ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

26

تنهنجو خط مليو:
“مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا لکان. توکي ڪاوڙ به ڏاڍي هوندي، جو تنهنجن خطن ۽ چوڻ جي باوجود هڪ خط به نه لکيو. شايد غمن، منهنجن احساسن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي اداسيءَ، خاموشيءَ جو سبب اهو آهي ته، مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو گھڻين ڳالهين، يادن، ۽ ماڻهن جي روين جو زهر پنهنجي اندر ۾ اوتيو آهي. ان ٽريجڊيءَ مان مون کي فائدو اهو پهتو آهي جو، مان ڏک سهي، سُکيو رهڻ سکي ورتو آهي.جيتوڻيڪ، اهو عمل ڏاڍو تڪليف وارو آهي. پنهنجن ڳوڙهن کي ضبط ڪري هاڻي حالت اها ٿي ويئي آهي، جو هر وقت دل ۾ باهه ٻريل لڳندي آهي. مون کي لڳندو آهي ته گرم گرم پاڻي، منهنجي دل تي ڪري رهيو آهي. خير، مون کي پنهنجن ڪلهن تي ڳوڙهن وهائڻ ۽ ضبط ڪرڻ جو مزو اچي ئي ويو. ائين ٿو لڳي ته ڪو زهر آهي جيڪو منهنجي وجود ۾ ڦهلجي ويو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت، منهنجي دل ڳالهائڻ لاءِ چاهيندي آهي، مگر مون کان ڳالهايو نه ٿيندو آهي. مان زور سان روئڻ چاهيندي آهيان ته روئي نه سگھندي آهيان. منهنجي دل چاهيندي آهي، ته مان پنهنجي چوطرف موجود دنيا کي ناس ڪري ڇڏيان. مگر مون کان اٿڻ نه ٿو پڄي، ڪنهن سان ڳالهائڻ تي دل نه ٿي چئي. زندگيءَ ۾ مان ڪڏهن ايترو سوچيو نه هو بلڪه سوچيو ئي نه هو، جيترو هاڻي سوچيان ٿي. ڪنهن پل مون کي سڪون نه ٿو ملي. عجيب بي چيني آهي. گھر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بي مقصد، بيوقوفن جھڙي شڪل کڻي گھمندي وتندي آهيان. لڳندو آهي ڄڻ، منهنجي تمام وڏي قيمتي شيءِ گم ٿي وئي آهي. مگر، جڏهن ڳولهڻ لڳندي آهيان ته سمجھه ۾ نه ايندو آهي.
اف منهنجا خدا! خبر ناهي ائين ڇو آهي. منهنجا حوصلا ايترا پست ڇو ٿي ويا آهن؟ سوچي سوچي لڳندو آهي ته دماغ ڦاٽي پوندو. جيڪڏهن مان رڙيون ڪري روئي نه سگھيس ته چري ٿي پونديس. منهنجو دماغ بالڪل مائوف ٿي ويو آهي. هڪ هفتي کان وٺي مان گھر ۾ ڪنهن سان نه ڳالهايوآهي. ڳوڙهن جي ٻوڏ پنهنجي اندر ۾ لاهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته، منهنجي جسم ۾ ٽانڊا پڄري رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪنهن جي ڳچي پڪڙي گھٽو ڏئي ڇڏيانس. واقعي به مون تي چريائپ سوار ٿي وئي آهي.
ڪنهن به جڳهه تي منهنجي دل نه ٿي لڳي. هتي خيرپور ۾ به نه ۽ ڪراچيءَ ۾ ته هتان کان به وڌيڪ ڊپريشن ٿئي ٿي.
ڪاش! مان رڙيون ڪري روئي سگھان. پٿر ناهيان نه! يادون هر وقت منهنجي چوڌاري گھمنديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته هي سڀ خواب آهي، هڪ ڀوائتو خواب، جڏهن منهنجي اک کلندي ته مان اديءَ وٽ هونديس. ڪيترو ڀوائتو خواب آهي.
