ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

23

ٻه ڏينهن تون يونيورسٽي نه آئينءَ ته، پڇڻ تي تنهنجي سهيلي تنهنجي بيماريءَ جو ٻڌايو. مان، چاهيان به پيو ته تنهنجي گھر اچي خيريت معلوم ڪيان. پر، پنهنجو پاڻ کي روڪي ڇڏيم.
تون به شايد ڏاڍو انتظار ڪيو هو، تنهن ڪري تو لکيو هو:
“زڪام ۽ بخار آهي. هرو ڀرو به چِڙ چِڙي ٿي پئي آهيان. هر ڳالهه تي ڪاوڙ ٿي اچي. ڪاوڙ تو تي به آهي ته، بيماريءَ ۾ منهنجو حال ئي نه پڇيو ٿي. مون کي هاڻي به گھڻي ڪاوڙ اچي رهي آهي، مون کي ڊاڪٽر چيو ته جڏهن، ڪاوڙ اچئي ته ڪنهن کي چڪ پائيندي ڪر. اهو به اهڙي شخص کي، جنهن جي رت حلال هجي، اهڙيءَ ريت بخار گھٽجي ويندءِ ۽ اهو شخص به گِدو پهچي ويندو.
هن بيماري ۾، دل چئي ٿي ته ڪاش مان انسان نه هجان ها ته گھٽ ۾ گھٽ هن جھان ۾ ملندڙ ڏکن ۽ غمن کان ته بچي پوان ها.
ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو، مان جھنگلي ول هجان ها!! ڏور، ڪنهن جڳهه تي پٿرن جي مٿان، جڏهن شفاف پاڻيءَ جو آبشار ڪري ها ته، مان ڪناري تي ڪنهن رنگين پٿر جي هيٺيان جنم وٺان ها يا وري ڪنهن ڊگھي مضبوط وڻ سان گڏ، مٿي چڙهي وڃان ها. مون سان گڏ فيروزي اڇا گونچ ۽ گل ٽڙن ها ۽ چئني طرف انهن جي مقدس خوشبوءَ ڦهلجي وڃي ها ۽ جھرڻن جي آفاقي نغمن ۽ پربت جي نيراڻ کي ڏسڻ لاءِ، اتي فرشتا اچن ها. ڪاش ايئن ٿي ها!
پر نه ! ڇو جو تون اتي نه اچين ها، ۽ پوءِ مان ڪيئن خوش رهان ها. تنهن ڪري هيئن به ٺيڪ آهيان.
هونئن، جڏهن بخار تيز ٿيندو آهي ته، تون ڏاڍو ياد ايندو آهين، ان لاءِ جو، دل چاهيندي آهي ته زور زور سان روئان ته شايد بخار جھڪو ٿي. ان وقت تنهنجون يادون منهنجي دل ۾ روشني پکيڙي ڇڏن ٿيون جيئن، شب برات تي ڪو معصوم ٻار پنهنجي گھر جي ڇت تي هڪ کان پوءِ ٻيو ڏيئو ٻاريندو آهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ هن جو گل جھڙو چهرو، چانڊوڪيءَ وانگر چمڪندو آهي.
جڏهن، تنهنجي يادن جا چراغ ٻاري ٻاري ٿڪجي پوندي آهيان ته پوءِ، ڏاڍي مونجھي ٿيندي آهيان ته اهڙي دوست مان ڪهڙو فائدو، جيڪو بيماريءَ ۾ خيريت نه پڇي.
تنهنجو خط پڙهي توکي ٽيليفون ڪيم، تون ڏاڍي اپ سيٽ لڳي رهي هئينءَ:
“چڱو ٿيو جو تو ٽيليفون ڪئي” ٿڪل لهجي ۾ چيو هيئه.
“مان ته هڪ ٻن ڏينهن کان ٽراءِ پيو ڪيان، خبر ناهي الائي ڇو انگيج پيو ملي.”
“اڇا!”
