29
منهنجي ذهن ۾ تنهنجي ڀيڻ جي موت جو نقشو اچي ويو هو ۽ پوءِ منهنجي ذهن جي پردي تي، اديءَ جو معصوم چهرو اچي ويو.
ادي اسان جي ماءُ وانگر آهي، ڇو جو امان کان وڌيڪ هن اسان جي پرگھور لڌي هئي. اسان جڏهن ننڍا هوندا هياسين ته امان، اسڪول ۾ سروس ڪندي هئي ۽ بابا آفيس ۾، اسان گھر ۾ يارنهن ٻار اڪيلا رهجي ويندا هياسين اسان سڀني ۾ ٻن يا ڏيڍ سال جو وقفو مس هيو. ننڍن هجڻ ڪري، اسان جي ڏک سک جو خيال ادي ۽ وڏي ڀاءُ رحمٰن کي رکڻو پوندو هيو. گھڻن ٻارن هجڻ ڪري، بابا جي پگھار مان پورت نه پوندي هئي. جنهن ڪري امان کي سروس ڪرڻي پئي هئي. پر پوءِ به اسان جو گذر سفر صحيح نه ٿيندو هو. مهيني جي پوين ڏينهن ۾ اڪثر اسان بکن تي رهندا هياسين ۽ ويلن جا ويلا ماني نه کائيندا هياسين.
بابا رشوت نه وٺندو هو ۽ ڪنهن کان قرض گھرڻ به پنهنجي توهين سمجھندو هو. هو پنهنجي سڄي خاندان سان وڙهي الڳ ٿيو هو. ان ڪري جو اسان جي ڏاڏي سائين جي ته ان ڏينهن وفات ٿي هئي جنهن ڏينهن بابا ڄائو هو، ان کانپوءِ بابا جي چاچي هن جي سنڀال ڪئي ۽ ڏاڍو سکيو رکيائين. ڏاڏي، پنهنجي ملڪيت مان گھڻو حصو بابا جي حوالي ڪيو هيو. چاچي جي وفات کان پوءِ خاندان جي عورتن سازش ڪري بابا سان وڙهڻ شروع ڪيو. بابا کي ڏاڍو ڏک پهتو ۽ هن چيو
“توهان مون سان صرف ملڪيت جي ڪري وڙهو ٿا، تنهن ڪري هي سموري ملڪيت اوهان کي آئي. مان وڃان ٿو.”
بابا جڏهن الڳ ٿيو ته ان وقت مئٽرڪ پاس ڪري ڪلارڪي ڪندو هو ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ هو. ان کانپوءِ ڏکيو سکيو گذارڻ لڳو. ٻار وڌيڪ پيدا ٿيندا ويا، هو چوندو هو ته هر هڪ ٻار پنهنجو رزق آڻي ٿو. ان کان علاوه پنهنجي اڪيلي هجڻ ۽ خاندان کان پري هجڻ جو احساس شايد ايئن ختم ڪندو هو ته، هن جو پنهنجو گھر گھڻن ڀاتين سان ڀريل هجي. ڀاتي ته اچي ويا پر رزق ان حساب سان نه مليو. اسان بکيا ڏکيا رهڻ لڳاسين. اسانجي ڀيڻ انهن مشڪلاتن ۾ به اسان کي کلائيندي رهندي هئي، ڳالهيون ٻڌائيندي هئي.
اديءَ جي شادي ٿي ۽ جڏهن، گھوٽيتا ڪنوار وٺي روانا ٿيا ته اسان جو سمورو گھر “امام بارگاهه” بڻجي ويو هو. سڀ روئڻ لڳا، ڄڻ سهارو اسان کان دور وڃي رهيو هو. اڄ جڏهن ٻڌم ته، اسانجي ڀيڻيوئي جي آپريشن آهي ته پريشان ٿي ويس. توسان به اها ڳالهه نه ڪيم. مان توکي پريشان نه پيو ڪرڻ چاهيان، ڇو جو اڃا مهينو گذريو هو تنهنجي ڀيڻ کي فوت ٿئي. مان به سٺو اداڪار بڻجي ويو هيس. پنهنجي پريشاني ظاهر نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس. اسانجي فنڪشن ۾ چار ڏينهن بچيا هيا منهنجي ڀيڻوئي جي آپريشن ٻئي ڏينهن تي هئي. مان رات جو ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو.
شام جو ريهرسل ڪرڻ کان پوءِ دوستن کي چيم
“مان ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچي وڃان ٿو، تنهن ڪري توهان هي ڪم ڪري رکجو”
تون به ڀرسان اچي بيٺي هئينءَ. ڏٺم ته تنهنجو منهن لهي ويو ھنن سڀني نه وڃڻ لاءِ ضد ڪيو هو. مون جڏهن کين ٻڌايو ته ڀيڻيوئي جي دل جي آپريشن آهي ته ضرور وڃڻو پوندو. ته سڀ راضي ٿي ويا. تون پريشاني ۽ سواليه نگاهن سان مون کي ڏسندي بس ۾ هلي وئينءَ. وڃڻ کانپوءِ تنهنجي ٽيليفون آئي، تنهنجي آواز ۾ اداسي هئي.
“...ڇا ڳالهه آهي ڪراچي ڇو ٿو وڃين؟”
“ٻڌايم نه ته ڀيڻوئي جي باءِ پاس آهي.”
“اڳ ۾ ته اهڙي ڳالهه نه ڪئي هيئي.”
“مناسب نه سمجھيم ته توکي پريشان ڪيان، تون پاڻ اڳ ۾ ڏکويل ۽ پريشان آهين.”
“تنهنجو ڏک به ته منهنجو آهي.”
“صحيح ٿي چوين، مان تمام گھڻو ڀوڳيو آهي. ڪنهن سان به پنهنجي پريشانيءُ جو ذڪر نه ڪيو اٿم. گھر به ڪنهن سان نه ڳالهايو اٿم، ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ اسان ٻنهي سان ذري گھٽ ساڳي ٽرئجڊي ٿئي ٿي. تنهنجي ڀيڻ جي موت ۽ پنهنجي ڀيڻوئي جي آپريشن تي سوچيان ٿو ته اکين آڏو اوندهه اچي وڃي ٿي!”
“هاڻي تون محسوس ڪندو هوندين ته ان موقعي تي دوستن جي ڪيتري شديد ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ياد ٿي جڏهن مان ڪراچي وڃي رهي هيس منهنجي ڀيڻ جي آپريشن هئي ته، تون معمولي ڳالهه تي چڙي ڪاوڙجي پيو هئين ۽ مان پريشان اڳي ئي هيس، ويتر تنهنجو ڏک کڻي ڪراچي وئي هيس.”
“اهو احساس ڏياري بدلو وٺڻ چاهين ٿي؟” ڪاوڙ ۾ چيم.
“نه ايئن ناهي.” گھٻرائجي جواب ڏنو هيئه.
مان خاموش رهيس، تو ڳالهايو:
“پر تون مون کي ته ڪجھه ٻڌائين ها، ان ڳالهه جو مون کي ڏک رهندو.”
ڇا ٻڌايانءِ! هونئن اڄ، سمورو ڏينهن پاڻ کي تتل صحرا ۾ گھمندي محسوس ڪيو اٿم، سج ڄڻ سوا نيزي تي لهي آيو آهي. ڏکن جي آڪٽوپس جون ٽنگون منهنجي وجود کي وڪوڙي ويون آهن ۽ منهنجي ذهن جي پردي تي خوفناڪ فلم هلي رهي آهي. ڏک اسان جا بهترين ساٿي آهن. اڄ به اهي مون سان ساڻ آهن. تو ڪڏهن چيو هو ته مان خوفزده رهندو آهيان. خوف علامت آهي ذهانت جي، پر اڄ جو خوف هڪ رشتي ڇڏجڻ جو ۽ ٻين رشتن جي بي سهارا هجڻ جو آهي، اڄ خوف جا نانگ منهنجي بدن تي رڙهي رهيا آهن، ساحره، معاف ڪجانءِ، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين ۾ اڄ سلسلو نه هجي. مون کي غمن ۽ خوفن مدهوش ڪري ڇڏيو آهي.”
“نه !نه !تون ڳالهائيندو رهه”
“مان چاهيان ٿو، اڄ تون منهنجو سهارو بڻج، دعا ڪجانءِ ته ڏکن جي رات جلد ختم ٿئي. ساحره، جھڙي طرح هوا ۽ خوشبو ننڍي ۾ ننڍي وٿيءَ مان گذري ايندا آهن. اهڙي ريت ڏک به ننڍي ۾ ننڍي وٿيءَ مان گذري اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿين ٿا، مون کي خوف آهي ته منهنجي ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين جي بي سهارا هجڻ جو ۽ ڀيڻ جي بيوهه ٿيڻ جو.”
“گھڻا آهن ٻار؟”
“پنج، ساحره الله ڪري ايئن نه ٿئي. پر جيڪڏهن ٿيو ته پوءِ منهنجي ... منهنجي سموري زندگي انهن لاءِ هوندي. مان شادي نه ڪندس.”
“تون ڇو ٿو دل برداشته ٿين، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.”
“الله ڪري ايئن ٿئي. دعائن ۾ اعتبار نه هوندي به دعائون گھريون اٿم، تون به دعا ڪجانءِ ته اهو ڏکن جو تعزيو منهنجن ڪلهن تان جلدي لهي وڃي.”
“ها منهنجون سڀ نيڪ تمنائون تولاءِ آهن، مان تنهنجي چهري تي خوشيءَ جا رنگ ڏسڻ اينديس. منهنجي ڀيڻ جو چاليهو ٽئين ڏينهن تي آهي، پوءِ مان اسپتال ضرور اينديس. آپريشن ڪڏهن آهي؟”
“سڀاڻي”
“مان سڀاڻي رات تي هتان هلنديس. صبح جو ڪراچيءَ پهچي تو وٽ اينديس.”
“مهرباني، هرو ڀرو تڪلف نه ڪر.”
“نه نه مون کي اچڻو هونئن ئي آهي. تو وٽ ضرور اينديس.”