35
پن ڇڻ آئي به هئي يانه؟
جڏهن تون ۽ مان
هياسي گڏ .
تڏهن،
پنن جو ڇڻڻ،
وڻن جو
اگھاڙو ٿيڻ،
سج جو لهڻ،
هر سمو هڪ خواب هو.
گذريل سال،
پن ڇڻ آئي به هئي يا نه؟
ٽهڪن جا ٽانگر ٽڙيل،
موتي مرڪ جا،
هر طرف پکڙيل.
ساز ساهن جا ڇڙيل،
سڙهه سرهاڻ جا کڄيل.
سوچيان ٿو:
گذريل سال،
پن ڇڻ آئي به هئي يا نه ؟
سياري جون سرد راتيون،
سوڙ ۾ سرٻاٽيون،
صبح سويل،
ماڪ ڀنل،
گلن جو ميڙ،
وارن سان وڪوڙيل ،
شام جو شاعريءَ تي،
جھومڻ ڳائڻ،
رات جو ٽيليفون تي ٽهڪڙا
۽ وري ملڻ لاءِ
جدا ٿيڻ،
گذريل سال،
پن ڇڻ آئي به هئي يا نه ؟
مگر تو سواءِ،
سڏڪا ٿيا ساٿي،
راتيون بڻيون ڏائڻيون ،
سيءَ جا سيڪارا،
اڪيلا پارا،
وڻن جا پن
ٿي پيلا،
هوا جي زور تي،
روڊ تي،
ڪنهن بد روح جيان،
پويان ڊڪن ٿا،
مون کي ڏنگين ٿا،
هر وڻ، هر ڏار
آڪنهن کان ڌار
سوچيان ٿو:
گذريل سال،
پن ڇڻ آئي به هئي يا نه؟
توکي ڊائريءَ تي اهي سٽون لکي ڏنيون هيم، جنهن جو جواب تو لکيو:
“جانان!
پن ڇڻ جي موسم، ڏاڍي اذيت ناڪ هوندي آهي. ان جي سفاڪيءَ کان مان واقف آهيان. مون کي اهي سڀ پن ڇڻ جون موسمون ياد آهن، جيڪي مون گذاريون. مگر زندگيءَ ۾ بهار اچڻ کانپوءِ، مان سوچيو ئي نه هيو ته، پن ڇڻ جي موسم به هوندي آهي. مان جن موسمن کان توکي بچائڻ پئي چاهيو، انهن موسمن جي حوالي توکي ڪيون ٿي وڃان.
مگر، منهنجا دلبر، منهنجا قاتل!
تون اداس نه ٿي،
تنهنجي اداسي منهنجي دل کي چيرندي آهي.
تون نه روئندو ڪر،
جو تنهنجي روئڻ سان
منهنجا وار ڇڻندا آهن،
تنهنجي دل جي پن ڇڻ ،
منهنجي وارن تي اثر انداز ٿئي ٿي،
نه روئندو ڪر تون،
جو منهنجن ڳوڙهن جو بند ٽٽي پوندو آهي،
۽ زندگيءَ جو پيچرو،
ڪنڊن جو پيچرو لڳندو آهي.
خدا جي واسطي نه روئندو ڪر!!
تنهنجي ڊائري پڙهي، مون توکي مرڪندي ڏٺو. تو جواب ۾ چيو ته:
“سچي به، منهنجا وار ڇڻڻ لڳندا آهن، جڏهن جڏهن تون روئندو آهين. پر خبر ٿي، منهنجا وار ايڏا سلڪي ڇو آهن؟”
مان ننهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته تو چيو:
“ان ڪري جو، هڪ ڀيرو تنهنجا ڳوڙها منهنجن وارن ۾ ڪريا هيا.” هاڻي تنهنجي مرڪڻ جو وارو هو.
