ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

7

مان ڪنهن مان وڏيون اميدون نه رکندو آهيان، نه ئي چاهيندو آهيان ته ڪوئي موٽ ۾ گھڻيون اميدون رکي. ڇو جو اميدون پوريون نه ٿيڻ تي ٻئي کي قصور وار بنائڻ غلط آهي. توسان به مان گھرو نه ٿيندو هيس، هونئن به ان وقت تائين تولاءِ محبت (جيڪا صرف محبوبا لاءِ هوندي آهي) نه هئي. منهنجي ڪوشش اها هوندي هئي ته مان ڪنهن جي ضرورت نه بڻجان ۽ نه وري ڪو ٻيو منهنجي ضرورت بڻجي. ڇو جو جيڪڏهن ڪنهن وقت زمانو جدا ڪري ته هڪٻئي جي جدائيءَ ۾ بيڪار پرزا بڻجي نه پئون.
اسان ڪجھه دوستن ڪوئيٽا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. مون توکي ٻڌائڻ ضروري نه سمجھيو. جڏهن توکي خبر پئي ته مون کي لفافو ڏئي وئينءَ. ان وقت اسان سڀ نڪرڻ وارا هياسي، تنهنجو خط جينز جي هپ پاڪيٽ ۾ رکي ڇڏيم. سفر دوران فرصت ملي ته پڙهيم.
”ثاقب صاحب !
ٻڌو آهي، اوهان کي خير سگاليءَ جي دوري تي جنت (ڪوئيٽا) موڪليو پيو وڃي. توهان ٻڌايو به نه، فون به نه ڪيوَ، توهان مان اها اميد هرگز نه هئي. ها سائين، مصروفيت وڌي وئي آهي. اڄڪلهه ته اوور ٽائيم به ڪيو ٿا (مونسان شام جو فاحزه ملي هئي، جيڪا خبر توکي پئي هئي). هونئن توهان جھڙن دوستن مان اميد به اهڙي ئي رهڻ کپي. اڄڪلهه ماڻهو پنهنجو پاڻ سان سچا ناهن ته ٻين سان ڪهڙا ٿيندا. بهرحال دعا آهي ته توهان جو سفر خوشگوار ترين ثابت ٿئي ۽ اوهان هن دنيا ۾ جنت جي نظارن جي جھلڪ ڏسو، يقينن توهان گھڻو انجواءِ ڪندئو. جڏهن به ڪو خوبصورت منظر ڏسو ته سوچجو هڪ چري ڇوڪري، جيڪڏهن ايتري خوبصورتي ڏسي ها ته خوشيءَ ۾ مري وڃي ها. اميد آهي ته توهان جڏهن واپس ايندئو ته اوهانجي نظرن ۾ انهن حسين نظارن جو عڪس ضرور ههوندو. شايد مان ان عڪس کي ئي ڏسي سگھان!“
هڪ چري ڇوڪري.

اهو ڪاوڙ ۾ لکيل خط هيو. ڇو جو (تون) بجاءِ (توهان) لکيو هيئي پر تڏهن به خوبصورت هيو. تنهنجي ان خط منهنجو سفر خوبصورت بڻائي ڇڏيو ۽ هر منظر مون چئن اکين سان ڏٺو. رات جو بروري ٽڪريءَ تان هيٺ ڦهليل ڪوئيٽه شهر جا بلب ايئن لڳا ڄڻ ڪنهن حسينه جي پيشانيءَ تي محبوب سان ملڻ کانپوءِ آيل پگھر جا ڦڙا ”هنه ڍنڍ“، ”زيارت“ ۽ ”چمن“ هر هنڌ توکي شيئر ڏنم.
تنهنجي حِس جماليات سٺي هئي، تون چانڊوڪيءَ مان، شام جي لهندڙ پاڇن مان، صبح جي نرم روشنيءَ مان، ۽ وڻن جي ساوڪ مان ڀرپور لطف وٺندي هئينءَ.
جڏهن موٽڻ کانپوءِ ملينءَ ته منهنجين اکين ۾ گھڻي دير ڏسندي رهينءَ. مون چيو ”ڇا رستي جي ڌوڙ، حسين نظارن جي عڪس کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو؟“
”نه تنهنجون اکيون، ايتريون به نازڪ ناهن جو رستي جي رئيءَ سان منظر ڌنڌلو ٿي وڃي“
”مان تون کي هر هنڌ شيئر ڏنو“
”مان چاهيان ٿي، تون مون کي هميشه ياد رک، جهڙي طرح مسافر ان تلاءَ کي ياد ڪندو آهي، جنهن ۾ پاڻي پيئڻ کان پهرين، هُن کي پنهنجو عڪس ڀلو لڳو هو“
”توکي، ان وڻ وانگي ياد ڪندس، جنهن جي ڇانوَ ۾ مسافر پنهنجي سفر جو ٿڪ لاٿو هجي“
”هونئن، تون خوش قسمت آهين، جو توکي برداشت ڪرڻ جي سگھه آهي.“
”جو توکي برداشت ڪيان ٿو“ مذاق جي تِتر ڀڙڪو ڏنو.
”نه، ايترن خوبصورت نظارن کي ڏسي به ڊسٽرب نه ٿو ٿين. مون کي ايتري سگهه ئي ناهي ته اهڙن خوبصورت منظرن کي ڏسڻ کان پوءِ به زندهه رهي سگھان.
مان پنهنجي گھر ۾ مني پلانٽ Money Plant جا ٽي ٻوٽا پوکيا آهن. روز صبح جو اٿي انهن کي ڏسندي آهيان، ۽ انهن جي هڪ هڪ گونچ ۽ پن کي ڏسي، منهنجي دل خوشيءَ مان جھومڻ لڳندي آهي. ٻوٽو هڪ انچ وڌندو آهي ته منهنجي رت سير وڌندي آهي. آهيان نه چري ڇوڪري! مان ڪوئي لينڊ اسڪيپ ڏسندي آهيان ته منهنجو وس ناهي پڄندو ته ان کي اکين ۾ سمائي ڇڏيان ۽ چوانس ته تيسائين نه وڃ جيستائين منهنجي اکين ۾ طاقت آهي. پر انهن نظارن جي خوبصورتي، اسان جي اکين ۾ رڪجي ئي نه ٿي.
اهڙي طرح جيئن، خوشيءَ جا ڳوڙها اکين مان وهي ويندا آهن ۽ ڏک جا ڳوڙها، تلاءُ ٺاهي اکين ۾ رڪجي پوندا آهن.
تون مون کي شيئر ڏنو هو، منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. منهنجين نظرن سان ڏسندين ته توکي هر شي خوبصورت نظر ايندي.“
”منهنجي اها ڪمزوري آهي ته، ڪنهن به خوبصورت منظر کي، اڪيلي سر انجواءِ نه ڪري سگھندو آهيان، مان چاهيندو آهيان ته خوبصورتيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن خوبصورت وجود سان گڏ ڏسي، اَمر ڪري ڇڏجي. مان ايترو گھمان ڦران ٿو ته شايد ان جو سبب به اهو هجي ته پنهنجي اڌ وجود جي تلاش ۾ هجان.“