ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

40

گھڻو عرصو يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ڪري لاڙڪاڻي ۾ دوستيءَ جي حلقي ۾ اضافو نه ٿيو هو. جيڪي پراڻا دوست هيا، اهي پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ نوڪرين ۾ مصروف رهندا هيا، جنهن ڪري واندڪائي ۾ بوريت ٿيڻ لڳي ۽ موڪلن ۾ گھرن ۾ سبجيڪيٽ پڙهڻ، ڄڻ پنهنجو پاڻ سان زيادتي ڪرڻ آهي. ان لاءِ گھر۾ بهانو ڪري ڪجھه ڏينهن لاءِ خيرپور اچي دوستن سان رهاڻيون ڪرڻ لڳس. توسان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پر اها به گھڻي نه. انهن ئي جولاءِ وارن ڏهاڙن ۾ جھُڙَ ٿيڻ لڳا ۽ اسان سڀ گڏجي مختلف هنڌن روهڙي، سکر، شادي شهيد، ڪوٽڏجي ۽ اُڀن شاهه جي ٽڪرين تي گھمڻ لڳاسين. ان وچ ۾ توسان هڪڙي ملاقات ٿي. جنهن ۾، تو نه ملڻ جي شڪايت ڪئي ۽ چيئي ته ان کان ته چڱو هو جو لاڙڪاڻي هجان ها، گھٽ ۾ گھٽ توکي، خط ته لکندو هيس. تو ٻڌايو ته، اسان جي به ڪهڙي دوستي آهي، جڏهن هڪٻئي کي اسان جي ضرورت هوندي آهي ته ملي به نه سگھندا آهيون. اهي سڀ ڏينهن، تنهنجي انتظار ۾ گذاريا ته ڪڏهن در تي کڙڪو ٿئي ٿو. تو چيو ته: “ڪالهه ته مان ڏاڍي اپسيٽ (Upset) هيس، ڇو جو ڪراچيءَ کان ادا خليل جو فون آيو ته ٻارن کي ڪراچي موڪلي ڏيون”
“ڇو ٻار اتي هُيا ڇا؟”
“ها جيئن ئي اسڪول بند ٿيا هيا ته ان وقت کان وٺي هتي هيا. مان سوچيان پئي ته، هي ڪراچي ويندا ته انهن کي گھڻا پرابلم ٿيندا. خبر ناهي احساس جي ڪهڙي عذاب مان گذرندا، اهو سوچي منهنجو ته ساهه ئي نڪري ٿو وڃي. ايترا معصوم ننڍا ننڍا گل جن اڃا تائين بهارون ئي ناهن ڏٺيون. انهن کي جڏهن، زندگيءَ جي تلخ حقيقت سان واسطو پوندو ته ڪيترو ظلم انهن معصومن سان ٿيندو”
تون روئڻ لڳينءَ:
“ٻار به وڃڻ نه ٿا چاهين پر، ظاهر آهي اسان جو هنن تي ڪو به حق ناهي، هنن کي روڪي به نٿا سگھون. صرف هڪ واسطي ۽ رشتي جي ڪري حق هيو. پر هن جي وڃڻ کانپوءِ، هاڻي ايترو به حق ناهي جو انهن معصومن کي ڏکن کان بچائي سگھون. ڪيترا بي وس آهيون، تمام گھڻا بي وس.”
هِڏڪين جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. مان ڪجھه به نه پيو ڳالهائڻ چاهيان، توکي ڪو به دلاسو نه پيو ڏيان، سواءِ ان جي ته، تنهنجن ڳوڙهن کي ٽشو پيپر نه ڇهي رهيا هيا پر منهنجا هٿ چپ اهو فرض نباهي رهيا هيا. مان چاهيان پيو ته، تنهنجي اندر ۾ ايترو سارو عرصو جيڪو ڏک، ۽ تڪليف جمع ٿي آهي، اها ڳوڙهن وسيلي نڪري وڃي.
“مون کي خبر نه هئي ته جيترو مان پاڻ کي خوش نصيب سمجھندي هيس. ۽ اديءَ جي وفات کان پوءِ انهن ڏکن مان گذرڻو پوندو. لڳي ٿو ڄڻ خزان جي موسم اندر ۾ بيهي رهي آهي. مون کي ياد ئي نه ٿو اچي ته، ڪا خوشي ملي هجي، جنهن سان منهنجي چهري تي روشني آئي هجي. بس، هاڻي ته صرف هڪڙي ئي موسم آهي، خزان جي موسم، بهار ته آئي ئي ناهي. هاڻي ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڳوڙها اکين مان وهڻ شروع ٿين ٿا، اڳي ته چاهيندي به نه ايندا هيا، پر جڏهن درياءَ جو بند ٽٽي پوندو آهي ته پوءِ ٻوڏ اچي ويندي آهي.”
تون ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي وئينءَ.
“تون ان وقت مون ڏي ٽيليفون ڪرين ها”
“مان ايترا دفعا ڪوشش ڪئي، پر تون نه ملين. ڏاڍي ڪاوڙ آئي، جڏهن ضرورت محسوس ٿيندي آهي، تون نه ملندو آهين، ظلم آهي. ان ڪري ڏکن ۾ اڃان واڌارو اچي ٿو”
“مان توکي اڳي به چيو هو ته ڏک ۽ تڪليفون ڳِجھين جيان آهن. جڏهن هڪ ڏک ماڻهو کي ڊاهي ٿو وجھي ته پوءِ سوين ڏک هڪٻئي پٺيان حملي آور ٿين ٿا.”
تون منهنجي سيني تي مٿو رکيو هو:
“ڪهڙي پرفيوم هنئي اٿئي؟”
“چارلي”
“مون وٽ اچين ته پرفيوم نه هڻي ايندو ڪر، مون کي تنهنجي بدن جي اصلي خوشبو سٺي لڳندي آهي”
مان مشڪندي توڏي جھڪي ويس.
خيرپور جي خوشبوئن کي ڇڏي، لاڙڪاڻي واپس آيس. لاڙڪاڻي ۾ تنهنجو خط مليو. جيترا ڏينهن گذريا هيا، هر ڏينهن جو تون هڪڙو شعر لکيو هو. تو پنهنجي خط ۾ لکيو ته، اڄڪلهه تون ڏاڍو پريشان آهين جو چنڊ نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ تون، ڪنهن کي پنهنجو پيامبر بڻائين. پر، تو لکيو آهي ته هاڻي تنهنجي جسم کي ڇهي گذرڻ واري هوا پيامبر آهي. تنهنجو اڱاري تي ڪراچي وڃڻ جو پروگرام هيو. مون توسان ٽيليفون تي ڳالهائي توکي ٻڌايو ته مان به سومر تي ڪراچي وڃان ٿو. جمعي تي وري گوادر وڃڻو آهي. تون ڪراچيءَ ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو.