16
“ڇا ياد ڪندين! ساحره، گُل گھٽ ماڻهن کي ڏيندي آهي.”
“جيڪڏهن اهڙا گل ملندا رهندا ته طبيعت ته روز روز خراب ٿيندي”
“دوا ورتي اٿي؟”
“ڊاڪٽرلکي ڏني آهي؟”
“ڇا لکيو اٿائين؟”
“ڪجھه دوائون آهن، پر شهر جي ميڊيڪل اسٽور تي نه ٿيون ملن”
“مون کي ڏي، مان سکر مان گھرائي وٺنديس”
“مٿي ۾ سور ۽ اکيون ڪرن ٿيون”
“پوءِ دوا گھراءِ نه!”
“ڊاڪٽر چيو آهي ته، تنهنجو علاج ان ۾ آهي ته، ڪو نازڪ هٿ تنهنجي مٿي کي زور ڏي ۽ اکين تي گلاب جي پنکڙين سان ٽاڪور ڪئي وڃي” شرارت مان چيو هيم.
تنهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. توسان ڳالهائڻ کان پوءِ منهنجي طبيعت گھڻي ٺيڪ ٿي وئي. تون مذاق ڪندي چيو
“تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي، مون سمجھيو هو ته تون بستري تي ڪريل هوندين. چرڻ پرڻ جي سگھه نه هوندئي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ تون گذاري ويندين.”
“مران پر ان شرط تي ته اتي حورون ملنديون.”
“جڏهن ڪم چڱا ٿيل هجن ها ته ايئن به ٿئي ها.”
“هاڻي، ڳالهه نه نٽاءِ. ڊاڪٽر جيڪا Prescription لکي ڏني آهي، ان جو ڪجھه ڪر”
تون چيو هو
“فاحزه کي چوان ٿي”
“نه نه، ڊاڪٽر تنهنجي لاءِ چيو آهي”
“تون چپ ٿي وئينءَ .
مون پني تي لکيو.
Rx
100 Ks 5 mnt
3+3+3
۽ پوءِ تو ڏانهن پنو وڌائيندي سنجيده ٿي چيو هيم
“هي ڪجھه دوائون آهن، موڪلجانءِ”
تون به ڏاڍي سنجيدگيءَ سان پنو ورتو ۽ پڙهي، کلي مون ڏي ڏٺئه.
“ڪوشش ڪنديس”
تون هلي وئينءَ.
ٻي ڏينهن تنهنجو خط مليو:
“اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي، چنڊ منهنجي ڇت مٿان اچي بيٺو آهي ۽ منهنجي دل چاهي ٿي، مان سڄي رات جاڳندي چنڊ ڏي نهاريندي رهان.
اڄ جڏهن منهنجون نظرون چنڊ سان مليون ته، هو ڪڪريءَ ۾ لڪي ويو. شايد هن کان منهنجي بيوسي ڏٺي نه ٿي ٿئي ته منهنجو دوست بيمار آهي ۽ مان ان جي گرم پيشانيءَ تي هٿ به رکي نه ٿي سگھان ۽ ان جي پيلين اکين کي چمي به نه ٿي سگھان.
ها شايد سڄي عمر اها بي چيني ۽ بي سڪوني رهي. چانڊوڪي رات ۾ منهنجي بي چيني ۽ بي سڪوني ان ريت هوندي ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ به جڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ تنهنجي ڇت يا اڱڻ جي مٿان اچي بيهندو ته دروازو کليل رکجانءِ. جو، منهنجو بي چين روح تنهنجي در تائين ضرور ايندو”