ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

39

وئڪيشن، يونيورسٽيءَ کي هئي، اسانجي خطن جي وئڪيشن نه ٿي هئي.
خط ۾ لکيل هو:
“وڇوڙي جي پهرين رات
ٽائيم- رات جا ٻه
جانان!
رات جا ٻه ٿي رهيا آهن ۽ مون کي ننڊ نه ٿي اچي. تنهنجي ڏنل ڪيسٽ پوري ٻڌي اٿم. لڳي ٿو ته، منهنجي آس پاس ئي تون ويهي ڳالهائي رهيو آهين. چنڊ پنهنجي پورن جلون سان چمڪي رهيو آهي ۽ مان هن سان، تنهنجون ڳالهيون ڪري رهي آهيان.
اڄ، وڇوڙي جي پهرين رات آهي، ان ڪري ڏاڍي ڊگھي آهي، اماس رات وانگر. مون کي پڪ آهي ته، تون به جاڳندو هوندين ۽ چنڊ کي تڪيندو هوندين. ڏس ساحره به پريشان آهي! ڳالهين جا، چاهتن جا رنگ، چپن جا پاڇولا منهنجي چوڌاري گھيرو ڪري رقص ڪري رهيا آهن. تاحد نظر يادون ئي يادون آهن. تنهنجي ڪيسٽ ٻڌندي ٻڌندي، يادن جي بار کان منهنجا ڇپر ڳورا ٿي پيا آهن.
تنهنجو آواز مون کي چريو ڪري رهيو آهي - هن تنهائيءَ ۾، منهنجون نظرون چئني پاسن ڏانهن توکي ڳولهي رهيون آهين. بيچين اکيون، ننڊ کان عاري، يادن ڪري ڳوريون.
چوڦير تنهنجي خوشبو ڦهليل آهي، منهنجن هٿن، منهنجي وجود مان تنهنجي خوشبو اچي رهي آهي جيڪا مون کي مست ڪري رهي آهي.
وقت ڏاڍو تيزيءَ سان گذري رهيو آهي ۽ ننڊ منهنجين اکين کان ايترو پري آهي جيترو تون. ڏس جانان، منهنجا وار ڪيترو پريشان آهن توکان بغير هر هر چهري تي اچن ٿا، اهي توکان سواءِ پريشان آهن.
تون اداس نه ٿجانءِ، خوش رهجانءِ ۽ ٽهڪن سان ٽڙندو رهين. تنهنجا ٽهڪ منهنجو حسن آهن ۽ پوءِ مان به خوش رهنديس.
ساقي! خوش ته آهين نه!! ڏس هي چنڊ ٻڌائي ٿو ته، تون هن وقت پنهنجي بستري تي خوبصورت ننڊ ۾ منهنجن خوابن سان ستل آهين. خدا ڪري، اهڙي سندر ننڊ هميشه تنهنجين اکين تي مهربان رهي.
تنهنجو خط مليو ته لڳو، لاڙڪاڻي جي گرمي اثر وڃائي ويٺي آهي ۽ مان توکي خط لکيو ته:
“مان واعدو ڪيو هو ته توسان هر شام، هر گھڙي، هر پل ڳالهيون ڪندس. اڄ جمعي جو ڏينهن هو، اسان جا سڀ پراڻا دوست ڪٺا ٿيا. منجھند جي ماني کانپوءِ شام جو رائيس ڪئنال تي سوئمنگ ڪرڻ وياسي. شام جو پل هو، آهستي آهستي سج لهي رهيو هو، هوا به سٺي گھلي رهي هئي ۽ مان ڪناري تي ويهي سج لهڻ جو منظر ڏسي رهيو هيس. منهنجي ذهن ۾ ان وقت تنهنجون يادون ۽ ڳالهيون هيون، تنهنجا رنگ هيا، مان محسوس ڪيو ته شفق جا رنگ ۽ تنهنجا رنگ هڪ جھڙا آهن. پوءِ شفق جا رنگ، جيڪي پاڻيءَ ۾ نظر اچي رهيا هيا، انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ڪرڻ لاءِ، پاڻيءَ ۾ ترندو رهيم. پوءِ ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ مان توسان ڳالهيون ڪيون آهن. ڄڻ مان توکي ٻانهن ۾ آندو هو، ڄڻ ڪوئي غزل ٻڌو هو. ڄڻ ڪوئي، لينڊ اسڪيپ ٺاهيو هو. ڄڻ ڪنهن پکيءَ جو خوبصورت آواز ٻڌو هو.
تنهنجي ڏنل ڪيسٽ ۾ آوازصحيح ڀريل ناهي، پر وري به تنهائي ۾ نعمت آهي ــ تنهنجو خط، راحت جو سبب بڻيو.
ٻي ڏينهن تي ٻيو خط ٻڌائي رهيو هو:
“وڇوڙي جي ٻي رات
ساقي!
