18
ننڍڙي قد، پر وڏي ذهن وارو ۽ انگلش ادب جو ماڻهو، پاڻ به سٺو رائيٽر، جاويد صاحب به سرپرست هيو. جنهن کي سدائين اهو فڪر هوندو هيو ته، پنهنجي اڇي چڳ کي ڪيئن لڪائي. سنهي هجڻ ڪري شاگرد کيس پرپُٺ “هينگر” چوندا هيا، نعمان صاحب به هيو، ڳائڻ ۾ سريلو ۽ پنهنجي هاٺيءَ ڪاٺيءَ جي ڪري سدائين شاگرد لڳندو هو. شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مقبول ۽ هُن سان سدائين گڏ رهندڙ رزاق صاحب، ٻئي نوجوان لڳندا هيا. سوشل ايڪٽويٽيز جا بادشاهه، سٺن ڪپڙن جا شوقين، کين اڪثر ڪري سڏيو ويندو هو “ياجوج ماجوج” يا “هيڪل اينڊ جيڪل”. شاگردن سان هنن جو رويو دوستاڻوهوندو هو جنهن ڪري جنهن به ڊپارٽمنٽ جو فنڪشن يا پڪنڪ هوندي هئي ته شاگرد ڪوشش ڪري ٻنهي کي گڏ هلڻ لاءِ مجبور ڪندا هيا.
ٻٽيهن سالن جو ڪنوارو شاعر استاد، جنهن جي چهري تي ڏاڙهي، گول منهن ۽ هيٺيون چپ ٿلهو ڏسي، مون کي موهن جي دڙي واري پروهت ياد ايندو هو، سٺي شاعري ڪندڙ ۽ سٺو ذهن رکندڙ. پر پنهنجي زندگيءَ جي ڪجھه محرومين جي ڪري هو منجھيل رهندو هو. پنهنجي زندگيءَ ۽ ٻين جي باري ۾ گھڻي حد تائين نيگيٽو اپروچ رکندڙ، ان هوندي به يونيورسٽيءَ جو دانشور ليکبو هو.
آرڪيالجسٽ عبدالحليم، سمورو وقت ريسرچ ۾ مشغول رهندو هو. اسٽوڊنٽ لائف ۾ ليڊر به هو، ليڊر به اهو جيڪي ڪاليج جا وفادار هوندا هيا، يعني چئن سالن جي بجاءِ اٺ سال فيل ٿي ڪاليج ۾ رهڻ پسند ڪندا هيا. هاڻي عالمي سطع تي مڃيل آرڪيالجسٽ هو.
حماد صاحب، سنڌ جو مڃيل شاعر به اسان جو سر پرست هيو. ميڊم نعيمه، به اسانجي سرپرست ڪائونسل جي ميمبر هئي. جيڪا، به سٺي آرٽسٽ، سٺي ڳائڻي ۽ ڪمپيئر هئي. پڪي عمر جي هوندي به، پاڻ کي مينٽين رکيو ايندي هئي. تنهن ڪري، جنهن به ڪاريڊور مان هن جي سينڊل جو کڙڪو ٻڌبو هو، ته سڀني شاگردن جون نظرون ان طرف هونديون هيون. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته هن پهريائين ڪنهن شخص سان عشق ڪيو هو پر ان سان شادي نه ٿي سگھيس. جنهن کانپوءِ، هوءَ ٽٽي پئي ۽ پوءِ ٻئي سان شادي ڪيائين، جيڪو عمر ۾ هن جي پيءُ جي برابر هو. ان سان به، نباهه نه ٿي سگهيس ته پوءِ ٻي وڏيري سان شادي ڪيائين. جنهن به هن کي گھر ۾ قيد ڪرڻ چاهيو ۽ سختي ڪئي. جيڪا هن کان برداشت نه ٿي. هوءَ وري ٻار سان گڏ اڪيلي رهجي وئي. ڪنهن ماڻهوءَ جو جيڪڏهن نيوڪلس گم ٿي وڃي ٿو ته پوءِ هوءَ انبيلنس ٿي مختلف آربٽس ۾ چڪر ڏيندو ٿو وتي. اها حالت ميڊم نعيمه جي به هئي.
سرپرست ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ سڀني مسئلن تي بحث ڪيو ويو، ميٽنگ کانپوءِ هڪڙي ننڍڙي محفل منعقد ٿي. جنهن ۾، اسان جي گروپ جي ڪجھه ميمبرن ڳائي ٻڌايو. تو به غزل ٻڌايو “شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪيو، ڪجھه ته ايندا ڪيو، ڪي ته ڳالهيون ڪيو” غزل ڳائيندي تنهنجيون نگاهون مون ۾ کتل هيون. ۽ جڏهن مان اکيون پئي کنيون ته تون نگاهن کي جھڪائي پئي ڇڏيو. رفريشمنٽ مهل، نمڪو کان سواءِ ڪولڊ ڊرنڪس هيون، پر توکي خبر آهي ته مان چانهه شوق سان پيئندو آهيان. تنهنڪري، تون گھران چانهه ٺاهي آئي هئينءَ ۽ پنهنجي وارن ۾ اٽڪيل گلاب جي گل جي پنکڙي پٽي، چانهه ۾ وڌي هيئه ۽ مون کي ڏسي، تنهنجين اکين ۾ شام جا سمورا رنگ لهي آيا هيا. مون توکي مبارڪ ڏني ته تنهنجي پهرين ڪوشش ڪامياب وئي. پر اها، وڌيڪ ڪامياب وڃي ها، جيڪڏهن اها شام لان ۾ ملهائجي ها ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پنهنجا وار کولي اچي ها.”
تون خوش ٿيندي چيو “ها، وار کولي اچي ها، پر جيڪڏهن جنرل سيڪريٽري، اڇي سنهي پهراڻ مان پنهنجي ورزشي ٻانهن جو مظاهرو ڪري ها.” تون شرمائجي وئينءَ ۽ چيو هو:
“اڄ هڪ ڳالهه پڇان؟ سچ ٻڌائجانءِ!”
“ها پڇ”
“تو ڪنهن کي چاهيو آهي؟”
“ها”
“ڪنهن کي؟”
“ڌرتيءَ کي” مون هرو ڀرو ڳالهه کي مٽائڻ لاءِ چيو.
“ نه منهنجو اهو مطلب ناهي. “
“تڏهن؟”
“سموري ڪئمپس ۾، ڇوڪرين کي اها پريشاني آهي ته تون ڪنهن کي چاهين ٿو، ڇو جو توسان گھڻيون ئي ڇوڪريون ملن ٿيون.” مان ٽهڪ ڏيئي ڳالهه نٽائي ويس. تو وري پڇيو هو:
“ٻڌاءِ نه”
“تون ڇا ٿي سمجھين ؟”
I am confident
“خوشفهمي ٿي” کلندي چيم.
“نه. مون کي يقين آهي، ته تون مون کي چاهين ٿو”
“اڇا!” حيرانيءَ ۽ طنز مان توکي چيو هيم .
“ٻيو نه ته، ايئن ناهي؟”
“جي سمجھين ٿي ته ٺيڪ آهي” مون توکي چيو هو.
تو ڳالهين جو سلسلو اڳتي وڌائيندي چيو هو.
“منهنجي شخصيت تي، منهنجي ناني جو گھڻو اثر آهي. هو مون کي ننڍي هوندي کان وٺي، گھڻيون آکاڻيون ٻڌائيندو هو. نصيحتون ڪندو هو. وڏي ٿيس ته شعر ٻڌائيندو هو. هن، مون کي چيو هو ته ڪڏهن به محبت نه ڪجانءِ، تمام بري شئي آهي. ناني جي ان ڳالهه کي مان پنهنجو اصول بنائي ڇڏيو هو ته ڪنهن سان به محبت نه ڪنديس.”
“هونئن به ته تون محبت جي قائل ناهين. محبت کي ته خود غرضي سمجھنديءَ هئينءَ.”
“پر، اهو انسان تي آهي، ته محبت ڪهڙي ٿو ڪري. بي غرض يا غرَض واري .”
مون مرڪندي تون کي چيو هو:
“هر محبت، غرَض واري هوندي آهي. ايستائين جو ماءُ جي ٻار لاءِ محبت به غرض واري آهي. هوءَ ٻار کي پيار ان لاءِ ڪري ٿي، جو هن جي مامتا کي تسڪين ملي ٿي.”
“جيڪڏهن اها غرض آهي ته پوءِ اها بي ضرر آهي ۽ صحيح آهي.”
“منهنجي محبت به بي غرض آهي. تو سان ملي، مان پنهنجي اصولن کي ٽوڙڻ تي مجبور ٿي پئي آهيان.”
تنهنجي ايئن چوڻ تي تنهنجي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. جنکي تو جلديءَ سان صاف ڪري ڇڏيو هو.
مون توکي چيو هوته:
“منهنجي ڪري، پنهنجا اصول نه ٽوڙ، توکي ڏک رسي رهيو آهي.”
“ٽٽڻ کانپوءِ. ڏک رسڻ لازمي آهي.”
“مان ٽوڙڻ نه چاهيندو آهيان. بلڪه جوڙڻ چاهيندو آهيان.”
