ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

11

تنهنجي اڳڪٿي، بالڪل صحيح ثابت ٿي. ڇوجو فاحزه تمام گھڻو ويجھو اچي وئي. منهنجين سوچن جي خلاف، مون کي تنگ ڪرڻ لڳي. تون جيئن چيو هو ته ماڻهو پنهنجي خود غرضيءَ کي مرڪن ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن اڳلي کي فريب جي ڦندي ۾ سوگھو ڪري ڇڏيندا آهن. فاحزه به مون سان گھرو ٿيڻ لڳي ۽ هُن جي گھرائپ، يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي لاءِ مسئلو پيدا ڪرڻ لڳي. هو سڀ ڪنهن کي ٻڌائڻ لڳي ته منهنجي هن سان محبت آهي. هُن ڪافي ڀيرا اهڙو اظهار منهنجي آڏو ڪيو ته مون کيس خط لکيو. جنهن ۾، مون کيس صاف صاف لکيو هو ته مان هُن سان دوستي رکڻ چاهيان ٿو، اُها دوستي جيڪا ٻارن ۾ هوندي آهي، اسان ٻئي اهڙي پاڪ دوستي رکي سگھون ٿا، جنهن جي پاڪيزگي ڏسي ماڻهو رشڪ ڪن، جيڪا گل کان وڌيڪ خوبصورت هجي ۽ ماڪ کان وڌيڪ معصوم هجي. هُن جي خواهش هئي ته مان ساڻس شادي ڪيان، جيڪا مان، ان وقت ۽ ان سان ڪرڻ نه پيو چاهيان.
هڪ دفعي بابا سان ڪراچي گھمي رهيو هيس ۽ ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کان لِڪي ڇوڪرين کي ڏسي رهياسي ته پڇيائين
”شادي ڪڏهن ڪندين؟“
”اڃان ڪو ارادو ناهي“
”ذهن ۾ ڪا ڇوڪري اٿئي؟“
”نه شادي توهان جي ۽ امڙ جي پسند سان ڪندس“
”اهو ته ٺيڪ آهي پر اڄڪلهه زمانو بدليل آهي، اسان به ته غلط فيصلو ڪري سگھو ن ٿا“
”توهان منهنجي لاءِ بهتر سوچي سگھو ٿا، هونئن به شادي جُوا آهي، لڳي ته واهه واهه، نه ته انڌيرو ئي انڌيرو.“
بابا کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پڇيائين.
”رومانس ڪيو ٿي“
”نه“
”ڇوڪريون وڻنديون ٿي؟”
“ها گڏهه ناهيان.“
بابا ٽهڪ ڏيندي چيو”رومانس ضرور ڪجانءِ، پر فلرٽ نه ڪجانءِ!“
”ٺيڪ آهي“
”هڪڙي منهنجي صلاح مڃ. جنهن سان رومانس ڪرين، شادي به ان سان ڪجانءِ.“
“مشڪل آهي!”
”ڇو؟“
”زندگي، تجسس جي سهاري گذاربي آهي. رومانس ڪرڻ سان ٻئي پريمي زندگيءَ جي باري ۾ آدرشي ٿين ٿا ۽ جڏهن اهي ٻئي شادي ڪن ٿا ته سندن آدرشن جو چنڊ لهي وڃي ٿو ۽ زندگيءَ ۾ ڀريل تجسس ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن ڪري، جلد ئي هڪ ٻئي مان بيزار ٿي وڃن ٿا“
”ايئن ته ارينجڊ Arranged ميريج وارن سان به ٿي سگھي ٿو؟“
بابا مون کي حيرت مان ڏسندي پڇيو.
”منهنجي خيال ۾ ارينجڊ ميريج ۾، زال ۽ مڙس. اڌ عمر هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۾گذارين ٿا ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ کانپوءِ جيڪڏهن ائڊجسٽ ٿي ويا ته سٺو، نه ته ايئن چئي زندگي گھاري ڇڏين ٿا ته اڌ زندگي گذري وئي آهي ۽ باقي اڌ زندگي به گذري ويندي.“
بابا، مون کي ڪو به جواب نه ڏنو هُيو ۽ مان اڃان تائين پنهنجي نظريي تي قائم آهيان. ٻي ڳالهه ته مان ذهني طرح شاديءَ لاءِ ان ڪري به تيار نه هيس، ڇو جو منهنجي نظر ۾ شادي، اڳتي وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ مان اڃان اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو.