منهنجي مٿي تان ڇاپرو، منهنجي دوست، منهنجي بيغرض محبت، منهنجو مانُ، منهنجو غرور سڀ ڪجھه ئي ته هليو ويو، ڪٿي تلاش ڪيان؟
منهنجن ڪنن ۾، هر وقت هن جو ئي آواز گونجندو رهندو آهي. منهنجي خاندان جا سڀ ٻار مون کي “نانا جان” چوندا آهن، ادي به مون کي پيار مان نانا جان چوندي هئي. جنهن ڏينهن هن جي وفات ٿي، مان ان ڏينهن هن کان ناراض ٿي گھر آئي هيس ۽ هوءَ بيوفا مون کي پرچائڻ به نه آئي. خود ئي ناراض ٿي هلي وئي. “اچ، اچي ڏس ته تنهنجي نانا جان ڪيڏي اداس آهي. هاڻي مون کي ڪير پرچائيندو، ڪير منهنجي راهه ڏسندو؟ ڪاش! تنهنجي بدلي ۾ تنهنجي نانا جان مري وڃي ها. منهنجي دل چاهي ٿي ته ايترو روئان جو منهنجو آواز، ان مٽيءَ جي هيٺيان پهچي، جتي تون آهين. ڏس اچي! توکان سواءِ، اسان سڀ ڪيترا اداس ۽ اڪيلا آهيون. ڏس نانا جان جا ڳوڙها ترڪندا ٿا وڃن. ۽ تو تي ڪوئي اثر ئي نه ٿو ٿئي!!”
ڪاش! خدا اسان کي ايترو بيوس نه بڻائي ها. اسان سڀ ڇا آهيون؟ خدا صرف اسان جو تماشو ڏسندو آهي. هن پنهنجو پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ اسان کي ٺاهيو ۽ هاڻي اسان جي بي وسيءَ کي ڏسندو رهندو آهي. نه کپي مون کي اهڙو خدا، نه کپي مون کي زندگيءَ جي بخشش، جنهن ۾ هڪ هڪ خوشيءَ لاءِ ڪشڪول ڦهلائي پنندي رهان.
مون کي يقين ئي نه ٿو اچي، پاڻ کي يقين ڏيارڻ لاءِ اديءَ جي قبر تي وئي هيس. منهنجي دل چاهيو ته قبر کوٽي اديءَ کي ڪڍي اچان. مان زور سان رڙ به ڪيم. پر، اتي لامحدود خاموشي هئي ڪوئي به آواز ٻڌي نه آيو. واپس ايندي مان مڙي مڙي ڏسندي رهيس. مون کي لڳو ڄڻ ٻوٽن پويان بيٺل ادي مون کي ڏسي رهي هئي. مان بيهي رهيس، منهنجا ڳوڙها وهندا رهيا ۽ هوءَ ظالم، منهنجا ڳوڙها ڏسندي رهي، مشڪندي رهي، نانا جان جو اهو روپ سٺو لڳيس پيو شايد!!.
بس، هاڻي مون کان لکيو نه ٿو پڄي. سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته خط لکان يا ڳوڙها صاف ڪيان، يا هن جلندڙ دل کي سنڀاليان، يا سڪون جي تلاش ڪيان. اهو سڪون جنهن جي ڳولها ۾ گوتم نڪتو هو. منهنجي دل چاهي ٿي ته مان به گھر مان نڪري وڃان، گھاٽن جھنگن ۾ ۽ خشڪ ريگستانن ۾. ٻڌو آهي ته گوتم کي ايئن سڪون مليو هو. منهنجي دل چاهي ٿي ته مان زور سان رڙ ڪري گوتم کان پڇان.
“گوتم! ڪاٿي آهي اهو سڪون جنهن جي ڳولها ۾ تون جھنگن ۽ برپٽن ۾ پريشان رهين. اهو سڪون جو تنهنجي روح ۾ گيان بڻجي لٿو هو ۽ تنهنجن چپن مان سچائي بڻجي ڦٽيو هو. تنهنجين اکين مان نور بڻجي نڪتو هو؟ مون کي به ان سڪون جي تلاش آهي. اهو سڪون جيڪو منهنجي لُڇ پُڇ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي.