“اهو سڀ ڪجھه طئي هوندي به اسان ٻنهي کي شادي ناهي ڪرڻي ۽ توکي هتان وڃڻو آهي، پر تڏهن به الائي ڇو، تنهنجي وڃڻ جو سوچي منهنجو من ڏري پئي ٿو”
“مون کي به ايئن محسوس ٿئي ٿو، تون ڇا ٿو سمجھين ته مان هي سڀ ڪجھه خوشيءَ سان ڪري رهي آهيان” تون ڪجھه پل خاموش رهي چيو:
“مان اديءَ جي موت کان پوءِ، مسلسل تتل تئي تي هلي رهي آهيان، مون سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي. سوچون ماڻهوءَ جون دشمن آهن”
“تون جڏهن، اهو سڀ ڪجھه سمجھين به ٿي ته پوءِ، تون اهو رشتو ڇو چونڊيو”
“مان نه پئي چاهيان ته، منهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي ڪا ڌاري عورت اچي ايذاءُ ڏي. ان لاءِ پاڻ کي ايذاءِ ڏئي، هنن کي خوش رکڻ چاهيان ٿي”
“مون کي محسوس ٿيندو آهي ته تون اهو فيصلو گھڻو اڳ ۾ ڪيو هو. تون، پنهنجي ڀيڻوئي کي ڪافي پسند ڪندي هئينءَ” تون پريشانيءَ ۽ وائڙپ مان مون ڏانهن ڏٺو.
“تنهنجي چوڻ جو مقصد ڇاهي؟”
“تون اڳ ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئينءَ. جنهن مان محسوس ٿيندو هو ته تون خليل کي گھڻو پسند ڪرين ٿي”
“مان هن کي ڀيڻيوئي جي حيثيت سان پسند ڪندي هيس، هن جي ڳالهين مان مزو ايندو هو، پر مڙس جي حيثيت سان ڪڏهن به کيس نه ڏٺو هو، نه ئي سوچيو هو” حيرانيءَ جا اولڙا تنهنجين اکين مان پئجي رهيا هيا.
“پوءِ ڪيئن شروعات ٿي؟”
“مان اديءَ جي وفات کان جلد ئي پوءِ، ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو ته نيٺ مون کي ئي اهو سڀ ڪجھه ڪرڻو پوندو. ڇو جو، اسانجي خاندان ۾ اهو رواج آهي ته وڏي ڀيڻ جي وفات کانپوءِ، ننڍي ڀيڻ کي شادي ڪرڻي پوندي آهي. ان وقت کان وٺي، مان ذهني طرح تياري ڪندي آيس. اديءَ جي چاليهي گذرڻ کان پوءِ اسان سڀ ڪزن اڱڻ ۾ ويٺاهياسين ته پڦيءَ مون کي سڏ ڪيو ۽ اسين ٻئي ڄڻيون گھر جي اڱڻ ۾ گھمنديون رهيوسين. پڦيءَ مون کي چيو ته گھر جي سڀني وڏن جو اهو فيصلو ڪيو آهي ته توکي خليل سان شادي ڪرڻي پوندي، تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مان ڪجھه ڪونه ڪڇيو، منهنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. گھڻي دير گھمندا رهياسين ۽ پوءِ مان پڦيءَ کي چيو ته:
“منهنجي وڏن مون کي خوش رکڻ لاءِ منهنجي هر خواهش پوري ڪئي آهي ۽ مان، انهن جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.” ايئن چئي مان پڦيءَ کي روئيندي چنبڙي پيس.
تون ڪافي دير روئندي رهينءَ. مان توکي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. تو وري چيو:
“مان اهو فيصلو ڪري، پنهنجي وجود سان ناتو ٽوڙيو آهي”
“ايئن کڻي هجي به، پر جڏهن هاڻي تون فيصلو ڪري چڪي آهين ته اهڙي قسم جي سوچن کي پري اڇلائي ڇڏ. زندگي، تمام ڏکي آهي تنهن ڪري پاڻ کي ذهني طرح تيار ڪري ڇڏ. توکي جڏهن ٻارن طرفان ڏک ملي ته ان جو اظهار نه ڪجانءِ ، نه ئي مڙس جي رويي تي شڪايت يا تنقيد ڪجانءِ”
“تنهنجيون اهي سڀ ڳالهيون مڃان ٿي پر، ڪيڏو ڏکيو رستو آهي، جنهن تي مون کي هلڻو آهي. قدم قدم تي تنهنجي ضرورت پوندي، چنڊ ڏسندي، غزل ٻڌندي، اٿندي ويهندي تنهنجي ياد ايندي ته مان ڇا ڪنديس؟ مان جڏهن به ٿڪ محسوس ڪنديس. ته توکي، خط لکنديم. يا ٽيليفون ڪنديس”
“ماڻهوءَ کي جڏهن آسرو هوندو آ ته، هو جلدي ٿڪجي پوندو آهي ۽ ڇانوري ۾ ويهڻ لاءِ بهانا ڳوليندو آهي. جڏهن، توکي منهنجو آسرو هوندو ته منهنجي ياد، هر هر تنهنجو در کڙڪائيندي ڪڏهن ڊرائنگ روم ۾، ڪڏهن اڱڻ ۾، ڪڏهن دل ۾، ته ڪڏهن ذهن ۾ ايندي رهندي، تنهنڪري، ايئن به ٿي سگھي ٿو ته پوءِ تون پنهنجي گھر سان انصاف نه ڪري سگھين، جيڪو مان ڪڏهن به نه چاهيندُس ته منهنجي ڪري، ڪنهن جو جيون جلندو رهي. ان لاءِ سٺو اهو آهي ته، مان تنهنجي جيون مان نڪري وڃان” منهنجو آواز ڀرجي آيو هو.