“طبيعت ڪيئن ٿي؟”
“چئبو ته خيال اچي ويو”
“اڳ ۾ به خيال هو”
جيڪڏهن، خيال هجئي ها ته هليو اچين ها. بهرحال، تون مائينڊ نه ڪجانءِ هن وقت اسان وٽ ڪجھه مهمان ويٺا آهن. تون پوءِ ٽيليفون ڪجانءِ.”
“هون” منهنجو موڊ خراب ٿي ويو.
“مائنڊ نه ڪجانءِ”
“نه “
“ٽيليفون ضرور ڪجانءِ.”
مان ڪاوڙ مان ٽيليفون بند ڪري ڇڏي. الائي ڇو، مون کي پنهنجي انسلٽ جو شديد احساس ٿيو ته، شايد تون پنهنجي اهميت جتائڻ ٿي گھرين ٿي. يا مونکي تنگ ڪرڻ گھرين ٿي. ۽ پوءِ توکي ٽيليفون نه ڪيم. صبح سان يونيورسٽي پهچي هاسٽل تي فون ڪيئه:
“اڃان هاسٽل تي آهين.؟”
“ها” رکي لهجي ۾ وراڻيم.
“ڇو طبيعت ته صحيح ٿي نه؟”
“طبيعت خراب ڪرڻ کان پوءِ به ايئن ٿي چئين.”
“مان طبيعت خراب ڪئي آهي! مان ته ايئن سوچي به نه ٿي سگهان.”
“ٻيو نه ته، تون منهنجي انسلٽ ڪئي آهي”
“ايئن نه چئه، مان تنهنجي انسلٽ ڪرڻ جو سوچي ئي نه ٿي سگھان”
“سوچي نه ٿي سگھين پر ڪري سگھين ٿي.”
“آخر ڇا ڪيو آهي مان!” تنهنجي آواز ۾ نماڻائي ۽ نهٺائي هئي.
“ڪلهه، تو ٽيليفون تي ڳالهائڻ ڇو پسند نه ڪيو؟”
“مان پسند ڇو نه ڪنديس.، مهمان ويٺا هيا”
“بهانا ته کوڙ بڻائي سگھجن ٿا”
“ڏس تون غلط ٿو سمجھين”
“مان پنهنجي انسلٽ ڪڏهن به برداشت نه ڪندس”
ڪاوڙ مان رسيور رکي ڇڏيم. ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ به نه آيس، سمورو وقت هاسٽل تي رهيم. تون منهنجي پارٽنر کي ڊائري ڏني هئي.
“منهنجا اهي ڳوڙها جيڪي خبر ناهي، ڪيترن ڏينهن کان ترڪڻ جا بهانا ڳولي رهيا هيا، اڄ تنهنجي ڏنل ڏک تي ڇلڪي پيا. توکي چيو هيم ته، منهنجون هي ننڍيون اکيون جڏهن نه وسڻ چاهن ته وڏي کان وڏي طاقت به انهن کي وسائي نه ٿي سگھي. ۽ جڏهن وسڻ تي پون ته ننڍي ڳالهه تي به وڏ ڦڙو وسائنديون آهن.
اڄ تو جڏهن انسلٽ واري ڳالهه ڪئي ته مون کي پنهنجي انسلٽ جو احساس ٿيو، ڪجھه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن، جن تي عمر گذارڻ کان پوءِ به يقين ڪرڻ تي دل نه چاهيندي آهي. پر حقيقت بهرحال پورين سچائين سان اسانجي چوڦير، نه ڇٽڻ وارو زخم بڻجي هر وقت سور ۽ تڪيليف جو احساس ڏياريندي آهي. تڏهن، ان تي يقين ڪرڻو ئي پوندو آهي ۽ پوءِ ڄڻ سارو وجود ٽٽل شيشو ٿي پوندو آهي.