مگر ساقي! سڪون ڪاٿي؟ گوريون کائي به سڪون نه ٿو ملي. سمهڻ دوران، مان اڪثر پلنگ تان ڪري پوندي آهيان. شايد، ان لاءِ جو مان ڪڏهن ننڍو ڏک به نه سهيو هو. مان صرف پنهنجين خواهشن جو پورو ٿيڻ ۽ چاهتن جي ڇانوَ ڏٺي هئي. ڪنهن جي جدا ٿيڻ جو ڏک سٺو ئي نه هو. جڏهن ته هي منهنجي، پنهنجي وجود جي گم ٿيڻ جو ڏک آهي. پنهنجي رت تان دستبردار ٿيڻ جو ڏک آهي. ته پوءِ پنهنجي وجود کي وڃائي سڪون ڪٿي ٿو ملي؟ منهنجي وجود جي سڃاڻپ جو هڪ حصو گم ٿي ويو، مڻن مٽي هيٺيان ته پوءِ منهنجو هي ڏک جائز آهي نه ؟!
ڪيئن وساريان ساقي؟! ڪنهن جي جدا ٿيڻ جو ڏک پوءِ به ماڻهو برداشت ڪري سگھي ٿو، مگر ڪنهن شيءِ جو بالڪل غائب ٿيڻ جوڏک، ٻڌاءِ نه ڪيئن وساريان؟ هڪ لمحو اهو عذاب وارو لمحو جڏهن اسان جي تماشائي خدا، اسان جي هر شيءِ مڻن مٽيءَ هيٺيان پڄائي ڇڏي، ڏاڍي تلخ حقيقت آهي. منهنجن ٽهڪن ۽ خوشين جي عمر ايتري هئي. جيڪڏهن مون کي اها خبر هجي ها ته مان ڪڏهن نه کلان ها. گھٽ ۾ گھٽ مون کي ڏک ۾ رهڻ جي عادت ته هجي ها. ڏاڍو غرور هوندو هو ته مان ڏاڍي خوش قسمت آهيان. مون کي هاڻي خبر پئي آهي ته خوش قسمتيءَ کي بدقسمتي ۾ بدلجڻ ۾ دير ئي نه لڳندي آهي. انسان دنگ رهجي ويندو آهي ۽ رنگ اڏامي ويندا آهن. گھڻيون ڳالهيون منهنجي ذهن تي بار بڻيل آهن. منهنجو خيال آهي ته اهو بند ٽوڙي ئي ڇڏيان. مگر منهنجن هٿن ۽ ذهن کي ايڏي طاقت ئي ناهي ته گذريل ارڙهن ڏينهن جو عذاب هڪدم بيان ڪري سگھان.
تنهنجي وڏي مهرباني. تون منهنجي ڏک ۾ شريڪ ٿئين ۽ مان پنهنجن ڏکن کي تو ڏانهن موڪليو آهي.
هڪ ٻيو عذاب به تو کي ٻڌائي ڇڏيان، ته هن ڏک کان علاوه، غم ۽ ڏک ۾ مان پنهنجا ڪجھه رنگ به وڃائيا آهن. اهي رنگ جن کي مون زماني جي حادثن کان بچائي رکيو هو، منهنجا رنگ جيڪي منهنجي ميراث هيا، منهنجو غرور هيا اهي به مان وڃائي ڇڏيا آهن. سڪون ڳولهڻ نڪتي هيس ته وحشتون به ويون. تون مون کي وڏو سمجھندو هئين نه، هاڻي ته مان به عام ڇوڪري آهيان. ڏکن ۽ غمن منهنجي انا، منهنجي خود داري، سڀني کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. خدا جي واسطي ساقي منهنجي احساس ڪمتري ختم ڪر، مون کي پنهنجا رنگ وڃائي، پنهنجو وجود اڌورو لڳي ٿو. لڳي ٿو ته منهنجي قيمتي شيءِ گم ٿي وئي آهي. توکي هي سڀ ڳالهيون ڏک پهچائينديون، پر توکي خبر آهي ته مان پنهنجن رنگن جي باري ۾ حِساس آهيان.