“تون ايئن نه سوچ. تون، منهنجي ذهن مان نڪرندين ته مان ڪجھه به نه رهنديس. مون کي اهڙي ڏکي رستي تي هلڻ لاءِ تنهنجي سهاري جي ضرورت آهي. مون کي اهو احساس طاقت بخشيندو ته، منهنجو هڪ چاهيندڙ دوست موجود آهي”
تون روئڻ لڳينءَ ۽ منهنجي سيني سان لڳي، سيني جي وارن سان کيڏڻ لڳينءَ.
“هڪڙو واعدو ڪر، اهڙي ڳالهه نه ڪندين نه ته مان سمجھنديس ته اسان جي رشتي ۾ ڪٿي کوٽ هئي. مان هتان تنهنجون يادون ئي ته ڏاج ۾ کڻي ٿي وڃان.”
منهنجين اکين ۾ تنهنجي نظرن جا ليزر لڳڻ لڳا. مان مرڪي ڪنڌ ڌوڻي توکي سيني سان لڳائي ڇڏيو.
تون شايد اڃان به مطمئن نه ٿي هئينءَ ۽ عادت مطابق تو خط لکيو .
“تو چيو نه ته منهنجي خوش رهڻ سان تون به خوش رهندين. منهنجي معاهدي ڪرڻ سان توکي گھڻي خوشي ٿيندي ته مان واعدو ڪيان ٿي توسان ته، قدمن هيٺيان ڪنڊن جي هن راهگذر تي، منهنجا پير رتوڇاڻ ڇو نه ٿي وڃن، مگر مان گلن جي رهگذر جي تمنا ڪڏهن نه ڪنديس. منهنجي شخصيت ڀورا ڀورا ٿي رکَ جو ڍير ئي ڇو نه بڻجي وڃي پر پنهنجي ذات سان، مان ٻين کي خوشيون ضرور ڏينديس.
ها، ان لاءِ جو مان اوڀر جي عورت آهيان. مشرق جي ڌيءُ، جيڪا سموري ڄمار صليب تي اٽڪيل هوندي آهي. ماڻهو هن ۾ ڪِليون هڻندا رهندا آهن. مگر هوءَ صليب تان نه لهندي آهي، ۽ اتي لڙڪي لڙڪي مري ويندي آهي.
مگر، تون واعدو ڪر مون سان، صرف هڪڙو واعدو ته، تون منهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃڻ جي ڳالهه اڳتي نه ڪندين. تون منهنجي زندگيءَ جي رڪاوٽ نه آهين. پر منهنجي زندگيءَ جي آس آن، تون هڪ اهڙي جھولي آهين. جتي مان اچي ٿورا ڳوڙها وهائي سگھان ٿي، تون هڪ اهڙو باغ آهين جتي اچي مان بهارن جا نظارا ڏسي سگھان ٿي. مون توسان واعدو ڪيو آهي ته توکي به مون سان واعدو ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٿڪ لاهڻ لاءِ جڏهن به مان تو وٽ اينديس، تون پنهنجي دل جو دروازو منهنجي لاءِ کليل رکندين. تون آهين ته پوءِ مون کي هيءَ ڪنڊن جي راهگذر به گلن ڀريو پيچرو لڳندي، تنهنجي خيال ۾، تنهنجي ياد ۾ مون کي ڪنڊن جي چڀڻ جو احساس نه ٿيندو.