اڄ مان اپ سيٽ هيم. ڇو جو، ڪراچيءَ کان ٽيليفون آئي هئي ته اديءَ کي اسپتال ۾ وري ايڊمٽ ڪيو ويو آهي ۽ انجي دل جي والو جي آپريشن ٿيڻي آهي. منهنجا ڳوڙها هر هر اکين مان ڇلڪي پون ٿا. اڄ مون کي ٽشو پيپر جي نه پر، تنهنجي ضرورت هئي. مگر تون منهنجي ضرورت جي برعڪس خلوص جو جيڪو تحفو ڏنو، مان ان کي هميشه ياد رکنديس. شايد، منهنجي خلوص ۾ ئي ڪمي هئي. مان معافي ٿي گھران ته منهنجي ڪري ۽ غلط فهميءَ جي ڪري، تنهنجي هڪ رات عذاب ۾ گذري. مگر ڏس، مون کي ڪيڏي ڪڙي سزا ملي آهي. خبر ناهي، مون کي ان ڳالهه وسارڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳي. پر آهيان نٺر ۽ وري ملندم ته فريش هونديس ۽ خوش. پر، تنهنجي دوستيءَ جي سوغات هڪ ٻيو ٽشو پيپر.
اڄ مان شديد ڊپريس آهيان. سڀاڻي مون کي ڪراچي وڃڻو آهي، قيامت خيز لمحن کي سهڻ جي لاءِ، اهو هڪ لمحو جڏهن منهنجي خود اعتمادي ۽ ضبط ٽٽي پوندو اهو لمحو ته گذري ويندو، پر مان ان خوف کان، لمحن جو موت مري رهي آهيان. مان واقعي بهادر ناهيان، هڪ بزدل ۽ خوفزده ڇوڪري، جيڪا رشتن ۽ چاهتن جي ٽٽڻ جي خوف ۾ گرفتار رهندي آهي. بهرحال، منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ پهريون امتحان آهي. ڳوڙها هاڻي به خوف جي ڪري نڪري اچن ٿا. ان کان علاوه ڪجھه وقت کان خواب به خطرناڪ نظر اچن ٿا. منهنجو ڀوءُ لاشعوري طور خواب ۾ اچي وڌيڪ پريشان ڪري ٿو. شايد، مون ۾ انڌيرن کي ڏسڻ جي گھڻي عادت آهي. بهرحال، اڄ مون کي دوست جي ضرورت آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي جھوليءَ ۾ منهن لڪائي، گذرندڙ وقت کان بي خبر ٿي وڃان ۽ خوشين جي مڌر موسيقي تي اک کلي. مون کي سهارن جي عادت ناهي، تنهن ڪري هاڻي هيءَ خواهش به بي معني لڳي ٿي.
خير حقيقت کان ڪيستائين ڀڄبو. مون کي هڪ بهادر ۽ بااعتماد ڇوڪري بڻجي ڏيکارڻو آهي. مگر ڇاڪيان، مون وٽ پٿر جي دل ته آهي ئي نه، هڪ نازڪ دل آهي جيڪا، ننڍي خوشيءَ تي گھڻي ڦُوڪجي به وڃي ٿي ته ننڍي غم تي سُسي به وڃي ٿي، ننڍيون اکيون نه وسڻ چاهن ته گھنگھور گھٽائون به بغير وسڻ جي گذري وڃن ٿيون ۽ جڏهن، وسڻ چاهين ته ڏک جي ننڍي ڪڪر جو ننڍو ٽڪر به اکين ۾ اچي وڃي ته وسڪارو شروع ٿي وڃي ٿو. بهرحال، الميو ته هر هڪ سان ٿئي ٿو صرف انجي نوعيت مختلف آهي، اسان سڀ ڏکن جا لاشا پنهنجين ڪلهن تي کڻي، زندگيءَ جي سفر ۾ هلي رهيا آهيون. ٽريجڊي شايد ان عظيم فنڪار کي به پسند آهي، جنهن هيءَ دنيا ٺاهي آهي.
خدا نه ڪري مون سان ڪا ٽريجڊي ٿي. تون دعا ڪجانءِ ساقيا، ته تهنجي هن دوست جي ٽهڪن جو جادو ڪڏهن به نه ٽٽي. منهنجي چهري تي مرڪن جا ڪنول هميشه ٽڙيل رهن. ڇو جو، ڏُک ساحره کي ٽوڙي ڇڏيندا، منهنجي، کِل ٽٽي ته شايد مان به ٽٽي پوان. ان لاءِ جو، مان هميشه خوشين جي رِم جھِم جو مزو ورتو آهي تون دعا ڪجانءِ ته، منهنجين خوشين جي عمر منهنجي عمر کان ڊگھي هجي. تون دعا ڪجانءِ ته، انهن مقدس رشتن جي ڏور هميشه ٻڌل رهي ۽ منهنجا رشتا ڪچي ڌاڳي جيان نه هجن. ڇاڪاڻ جو، رشتن جي ٽٽڻ سان دلين ۾ پئدا ٿيل گھاءَ ڪڏهن به پورا نه ٿيندا آهن. تون دعا ڪجانءِ، منهنجو حوصلو، منهنجو ضبط، منهنجو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏين.
تون واعدو ڪر ته، اگر مون کي خدا نخواسته روئڻ لاءِ ڪنهن مهربان ڪلهي جي ضرورت پئي، ته تون مون کي مايوس نه ڪندين.
تون منهنجين ڳالهين مان اپ سيٽ ته ضرور ٿيندين. مگر مان ڇا ڪيان؟ منهنجو خوف لمحي لمحي ۽ لحظي لحظي مون کي ماري رهيو آهي. توکي حيرت ٿيندي هوندي ته، ايتري بهادر ڇوڪري ۽ ايتريون بزدليءَ جون ڳالهيون! مگر تون ڏسجانءِ، ساحره واپس ايندي، انشاءَالله ٽهڪن جي ٽوڪرين سان ۽ ان امتحان ۾ به فرسٽ پوزيشن منهنجي ئي ايندي (لڳي شرط)، تون فون ضرور ڪجانءِ. منهنجا ڪن تنهنجي خوبصورت آواز ۽ ڳالهين لاءِ آتا هوندا ۽ منهنجي چهري تي جيڪا روشني ايندي، توکي ضرور ڀلي لڳندي.”
تنهنجي خط واقعي به مون کي اپ سيٽ ڪري ڇڏيو. تون سدائين ٽهڪن ۾ گذاريو هو. تون سدائين پاڻ کي بهادر ثابت ڪندي هئينءَ. تنهنجو منهنجو جھڳڙو هلندو هو ته امتحان ۾ ڏسون ته فرسٽ پوزيشن ڪير ٿو کڻي، شرطون به لڳل هيون، هن امتحان ۾ مان تنهنجي فرسٽ پوزيشن چاهيان پيو. مان چاهيان پيو ته، تنهنجي خوف کي شڪست اچي ۽ تون فتح جي گلن جا هار ڳلي ۾ پائي مون وٽ اچين.
تنهنجي پريشاني، مون کي پنهنجي ميراث لڳي ۽ دعائن ۾ اعتبار نه هوندي به دل ۾ دعا گھريم ته تون ڪاميابيءَ سان ان سمنڊ مان اڪري ڪناري تي پهچين. تنهنجي خوف مون کي به ڀوءُ ڏئي ڇڏيو.