فاحزه خط جي جواب ۾ لکيو
”مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڪٿان کان شروع ڪيان. بهرحال، سڀ کان پهريان ته توکان معذرت ٿي وٺان، حالانڪه مون کي خبر آهي ته تون معافيءَ وٺڻ کي (دوستيءَ ۾) خراب سمجھندو آهين. هاڻي مان جيڪي ڪجھه لکنديس، اهو توکي ناگوار گذري ۽ ان کانپوءِ شايد تون، مون سان ملڻ به نه پسند نه ڪرين، جيڪو مان ڪڏهن به چاهينديس.
تون پنهنجي خط ۾ دوستيءَ جو مفهوم ڏاڍو واضح نموني لکيو آهي ۽ مان ڪنهن حد تائين اِن سان اِتفاق به ڪريان ٿي. پر مان سمجھان ٿي ته اسان جي معاشري ۾ اڃان تائين به ڪنهن ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي دوستيءَ کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. تنهنجي دوستي منهنجي لاءِ ڏاڍي مانَ واري ڳالهه آهي، پر اهاَ کڻي منهنجي ڪوتاھي سمجھه يا وري منهنجي خود فريبي، جو مان دوستي کان به وڌيڪ سوچيو هو. اها صرف هڪ طرفي سوچ هئي، اها صرف منهنجي ڀُل هئي ته، جنهن سان دوستي رکنديس، ان کي ئي پنهنجو سڀ ڪجھه سمجھنديس.
ڳالهائڻ ته هر ڪنهن سان هوندو آهي، پر اسان ان کي دوستي يا ٻي ڪنهن جذبي جو نالو ڏئي نه ٿا سگھون. پر مان، ماءُ جي ٿڃ جو قسم کڻي چوان ٿي ته اڄ تائين منهنجي اهڙي قسم جي دوستي(جهڙي توسان هئي) نه رهي آهي ۽ نه رهندي ۽ نه ئي ڪنهن رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه هئي. بهرحال، منهنجو مقصد توکي قسم کڻي يقين ڏيارڻ ناهي. مون کي گھڻن ئي ماڻهن ٻڌايو ته تون مون کي نه ٿو چاهين، صرف وقت گذارڻ لاءِ مون سان واسطو رکين ٿو، مون سان کلي ڳالهائين ٿو.
تنهنجا مون تي لکين احسان ۽ ٿورا آهن، جن کي سامهون ڏسندي مون کي ڪجھه به لکڻو نه هيو ۽ نه ئي ڪجھه منهن سان چوڻو هيو. پر، مان وري به اهو لکندي ڏاڍو شرم ٿي محسوس ڪيان، ۽ پنهنجائپ ۾، اهو سڀ ڪجھه توکي لکي رهي آهيان. هونئن به تنهنجا مون تي وڏا احسان آهن، جن کي مان ڪڏهن به نه لاهي سگھنديم ۽ هڪ وڌيڪ احسان مون تي ڪجانءِ ته مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ.
مان تنهنجي در تي تنهنجي آڏو هڪ گذارش کڻي حاضر ٿي آهيان ته، جھڙي طرح تون صرف مون سان دوستي رکي سگھين ٿو ۽ وڌيڪ ڪجھه به نه، اتي مان اهو چوڻ ۾ حق بجانب ته ناهيان پر، ان کي منهنجي ڀُل سمجھي ڪري معاف ڪجانءِ ته مان دوستي اِن معني ۾ رکي نه ٿي سگھان.
صرف هڪڙي گذارش آهي ته مون کي اگر تون ٻيو ڪوئي ساٿ نه ٿو ڏئي سگھين ته صرف ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو ساٿ ته اسانجو رهي سگھي ٿو. آهيان ته اِن ساٿ جي قابل به نه، پر پوءِ به گنجائش نڪري وڃي ته منهنجي لاءِ وڏي سعادت جي ڳالهه هوندي، اگر تون بخشين ته.
