43
جانان!
چار ڏينهن کن ٿيا آهن ته، پنڊيءَ پهتي هيس. لاهور کانپوءِ رستي ۾ بارش پوندي رهي، چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي. منهنجو خيال آهي ته، اهو سڀ ڪجھه جنت کان گھٽ ناهي. اونچن اونچن جبلن تي بادل جھڪيل هيا ۽ مان سموري خوبصورتيءَ کي پنهنجي اندر ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سموري خوبصورتي کي تنهنجي آواز سان، تنهنجي وجود جي احساس سميت انجواءِ (Enjoy) ڪيو.
سمورو عرصو تنهنجي ڪيسٽ ٻڌندي رهيم. ڪٿي ڪٿي ته، خوبصورت نظارا ڏسي دل چاهي پئي ته ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻيان. تون مون سان گڏ نه هئين مگر تنهنجو پاڇو، تنهنجو احساس، تنهنجين يادن جي رُڃَ، مون سان گڏوگڏ هيا ۽ مان ان حسين نظارن ۾ توکي ياد ڪري شيئر ڏنو. انهن حسين جڳهن تي، ۽ ايتري خوبصورت سفر ۾ سچ پچ ته تون گڏ هجين ها ته، مان خوشيءَ کان چري ٿي پوان ها ۽ سفر کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڪنهن حسين جڳهه تي ٽپو ڏيان ها. جنهن خوبصورتيءَ جو مان صرف تصور ڪري سگھندي هيس. مگر جڏهن اهي نظارا ڏسندي هوا منهنجن ڳلن تي ٿپڪي ڏني ته، خوشي منهنجي اندر مان ڦٽي نڪتي پر هڪ ڳالهه آهي ته ان خوبصورتيءَ کي محسوس ڪرڻ کانپوءِ به، ڏسڻ کان بعد خوش به هيم ۽ اداس به. خبر ناهي ڇو؟
هن سفر ۾ ادي ڏاڍي ياد آئي ۽ پنهنجي ان پارٽنر جي ڪميءَ ڪري، ايتريون خوشيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ به مان اداس رهيس. مون محسوس ڪيو ته اداسين جي هڙ، منهنجي مٿي تي رکيل آهي ۽ منهنجي دل جي چوڌاري اداسيءَ جو ليپو ڏنل آهي، جيڪو خوشين کي دل تائين پهچڻ ئي نه ٿو ڏي. تون دعا ڪر ته، ڏکن جي موسم جلدي گذري وڃي ۽ اکين ۾ آيل چاڙهه لهي وڃي.
ڪلهه پنڊيءَ ۾ ايوب پارڪ ڏٺو ۽ اڄ صبح مري آيا آهيون. هڪ بجي ڌاري ايوبيه وڃڻ لاءِ روانا ٿياسين. ساقي، ايترو حسن ڏسي مان حيران آهيان. هتي موسم بي انتها خوبصورت آهي ۽ پهاڙن تي جھڪيل بادلن ڪري، زمين جو رنگ ته ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ آهي. ڪاش، تون ايتري خوبصورت جڳهه تي مون سان گڏ هجين ها ته منهنجي دل تان اداسيءَ جا ڪڪر هٽي وڃن ها ۽ مان پنهنجي خوش قسمتيءَ تي ناز ڪيان ها. مگر، مان ايتري خوش قسمت ناهيان هتي مان صرف ڪيسٽ تي آواز ٻڌي سگھان ٿي ۽ تصور ۾ محسوس ڪري سگهان ٿي. پر، تنهنجي هٿن ۾ هٿ ڏئي گھمي نه ٿي سگھان، تنهنجن هٿن جو ڇهاءُ محسوس نه ٿي ڪري سگھان، انهن خوبصورت نظارن جو عڪس تنهنجين اکين ۾ ڏسي نه ٿي سگھان. ڪجھه به ته ناهي، جنهن ڪري انهن سڀني حسين نظارن ۽ موسمن جو حسن منهنجي لاءِ بيڪار آهي. اهوئي سبب آهي جو، مان صحيح طرح انجواءِ نه ٿي ڪيان.