توڏانهن ٽيليفون ڪيم، خبر پئي ته سکر وئي هئينءَ، جتان توکي ڪراچيءَ لاءِ ٽرين ملڻي هئي. مان سوچن ۾ توکي مسڪرائيندي ڏسي رهيو هيس. ٽي چار دفعا ڪراچيءَ ٽيليفون ڪيم. خبر پئي ته، تون هاسپيٽل ۾ آهين. جنهن ڪري ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگھي. توکي، پنهنجي ڀيڻ سان شديد محبت هئي ۽ هوءَ به تنهنجو هر وقت خيال رکندي هئي ۽ تنهنجو ڀيڻيويو به توکي ڏاڍو پيار ڏيندو هو. تنهنجي نظر ۾ تنهنجي ڀيڻ جو گھر آئيڊيل گھر هوندو هو. مون کي به ڏاڍو خيال ٿيندو هو ته، خدا ڪري تنهنجي ڀيڻ خوش رهي ۽ تنهنجي خود اعتماديءَ ۽ بهادري جو، جيڪو، تون پوز ڪندي هئينءَ اهو برقرار رهي. توسان تنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين جي چاهت، ايڏي گھڻي هئي جو، پنهنجي سڳيءَ ماءُ کان وڌيڪ توسان گھرا هيا. مان پاڻ سوچن ۽ خوف جي ڌٻڻ ۾ ڌٻجي رهيو هيس. هڪ ڏينهن تو، ٽيليفون ڪئي پر مان موجود نه هيس، تو ڪو نياپو به نه ڇڏيو. مان پريشان رهيس. شام جو، تنهنجي ٽيليفون آئي چهڪي ٻهڪي رهي هئينءَ ٻڌائيه ته:
“منهنجي ڀيڻ جي آپريشن ڪلهه ٿي هئي ۽ بالڪل ڪامياب وئي، هاڻي مان ڏاڍي خوش آهيان. تنهنجي ٽيليفون جي خبر پئي پر هاسپيٽل هجڻ ڪري سوچيو هيم ته آپريشن ٿي وڃي ۽ ادي انٽينسو ڪيئر يونٽ (ICU) مان نڪري وارڊ ۾ اچي ته پوءِ توڏي ٽيليفون ڪنديم. اڄ ادي وارڊ ۾ آئي آهي، ڪلهوڪو سارو ڏينهن ICU ۾ رهڻ کانپوءِ، جڏهن وارڊ ۾ پهتي ته، منهنجين اکين مان ڳوڙها نڪتا ۽ سوچيم ته، واقعي خدا رحمان ۽ رحيم آهي. مون کي، سڀ ڊاڪٽر فرشتا لڳا. مان ان وقت جي ڪيفيت کي، لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگھان. ادي آپريشن ٿيٽر ۾ وڃڻ کان اڳ چيو هو، مون سان جيڪو آخري شخص ملي، اها ساحره هجي ته جيئن منهنجين اکين کي سڪون ملي ۽ ICU مان نڪرڻ کانپوءِ به مون سان ئي پهريان ملي. منهنجو ڀيڻيويو ته ايترو خوش آهي جو ڳالهه ئي نه پڇ. هونئن به منهنجو ڀيڻيويو ڏاڍو سٺو شخص آهي. هن جيترو منهنجي ڀيڻ جو خيال رکيو آهي، ڪوئي شخص به ايترو خيال نه رکندو. هو عظيم آهي، هن منهنجي ڀيڻ جي هر خواهش پوري ڪئي آهي. هر آسائش، هن کي مهيا ڪئي اٿائين. شل سدائين خوش رهن. ها، شرط کٽي ويس. موٽي اچان ته وٺنديمانءِ.
ساقي تنهنجي ٽيليفون جو ٻڌي مون کي ڏاڍو سڪون مليو ۽ مان اسپتال ۾ هوندي به تنهنجي ڳالهين کي ياد رکيو تڏهن مون کي هر ڳالهه، هر مشڪل آسان لڳي.
تنهنجي ٽيليفون سان ۽ ڀيڻ جي ڪامياب آپريشن تي منهنجي مٿان، مڻن جو بار لهي ويو. مون کي هر طرف ڪڻڪ جا سنهرا سنگ جھومندي نظر آيا.
امان جي اکين جي آپريشن ٿيڻي هئي. مان لاڙڪاڻي هليو ويس. تنهنجي طرفان جيڪا پريشاني هئي، اها ختم ٿي وئي هئي ۽ مان خوشي خوشي ڳوٺ هليو ويس.