ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

31

ٻئي ڏينهن تي تنهنجو گھڻو انتظار ڪيم، پر نه آئينءَ. ڏاڍو ڏک پهتو ۽ ڪاوڙ آئي، منهنجون نظرون سمورو وقت گيٽ تي کتل هيون. پر اهي اڪيليون ئي رهيون ۽ مان انتظار به لاهي ڇڏيو. ان لاءِ جو ان ڏينهن توکي خيرپور وڃڻو هيو.
ٽئين ڏينهن تي، مان ڀيڻيوي کي رت ڏئي آيو هيس ۽ بينچ تي بابا سان گڏ ويٺو هيس ته تون اچي پهتينءَ. بابا سان تنهنجو تعارف ڪرايم ته تون پينٽنگ، ڳائڻ سان گڏ لکندي به سٺو آهين. تون مون ڏانهن اشارو ڪندي بابا کي چيو
“توهان هن شخص کي سڃاڻو ٿا.” بابا تو کي مذاق مان چيو.
“پٽ ، مان هن جي پيءُ کي به سڃاڻان، هي ڇا هي؟”
تون ڪنڌ پوئتي ڪندي، منهن مٿي ڪري ٽهڪ ڏنا. پاڻ سان آندل شاپنگ بيگ مان مون کي ٽوال وارو رومال ڪڍي ڏيندي چيئي
“سڌو صدر کان پئي اچان، تنهنجي لاءِ وٺندي آيس، خبر هئي ته پگھر توکي پريشان ڪيو هوندو”
مون ڏانهن رومال وڌائيندي، جڏهن ڏٺئه ته بابا سائين اسان کي نه ڏسي رهيو آهي، ته تون اشارو ڪندي ۽ اکين کي ڇڪيندي، اظهار ڪيو ته، تنهنجي رئي سان پگھر اگھان. مان ڳالهه سمجھي ته هئي، پر توکي تنگ ڪرڻ لاءِ وڏي آواز ۾ پڇيو هيم ته
“ڇاٿي چئين ؟”
بابا اسان ڏانهن ڏٺو، ڪاوڙ مان سُونڊ وجھي چيئه:
“ڪجھه به نه”
تون بابا سان گڏ ويهي رهينءَ ۽ منهنجي شڪايت ڪندي چيو “توهان هن کي يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ موڪليو آهي، پر هي سڄو ڏينهن رلي پني ٿو ۽ ڇوڪرين جي پويان گھمندو وتي ٿو، توهان ڪجھه سمجھايوس.”
تون مرڪندي منهنجي منهن کي ڏٺو ته ڪهڙا تاثرات آهن، پر مان مرڪي رهيو هيس. بابا توکي جواب ڏنو
“پٽ هي ڇوڪرين جي پٺيان رلي ٿو، ان ۾ ڪجھه شڪ آهي، ڇو جو هاڻي ته مان ڏسان ٿو ته ڇوڪري هن جي پويان رلي ٿي”
تون بابا جو جواب ٻڌي لڄي ٿئينءَ. بابا، اسان جو سٺو دوست آهي، هن کي اسان جي سڀني حرڪتن جي گھڻي حد تائين خبر آهي. تنهن ڪري تنهنجين ڳالهين ڪو خاص اثر نه ڇڏيو. مان توکي ۽ بابا کي ڇڏي وارڊ ۾ ويس ته متان ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي. موٽي آيم، حسب دستور تون وڏي آواز ۽ تڪڙي اسپيڊ ۾ بابا سان ڳالهائي رهي هئينءَ، خبر ناهي تون بابا سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون، مان جڏهن پهتس ته بابا توکي چئي رهيو هو:
“تون لکي سٺو سگھندي هوندين، خاص ڪري نثر”
مان به تنهنجي ڀر ۾ بينچ تي اچي ويٺس، تو بابا کان پڇيو ته
“هن جون ڪهاڻيون ڪڏهن پڙهيون اٿئو؟”
بابا هروڀرو اڻڄاڻ بڻجندي توکان سوال پڇيو:
“هي به ڪهاڻيون لکندو آهي ڇا؟”
“ها لکندو ته آهي، پر سڄي ڪهاڻي ڇوڪري ٻڌائيندي اٿس. ويندي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي به، ۽ پوءِ ٻي ڪهاڻي لکڻ لاءِ ٻي ڇوڪري.”
تون پراعتماد نظرن سان بابا کي ڏٺو ته هاڻي ضرور مون کي دڙڪا ملندا. بابا ورندي ڏني
“هن جا افعال ته صفا پيءُ واراآهن”
سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳاسين بابا اسپتال مان وڃڻ لڳو. اتي اسپتال ۾ هڪ هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽر واقفڪار هيو. تنهن مون کي چيو
“ايئن گھمندو ٿو وتي، ٿوري دير اڳ رت ڏني اٿي، ڪجھه وقت آرام ڪر. طاقت وٺڻ لاءِ ڪو جوس وغيره پيءُ”
مون توڏانهن ڏسندي ڊاڪٽر کي جواب ڏنو
“ڊاڪٽر صاحب! اڃان ٽانڪ جي ضرورت آهي ڇا؟”
“نه بالڪل نه” ڊاڪٽر مرڪندي هليو ويو. تو جھيڙو ڪيو ته مان توکي رت ڏيڻ جو ڇو نه ٻڌايو، مون توکي چيو ته ضروري ته نه هيو. پوءِ منهنجو ڪف مٿي ڪري، منهنجي ٻانهن ۾ رت نڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيل نشان کي پنهنجي هٿ سان مساج ڪندي رهينءَ. تون جوس پيئڻ لاءِ زور ڀريو، مون توکي مرڪندي چيو ته:
“جنهن جوس جي مون کي ضرورت آهي، اهو هتي ڪول ڪارنر تي موجود ئي ڪونهي”
تون به چپ ٿي وئينءَ. پر ٿوري دير کان پوءِ تون چيو ته
“هتان اٿي ته ڪنڊ واري بينچ تي ويهون ٿا. اتي هوا گھڻي ايندي آهي. مان اڪثر اديءَ کي ويل چيئر تي وٺي اتي ويهندي هيس. اسان خوب ڳالهيون ڪندا هياسين پنهنجي زماني جون، هتان گذرندڙ ماڻهن تي تبصرا ڪندا هياسين. مان جڏهن گھران ايندي هيس ته، ادي ويل چيئر تي ٽيرس تي گھمندي هئي ۽ مون کي ڏسندي، هٿ مٿي ڪري وش ڪندي هئي”
تون سنجيده ٿي وئينءَ ۽ مان توکي خاموشيءَ سان ڏسندو رهيس.
“رات جو چانڊوڪيءَ ۾ ٽيرس تي ويهي ڪچھري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اديءَ منهنجو هٿ، پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيو هو ته. منهنجي مرڻ کان پوءِ ٻارن جو خيال رکجانءِ. مون کيس آٿت ڏيندي چيو ته هاڻي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن. آپريشن ڪامياب وئي آهي، بس ٻن ٽن ڏينهن ۾ گھر ۾ خوشيون ملهائينداسين. ادي خاموش رهي، ۽ ٻئي ڏينهن تي رت ۾ ڪلاٽنگ Clotting ٿي ۽ هوءَ هلي وئي. ان وقت سڀني ڏانهن ٽيليفون ڪرن کان اڳ، پهرين ڪال تو ڏانهن ڪئي هيم”
تنهنجين اکين جون ڪُنڊون جرڪڻ لڳيون، مان توکي اٿڻ جو اشارو ڪيو ۽ ٻئي ڄڻا هاسپيٽل جي روڊن تي گھمڻ لڳاسين. گھڻي دير کان پوءِ تنهنجو موڊ ٺيڪ ٿيو ۽ فوٽ پاٿ تي اچي ويٺاسين. اسان جي مٿان گل مهر جو وڻ هيو. ٽيوب لائٽ جي روشني هلڪي هلڪي اتي پهچي رهي هئي. اسان ٻنهي جا هٿ ملي ويا، تون اکين ۾ ڏسندي چيو:
“هڪ سوال اڃا اڻپورو آهي ته، تون مون کان خوفزده ڇو رهندو آهين. سدائين ڳالهيون ڪندي خاموش ٿي ويندو آهين. ڄڻ ڪجھه لڪائيندو هجين.”
“اڄ سچي ڳالهه ٻڌايانءِ ٿو، مان توکي پيار ڪندي، محتاط ان ڪري ٿي ويندو آهيان جو مون کي خوف هوندو آهي ته منهنجي مڪمل موٽ ڏيڻ سان، تون منهنجي جيون ۾ گھڙي ايندينءَ. مون مان وڏيون اميدون رکندينءَ، تنهن ڪري اڳتي وڌڻ ئي نه چاهيندو آهيان. ڇو جو مون کي گھر جون مجبوريون اڃان شاديءَ لاءِ اجازت نه ٿيون ڏين”
“توکي اڳ ۾ به چيو اٿم، ته مان توسان شادي نه ڪنديس. باقي منهنجي هڪ خواهش آهي ته، منهنجي تو وٽ حيثيت هجي. پوءِ ڪهڙي به روپ ۾، تون شادي ٻئي ڇوڪري سان ڪجانءِ مان توسان شادي ڪري، پس منظر ۾ رهڻ نه ٿي چاهيان. مان تنهنجي زندگيءَ جي ڪينواس تي آبجيڪٽ بڻجي رهڻ چاهيان ٿي، باقي، البم ۾ تصوير سٺي نمبر تي هجڻ کپي”. التجائي نگاهن سان چيو هيئه
مون کي تنهنجي چاهت ۽ خواهش تي پيار اچي ويو ۽ ورنديءَ ۾ چيم:
“اڄ، بي خوف ٿي توکي ٻڌايان ٿو ته تون البم ۾ پهرين نمبر تي آهين”
تنهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي
“هاڻي مون کي ايم ايس سي ۾ فرسٽ پوزيشن کڻڻ جي ضرورت ناهي. منهنجي لاءِ هيءَ فرسٽ پوزيشن گھڻي سٺي آهي. مان هونئن به ڪلچرل گروپ ۾ تنهنجي جوائنٽ سيڪريٽري آهيان، ته زندگيءَ جي سفر ۾ تنهنجي جوائنٽ سيڪريٽري رهڻ تي خوشي آهي”
تون ڏاڍو خوش هئينءَ. ان وقت منهنجو دوست نادر اچي ويو. ان جي گاڏيءَ تي توکي تنهنجي گھر ڇڏڻ هلياسين. رات جا نَوَ ٿي رهيا هيا. تون ۽ مان پوئتان ويٺاسين. گاڏي ٿورو اڳتي هلي ته تون، منهنجي ڪف کي مٿي کڻي، رت ڪڍڻ واري جڳهه تي چپن جي ٽاڪور ڪرڻ لڳينءَ ۽ پوءِ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ جوس پي ورتو.
رستي تي سگنل وٽ گاڏي بيٺي ته مان ڇوڪري کان گجرو ورتو ۽ توکي پائڻ لاءِ چيم. مون کي ڪارن وارن ۾ گجرو خوبصورت لڳندو آهي. تون پنهنجي آبشارن جھڙن ڊ گھن وارن ۾ گجرو پائي ۽ هٿن ۾ گلن جو ڪنگڻ پهري مرڪي مون ڏانهن ڏٺو ته منهنجي اندر ۾ هزارين رابيل جا گل ٽڙي پيا. پوءِ منهنجو ۽ تنهنجو سمورو وجود به رابيل جي مهڪار سان واسجي ويو هو. تنهنجي رضامنديءَ سان ڪلفٽن تي هليا هياسي. سمنڊ جي ڪناري، پٿرن تي ويهي لهرن کي ڏسندي تو چيو ته:
“ڪاري رات ۾ لهرن جي گج ڏسي ۽ شور ٻڌي لڳندو آهي ته، سمنڊ ۾ ساهه پئجي ويو آهي، ڪنهن بي چين عاشق جو”
سمنڊ جي لهرن جي موسيقيءَ تي تنهنجو مڌر آواز گونجڻ لڳو هو.
“کبهي هم بهي خوبصورت تهي، کتابون مين بسي خوشبو کي مانند”
۽ پوءِ توکي گھر ڇڏي آياسين. گاڏيءَ مان لهڻ وقت، تو گجرو ۽ ڪنگڻ مون کي ڏنو.
ساري رات، منهنجي سيني تي رکيل گلن ۽ تنهنجي بدن جي جهٽيل خوشبو، ساهن ۾ سرهاڻ پکيڙيندي رهي. تون صبح جو خيرپور رواني ٿي وئي هئينءَ.