ايوبيه پهتاسين ته تيز برسات شروع ٿي وئي. ٻه ڪلاڪ هڪ هوٽل ۾ گذارياسين ۽ واڪ مين تي تنهنجي ڪيسٽ ٻڌي، يادن جا بادل ايترا گھرا ٿي ويا جو ڳوڙها اکين مان ترڪي پيا. اڄ تنهنجي پسند جا ڳاڙها ڪپڙا پاتا آهن. چيئر لفٽ تي ويهي نظر ايندڙ کاهيون ڏاڍيون سٺيون لڳيون ۽ مٿي پهتاسي ته ڏاڍو حسين منظر هو. ڪاش تون اهو سڀ ڪجھه ڏسي سگھين ها. هتي، خاص ڪري جوڙا هني مون ملهائڻ آيا آهن. برسات ڪري سردي وڌي وئي آهي، مان سوئيٽر به نه کڻي آئي هيس. هتي سڀني سوئيٽر پهريل آهن. مان سرديءَ ڪري ٿڙڪندي رهيس. ڪاش مون کي هتي تنهنجين ٻانهن جي گرمي ملي ها ته .....
هاڻي رات جا ٻارنهن ٿي رهيا آهن. صبح جو ٻارهين بجي هتان هليا وينداسين
(تمام گھڻا ڪزنز ۽ گھڻيون ڪزنز مون سان گڏ آهن.) پوءِ وڃي، ڪجھه ڏينهن اسلام آباد رهنداسين. هونئن هتان واپسيءَ جو ڪو به ارادو ناهي. جڏهن سڀ جڳهون ڏسي ڇڏينديس ته ڪنهن خوبصورت جڳهه تي پير گسڪائي ڇڏيندم. مان چاهيان ٿي ته تنهنجين يادن سان پنهنجو سفر هتي ختم ڪيان. هونئن تنهنجين يادن تنگ ڏاڍو ڪيو آهي ۽ سمورو عرصو تنهنجي ياد ۽ ڪيسٽ سهاري گذريو آهي.
تنهنجي خطن ۾ ڀريل چاهت، ۽ پيار مون کي تسڪين ڏني مون کي خوشي ٿي ته تون ڪجھه ڏينهن لاءِ تفريح ڪرڻ وئينءَ ڇو جو، تنهنجو ذهن ڪافي وقت کان غمن ۽ ڏکن کان ڪاراٽيل هو ۽ توکي ضرورت هئي ته گھمڻ ڦرڻ ذريعي توکي خوشي ملي ته جيئن خوشين جي سج ڪري ڏکن جي برف رجي وڃي. مان اهو به سوچيندو رهيس ته، ڪيڏو ستم آهي اسان جي معاشري جي عورت سان. هوءَ ڪيڏي به پڙهيل ڳڙهيل ڇو نه هجي پر، رسمن جي گھاڻي ۾ پيڙجڻو ٿو پئي. مرد ڪيڏو ظالم ٿئي ٿو جو، صرف پنهنجي مطلب لاءِ ٻين جي خواهش جو به خيال نه ٿو رکي. تنهنجي ڀيڻيوئي جي روئي ۽ ڪردار تي ڏک سان گڏ ڪاوڙ به آئي. مان پوري طرح محسوس ڪري رهيو هيس ته، تنهنجي ذهن جي ڪيفيت ۽ حالت ڇا هوندي، پر مان ڪري به ڇا ٿي سگھيس؟!
مان به، ڪجھه دوستن سان گڏجي سوات وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو. اسلام آباد پهچي تون ڏاڍي ياد آئينءَ. پر، تنهنجي ائڊريس يا ٽيليفون نمبر نه هيو. جنهن ڪري دل ۾ عجيب قسم جي بيچيني رهي ته هڪ شهر ۾ رهندي ملي نه سگھياسين. گھمندي هر چهري کي غور سان ڏسي رهيو هيس ته متان تون ملي وڃين پر نه ملينءَ.
ڪالام ۽ اُشوءَ جي خوبصورت نظارن ۾ تنهنجي ياد، منهنجي ذهن جي مالڪي پاڻ وٽ رکي. منهنجي الائي ڇو اها خامي آهي جو، ڪابه خوبصورت جڳهه، ڪوبه خوبصورت منظر، اڪيلي سر ڏسي انجواءِ نه ڪري سگھندو آهيان. جنهنڪري اڪثر ڪري خوبصورتي پسي خوشيءَ سان گڏ اداس به ٿي ويندو آهيان. بهرحال وري به، تنهنجين يادن ڪجھه ته ساٿ ڏنو.
مان واپسيءَ تي گھر پهتس ۽ سموري رستي ۾ اهو سوچيندو رهيم ته هاڻي جلد ئي خيرپور وڃي توسان ملاقات ڪندس. گھڻن ڏينهن جي وڇوٽيءَ مون کي، توسان ملڻ لاءِ بي چين ڪري ڇڏيو هو.