مان سمجھان ٿي ته مان جيڪي ڪجھه لکيو آهي، اهو سڀ ڪجھه دل سان ڪونه لکيو آهي پر ڇا ڪجي جو مان اهو سڀ لکڻ تي مجبور آهيان.
منهنجي هن خط کي پڙهي، شايد....، شايد نه پر مون کي يقين آهي ته، مون سان ڳالهائڻ به نه چاهيندئو. پر ايترو ضرور سوچجانءِ ته، مون کي تنهنجي رهنمائي، تنهنجن راين جي تمام گھڻي ضرورت هوندي آهي ۽ رهندي.
اگر تون مون سان بلڪل تعلقات ختم ڪيان ته مان هيءَ يونيورسٽي ته ڇا پر هي شهر ڇڏي هلي وينديس.
آخر ۾ گھڻي گھڻي معذرت/معافي.

توکي، مان اها ڳالهه ٻڌائي ته تون اِن ڳالهه تي ڪنهن به حيرت جو اظهار نه ڪيو ۽ تو چيو ته اِهو ته اڳ ۾ ئي ايڪسپيٽڊ (Expected) هو.
مون کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏک پڄائي رهي هئي ته منهنجي ڪري ڪنهن کي ڏک پهچي رهيو هو، جيڪو مان چاهيان به نه پيو. مون کي خوشي به ٿي ته جيڪي ڪجھه من ۾ هيس گھٽ ۾ گھٽ فاحزه کليل لفظن ۾ چيو ته سهي. نه ته، اهڙي ريت چپ چپات ۾ غلط فهميءَ جي ڀت وڌندي وڃي ها ۽ پوءِ، اُها ڀت جڏهن ڊهي ها ته ٻئي اُن هيٺيان دٻجي ختم ٿي وڃون ها.
فاحزه مون سان ملي، لڄي لڄي لڳي رهي هئي. مون کيس چيو ته”مان تنهنجي همت کي داد ڏيان ٿو ۽ خوشي آهي ته تو جيڪو ڪجھه سوچيو اُهو لکي اظهار ڪري ڇڏيئه. باقي اهو ته ناممڪن آهي، ڇو جو مان توکي اڳ ۾ ئي ٻڌايو هيو ته منهنجي توسان شادي ٿيڻي ناهي ۽ صرف هڪڙوئي رشتو رکي سگھون ٿا، دوستيءَ وارو.
پر، توکي اِهو قبول ناهي ته مون کي به ڪو ڏک ناهي ڇو جو دوستي مسلط نه ڪبي آهي. اُها ته رضاڪارانه معاهدو آهي، ها مان تو کي ڀيڻ بڻائي نه ٿو سگھان. ڇو جو تون مون کي ”ادا“ سڏين ۽ مان ”ادي“ ته فرق نه پوندو. اِهو ته صرف ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ ٿيندو. مون کي پنهنجيون سڳيون ڀينرون ڪافي آهن ۽ وڌيڪ جي مون کي ضرورت ناهي. تنهنجو منهنجو رشتو ڀاءُ ڀيڻ جھڙو پاڪيزه ته ٿي سگھي ٿو. پر ڀاءُ ڀيڻ وارونه. ڇو جو مون کي نفرت آهي اهڙن ماڻهن کان جيڪي لفظن جو غلط استعمال ڪندا آهن. ڇوڪرين کي ”ڀيڻ“ ته چوندا آهن پر اندر ۾ انهن ڇوڪرين جون تصويرون محبوبا جي خاني ۾ رکيل هونديون اٿن.
