ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

30

ڪراچي ويندي سمورو رستو، منهنجي ذهن، خيالن، فڪرن ۽ خوفن ۾ ڪاراٽيل رهيو. ڪڏهن ڪڏهن، مستقبل جي باري ۾ سوچي منهنجو ذهن، خوف جي ڪلاشنڪوف آڏو هٿيار ڦٽي ڪري بيهي پئي رهيو. جڏهن گھر پهتس ته، سڀ ٻار چوڌاري مڙي آيا. اديءَ کي ڀاڪر پائي گھڻي دير بيٺو رهيس. منهنجي دل روئڻ پئي گھريو پر قابو ڪري ويس. اديءَ جو چهرو تمام پر اعتماد نظر آيو. حال احوال وٺندي، خوش خير عافيت ڪندي کلندي به رهي، مون کي به اعتماد اچي ويو ۽ خوشي ٿي ته، ادي پنهنجو پاڻ کي ڪنٽرول ڪري خوش رکيو آهي.
ٻي ڏينهن تي اسپتال ۾ پهچي گھٻرائجي ويس. آپريشن شروع ٿي چڪي هئي. سمورو وقت سڀئي مٽ مائٽ ٻاهر پريشان بيٺا هياسين. ذهن سڀني جا ڳالهائن پيا، چپ خاموش هيا. ڪوئي به ڪنهن سان نه ڳالهائي سگھيو پئي. جيڪڏهن ڪو هاسپيٽل اندران اچي پيو ته، سڀني جو ڌيان ان طرف پئي ويو. ڄڻ ذهني طرح پنهنجو پاڻ کي بري خبر ٻڌڻ لاءِ تيار ڪري رهيا هيا. چئن پنجن ڪلاڪن جي آپريشن کانپوءِ، اها خوشخبري ٻڌي سين ته آپريشن سهڻي نموني ٿي وئي. ايئن ٻڌڻ سان سڀني پنهنجن ساهه جي گھوڙي جي رينن کي ڍلو ڇڏيو. ڀيڻوئي کي انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ نيو ويو ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته ڪوئي به هن سان ملاقات ڪري نه ٿو سگھي. اديءَ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها اچي ويا ۽ ٿڪ لهڻ جا آثار نظر آيا.
ٻي ڏينهن شام واري ٽائيم تي، جڏهن سڀ مٽ مائٽ پنهنجن مريضن سان ملڻ ايندا آهن. تون به آئينءَ، ناسي وڳي ۾ وار کولي، هٿن ۾ گل آندا هيئي. مان جڏهن توکي ٻڌايو ته آپريشن ڪاميابيءَ سان ٿي وئي آهي ۽ ڀيڻيويو اڃان I.C.U ۾ آهي ته، تون پريشان ٿي چيو ته، ڇو ايترو وقت رکيو اٿئون؟ اسان جي ڀيڻ ته صرف 10 ڪلاڪ I.C.U ۾ رهي هئي. مان جڏهن تون کي ٻڌايو ته، اها والوِ (Valve) جي آپريشن هئي ۽ هي باءِ پاس آهي شايد ان ڪري. اهو ٻڌڻ سان تون ڪجهه مطمئن ٿي وئين. پاڻ سان آندل گل، اديءَ کي ڏيندي چيئه
“انشاءَ الله توهان جو ورُ جلد ئي توهان سان ملندو.” اديءَ تنهنجا ٿورا مڃيا.
ٻاهر نڪري، هاسپيٽل جي خوبصورت لان ۾ ويٺا هياسين. اسان جي چوڌاري ٻار، مايون ۽ مرد ويٺا هيا. ان کان علاوه اهي مريض جيڪي ڪجهه بهتر ٿيا هيا. اهي ٻاهر اچي پنهنجن مٽن سان ڪچهري ڪري رهيا ها. تو ويهندي اسپتال جي عمارت کي ڏسي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي اگهندي چيو:
“هي ئي هاسپيٽل آهي، جنهن ۾ اُن رات ڄڻ منهنجو لاڏاڻو ٿيو هو.”
ڪجهه دير خاموشيءَ کان پوءِ تو چيو: “هتان هلون.”
مان، تنهنجن احساسن کي سمجھي چڪو هيس. آهستي آهستي گھمندا انسٽيٽوٽ کان ٻاهر نڪري رهيا هياسين ته سامهون جناح هاسپيٽل ۾ ايمبولنس سائرن وڄائيندي داخل ٿي.
“مان ايمبولنس جي سائرن کان ڊڄندي هيس. جڏهن به ايمبولنس گذرندي هئي ته مان اکيون بند ڪري ڇڏيندي هيس، پرجڏهن کان اهڙي ئي ايمبولنس ۾ سائرن وڄائيندي، هتان اديءَ جو لاش کڻائي گھر ويا هياسين. ان وقت کان وٺي ڪوئي به اثر نه ٿيندو آهي.”
ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي وڃي هڪڙي ڪول ڪارنر تي ويٺاسي، هميشه جيان سن ڪس تنهنجي لاءِ اچي وئي ۽ ببل اپ منهنجي لاءِ. ڳالهين ڪندي تو ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ وارو فنڪشن ڪجھه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، خاص مهمان، اچڻ جي تاريخ ۾ تبديلي ڪئي هئي. تون اڃان تائين سنجيده هئينءَ، تنهنجين اکين ۾ ماضي جي فلم هلي رهي هئي.