هنن اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي پوءِ به، ڪنهن جي هٿن، ڪنهن جي چپن جي ضرورت پوندي. مون سان واعدو ڪر، مون کان پنهنجي ذات جو سهارو نه کسيندين، تون منهنجو عشق ئي نه منهنجو دوست به ته آهين ۽ سڄي عمر مون کي هڪ پُرخلوص دوست جي ضرورت پوندي، جنهن سان، مان پنهنجا ڏک ۽ سک شيئر ڪري سگھان. ڇا تون مون کان منهنجو دوست کسڻ چاهين ٿو؟ ڇا تون چاهين ٿو ته مان پنهنجا ڏک سک ڪنهن سان به شيئر نه ڪيان؟ مون توکي چيو هو نه ته مان توکان ڪڏهن به، ڪجھه به نه گھرنديس. ڇاڪاڻ جو منهنجي منزل تنهنجو جسم ناهي. منهنجي منزل منهنجو عشق آهي. جيڪو حُصول کان بيگانو هوندو آهي. تنهنجو وجود منهنجي چاهت آهي، منهنجو مانُ آهي ته مان هن دنيا ۾ اڪيلي ناهيان. هڪ شخص اهڙو آهي، جيڪو منهنجي دل ۾، ڳوڙهن ڪرندڙ وسڪاري کي ڏسي رهيو آهي ۽ پنهنجي مرڪ سان مون کي زندگي ڏئي رهيو آهي. ان جي مرڪڻ سان مون کي ڳوڙهن جا ٽانڊا به، ماڪ ڦڙا محسوس ٿين ٿا. ڇا، اهڙي طرح ڪنهن کي زندگي ڏيڻ گناهه آهي؟ جيڪڏهن گناهه آهي ته انڪار ڪري ڇڏ، ان عشق جي باهه کان جنهن تنهنجي ۽ منهنجي وجود کي گھايل ڪري ڇڏيو آهي، چئي ڇڏ ته، هي سڀ ڳالهيون افسانوي آهن. ڪي به جذبا اهڙا نه ٿيندا آهن مگر....
منهنجو يقين، منهنجو ايمان اهو آهي ته جذبا ئي سڀ ڪجهه آهن، اهي سڀ جذبا جن جي باهه، منهنجن ڳلن تي لالاڻ سجائي آهي. ان لاءِ واعدو ڪر مون سان ته، مان توکان صرف چند لمحن جي ان خوشين جي طلبگار آهيان. جيڪي مون کي تو وٽ اچڻ کانپوءِ پنهنجا ڏک سک بيان ڪرڻ سان ملندي آهي. واعدو ڪر ته، مون کان اها خوشي ڪڏهن به نه کسيندين ۽ ڪڏهن به زندگيءَ مان نڪرڻ جي ڳالهه نه ڪندين. ڇو جو تون منهنجي زندگيءَ جي رڪاوٽ ناهين، پر آس آهين.
آهين نه منهنجو دلبر، منهنجو قاتل، ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن قتل ڪري ڇڏيندو آن.”
تنهنجو خط پڙهي، منهنجي ذهن ۾ تولاءِ پيار جو پکي اڏريو. تنهنجي چاهت مون کي مجبور ڪيو ته توسان رشتو نه ٽوڙيان. ان کانپوءِ، اسان جون ملاقاتون ٿينديون رهيون. ٻئي ڄڻا اهو سوچي اداس ٿي ويندا هياسين ته پري وڃي، ڪيئن خوش رهي سگھنداسين؟ پر مان توکي ۽ تون مون کي آٿت ڏيندي هئينءَ. اتفاق سان، انهن ڏينهن ۾ مون کي نڪ ۾ پرابلم ٿي پيو ۽ منهنجي نڪ جي هڪ ناس بند ٿي وئي. تون جڏهن ساهه زور سان کڻڻ جو سبب پڇيو ته، مون توکي جواب ڏنو ته جڏهن اڌ وجود هليو وڃي ته، پنهنجي حصي جو ساهه به کڻي وڃي ٿو.