منهنجي رنگن جا امين. مان خوش به آهيان! ته مون پنهنجا رنگ ان شخص کي ڏنا آهن، جيڪو انهن کي سنڀالي رکندو. ان لاءِ جو اهي رنگ منهنجي خوداري ۽ ذات جو حصو آهن. ان کان بغير مان ڪجھه به ناهيان. پر مون کي يقين آهي ته، مون پنهنجا رنگ ان ماڻهو کي ڏنا آهن جنهن کي احساس آهي ته پوپٽن جا رنگ ڪيترا حساس هوندا آهن. تنهن ڪري پنهنجا رنگ خوشيءَ سان ڏيڻ جي باوجود منهنجون اکيون مٿي نه ٿيون کڄن. صرف ان احساس جي ڪري ته مان به اهو بغير رنگن وارو پوپٽ آهيان جيڪو، ڪتاب ۾ رنگ ڇڏي اتي مري ويندو آهي. ان لاءِ،
منهنجن رنگن جا ساٿي!
مون کي اعتماد ڏي ته منهنجا رنگ ختم نه ٿيا آهن. مون کي حوصلو به ڏي ته مان پنهنجن رنگن جو امين ان شخص کي ڪيو آهي، جيڪو انهن صيادن مان ناهي. جيڪي پوپٽن کي ڪتابن ۾ بند ڪري انهن جا رنگ سميٽي، وساري ڇڏيندا آهن. خبر ناهي تو منهنجي ڳالهه سمجھين به ٿو يا نه! توکي خبر آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قيمتي شيءِ پنهنجي مرضيءَ سان به ڏيندو آهي ته، هڪ لمحي لاءِ جدائيءَ جي تصور سان ان جي اکين ۾ ڏک جو عڪس لهرائيندو آهي. منهنجو هي خوف، به ان هڪ لمحي جي عڪس جيان آهي. تنهن ڪري تون ئي مون کي اهو اعتماد ڏئي سگھين ٿو ۽ منهنجي ان خوشيءَ کي جيڪا پنهنجا رنگ، توکي ڏيڻ وقت منهنجي چهري تي جھومي هئي، تون ئي ان کي دائم رکين سگھين ٿو، ته منهنجا رنگ تنهنجي لاءِ به ايترا ئي عزيز هوندا جيترا مون کي هيا ۽ آهن.
تون هي سڀ ڪجھه پڙهي شايد ڊسٽرب ٿين. مگر مون کي ڪوبه پڇتاءُ ناهي ڪو به ڏک ناهي. اهو صرف هڪ لمحي جو ڏک هيو. هڪ سوچ، هڪ خوف آهي جيڪو مان تو کي چئي ڇڏيو آهي. مان پنهنجا رنگ پنهنجي مرضيءَ سان توکي ڏنا، پر منهنجي سڀ کان قيمتي شيءِ منهنجا اهي رنگ آهن. جن کي مان زماني جي حادثن ۽ غلط نگاهن کان بچائي رکيو. تنهنڪري، مون کي پنهنجن رنگن سان پيار به ڏاڍو آهي. منهنجو غرور، منهنجي انا، منهنجي خود داري، انهن رنگن ۾ ئي ته آهي. هاڻي، تون منهنجي رنگن جو امين آهين. ان لاءِ هي منهنجا رنگ، ۽ انا منهنجي خودداري سڀ ڪجھه تنهنجو ئي آهي. مون کي يقين آهي ته، تو جھڙي دوست جي نظر ۾ منهنجن رنگن، انا ۽ خوداريءَ جي اهميت ايتري ئي هوندي جيتري مون کي. منهنجو خيال آهي ته، هاڻي رنگن واري ڳالهه ڊگھي ٿي وئي آهي، مون کي اڄ ننڊ به اچي پئي بغير گورين جي، ان لاءِ بند ٿيندڙ اکين سان موڪلاڻي.
