتون آهن. تون به پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ پڙهندي ڪر يا نه ته، ڪنهن دوست کي خط لکندي ڪر.
شام جو تون ٻڌايو ته تون ننڊ جون گوريون کائين ٿي. منهنجي ذهن کي ڏاڍو ڌچڪو پهتو. تون ايڏي ذهين، بهادر ۽ خوبصورت هوندي، اهڙا خيال ذهن ۾ رکين ٿي. مون کي ڏک صرف ان ڳالهه جو آهي ته، تون مون کي دوست نه ٿي سمجھين، تنهن ڪري ئي تون پريشان رهين ٿي ۽ پاڻ کي اڪيلو سمجھين ٿي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته، پنهنجيون سڀ پريشانيون مون کي لکي موڪلين ها. بهرحال، تون مون کي دوست نه ٿي سمجھين ته تنهنجي مرضي، مان ڪير ٿيندو آهيان تنهنجي مرضيءَ ۾ دخل ڏيڻ وارو.
ڏک ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي. پر، ڏک کي مٽائڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻو پوندو آهي. ڏک کي تبديل ڪرڻ گھرجي، پنهنجي ڏک کي، ٻين جي ڏک سان ملائي ڪنهن منزل طرف وڌڻ کپي. هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ. اسان کي ٻين لاءِ جيئڻ گھرجي”
ڪجھه ڏينهن ڳوٺ رهڻ کانپوءِ يونيورسٽي آيو هيس. توڏانهن ٽيليفون ڪيم تنهنجي لهجي ۾ ساڳي اداسي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ تون خاموش خاموش رهڻ لڳينءَ. تنهنجي اکين جي هيٺيان ڪارا نشان پئجي ويا هيا، منهن پيلو ٿي ويو هو ۽ گھڻي حد تائين، ايبسنٽ مائينڊيڊ رهڻ لڳي هئينءَ. مون توکي گھڻو ئي سمجھايو، توکي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته تون پاڻ کي ختم نه ڪر. پنهنجي وجود سان، ٻين کي فائدو ڏي، تون گھڻا دفعا اهو چيو هو ته، تنهنجي زندگي ٻين جي لاءِ آهي. ڊائزاپام واپرائڻ لڳي هئينءَ، مان الائي ڪيترا دفعا توکي سمجھايو هو، ڌمڪايو هو پر تون چيو هو ته منهنجي مجبوري آهي. انهن کانسواءِ مون کي ننڊ نه ٿي اچي، سڪون نه ٿو ملي. انهن گورين جي ڪري، تنهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا هيا ۽ هر وقت ڄڻ، غير حاضر دماغ سان موجود هوندي هئينءَ.
هميشه جيان،اسان جي ڪچهري، اسانجون ڳالهيون اڌوريون رهجي وينديون هيون. ڇو جو، يونيورسٽيءَ ۾ دوست ملي ويندا هيا. هڪ ڏينهن، تون ڏاڍي ڊسٽرب هئينءَ ۽ مون کي چيئه
“اڄ تون گھر اچجانءِ”
مان منجھند جو تنهنجي گھر جي ڊرائينگ روم ۾ هيس. خاموشي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ويٺي هئي. تون، پنهنجي ڀيڻ جو فوٽو ڏيکاريو ۽ ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته، تنهنجين اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. تنهنجو ڪنڌ، منهنجي ڪلهي تي پهچي ويو. تون الائي گھڻي دير اکيون بند ڪيو، ڪنڌ لاڙي ويٺي رهينءَ. منهنجا هٿ، تنهنجن وارن ۾ هرُ ڏيندا رهيا. تنهنجون اکيون ڳوريون ٿينديون ويون. تنهنجو چهرو، منهنجي چهري سان ملي، هڪ چهرو بڻجي ويو هو. منهنجون اکيون، نڪ، چپ تو وٽ اچي ويا ۽ تنهنجون اکيون چپ، نڪ مون وٽ رهجي ويا. شايد، تنهنجا ڏک به مون وٽ اچي ويا هيا. جڏهن تون اکيون کوليون هيون ته هلڪي هلڪي ۽ تازي لڳي رهي هئينءَ.
چيو هيئه:
“ڳالهائڻ کان بغير به ڪڏهن ڪڏهن جذبا، ڏک ۽ خوشيون، ٻي سان ملڻ، ۽ ڀاڪر پائڻ سان، ان وٽ پهچي ويندا آهن. اڄ منهنجا ڏک گھڻي ڀاڱي توڏانهن ٽرانسمٽ Transmit ٿي ويا آهن - ۽ مان اڄ ڏاڍي خوش آهيان.”
مون مرڪندي توکي چيو:
“ٺيڪ آهي ــ باقي، جيڪي ڏک ۽ غم رهجي ويا هجن ته اهي خط ۾ لکي موڪل، تنهنجي دل جو بار گھڻو هلڪو ٿي ويندو. واعدو ڪر.”
تون واعدو ڪندي هٿ ملايو. مان موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺس. تنهنجو ساهه منهنجي سيني جي وارن ۾ اٽڪي پيو. مان جھڪي ڪياڙيءَ جي سنهن وارن کي ساهه سان پريشان ڪرڻ لڳس. پگھر جي ڪري تنهنجي جسم مان، خوشبو اٿي رهي هئي ــ جيئن سارين جي ٻنيءَ وٽان لنگھڻ مهل اوٻر ۽ ان جي خوشبو اٿندي آهي.
مون، توکي الوداع چيو. تنهنجو منهن، سورج مُکيءَ جيان لڳي رهيو هيو.