ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

36

اهو ڇنڇر جو ڏينهن به ٻين ڏينهن جيان ئي هو. يونيورسٽي معمول مطابق هلي رهي هئي. ڇوڪرين جا رنگين ڪپڙا لهرائي رهيا هيا، ڇوڪرن جي دل ۽ نظرون هڪ ئي وقت انهن ڪپڙن وارين کي گھمندي ڏسي رقص ڪري رهيون هيون.
پريڪٽيڪل هيو، جنهن ڪري توسان ملڻ جو وقت ئي نه مليو. حالانڪه مان، تنهنجي وجود کي محسوس ڪري چڪو هيس، تون هڪ ٻه دفعو ڪلاس آڏو تجلو ڏئي وئي هئينءَ. جڏهن اسان جي پريٽيڪل جو وقت پورو ٿيو هو ۽ مان ٻاهر ڪينٽين تي ڪلاسين سان چانهه پئي رهيو هيس ته گرلز ڪامن روم جو پٽيوالو چٺي ڏئي ويو. جنهن تي صرف ڪجھه سٽون تنهنجي طرفان لکيل هيون. هن ٻڌايو ته، تون چٺي گھڻو وقت اڳ ڏني هئي هاڻي هلي وئي هوندينءَ.
“اڄ مان ڏاڍي اپ سيٽ آهيان. بلڪه زندگيءَ ۾ ايڏو اپ سيٽ ڪڏهن به نه رهي آهيان ۽ مون کي اڄ تنهنجي شديد ضرورت آهي. ڇو جو، منهنجي اکين ۽ من ۾ ڳوڙهن جي ڍنڍ بڻجي وئي آهي ۽ تون غائب آهين.”
تنهنجي چٺي پڙهي پريشان ٿي ويم، ۽ محسوس ڪيم ته تون ڏاڍي پريشان آهين ۽ تنهنجي اندر ۾ اوڙاهه آهي. ٽائيم ڏٺم ته پوائنٽ وڃڻ ۾ اڃان ٽي منٽ هيا.
اتان ڊوڙ پائي، گيٽ وٽ آيس، جتي بس وڃڻ لاءِ تيار هئي. مان بس ۾ چڙهي، توکي لهڻ جو اشارو ڪيو، تون پٺيان پٺيان هلي آئينءَ. لان تي ويهندي مان توکي ڏٺو، تنهنجو چهرو ڪنهن پوڙهي عورت جو محسوس ٿيو. اکين ۾ چمڪ جي ذري به نه هئي،
مان پريشان ٿي توکان پڇيو
“ڇا ڳالهه آهي؟” تون پنهنجي منهن تي زوريءَ مُرڪ آڻيندي چيو. “ڪجھه به ناهي.”
“پوءِ چٺيءَ ۾ ڇا لکيو ٿي؟”
تون سنجيده ٿيندي چيو:
“مان اهو سڀ ڪجھه هتي ٻڌائڻ نه ٿي چاهيان، مون کي ٻڌائڻ لاءِ ۽ توکي ٻڌڻ لاءِ گھڻو وقت کپي”
مان سوچڻ لڳس ته ڪٿي ويهجي، تنهنجي گھر لاءِ چيم ته تو انڪار ڪيو. آخرڪار مون توکي لطافت جي گھر اچڻ لاءِ چيو. توکي ڇڏي مان ڪينٽين ۾ ويٺل دوستن کان موڪلائڻ آيس.
لطافت، منهنجو سٺو دوست آهي، هن وقت ليڪچرار آهي. هو اسان کان ڪجھه سينيئر هو، تنهن ڪري اسٽوڊنٽ لائيف کان وٺي سٺو دوست رهيو. ڳوٺائي هجڻ جي ناتي به، منهنجو هن سان سڱ هو. اڪثر، ايئن ٿيندو آهي ته ڏسڻا وائسڻا دوست، جيڪي هاسٽل ۾ گڏ رهندا آهن ۽ وهنجڻ مهل انهن جا ڪپڙا ۽ ٽوال باٿ روم مان چورائي کڻبا هيا ۽ سندن رڙين ۽ گارين کانپوءِ کين واپس ملندا هيا. اهي به، جڏهن ليڪچرر ٿيندا هيا ته ملڻ کان لنوائيندا هيا. پر لطافت انهن مان نه هيو، هن جو گھر، ڄڻ منهنجو گھر هو. در کي پنهنجي مخصوص موسيقي واري انداز ۾ کڙڪائڻ کانپوءِ بغير ڪنهن انتظار جي گھر ۾ داخل ٿي ويندو هيس ۽ سڌو ريفريجٽر جي تلاشي وٺي پهريان ته کائڻ جي شيءِ هٿ ڪندو هيس ۽ پوءِ، انيلا ڀاڄائيءَ کي رعب مان چوندو هيم ته: “شاباس جلدي جلدي گرم چانهه پيار” هوءَ ويچاري به کلندي چانهه تيار ڪندي هئي، لطافت ۽ انيلا جي شادي، پيار جي شادي هئي. ٻئي ڪلاس فيلو هيا، ٻنهي جي محبت وڌي وئي ۽ شاديءَ جي لاءِ تيار ٿيا. پر روائتي طرح، انيلا جي خاندان مخالفت ڪئي ۽ ٻنهي ڄڻن هر حربو هلايو ته، جيئن ٻنهي خاندانن جي رضامنديءَ سان شادي ٿي. پر ڪامياب نه ويا ۽ آخر، ٻنهي مجبور ٿي سول ميريج ڪئي. ۽ هاڻي ٻئي ڄڻا پنهنجي ٻار سميت خوش آهن. اسان ٻئي ڄڻا لطافت جن جي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. جڏهن، لطافت جن اٿي ويا ته مون توکان پريشانيءَ جو سبب پڇيو ته، جواب ڏيڻ کان اڳ ئي تنهنجين اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. توکان پڇيم ته، ڪنهن دوست جو ڏک ٿي، ڪنهن ڪجھه چيو ٿي، ماءُ پيءُ جي رويي تي ڏک ٿي؟ تون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي رهينءَ، نيٺ پڇيم ته: “خليل ڪجھه چيو ٿي؟”
تنهنجو روئڻ تيز ٿي ويو. مان توکي پرچائيندو رهيس، تنهنجن ڳوڙهن کي زمين تي ڪرڻ کان بچائيندو رهيس. تو ٻڌايو ته: ٻه ڏينهن اڳ ۾ خليل پنهنجي ٻارن کي ڪراچي وٺي وڃڻ لاءِ آيو هو ۽ جڏهن، وڃڻ لڳو ته هن تنهنجي ماءُ پيءُ کان، تنهنجي بجاءِ تنهنجي ننڍي ڀيڻ رافعه جو سڱ گھريو هو. جنهن تي، توهان سڀ حيران ٿي ويئو. تنهنجي ماءُ پيءُ، خليل کي چيو ته هو اهو ڇا چئي رهيو آهي، پر هن هڪ به نه مڃي ۽ چيائين ته، هن اهو فيصلو ان ڪري ڪيو آهي جو ساحره کي پنهنجين مصروفيتن مان واندڪائي ئي ناهي. سڄو ڏينهن يونيورسٽي رهي ٿي، گھر ۾ اچڻ کان پوءِ به مون سان نه ٿي ڳالهائي. تون به کيس ماءُ پيءُ جي سامهون ئي جواب ڏنو ته:
“جڏهن رشتو طئه ٿيل آهي ته مون کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو توسان کل مذاق ڪيان. باقي ڪنهن به سبب جي ڪري توکي رشتو ناهي ڪرڻو ته نه ڪر”
هن اهو به چيو ته: “ساحره سان زندگي گھارڻ ڏکي آهي. هوءَ عجيب ڇوڪري آهي ۽ مان رافعه سان شادي ڪندس”
جنهن تي رافعه به خليل کي چيو ته: “مان توسان شادي نه ڪنديس. مون کي ته تون بيوقوف بڻائيندو رهين ۽ چوندو رهين ته منهنجي شڪل منهنجي مرحومه ڀيڻ سان گھڻي ملي ٿي. مون کي تون اوندهه ۾ رکيو. مان، ڪڏهن به اهو برداشت نه ڪنديس”
پوءِ رافعه به روئڻ لڳي. خليل پريشان ٿي ويو. هن سمجھيو ته رافعه راضي آهي ۽ اسان جي مجبوري آهي ته ٻارن کي پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ مجبور ٿي، هن جي اها ڳالهه به مڃينداسين پوءِ بابا ۽ امان جن به هن کي دڙڪا ڏنا ۽ هو هليو ويو. ويندي ويندي چئي ويو ته:
“مان خاندان وارن کي چوندس ته ساحره شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.”
تون اها ٽرئجڊي ٻڌائيندي، صفا هيانوَ هاري ويٺينءَ ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳينءَ. مون کي، ڪجھه وقت ته ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي ۽ خاموشيءَ سان تنهنجي ڪنڌ کي پنهنجي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيم. پَل ايئن ئي گذري ويا. مون کي، خليل جي نيچ هجڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. مون کي حيرت ٿي رهي هئي ته، هن ايڏي وڏي غلطي ڇو ڪئي؟ رافعه، جيڪڏهن هن جي زال ٿي ها ته عمر ۾ هن جي ڌيءُ محسوس ٿي ها، پر ايئن نه به هجي ته اها ڪهڙي دانائي آهي.
“هن منهنجي انسلٽ ڪئي آهي. منهنجي عزت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيائين” سُڏڪن وچ مان تنهنجو آواز اڀريو.
“تنهنجي انسلٽ نه، پر پنهنجي ڪئي اٿائين. تون ته ان عمل ڪري مٿاهين ٿي وئي آهين. تنهنجي حيثيت اڳ گھٽ هئي، هاڻي وڌيڪ آهي. تون پنهنجا سڀ جذبا ختم ڪندي صرف، پنهنجن مائٽن ۽ ڀيڻ جي ٻارن لاءِ ايڏي وڏي قرباني ڏئي رهي هئينءَ. پر، هن ان ڳالهه جو قدر نه ڪيو ته اها هن جي ڪم ظرفي آهي”
“هو ڌمڪي ڏئي ويو آهي ته خاندان وارن کي ٻڌائيندو ته مون شاديءَ کان انڪار ڪيو آهي”
“ان ۾ ڀوءَ يا بدناميءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اهو رشتو تون لِڪي ڇُپي پنهنجي مرضيءَ سان ته ڪونه جوڙيو هو. پر سڀني جو فيصلو هو ۽ هاڻي به، تنهنجي ماءُ پيءُ جي سامهون اها ڳالهه ٿي آهي. جيڪڏهن، ڪنهن هن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو به ته اهو عارضي هوندو، جڏهن تنهنجا والدين اها ڳالهه خاندان وارن کي ٻڌائيندا ته هُو انهن تي ڀروسو ڪندا”
“مون کي پنهنجي ڀيڻ جي موت تي به ايڏو ڏک نه ٿيو هو، جيترو هاڻي ٿيو آهي”
“چري، مان ته چوان ٿو ان ۾ ڏک جي ڳالهه ناهي. پر، خوش ٿيڻ جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ان ماڻهوءَ جي نفسيات ايئن آهي ته شاديءَ کان پوءِ به اهڙو عمل ڪري ها. جيڪڏهن ايئن ٿي ها ته، ان وقت تو وٽ ڪجھه به نه هجي ها. ۽ تون هارايل هجين ها. پر، هاڻي کٽيل کيڏاڙي آهين”
“ٽيون ڏينهن، جڏهن اها ڳالهه ٿي ته منهنجو دماغ خراب ٿي ويو ۽ ڏاڍو رنم. ۽ اهي ٻئي راتيون، ننڊ به نه ڪئي اٿم تون به ڳوٺ هئين جنهن ڪري اهو عذاب اڪيلي سر سٺو اٿم”
“هاڻي ته مان آهيان نه!” تنهنجي نِرڙ تي ننڍي هوندي لڳل ڌڪ جي نشان کي چمندي چيم. تنهنجا هٿ، منهنجي سيني جي وارن سان کيڏڻ لڳا.
“مان جڏهن ايترو پريشان هيس ته امان، توکي گھرائڻ لاءِ چيو، مان ٻڌايومانس ته اتي ناهين”
“ڳوٺ ٽيليفون ڪرين ها”
“نه، صحيح نه پيو لڳي. هفتي جو هڪ ڏينهن ته ڀينرن ڀائرن ۽ پيءُ ماءُ لاءِ توکي به هجي. اهو سمورو وقت پنهنجو پاڻ کي مارڻ تي دل پئي چاهي، کاڌو به ان وقت کان وٺي نه کاڌو اٿم”
“اهو وري ڇا ڪيئه، چڱو اڄ مان توکي پنهنجن هٿن سان ماني کارائيندس.”
مان، ماني جو انتظام ڪيو ۽ توکي پنهنجي هٿن سان کارايم. تون ڏاڍي خوشي محسوس پئي ڪرين. ٻنهي، چانهه جي ڪوپ کي اڌواڌ پيتوسين. تنهنجي مٿي کي زور ڏيڻ لڳم ته تون هٿ لاهي پنهنجي چپن تي رکي ڇڏيو. تون پنهنجو پاڻ کي ڪافي فريش محسوس ڪرڻ لڳينءَ. تو چيو ته:
“جيڪڏهن تون نه ملين ها ته مان چري ٿي پوان ها يا پنهنجو پاڻ کي ماريان ها. تو مون کي بچائي ورتو”
“اڙي يار، تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين. وري مار کائڻ جو ارادو آهي ڇا؟”
مان ڪجهه دير خاموش رهيس ۽ پوءِ منهنجي ذهن ۾ سوال اٿيو.
“ساحره، مون کي محسوس ٿئي ٿو ته، ان سموري الميي جو ڪارڻ مان ته ناهيان؟”
“نه نه ايئن ناهي”
“ڏس نه، تون فنڪشن جي ڪري ۽ منهنجي ڪري گھڻو وقت يونيورسٽي رهندي هئينءَ. نه ته، خليل کي اها شڪايت ئي نه هجي ها”
“ڳالهه دراصل اها آهي ته، هو چاهي پيو ته مان ساڻس ڪچهريون ڪيان، هتان گھر وڃڻ کانپوءِ به مون کي گھڻو ٽائيم ملندو هو پر، مان هُن سان نه ڳالهائيندي هيس. جڏهن، مون کي خبر هئي ته منهنجو ٿيڻ وارو مڙس آهي ته، پوءِ مان ڪيئن بابا امان جي سامهون هن سان کل مذاق ڪيان. باقي، رافعه چواڻي ته هوءَ اڳي وانگر هن سان ڪچهريون ڪندي هئي. هن کي ڪهڙي خبر ته، هن سان ڪهڙو خيال ذهن ۾ رکي ڪچهريون ڪري ٿو”
“پوءِ باقي خليل ايئن ڇو ڪيو؟” سوالن جو سلسلو، مون کيخاموش رهڻ نه پيو ڏي.
“اصل ۾، هو مون کان ڊپريس رهندو هو. منهنجي خبر اٿس ته، مان جيڪو چاهينديس اهو ڪنديم. گھر ۾ به منهنجي حيثيت وڏي هجڻ ڪري حاڪمانه آهي. ان ڪري، هُن کي خوف هو ته متان شاديءَ کانپوءَ به مان اهڙي رهان ۽ هو خائف رهيو”
“تون جڏهن محسوس به سڀ ڪجھه ڪرين ٿي، ته پوءِ پاڻ کي ڏوهي ڇو ٿي سمجھين؟”
“ڪير ٿو سمجھي، تون نه مليو هئين ته مان پنهنجو پاڻ کي ڪِريل ڇوڪري سمجھي رهي هيس. پر، هاڻي نه ٿي سمجھان. واقعي به تون منهنجي لاءِ مسيحا آهين”
تون منهنجي ٻانهن پڪڙي، ڏوري ۾ چڪ پائي چيو ته:
“باقي رهيل ڏک، تنهنجي جسم ۾ انجيڪٽ ٿي ڪيان”
جڏهن، ڏٺئي ته تنهنجا ڏندن جا نشان گھرا آهن، ته افسوس ڪري انهن نشانن مٿان چپن جي ٽاڪور ڪرڻ لڳينءَ. مان توکي ايئن ڪرڻ کان جھليو ۽ توکي چيو ته:
“اڃا به جيڪڏهن ڪجھه ڏک يا سوچون رهيل هجن ته رات جو ڪيسٽ ڀري ڏجان ۽ هاڻي واعدو ڪر، اڄ صحي نموني رات گذاريندينءَ؟”
“واعدو“ مُرڪي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتئه. تنهنجي ڏک تي سوچيندو رهيس. مون کي، خليل کان تمام گھڻي نفرت ٿي وئي، مان حيرانگيءَ مان سوچيندو رهيس ته:
“ماڻهو ايترو به ڪري سگھي ٿو!”