28
يونيورسٽيءَ جي انتظاميه جي تعاون سان اسان “ڪلچرل گروپ” طرفان، ٽيلنٽ شو منقعد ڪرڻ جو پروگرام رٿيو هو. ان سلسلي ۾، شام جو ريهرسل ڪرڻ لاءِ سڀئي ميمبرس اچڻ لڳا هيا.
تون به ڳائڻ جي پريئڪٽس ڪندي هئينءَ .
غزلن ٻڌائڻ وقت، اسان ٻنهي جون نگاهون ملندي ئي مسڪرائي ٻهڪي وينديون هيون. هر هنڌ، جڳهه ۽ ماحول جي خوبصورتيءَ ۾ موسم، ۽ وقت جو وڏو عمل دخل آهي. ڪئمپس، صبح جو گھما گھمي، ڀڄ ڊڪ، کل مذاق سان گونجندي هئي ته شام جو خاموشي ورانڊي ۽ لان ۾ گھمندي وتندي هئي. خاموشيءَ جو پنهنجو حسن آهي پر اسان جي نئين ايڪٽوٽي شام جو ڪئمپس کي زنده ڪري ڇڏيو.
شام جو، سونهري اس ۾ لان تي ويهي غزل ٻڌڻ، مختلف ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پنهنجي ڪردار کي نڀائڻ جا جتن ڪرڻ. مون کي ڊارمه سيڪشن مليل هيو. ڊارمي لکڻ کان وٺي، ڊائريڪشن تائين منهنجي ذميواري هئي. اسان سان گڏ، ٻه ٽي استاد به هوندا هيا خاص ڪري نعمان ۽ رزاق صاحب، منور به اسان جي رهنمائي لاءِ ايندو هو. تنهنجيون منهنجيون، ڪچهريون خوب ٿيڻ لڳيون. اسان ٻئي، هڪ ٻئي ڏانهن وڌندا وياسين. هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي تو پڇيو هو
“تون پنهنجو تصويرن جو البم ته ڏيکار”
“ڇو ايئن نه ٿو وڻان ڇا؟ تصويرون ماڻهو ڪڍرائيندا ئي ان لاءِ آهن، ته، هر ماڻهو ءَ جي ڪا نه ڪا اينگل خوبصورت هوندي آهي ۽ پوءِ جڏهن تصوير ڏسندو آهي ته پنهنجو پاڻ کي خوبصورت سمجھي ڦونڊجڻ لڳندو آهي”
“هروڀرو ايئن به ناهي، ماڻهوءَ وٽ گھڻا فوٽو يادگيري رکڻ لاءِ به هوندا آهن”
“اڇا! مون کي خبر نه هئي!” ٽوڪ مان مرڪندي توکي چيو هيم.
“مان چوانءِ ٿي ته فوٽو ڏيکار”
“ڏسڻ ڇا ٿي چاهين؟”
“مان ڏسڻ ٿي چاهيان ته تنهنجي البم ۾ ڇوڪرين جا فوٽو ضرور لڳل هوندا، مان انهن ۾ پنهنجو نمبر ٿي ڏسڻ چاهيان.”
مون کي کل اچي وئي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي تو کي چيم:
“مان پنهنجي البم ۾ ڇوڪرين جا فوٽو رکندو ئي ناهيان”
“ڇو، ڄڻ تنهنجي اڳ ۾ ڪنهن سان دوستي ئي ناهي رهي؟”
“انڪار ڪٿي ٿو ڪيان، پر اهي فوٽو البم ۾ رکڻ جا نه هوندا آهن، پر هتي رکڻ جا هوندا آهن.” دل تي هٿ رکندي چيم.
“مان به ته اهو ٿي پڇان ته ان البم ۾ منهنجي تصوير ڪهڙي نمبر تي آهي. ايئن ته ناهي ڪٿي تصويرن جي انبار ۾ نظر ئي نه ايندي هجي!”
مون مرڪندي توکي چيو:
“ايئن ناهي، مڙئي پهرين ٽن نمبرن ۾ تنهنجي تصوير آهي”
“سچ!”
چهرو خوشيءَ ۾ کڙي پيو هيئه.
“مان ته فرسٽ پوزيشن کڻڻ چاهيندي آهيان”
“ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي” مرڪندي توکي چيم.
“ان جي معني ته منور صحيح چوندو آهي” تو ڳنڀير ٿيندي چيو .
“ڇا چوندو آهي؟”
“جڏهن مان هن کي چوندي آهيان ته مان ثاقب کي چڱي نموني پڙهي چڪي آهيان. ثاقب منهنجي لاءِ کليل ڪتاب آهي. هو چوندو آهي ته اهو صحي به هجي پر ان ڪتاب جو سرورق ڪوئي ٻيو آهي. مان ضد ڪندي آهيانس ته ايئن ناهي، پر هو پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندو آهي.”
مان مشڪندي توکي ٻڌي رهيو هيس.
“نيٺ چيومانس ته ٽائيٽل نه سهي، بيڪ پيج ئي سهي. اهو به ته ڪتاب لاءِ اوترو ئي ضروري هوندو آهي، جيترو ٽائيٽل. ان جي جواب ۾ هو چوندو آهي ته، ها گھڻن ڪتابن جا بيڪ ٽائيٽل جلدي ڦاٽي پوندا آهن”
مان تنهنجيون دلچسپ ڳالهيون ٻڌي رهيو هيس. حقيقت ۾ تنهنجي دل ۾ ڪيتري سچائي هئي ڇا چاهين پئي، اها توکي خبر، پر منهنجي اندر ۾ تنهنجي لاءِ پيار موجود هجڻ سان گڏ، اهو خوف به شامل هوندو هو ته ڪڏهن تنهنجي ذهن ۾، مون سان شاديءَ جي خواهش نه پيدا ٿئي. اها خبر منور کي به هئي، جنهن ڪري، هو، توکي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي، تنهنجي چاهت جي شدت کي گھٽائڻ چاهيندو هو.
پر، مان محسوس ڪري رهيو هيس ته تنهنجي مون ۾ دلچسپي وڌي رهي هئي. مان به توکي پيار ڏئي رهيو هيس، تون پنهنجو پاڻ کي فنڪشن جي سرگرمي ۽ منهنجي چاهت ۾ ايترو گم ڪري ڇڏيو جو، تنهنجو ڏک تنهنجي چهري تان مٽجڻ لڳو هو.