اها ٻي ڳالهه آهي ته تون جيڪو چئين ٿي ته تون يونيورسٽي ڇڏي ويندينءَ اهو سڀ اجايو آهي. ڪوئي به ڪنهن جي لاءِ ڪا شيءِ يا جڳهه نه ڇڏيندو آهي، نه ئي ڪوئي ڪنهن جي لاءِ مرندو آهي. اِهي سڀ چوڻ جون ڳالهيون آهن. تون جڏهن به مون وٽ صلاح مشوري لاءِ ايندينءَ ته مان توکي ڏيندس ۽ اِها منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي.“
فاحزه سمورو وقت خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي ۽ هُن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ مون کان موڪلائي هلي وئي، اُن ئي وقت تون به اچي وئينءَ. تون ڪجھه نه پڇيو شايد سمجھي چڪي هئينءَ، منهنجو موڊ خراب ڏسي تو چيو”ڇو، خيريت ته آهي؟“
”تون سڀ ڪجھه ڄاڻين ٿي“
”بي ڏوهي هوندي، پاڻ کي ڏوهي سمجھڻ صحيح نه آهي“
”مون کي ته ڪِوِل مارڻ به وڏو ڏوهه لڳندو آهي.“
”ڏوهه جي وصف ڇاهي؟“
”سونهن ۽ سچائي جيان ڏوهه به (Relative )آهي“
”معاشري جا اصول صحيح نه هجن ته انهن کي ڀڃڻ ڏوهه ناهي.“
”منهنجي ضمير جي خلاف ٿيندڙ هر ڪم، ڏوهه آهي.“
”ضمير وٽ حوالو ڪهڙن اصولن جو آهي؟“
”منهنجا پنهنجا اصول“
”تڏهن به تون فاحزه کي ڏک ڪيئن ڏنو آهي. هوءَ ته پنهنجي قائم ڪيل مفروضن جي سزا ڀوڳي رهي آهي“
”مفروضا منهنجي ڪري قائم ڪيا هيائين“
”ڪوئي ماڻهو جيڪڏهن سج جي پوڄا ڪري، اُن کي حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ته اُها سج جي غلطي نه پر پوڄاريءَ جي آهي“
”بهرحال اکين مان ڪرندڙ ڳوڙها، الائي ڪيتري ولوڙ ۽ پيڙا جو نتيجو آهن.“
”هاڻي ڇڏ انهن ڳالهين کي، فاحزه جھڙيون ڇوڪريون وري ڪنهن ٻي نيوڪليئس جي چوڌاري ڦرنديون.“
”ايئن ٿي به سگھي ٿو ۽ نه به. ڇو جو جيڪي ڇوڪريون گھر ۾ غيرمحفوظ هونديون آهن، اُهي پنهنجون پناهگاهون ڪنهن ٻاهرين مرد جي ٻانهن ۾ ڳولينديون آهن. فاحزه جو پيءُ، چوويهه ئي ڪلاڪ آفيم جي نشي ۾، ماڻهنس رڳو ڇڙٻن تي، ظاهر آهي ته هوءَ پنهنجي پناهه گاهه ڳولهڻ لاءِ تڪڙ ئي ڪندي.“
”پر تو ته ٺيڪو نه کنيو آهي“
”ها نه کنيو آهي، پر مُون ئي کيس هميشه همٿايو آهي، چاهي اُهو Quantitative Economics جو سبجيڪٽ هجي يا ڪوئز ڪامپٽيشن، بهرحال، ضروري ناهي ته توکي سڀ ڳالهيون ٻڌائجن“
”معاف ڪجانءِ، مان ڪڏهن ڪڏهن بيوقوفيءَ جي ڳالهه ڪندي آهيان“
”ان ۾ تنهنجو به ڏوهه ناهي، ڏوهه ته فاحزه جو به ناهي،سندس ماءُ جو به ناهي، سندس پيءُ جو به ناهي ۽ جيڪڏهن وري آهي ته شايد سڀني جو به آهي“
”چڱو، هاڻي ڇڏ، ان ڳالهه کي.“
”ساحره، مون کي ڏک آهي ته هاڻي هوءَ پنهنجا ڏک ڪنهن سان شيئر ڪندي؟ ماڻهو چوندا آهن نه ته، هوءَ هر دفعي هڪ ٻيو دوست ٺاهيندي آهي. ان ۾ هُن جو ڏوهه ڪونهي، ڇو جو هوءَ ته ڪو ڇانورو ٿي ڳولهي، ها، هن جي اها غلطي آهي جو طريقو سندس صحيح ناهي“
منهنجو منُ اداس ٿي ويو هو.
تون اک ڀڃندي شرارت مان چيو. ”مِٺي چانهه پيئندين؟“ بيري کي ڦڪي چانهه جو آرڊر ڏئي ڇڏيئه.