24
“مان هاسپيٽل مان ڳالهايان ٿي. My Sister is dead “
“اوهه نو Oh NO ،ڪڏهن!؟”
“هاڻي.”
اوڇنگارون،
مان وائڙو.
“خدا تي ڀروسو رک، هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي.”
“نه ايئن، نه ٿيڻ کپندو هو، خدا کي ايئن نه ڪرڻ کپندو هو”
وري اوڇنگارون ئي اوڇنگارون.
تون هاسپيٽل مان ڳالهايو هو. تنهنجي ڏک، تڪليف کي مان چڱي طرح محسوس پئي ڪيو. پر ان وقت جيڪڏهن ڪجھه چئبو آهي ته لڳندو آهي، ماڻهو اڳلي جي ڏک تي ٺٺولي ڪري رهيو آهي. ڏک محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. ان کي ٻي ڪنهن به طرح، شيئر نه ٿو ڪري سگھجي. فون تي اها خبر ٻڌڻ سان منهنجا سڀ احساس بخار بڻجي، هوا ۾ گم ٿي ويا. مون کي خبر ئي نه پئي ته توسان ڇا ڳالهايان، ان وقت آٿت جا سڀ لفظ، ڀوائتا ۽ ٺٺوليءَ جا ماسڪ پاتل لڳا. مون توکي چيو ته: “تون ڀلي ٽيليفون بند ڪر، توهان اسپتال مان گھر ويندئو ته مان توسان اتي ڳالهايان ٿو.” اهي سڀ ڳالهيون مان لنوائڻ لاءِ ڪيون هيون. مان ڇا پئي چئي سگھيس. توسان گھر ڳالهائڻ جي جرئت، پاڻ ۾ نه ساري سگھيم. مان ان ئي ڏينهن لاڙڪاڻي کان پهتو هيس. امان اڃان، اسپتال ۾ هئي. مان صرف هڪ ڏينهن لاءِ آيو هيس. توڏي خط لکيم ته:
“هن دنيا جو نالو جيڪڏهن،”ٽريجڊي هائوس” رکيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. خبر ناهي، هتي هر ماڻهوءَ سان ٽريجڊي ڇو ٿي ٿئي. اسان ڪيترو به پاڻ کي دوکو ڏيڻ چاهيون پر، اسان کي هر حال ۾ حقيقت جي آئيني سامهون اچڻو پئي ٿو. ۽ حقيقت جيڪا ٽُوهه جيان ڪڙي آهي.
اڄ، جڏهن تون هڪ ڪڙي حقيقت ٽيليفون تي ٻڌائي ته منهنجي ذهن کي جھٽڪو لڳو. ڏک جو ڪوريئڙو منهنجي چوڌاري ڄار اُڻي ويو. ان حقيقت کان انڪار ناهي ته، پنهنجو ڏک تون ئي محسوس ڪري سگھين ٿي. پر مان به، ان ڏک کي پنهنجو ڏک سمجھيو آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڀڳل شيشن تي گھمندي محسوس ڪيو اٿم.
تنهنجي ڀيڻ جو کلڻ، ٻارن سان پيار، توسان ۽ گھر ۾ گھاريل لمحا، شادي جو ڏينهن،گھمڻ ڦرڻ، اهي سڀ هڪ خواب جيان تنهنجي ذهن جي اسڪرين تي ايندا هوندا. پر هن حسين خواب جي پڄاڻي ايتري خوفناڪ نه ٿيڻ کپي ها. تون پنهنجا ڏک، مون ڏي موڪلي ڇڏ.