“مون کي تو وٽان دوستي کپي، محبت واري، وڌيڪ ڪجھه به نه.”
“مون کي ڏک پهچندو. جيڪڏهن تنهنجي اندر ۾ ٽٽڻ جو عمل شروع ٿيندو.”
“جڏهن ماڻهو پاڻ ٽٽڻ چاهي” تون نيڻ مون ڏي کڻي چيو.
“اها هن جي بيوقوفي آهي” مون چيو.
“ٽٽڻ کانپوءِ جڙڻ جو عمل ٿيندو آهي.”
مون کي تنهجو دليل دل سان لڳو. پر مان خاموش رهيس. ڇو جو مان نه پيو چاهيان ته ڪو مون سان محبت ڪري ۽ پوءِ شادي ڪرڻي پئي ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه ۾ ڏاوڻ پئجي وڃن.
تو پڇيو هو “تون، مون کان گھٻرائيندو ڇو آهين؟ڪڏهن ڪڏهن ايترو ويجھو هوندو آهين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ميلن جي مفاصلي تي نظر ايندو آهين.” تنهنجو موڊ جارحانه بڻجي ويو هو.
“نه نه، اهڙي ته ڳالهه ناهي.”
“ايئن آهي، تون مون کان ڊڄين ٿو، تون سمجھين ٿو ته مان تنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي وينديس. ايئن بالڪل ناهي. متان توکي اهو ڀوءُ هجي ته مان تون کي پيار جي ڦندي ۾ ڦاسائي، توسان شادي ڪنديس.”
تنهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هيا ۽ وري ڳالهائيندي چيو هو.
“مان توسان شادي نه ڪنديس. مان، توکي دوست سمجھان ٿي ۽ دوست ئي رهڻ ڏينديس. باقي تون هرو ڀرو ڊڄي مون کان پري رهين ٿو اها ڳالهه صحيح ناهي.”
مان خاموش رهيس. ڇاڪاڻ جو، تون بلڪل صحيح چئي رهي هئينءَ. مان واقعي، ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندو هيس ته تون شادي ڪرڻ چاهين ٿي. تون منهنجي ڏاڍو ويجھو اچي وئي هئينءَ، ڪئمپس وارو سمورو وقت مون سان گڏ رهندي هئينءَ. شام جو هڪ ٻه دفعو ٽيليفون ڪندي هئينءَ. ذري گھٽ هر صبح جو تنهجو خط پوسٽ ذريعي ملندو هيو. تنهنجيInvolvement وڌڻ ڪري پريشان هيس. اهڙي قسم جو اظهار، مان منور سان به ڪري چڪو هيس، جنهن، توکي ڳالهين ڳالهين ۾ چيو ته تون ثاقب سان شادي ڪرڻ چاهين ٿي، پر اهو پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏ.
تون، منور کي به روئيندي چيو هو ته: “توهان هرو ڀرو ائين ڇو ٿا سوچيو” منهنجي ذهن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. منهنجي زندگيءَ ۾ ثاقب جھڙو شخص نه آيو آهي، جنهن سان منهنجي ايتري هم آهنگي ٿي هجي، مان ثاقب سان شادي نه ڪنديس. باقي زندگي ڀر مون کي ثاقب جي ضرورت رهندي.” تنهجي انهن ڳالهين هوندي به منور توکي چيو هو ته: “تنهجي ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ اها خواهش موجود آهي، خيال ڪجانءِ!.”
منور مون کي سڀ ڪجھه ٻڌايو هو. پر ان هوندي به منهنجي ذهن ۾ اهو شڪ ۽ ڀوءُ رهندو هو ته متان مان توسان ايترو گھرو ٿي وڃان، جو پوءِ موٽي نه سگھان ۽ توسان شادي رچائي ڇڏيان.
“مان تنهجي راهه جي رڪاوٽ نه بڻجنديس، مان ٽٽي نه پر جڙي رهي آهيان، مان اهو سڀ ڪجھه چاهيان ٿي، مان اهو چاهيان ٿي.“ تون روئڻهارڪي، التجائي انداز ۾ چيو.
مون، تون کي چيو “ها، واقعي به توکان ڊڄندو هيس. صرف انلاءِ جو، مان اڃان ڪنهن سان شادي ڪرڻ نه ٿو چاهيان. پر، اڄ سچائي سان، دوستي رکون ٿا. دوستي جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي، خوف ناهي ۽ هر طرف دوستيءَ جي گلن جي خوشبوءِ ڦهليل آهي، اِهي گل ڪڏهن به نه ڪومائبا”
تنهنجو منهن سج بڻجي ويو هو ۽ اسانجي مٿان املتاس جا گل اولڙا ڪري رهيا هيا ۽ تون پنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا.