5
”شام منهنجي گھر اچ“
”مشڪل آ، مونکي ڪنهن ڇوڪريءَ جي گھر وڃڻ سٺو نه لڳندو آهي“
”ڪڏهن ڪڏهن ٻين جي خواهش کي به مڃبو آهي“
”پنهنجن اصولن کي ٽوڙي، ٻي کي خوش ڪرڻ صحيح ناهي“
”اصول ٺهندا ئي ٽٽڻ لاءِ آهن“
”جيڪي اصول بي بنياد ۽ مصنوعي هوندا آهن، اهي ئي ٽٽندا آهن“
”ڀلا ٻي ڪنهن هنڌ ملئون“
”ضروري ته ناهي؟“
”مان چاهيان ٿي“
”تنهنجي خواهش، منهنجي خواهش ته ناهي“
”ان جي معنى، دوستيءَ جي دعوي ڪوڙي آهي“
”ڪنهن چيو؟“
”دوست جي چاهت ۽ خواهش کي پنهنجو نه سمجھڻ ڇا آهي؟“
مان خاموش ٿي ويس.
”منور وٽ اچ“
“ايندين؟”
”ها!“
توسان زباني واعدو ته ڪري ويٺس پر منهنجي دل ان واعدي کي نه پئي مڃيو. منور کي ٽيليفون ڪري چيم .
”ساحره، شام جو ايندئي، مون به کيس پنهنجي اچڻ جو چيو هو، پر نه ايندس. تون هن کي چئجانءِ ته مان اچڻو آهيان. پوءِ ٿوري دير رکي ٽيليفون ڪجانءِ، مان توکي بهانو ڪري ٻڌائي چوندس ته نه ٿو اچي سگھان !“
شام جو منور ٽيليفون ڪئي.
”يار تون دير ڇو ڪئي آهي، توکي ته سوير اچڻو هو، ساحره آئي آهي“
”چـڱو ٿيو، جو تون ٽيليفون ڪئي، مان ايڏانهن لاءِ نڪران ئي پيو ته مهمان اچي ويا آهن. تنهنڪري اچي نه ٿو سگھان، منهنجي طرفان ساحره کان معافي وٺي ڇڏجانءِ“
”پوءِ چئبو ته تون نه اچي سگھين“
ان ئي لمحي رسيور تنهنجي هٿ ۾ هيو.
”هلو... ڀلا ڇو نه ٿو اچي سگھين؟“
”مهمان آيا آهن“
”سٺو بهانو آهي!“
”حقيقت آهي، تون منور کان پڇ، منهنجي اچڻ جو پڪو پروگرام هيو“
“توهان جي مرضي”
تنهنجي آواز ۾ شام لهي آئي هئي ۽ اوپرائپ مان ”تون“ بجاءِ ”توهان“ چيو هيو.
”ڏس نه، مان بالڪل اچان ها، پر مهمانن کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان“
”خير آهي، هونئن توهان جي مرضيءَ تي وار کولي آئي آهيان“
”منهنجي طرفان وارن تي هٿ ڦيري ڇڏجانءِ“
”شفقت مان!“ تو شرارت مان چيو هو ۽ ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويا هيا.
پاڻ ۾ اڃان ڳالهايون ئي پيا ته ٽيليفون ۾ کڙ کڙ جو آواز آيو.
”ڇا جو آواز آهي“
”ٽيليفون ڪٽڻ پئي چاهيم“ کِلي چيو هيئه.
”پوءِ بند ڪري ڇڏ“ ڪاوڙ ۾ چئي، رسيور رکي ڇڏيم. حالانڪه، مان ڄاڻان پيو ته اهو تو مذاق ۾ چيو هو پر منهنجو پنهنجو موڊ ڳالهائڻ تي نه هيو.
منور ٻڌايو ته تون ڪارا ڪپڙا پائي ۽ پنهنجا وڏا وار کولي آئي هئينءَ، ڇو جو توکي خبر آهي ته مون کي ڪارن ڪپڙن ۽ وڏن وارن جي وچ ۾ ڳاڙها مُک ڏاڍا وڻندا آهن.
تون ٻي ڏينهن خط لکيو هيو.
”تون ڪالهه ريڊيو تي نه آئين ۽ ٽيليفون به ڪٽي ڇڏيئه. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ گھر اچي دانهون ڪري روئڻ لڳيس ۽ پوءِ ٽشو پيپر جنهن سان ڳوڙها اگھيا هيم، ان تي شعر ۽ تاريخ لکي دٻي ۾ وجھي ڇڏيم. مان ڳوڙها اگھيل ٽشو پيپر هڪ دٻي ۾ گڏ ڪندي ويندي آهيان، پوءِ اهي ڳوڙها خوشيءَ جا هجن يا ڏک جا. جڏهن فرصت ملندي آهي ته ڳڻي ڏسندي آهيان ته ڏک گھڻا مليا آهن يا سک.
تنهنجي دوستيءَ جو پهريون تحفو ـــــــــ ٽشو پيپر.“