“مان مئل ماڻهو نه ڏسندي هيس، پر جڏهن ادي جو لاش سڄي رات منهنجي آڏو پيو رهيو ۽ غسل وقت، مان هن جي نيل پالش رموو Remove ڪئي. ان کانپوءِ مان به مردو بڻجي وئي آهيان”
تنهنجي آڏو منهنجي تصوير ڌنڌلي ٿي وئي هئي.
ماحول ڳنڀير ٿي ويو هو، ڪجھه وقت هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيس. تنهنجو موڊ گھڻي حد تائين ٺيڪ ٿي ويو هو. سن ڪس Sun Kiss کي ڪس ڪندي تو چيو:
“هڪ تو ۾ خراب ڳالهه آهي. تون ڪنهن سان به سچو ناهين”
تنهنجي جملي، تنهنجي تير مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو ۽ پڇيم:
“توکي اهي لفظ چوندي ڪجھه خيال نه ٿيو، تون آخر اهي لفظ ڪيئن ٿي چئين؟”
مان پنهنجي ڏک ۽ رنج کي ڳيت ڏئي لاٿو .
“تون ڪنهن سان به محبت نه ٿو ڪرين. صرف محبت جو ڍونگ رچائي، ٻين کي بي وقوف بڻائي تسڪين وٺين ٿو”
مان هاڻي تنهنجو مطلب سمجھي چڪو هيس.
“تون شايد ان ڪري چئين رهي آهين ته، مان هِن مهل تائين ڪنهن سان به محبت جو اظهار نه ڪيو آهي”
“پنهنجن عملن، ۽ ڳالهائڻ جي اندازن، مان اهو محسوس ڪرائيندو آهين ته، تون محبت ڪرين ٿو، پر زبان چپ رهندي ٿي ۽ جڏهن اڳلو اڳتي وڌندو آهي ته هن کي ناسمجھيءَ جو طعنو ڏئي، خاموش ڪرائي ڇڏيندو آهين”
“تون غلطيءَ تي آهين. فرينڪ آهيان، باقي ان معاملي ۾ مان مطمئن آهيان ته مان ڪنهن سان به فراڊ نه ڪيو آهي، دوکو نه ڪيو آهي. جيڪو ڪجهه چوڻو هوندو آهي، منهن تي چوندو آهيان. تون ئي ٻڌاءِ، هن مهل تائين، تو سان ڪهڙو دوکو ڪيو آهي؟”
“ڪو به نه !”
“پوءِ ڇو ٿي ايئن چئين؟ شايد، توکي ذهن ۾ اهو هجي ته مان شاديءَ جي ڏٽي ۾ سنگت رکندو آهيان، ته اها تنهنجي ڀل آهي. توکي ڪيترا دفعا واضح لفظن ۾ چيو اٿم ته، شادي نه آهي ڪرڻي. دوستي رکڻي اٿئي ته ايئن رک. ٻڌاءِ ايئن آهي يا نه!؟” مان جذباتي ٿي ويو هيس.
تو مرڪندي مون کي چيو.
“مان ڏسڻ پئي چاهيو ته تنهنجا ان باري ۾ ڪهڙا خيال آهن. مان ٻي کي ڪاوڙ ڏياري سچ ٻڌڻ چاهيندي آهيان.”
مان خاموش ٿي ويس. منهنجون رڳون تاڻجي ويون هيون .تون به محسوس ڪري وئي هئينءَ. تنهن ڪري پنهنجن کليل وارن کي تريءَ تي پکيڙي، ان جي مٿان بوتل رکي مون کي باادب نموني پيش ڪيئي. تنهنجين اکين ۾ پيار ۽ شرارت جا ٽانڊاڻا چمڪي رهيا هيا. مان به بوتل پي،آهستي آهستي نارمل ٿي ويس.
دوست کي گاڏي آڻڻ لاءِ چيو هيم. چڱي رات ٿي وئي هئي. هو نه پهتو هو، توکي گھر وڃڻ جي پريشاني وڌندي وئي. نيٺ مان توکي ٽيڪسي ۾ گھر ڇڏڻ ويس. ٽيڪسيءَ ۾ ٻئي ڄڻا پوئين سيٽ تي ويٺاسين، رستي ۾، سمنڊ جي گھميل هوا، تنهنجن وارن کي پريشان ڪري رهي هئي. تون سمورو عرصو مون کي ڏسندي رهينءَ. اسان جا چپ، چُپ ئي رهيا. ان سان گڏ هٿ، به، ڇو جو ٽيڪسيءَ واري اندريون بلب ٻاري ڇڏيو هو. مان تو کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪئي.
“ڪيڏو ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾، توهان جي اڏندڙ وارن کي ٺيڪ ڪجي ته ڪيئن ڪجي.”
مرڪي پئي هئينءَ، تنھنجون اکيون انڊيڪيٽر بڻجي ويون، مان وري تو کي چيو:
“تون جيڪو چاهين ٿي، اهو ناممڪن آهي. هن ماحول ۾”
لڄ واري مرڪ سان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيئه. موڪلائڻ مهل هڪ ڏينهن پوءِ اچڻ جو واعدو ڪري هلي وئين، ڇو جو ٻئي ڏينهن تنهنجي ڀيڻ جو چاليهو هو.