ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

21

بائيوميٽريءَ جو سليبس تمام ننڍو هيو ۽ ٿورن ڏينهن ۾، تنهنجو ڪورس پورو ٿي ويو. تو، مون کي چيو ته
“تنهنجي مهرباني، جو تون، مون لاءِ ايترو ٽائيم ڪڍي، مون کي پڙهايو”
خبر ناهي، تنهنجي ايئن چوڻ سان مون کي ڇا ٿي ويو هو. مون کي لڳو ته تون دوستيءَ جي ناتي جو مذاق اڏائي رهي آهين. منهنجو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ زور سان تنهنجي ڳلن تي ٻه چماٽون هڻي ڪڍيم. تون ٿوري دير مون کي حيرانيءَ مان ڏٺو، ۽ پوءِ تنهنجي اکين مان ڳوڙها نڪتا ۽ روئڻ لڳينءَ.
مون کي ڏاڍي لڄ آئي. شرمساري ٿي جڏهن توکي روئندي ڏٺم. پر مون اهو سڀ ڪجھه بي اختيار ڪيو هو. تون خاموشيءَ سان روئندي رهينءَ. مان توکان ٻانهون ٻڌي معافي گھري. تو ڳوڙها اگھندي چيو ته ڪا ڳالهه ناهي، مان تڏهن به توکان معافي ورتي. ڇو جو، مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته مان زيادتي ڪئي آهي. تو موڪلائيندي چيو:
“ڪا به ڳالهه ناهي. منهنجي غلطي هئي، مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو”
“مون توکي صرف ان لاءِ چماٽ هنئي جو، پنهنجائپ هوندي تون ڇو مون کي مهرباني چئي. باقي نه ته ذهن ۾ ٻي ڳالهه نه هئي”
تون ڳوڙها اگھندي، هٿ ۾ ڪتاب کڻندي چيو:
“تون، حق تي آهين، سٺو ٿيو، جيستائين درد رهندو، تنهن جي ياد ته مون سان هوندي.” مسڪرائيندي هلي وئينءَ.
تنهنجي وڃڻ کانپوءِ مان ڏاڍو پريشان رهيس، ۽ ساري رات ننڊ نه آئي. مان تنهنجي ڊائري تي خط لکيو. اها ڊائري هڪ ڏينهن تو وٽ هوندي هئي، جنهن ۾ تون پنهنجا تاثرات لکندي هئينءَ ۽ ٻي ڏينهن مون وٽ. تون صبح جو يونيورسٽي پهچڻ سان ئي هاسٽل ٽيليفون ڪئي، جتان مان نڪري چڪو هيس. تون هاسٽل کان ڪئمپس طرف ايندڙ رستي تي بيٺي هئينءَ. تنهنجو منهن پريشاني جي ڏِک ڏئي رهيو هو. مون کي ڏسندي ويجھو اچي چيئه: “هٿ ڏيکار.”
مان توکي ٻئي هٿ ڏيکاريا، ۽ خاموش رهيس ڊائري تنهنجي حوالي ڪري، مان هليو ويس ۽ سڄو ڏينهن توسان نه مليم. مان ڊائريءَ ۾ لکيو هو:
“چوندا آهن، ماڻهوءَ کي پنهنجي حيثيت مطابق رهڻ گھرجي. پر مان اڄ، پنهنجي حيثيت کان وڌي ويم ۽ توکي ڪاوڙ ۾ ٿپڙ هنيم. مون کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو، پر تنهنجي مهرباني چوڻ واري جملي تي مان ڪنٽرول کان نڪري ويس، تو ڌارين واري ڳالهه ڪئي هئي نه! مان ايئن ڪرڻ ۾ حق بجانب به هيم. ڇو جو، تون مون کي حق ڏنو آهي ته مان توکي پنهنجو سمجھان. مون کي، ڌاريائپ جو احساس بالڪل نه ٿئي ها، جيڪڏهن تنهنجي اکين مان ڳوڙها نه وهن ها ۽ تنهنجي چهري جا تاثرات به ٻڌائن پيا ته توکي اها ڳالهه خراب لڳي آهي. ڏٺو وڃي ته تون به ان معاملي ۾ مون کان به وڌيڪ حق بجانب آهين. واقعي، ڪير ٿيندو آهيان مان!؟ ڪهڙي حيثيت آهي منهنجي ۽ ڇا لڳندو آهيان تنهنجو؟ اها ته تنهنجي سٺائي آهي جو تون مون سان دوستي رکي مون کي چاهين ٿي. توکي ڏکويل ڏسي، منهنجي چئني ڏسائن ۾ پيلو رنگ ڦهلجي ويو آهي. تنهنجا ڳوڙها، تيزاب جا ڦڙا بڻجي، منهنجي اندر ڪري رهيا آهن. مان وري اهڙي غلطي نه ڪندس.
مان رات جو ٽيليفون ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر توهان جو نمبر خراب هو. مان ساري رات، ڏک جي بستري تي گذاري آهي. تون مون کي معاف ڪر! نه ته، مان پنهنجي هٿ کي سزا ڏيندس.”
مان اهو پورو ڏينهن توسان نه مليم. خبر ناهي ڇو توسان ملندي، مون کي ندامت جو احساس ٿي رهيو هو. پر تون وڃڻ کان اڳ ۾ مون کي ڳولهي ورتو ۽ منهنجي اکين ۾ شڪايتي انداز سان ڏسندي، ڊائري ڏني ۽ ٿڪل ٿڪل قدم کڻندي، بس اسٽاپ طرف هلي وئينءَ.