ڏک سهڻ هر هڪ جو ڪم ناهي. مون کي يقين آهي ته، تون ذهين ڇوڪري آهين. تنهنجي اندر ۾ ايتري قوت آهي ته هماليه جيڏي ڏک کي به پنهنجي من ۾ سمائي سگھين ٿي. تون پنهنجن احساسن کي دٻائي، خواهشن جي مکڙين کي چيڀاٽي پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي، ماءُ کي، پيءُ کي ۽ گھر جي ٻين ڀاتين کي آٿت ڏئي، انهن کي حوصلو ڏي. جيڪڏهن تون انهن کي حوصلو نه ڏيندينءَ ته، ٻيو ڪير ڏيندو؟ تون اهو ياد رکجانءِ ته توکي ايئن ڪرڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ايندي ۽ اهو سمورو عرصو تون عذاب ۾ گذاريندينءَ. پر، منهنجو ساٿ توسان هوندو. تون جڏهن اداڪاري ڪندي ٿڪجي پوندينءَ ته ٿڪ لاهڻ لاءِ، منهنجو وجود حاضر هوندو.”
امان کي ايڊمٽ ٿئي گهڻا ڏينهن ٿيا هئا. پر، ڊاڪٽر جو چوڻ هيو ته جيستائين شگر ڪنٽرول ۾ نه ايندي، تيستائين آپريشن نه ٿي سگهندي. مان، امان سان گڏ اسپتال ۾ رهندو هيس.
مان ٻيو خط به توکي لاڙڪاڻي مان اسپتال مان لکيو.
“مون کي خبر ناهي ته، توکي منهنجي ڏاڍي ضرورت هوندي پر هفتي کان امان اسپتال ۾ آهي، ۽ مان هتي آهيان. توسان ٽيليفون تي به نه ڳالهائي سگهيو آهيان. ڇو جو، جنهن ڊائريءَ ۾ نمبر لکيل آهي اها خيرپور ئي رهجي وئي آهي. جنهن ڏينهن تو ٽيليفون ڪئي هئي، ان ڏينهن به صرف مان هڪڙي ڏينهن لاءِ خيرپور آيو هيس.
مان تصور ۾ توکي ڏسي رهيو آهيان، هڪڙي ويران اکين واري پريشان ڇوڪري، مان، توکي ڪئين چوان ته، پنهنجي ڏک کي وساري ڇڏ. مان تنهنجي ڏک کي چڱي نموني محسوس ڪيان ٿو.
انسان، ڪڏهن ته پهاڙ جيڏو اڏول ۽ مضبوط هوندو آهي، ته ڪڏهن گل جهڙو نرم. ڪڏهن ته گهڻين شين تي قادر ته ڪڏهن وري بيوسيءَ جو مجسمو. جڏهن، حالتون ماڻهن کي بيوس ڪري ڇڏين ته ان بيوسي ۽ ڏک جي ڪيفيت ۾، انسان جون صلاحيتون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن. مان سمجهان ٿو، تون اڄ ڪلهه اهڙين ڪيفيتن مان گذري رهي هوندينءَ. پر، تون ذهين، باصلاحيت، ۽ بهادر ڇوڪري آهين. ۽ ان لاءِ، مون کي يقين آهي ته تون ان ڪُن مان جلدي نڪري ايندينءَ.
مان پنهنجي جهولي، تنهنجن ڏکن حاصل ڪرڻ لاءِ ڦهلائي آهي. تون پنهنجا ڏک، اڇلي هلڪي ٿي وڃ هوا وانگر. مان نٿو چاهيان ته تنهنجي اکين ۾ شام جي ويراني هجي. مان ته، صبح جي روشني انهن اکين ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. مان، يقين رکان ته تنهنجي اکين ۾ صبح جو سوجهرو انڊلٺ جا رنگ، بادل جي مستي، جذبن جا طوفان ڏسي سگهندس؟”
مون وٽ ڪراچيءَ جي ايڊريس نه هئي، تنهن ڪري اهي خط لکي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا هيم. مان تنهنجي ڪراچي اچڻ جو سوچيان پيو، پر مناسب نه پيو لڳي ته امان کي اسپتال ۾ ڇڏي تو وٽ اچان. ان ڪري پريشانيءَ ۽ بيوسيءَ ۾ ڏينهن گذارڻ لڳس.