قلم تازو: هنڌ تي ليٽيم ته سهي پر ننڊ نه آئي. هي تماشو روزانو ٿيندو آهي. تڏهن مان مجبورن گوريون کائيندي آهيان. تنهنجي ناراضگيءَ جي باوجود، تون چئه ته مان زندگي ڇڏي ڏيان، مگر هيءَ مجبوري آهي ته گورين کائڻ سان دماغ مائوف ٿي وڃي ٿو. مون کي جڏهن ڪجھه سمجھه ۾ نه ايندو آهي ته پوءِ مجبورن گوريءَ جو سهارو وٺندي آهيان.
اڄ ليلته القدر آهي. عبادت جي رات آهي. اسان هر سال سڄي سڄي رات عبادت ڪندا هياسين ۽ اديءَ جي صحت لاءِ دعائون گھرندا هياسين. پر اديءَ جي مرڻ کان پوءِ منهنجو خدا تان ايمان کڄي ويو آهي. هاڻي، مان نماز پڙهڻ به ڇڏي ڏني آهي. جڏهن اسان کي، سکن جي دعائن گھرڻ باوجود صرف ڏک ملن ٿا، ته پوءِ اسان کي دعا گھرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ خوشيون گُھرڻ سان به نه ملن ۽ ڏک بنا گھرڻ جي ملن ٿا ته پوءِ عبادت ڇو ڪريون؟ بس، ان لاءِ سڀ ڪجھه ڇڏي ڏنم.
ڏکن جي صليب تي چڙهي، هاڻي مون کي ڪجھه ياد ناهي، ان لاءِ ته ڏکن جو صليب، منهنجي لاءِ خدا جوڙيو آهي. ته مان ان کان ٻيو ڪجھه ڇو گھران؟ اگر، هن کي اهو صليب منهنجي وجود سان سٺو ٿو لڳي ته ايئن ئي سهي.
دل ٿي چاهي ته، سموري شيشي کاوان، دماغ ڦري رهيو آهي. عجيب بي چيني آهي اندر ۾”
تو پنهنجي خط ۾، دل جو بار گھڻي قدر هلڪو ڪيو هو. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته، ڪنهن نه ڪنهن طرح ته تو پنهنجي ڏک جو غبار هلڪو ڪيو.
ڏک ٻين جي حوالي ڪري نه ٿا سگھجن. پر ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪري سگھجي ٿو. تون اهو سمورو عرصو خاموش رهي هئينءَ ۽ دوستن جي خود غرضي، زماني جي روايتن، مذهب ۽ خدا کان بيزار ٿي پئي هئينءَ. ڇو جو ان ڪيفيت ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيندو آهي ۽ ٻين جي لاءِ بداعتمادي پئدا ٿي ويندي اٿس. تنهنجي خط خوشي به ڏني ۽ ڏک به، تون جنهن نموني پنهنجي ڪيفيت جو اظهار ڪيو ان مونکي روئاري وڌو. مان به تو ڏانهن خط لکيو ته:
“مون کي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته تون پنهنجن احساسن کي خط جي شڪل ڏني ۽ ڏک جي ٻوڏ جيڪا تنهنجي اندر ۾ هئي، ان جا ڪجھه قطرا، ڪاغد تي ڪريا ۽ اهي به منهنجي لاءِ. سڪون جي ڳولها، هڪ بيوقوفي کان سواءِ ڪجھه ناهي. ڇو جو سڪون هن دنيا ۾ ته ڇا، پر مون کي يقين آهي ته سڪون ڪٿي به ناهي، ٻي دنيا ۾ به نه (ماڻهن چواڻي).
ماڻهوءَ جي هٿ مان گلاس ڪِري ڀڄي پوندو آهي ته ڏک ٿيندو آهي. ڪنهن پينٽنگ تي ڪافي هارجي پوندي آهي ته ڏک ٿيندو آهي. ڪنهن ساز جي تار ٽٽندي آهي ته ڏک ٿيندو آهي. ڪوئي خوبصورت گلدان ٽٽندو آهي ته ڏک ٿيندو آهي. جڏهن انهن ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڏک ٿي ٿو ته ايتري سانحي تي ڏکوئجڻ فطري عمل آهي ۽ تنهنجا جيڪي به احساس آهن، تون ان ۾ حق بجانب آهين. پر منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌي ڇڏ ته مڪمل سڪون ڪٿي به ملڻ مشڪل آهي، ان لاءِ جتي به، جنهن به ڪم ۾ ٿورو سڪون ملئي ٿو ته اهو حاصل ڪر.
ڪير ٿو چئي ته جھنگن ۾، بيابانن ۽ ويرانين ۾ گھمڻ سان سڪون ملي ٿو؟ گيان ملي ٿو. اها صرف فراريت آهي، ٻيو ڪجھه به نه. جيڪڏهن ائين سڪون ملي ها ته گوتم ڪڏهن به واپس شهرن ۾ نه اچي ها. ها، سڪون ان ۾ آهي ته ماڻهن ۾ رهي ڪري، اهڙا رستا ٺاهيا وڃن، جن تي هلڻ سان سڪون حاصل ٿئي، تون پنهنجي سڪون کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ، پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کي سڪون، همت ۽ خوشي ڏي.
اڄ، تنهنجي خط منهنجي اندر ۾ ڏکن جا ڏهر پئدا ڪري ڇڏيا آهن هڪ ته تنهنجي ڏک جي ڪري، ٻيو تنهنجي بداعتمادي جي ڪري.
تون، رنگن واري ڳالهه ڇيڙي، منهنجي جسم ۽ ضمير تي لکن جي حساب سان ميزائيل ۽ راڪيٽ لانچر وسايا آهن. اوجڙي ڪئمپ بڻجي ويو آهي اندر منهنجو.
اڄ مان پاڻ کي ڏاڍو ننڍو سمجھان ٿو. سوچيان ٿو ته، ان ڏوهه جي، تنهنجي بداعتماديءَ جي سزا مون کي ملڻ گھرجي.
ساحره! تنهنجي حيثيت منهنجي نظر ۾ گھٽجي نه وئي آهي. پر وڌي وئي آهي. مان رنگن جي حفاظت چڱي نموني ڪندو آهيان. مان ڪيئن توکي يقين ڏياريان ته تنهنجا رنگ پڪا آهن ۽ اهي هٿن لڳڻ سان لهڻ وارا ناهن. توکي يقين ڏيارڻ لاءِ مان ڇا ڪيان؟
اهوسمجھڻ، ته تون پنهنجي انا ۽ غرور وڃايو آهي. اها تنهنجي ڀُل آهي. تون خراب عمل نه ڪيو آهي. تون اکيون مٿي ڪري هل، تون ته ان عمل ڪري مضبوط ٿي آهين. تنهنجي غرور ۾ اضافو ٿيڻ کپي ڇو جو، تون ان شخص کي پنهنجا رنگ ڏنا آهن. جنهن ان کان اڳ ڪي به رنگ پاڻ وٽ نه رکيا آهن ۽ نه ئي هن پوپٽن کي پڪڙي، پنهنجن ڪتابن ۾ سجايو آهي. بهرحال، توکي يقين ۽ اعتماد نه ٿو اچي نه؟ تو کي يقين ڏياري ئي رهندس.
مان سڀ ڏک برداشت ڪري سگھندو آهيان، پر ڪنهن جي مون تي بداعتمادي وڏو عذاب آهي ۽ اهو برداشت نه ڪري سگھندس”
تون، خط ملڻ سان ئي ٽيليفون ڪئي:
“تو غلط سوچيو آهي، مان تو تي بداعتمادي نه ڪئي آهي”
“باقي ايترين ڳالهين لکڻ جو مقصد؟”
“مان تو کي اهو به ته لکيو هو ته اهو هڪ لمحي جو ڏک آهي. آهي نه پر هيو. جنهن جو مان اظهار ڪيو. تون پاڻ ئي ته چيو هو سڀني احساسن کي لکي موڪل. هاڻي لکيو به اٿم ته بندش ٿو هڻين”
“بندش جي ڳالهه ناهي، بس مون کي لڳي ٿو ته مان اهو عمل ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي. توکي شايد ياد هجي. پهرين جنوري کان پوءِ اهڙي ڪا به حرڪت نه ڪئي هئم”
“تون صحيح ٿو چئين ان وقت جي ڪيفيتن، مون کي ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو”
“اهڙن وقتن تي عورت کي مرد ۽ مرد کي عورت جي ضرورت پوندي آهي. ڏک ۾ شيئر ڪرڻ سان ۽ همت ڏيڻ سان، اڳلو بهادر ٿي پوندو آهي. گھڻا احساس، اظهار ڪرڻ جي بجاءِ ٻئي کي ڇهاءَ جي وسيلي محسوس ڪرائبا آهن. ڏک گھڻو وڌي ويندو آهي ته پوءِ ٻئي جي ڪلهي تي ڪنڌ رکڻ سان سڪون ملندو آهي. محسوس ڪبو آهي ته سڀ ڏک ٻئي جي جسم ۾ ٽرانسمٽ ٿي رهيا آهن”
“ان ۾ ڪو شڪ ناهي. هن ڪيفيت ۾ تنهنجو سهارو مون لاء، جيئڻ جو سهارو بڻيو. مان سهارن کان نفرت ڪندي هيس. پر، سهارا واقعي به اسان جي ضرورت آهن.”