مان توکي وساري نه ٿي سگهان. حالانڪه، ايئن ڪرڻ لاءِ مان پنهنجا ڏيئا وسائي ڇڏيا ته متان، اجالي جو ڪو ڪرڻو تنهنجي ياد جي رهنمائي نه ڪري، مان پنهنجي دل جا سڀ هوادان بند ڪري ڇڏيا ته متان سرڪش هوا، تنهنجي ياد.....مگر ـــ
پوءِ هرروز شام جو ڪنهن نه ڪنهن در، دروازي، روشندان، هوادان مان تنهنجي ياد، منهنجي انڌيري دل ۾ راهه، هٿ ڪري وٺي ٿي.
جيئن جيئن چنڊ نڪري ٿو، تنهنجين يادن جو شور، وڌندو وڃي ٿو ۽ مان چڪور بنجي ٿي وڃان ۽ پوءِ چنڊ کي پيامبر بڻائي ڳالهيون ڪندي آهيان. ڇا تون به مون وانگر بي چين آهين ۽ يادن توکي به ايترو ديوانو ڪيو آهي؟
اڄ صبح منهنجي ننڍي ڀاءُ، تنهنجو خط هٿن ۾ کڻي، ڳلن تي وڄايو ته منهنجي اک کلي، ڏٺم ته هن جي هٿن ۾ تنهنجو خط هو. اڄ جي صبح جو آغاز تنهنجي خط سان ٿيو، مون کي ڏاڍو سٺو لڳو ۽ صبح سان موڊ به ٺيڪ رهيو، جنهن جو اثر سڄو ڏينهن هليو. اڄ جي صبح جي شروعات تنهنجين ڳالهين ۽ خيالن سان ٿي. ان کان علاوه اڄ موسم به جھڙالي آهي.
منهنجي پُڦي ڪراچي کان آئي هئي ۽ خليل به آيو هو. پنهنجي پڦيءَ کي سفارش ڪرائڻ لاءِ آندو هيائين، منهنجي ننڍي ڀيڻ لاءِ. پر، منهنجي ڀيڻ هن کي تمام سخت ڳالهايو ۽ جواب ڏئي ڇڏيائينس ۽ هاڻي هن جي ايتري انسلٽ ٿي آهي جو هو دنيا وارن جي سامهون نظرون کڻي نه گھمي سگھندو. مون کان هو ايترو شرمندو آهي جو احساس جرم جي ڪري هن کي ننڊ به نه آئي ۽ مون سان نظرون به نه ملايائين. مان هن کي چيو
“توهان ڏسجو هميشه بي سڪون رهندئو ۽ اوهانجو ضمير ڪڏهن به توهان کي سڪون سان ويهڻ نه ڏيندو ان لاءِ جو توهانجي وچ ۾ پئدا ٿيل غلطيءَ جي سزا مون کي ملي آهي”
ڪالهه پنهنجي پڦيءَ سان ملي رنا به تمام گھڻو هياسين، اسانجون اکيون ايتريون سجيل هيون جو ساري دنيا ڌنڌلي نظر اچي رهي هئي. رات جو، پڦيءَ کي ۽ خليل کي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ اسان سڀ اسٽيشن تي ويا هياسين. رات جو موسم ڏاڍي خوبصورت هئي، بادل هيا، اتي جڏهن پهتاسين ته بارش پئجي رهي هئي. جُھڙ جي ڪري چنڊ غائب هو، ان لاءِ تمام گھڻي مايوسي ٿي ۽ نظرون بي چين به رهيون ته هاڻي ڪنهن سان تنهنجون ڳالهيون ڪيان ۽ پوءِ، مان هوا ۽ بارش جي بوندن کي پنهنجو پيامبر بڻايو. ڪلهه رنا به گھڻو هياسين، بارش ٿي ته اسان کي محسوس ٿيو ته ڄڻ اسان جي ڏک ۾ ٻيو ڪوئي به شريڪ آهي ۽ گڏجي ڳوڙها وهائي رهيو آهي. بهرحال، ڪلهه جيتري به ڊسٽرب هيس اڄ ايتري خوش آهيان. مسڪراهٽون، مون کان سنڀالجن ئي نه ٿيون. ان لاءِ جو اڄ جي صبح جي شروعات تنهنجي ڇهاءُ (تنهنجي خط)سان ٿي آهي. مون کي يقين هو ته مان جيترو توکي ياد ڪندي آهيان، تون به ضرور ياد ڪندو هوندين.
هونئن، تنهنجي ٻانهن جو سور ڪيئن آهي؟ ڏاڍو شرارتي جيت هو جنهن چڪ پاتو هو.
تنهنجون يادون ڏاڍيون تنگ ڪن ٿيون ۽ لکندي لکندي مان گم ٿي وڃان ٿي ۽ قلم روڪي سوچن ۾ گم ٿي وڃان ٿي هاڻي موڪلاڻي، رات چنڊ نڪرندو ته پوءِ وري توسان ڳالهيون ڪنديم، خوبصورت چانڊوڪيءَ ۾ خوبصورت ڳالهيون.”