مان ڪمري تي اچي. ڊائري کولي ۽ تون ڪٿي ويهي، منهنجو جواب لکيو هو: “...تون به ته اڄ ڌارين واري ڳالهه ڪئي آهي. جو ايتري پياري حرڪت تي معافي گھري اٿئي. جڏهن مان توکي ايترو حق ڏنو آهي، معافي گھرڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. مان ڏاڍي خوش آهيان ته تنهنجي، ان چپاٽ جو ڇهاءُ مون سان گڏ آهي. مان ته چاهيان ٿي ته تنهنجو ڇهاءُ، تنهنجي ياد هر وقت مون سان گڏ رهي، ان لاءِ هاڻي منهنجن ڳلن تي جيڪو هلڪو مٺو سور آهي، ڏاڍو پيارو آهي. بالڪل تو جيان.
هاڻي ته مان هر هر تنهنجو شڪريو ادا ڪنديس، گھٽ ۾ گھٽ تنهنجو ڇهاءُ ته مون سان گڏ رهندو. تنهنجن انهن پيارن هٿن جو ڇهاءُ، جڏهن منهنجن ڳٽن تي پوندو آهي ته مون کي زندگي مسڪرائيندي محسوس ٿيندي آهي. شايد، ان خيال ڪري ئي ڳوڙها نڪتا هيا، تنهنجي ايتري پنهنجائپ ۽ خلوص ڏسي. ظاهر آهي غلطي ڪري مون کي محسوس ٿيو ته تنهنجي خلوص ۽ پيار ۾ اهي سڀ ڳالهيون ۽ مهرباني بي معنيٰ آهي.
مون کي، ان وقت پنهنجين اکين ۾ اهي ڳوڙها ڏاڍا سٺا لڳا هيا ۽ منهنجي دل چاهي پئي ته، تنهنجي جھوليءَ ۾ منهن لڪائي زور زور سان روئي پوان، ته مون کي ڪوئي ايترو چاهي ٿو ۽ مون تي پنهنجو ايترو حق سمجھي ٿو ۽ غلط ڳالهه تي مون کي ٽوڪي به ٿو ۽ سزا به ڏي ٿو، سزا به اهڙي پياري. دراصل، تنهنجي دوستيءَ مون کي ايترو خودسر ڪري ڇڏيو آهي، ايتريون جرئتون ڏنيون آهن جوڪڏهن ڪڏهن غلطي ٿي وڃي ٿي. بهرحال، مان پنهنجي غلطيءَ تي شرمسار ناهيان. ڇو جو مون کي ان غلطيءَ تي پياري سزا ملي آهي. ها، تون رات جو ننڊ نه ڪئي، ساري رات پريشان رهين، منهنجي لاءِ اها سزا ڏاڍي ڪٺن هئي. خدا جي واسطي تون ايئن نه ڪندو ڪر، تون پريشان هوندو آهين ته منهنجي دل چوندي آهي ته، پنهنجو پاڻ کي سزا ڏيان، ته تون منهنجي ڪري پريشان آهين. تون جاڳندو آهين ته توکان ايترو فاصلو هوندي به، مون کي ننڊ نه ايندي آهي. ها، جڏهن اڌ وجود جاڳي رهيو هجي ته وجود جو ٻيو حصو ڪيئن سمهندو؟!
تو چيو آهي ته، مون کي اها ڳالهه خراب لڳي، جنهن لاءِ مان حق بجانب آهيان، ان لاءِ جو، تون منهنجو ڪجھه ناهين.
ساقي! اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، ڇا هڪ ننڍي غلطيءَ تي سڀ رشتا ٽوڙبا آهن؟ توکي خبر آهي ته، تون منهنجي لاءِ ڇا آهين؟
تون مون کي چماٽ هڻي، پنهنجي محبت جي نشاني ڏني آهي ته، تون مون تي پنهنجو حق سمجھين ٿو.
مون کي خبر هئي ته تون رات جو نه ستو هوندين. تنهن ڪري، اچڻ سان ئي توڏي فون ڪيم. تون اهو نه سمجھه ته مون کي اها سڀ خبر ناهي، جيڪو تون سوچين ٿو. مون کي اها صلاحيت آهي ته، معلوم ڪري سگھان ته تون ڪهڙي وقت ڇا ڪندو آهين ۽ ڪهڙي وقت ڇا چاهيندو آهين؟ ڪاش منهنجي وس ۾ ڪجھه هجي ها ته تو جھڙي پياري شخص لاءِ، خدا کان هزار جنم وٺي، توکي ايتريون خوشيون ڏيان ها جو تون ڏکن کي وساري ويهين ها. مگر، مان پاڻ خالي جھولي آهيان، پنهنجي شڪسته وجود ۽ ناڪام تمنائن سان گڏ، جو توکي خوشين ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ ڏک ڏيان ٿي ۽ تون، جيڪا پنهنجي هٿ کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي نه! جيڪڏهن تون ايئن ڪرين ها ته پوءِ توسان ڪڏهن به نه مِلان ها. ڇو جو، تنهنجا هٿ، منهنجا آهن. مان، انهن ۾ منهن لڪائي روئي به سگھان ٿي ۽ کلي به سگھان ٿي.
اهي هٿ منهنجا مسيحا آهن، جيڪڏهن تون انهن کي ڪجھه ڪرين ها ته پوءِ مان ايترو روئان ها جو تون ان ڳوڙهن جي ٻوڏ ۾ لڙهي وڃين ها. تنهن ڪري وري اهڙي ڳالهه نه ڪجانءِ ۽ ايئن نه سوچجانءِ. نه ته، پوءِ تون ڪڏهن به مون کي مڃائي نه سگھندين ۽ نه ڏسي سگھندين.”