“ٻي ڳالهه به تو کي مڃڻي پوندي ته، پنهنجين خوشين ۽ ٻين جي خوشين لاءِ ننڍا ننڍا معاهدا ڪرڻا پوندا آهن”
“معاهدن تحت ماڻهو ڪيستائين زندهه رهندو”
“جيستائين زندهه رهي، ٺيڪ رهي. توکي به ٺاهه ڪرڻو پوندو حالتن سان. ماڻهن سان ۽ گھر سان. پنهنجو پاڻ کي رحم جي لائق نه بڻاءِ”
“مان ڪٿي ٿي پاڻ کي رحم لائق بڻايان.”
“سمورو ڏينهن اداس رهڻ، ڪنهن سان نه ڳالهائڻ، ڪنهن سان کِل ڀوڳ نه ڪرڻ، اهو ڏسي ماڻهو رحم نه کائيندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟
“مون تي ڇو ٿا رحم کائن، مان انهن کان اڳ مرڻ چاهينديس”
“تون هاڻي اهڙي ٿي وئي آهين، رحم کائڻ جهڙي. پاڻ کي تبديل ڪر، خوش رهه، هتي، جيستائين ٽهڪ ڏيندينءَ، ٻيا به تون سان ٽهڪ ڏيندا ۽ روئڻ مهل اڪيلي هوندينءَ.”
“تون به نه هوندين؟”
“مان، مان ته ناهيان، تون آهين.”
“صحيح آهي.”
“ٽئگور جي هڪ ننڍي ڪهاڻي آهي ته هڪ خوبصورت نوجوان، پنهنجي محبوبا جي گهر جو ڪڙو کڙڪايو. گهر جي اندران آواز آيو، “ڪير؟” ڇوڪريء جواب ڏنو. “مان”
دروازو نه کليو.
ڪافي عرصي کان پوءِ وري اهو نوجوان در تي ڪڙو کڙڪائيندو رهيو. آواز آيو. “ڪير؟”
“مان.”
دروازو نه کليو. چڱي زماني کان پو اهو نوجوان وري آيو.
اندران سوال ٿيو. “ڪير؟”
“تون.”
دروازو کلي ويو.”
“سٺي ڪهاڻي آهي.”
“بيشڪ سٺي ڪهاڻي آهي پوءِ جڏهن اِهو مڃين به ٿي ته پوءِ تون خوش رهڻ شروع ڪر ته جيئن مان به خوش رهان. يا ته مون کي، تون اداس ڏسڻ گهرين ٿي؟”
“نه، بالڪل نه! مان تنهنجي خوشيءَ لاءِ، خوش رهنديس.”
“زماني ۽ گهر جي خوشين لاءِ، ائين ڪرڻو ئي پوندءِ.”
“سچي دل سان ڪوشش ڪنديس.”
تون واقعي ٺيڪ رهڻ لڳي هئينءَ. پر، ان هوندي به تنهنجي ٽهڪن جو تعداد گھٽجي ويو هو. ٻين سان ملڻ ڪنهن حد تائين گھٽائي ڇڏيو هيئه.