13
جڏهن ته جذبن ظاهر ڪرڻ جا هيترا سارا طريقا آهن، پر ماڻهو مڪمل طرح اظهار ڪري نٿو سگهي، پوءِ کڻي اهو لکڻ جي روپ ۾ هجي، پينٽنگ جي ذريعي هجي، عضون جي شاعري ناچ ذريعي هجي. تون به هڪ ڏينهن چيو هو ”منهنجي من ۾ ايترا جذبا، ايتريون ڳالهيون آهن جو، انهن کي ظاهر نه ٿي ڪري سگھان. مان تو ڏي خط به ان ڪري لکندي آهيان. هڪڙو سبب ته اهو آهي جو تنهنجي سامهون مان ڪجھه ڳالهيون توکي نه چئي سگھندي آهيان. ٻيو سبب اهو آهي، جو يونيورسٽيءَ کانپوءِ گھر وڃڻ بعد به، مان توسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيندي آهيان پر تون موجود نه هوندو آهين. تنهن ڪري مان پنهنجي سموري اُڻ تُڻ، هورا کورا ڪاغذ تي پيٽيندي آهيان“
تنهنجو خط پوسٽ رستي ملندو هو ۽ ساڳي طرح منهنجو خط به تو وٽ اهڙي ريت پهچي ويندو هو.
تنهنجو هڪ خط مليو، جنهن ۾ هڪ تبديلي نظر آئي. اڳي تون منهنجو نالو ثاقب لکندي هئينءَ، پر هن ڀيري تو لکيو
”ساقي!
توکي اهو نالو پسند آيو الائي نه! ساقي چوندا آهن پيارڻ واري کي، هاڻي مان به ڏسان ته تون پنهنجي خلوص جي پيالي مان مون کي، ڏک پيارين ٿو يا سُک. بهرحال تنهنجي ڏنل ڏک به مون کي سٺا لڳندا ڇاڪاڻ جو ڪجھه ماڻهو، ڏک به اهڙي طرح پيئاريندا آهن جو انهن کي کلي پيئڻ تي دل چوندي آهي. هر دور ۾ هڪڙو ساقي هوندو آهي ۽ هڪ رند. آدم ۽ حوا به ايئن هيا، ته سهڻي ميهار به، علي نواز ناز ۽ بالي به، عمر ۽ فاطمه به نوري ڄام تماچي به، نورجھان ۽ جھانگير به، ساحر ۽ امرتا پريتم به، بهرحال اِهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي، ته انهن مان رند ڪير آهي ۽ ساقي ڪهڙو؟ باقي، منهنجو ساقي ته تون آهين، آهين نه!؟“
مون کي ٽپالي، نالي سان ۽ روبرو سڃاڻيندو هو، منهنجا خط هاسٽل تي پهچائڻ بجاءِ مون کي يونيورسٽيءَ ۾ ڏيندو هو. مون وٽ جڏهن تنهنجو خط پهتو ان وقت مون وٽ حريم به ويٺي هئي. حريم جيڪا هفتي هفتي پنهنجو هيئراسٽائيل چينج ڪندي هئي ۽ روز نون ڪپڙن جي نمائش ڪندي هئي. هڪ ڏينهن تون مذاق ۾ چيو هو ته ”ڪڏهن ته هُن جي ڪنهن اسٽائيل جي تعريف به کڻي ڪر، ويچاري روز روز جي مصيبت کان ڇُٽي پوندي.“
منهنجي منهن تي مرڪُ ڏسي حريم جڏهن پڇيو ”ڪنهن جو خط آهي؟“
”دوست جو“
”اهڙيون مزيدار ڳالهيون لکيون اٿئين ڇا؟“
”ها، ڏاڍيون دلچسپ، حريم، ڪڏهن مَڌ پيتي ٿي؟“
”نه ابا، اهڙو خراب ڪم، مان نه ڪنديس“ گھٻرائجي حريم جواب ڏنو هيو.
مان توکي جواب لکيو هيو.
”تنهنجو نئون ڏنل نالو ڏاڍو سٺو لڳو، مون کي خوشي آهي ته تون مون کي ساقي سمجھين ٿي، منهنجي ته هر دم ڪوشش اِها هوندي ته جيترو ٿي سگھي، پنهنجي خلوص ۽ پيار جي مَڌ تنهنجي جام ۾ وجھي توکي پياريندو وڃان، پوءِ ڀلي ڪو رِند ايڏو مدهوش ڇو نه ٿي وڃي، جو مون کي اُن کي کڻي منزل تائين پهچائڻو پوي. مون کي سڀ ڪجھه منظور آهي“
ٻه ٽي ڏينهن يونيورسٽي، احتجاج جي ڪري پنهنجون بسون بند ڪيون هيون.
تنهنجو خط پهتو.
”ساقي!
تو لکيو آهي ته”منهنجي به هر دم اها ڪوشش هوندي ته جيترو ٿي سگھي ته پنهنجي خلوص ۽ پيار جي مڌَ تنهنجي جام ۾ وجھي توکي پياريندو وڃان، پوءِ ڀلي ڪو رِند ايڏو مدهوش ڇو نه ٿي وڃي، جو مون کي انُ کي ڪلهن تي کڻي منزل تي پهچائڻو پوي“
ساقي!
مڌ پي وڦلندو اهو آهي، جيڪو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ مڌ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سڪندو آهي، ۽ جڏهن هن کي مڌ ملندي آهي ته هو ايترو پيئندو آهي جو وڦلي پوندو آهي ۽ پوءِ ساقيءَ کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي منزل تي پڄائڻو پوندو آهي.
ته ساقي! مان انهن ماڻهن مان ناهيان، خدا جو شڪر آهي جو، منهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن کان، مون کي چاهتون ۽ پيار مليو آهي ۽ لڳندو آهي ته منهنجو وجود ٺهيل ئي انهن چاهتن سان آهي. مون کي چاهتن ۽ پيار لاءِ سڪڻو نه پوندو آهي. جڏهن، سڄي زندگي انهن چاهتن جي غرور ۽ سرور ۾ نه وڦليم ته اهو ناممڪن آهي تنهنجي خلوص ۽ پيار جي مڌ پي وڦلي پوان ۽ ڪنهن جي ڪلهن تي منزل تائين پهچڻ جو سفر طئي ڪيان؟ ان لاءِ مون کي سهارن جي ضرورت ناهي. مان مدهوش ٿي به، خود تلاش ڪري سگھان ٿي ۽ وڦلندا اهي به شخص آهن، جيڪي، ضرورت کان وڌيڪ پيئندا آهن. اهو سوچڻ بنا ته ڏکن ۽ سکن وانگر مڌ به اندر وڃي انسان جو وجود کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. گھڻا ڏک به زهر ۽ گھڻا سک به ڪوڙاڻ ڏيندا آهن. مان ڏکن ۽ سکن ۾ برابري رکڻ چاهيان ٿي، خدا نه ڪري جو مان همدردي ۽ رحم جي مڌ لاءِ سڪان، مان اهڙي مڌ کي ٿڏي به سگھان ٿي. مون کي خوشي آهي ته منهنجي زندگي تتل ريگستان ۾ نه گذري رهي آهي، پر منهنجي زندگي پنهنجن پيارن جي پياريل مڌ ۾ گذري آهي ۽ بغير ڪنهن سهاري جي، ڪنڌ مٿي ڪري گھمي رهي آهيان.
ان لاءِ منهنجي وڦلڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. اڃان تنهنجون اهڙيون سوچون، منهنجي جام ۾ زهر ملائي ڇڏين ٿيون. ڀلا جڏهن مڌ پيارڻي ئي آهي ته ان جو ڀوءُ ڇو ۽ ڪلهن تي کڻي پڄائڻ جي سوچ ڇو؟
مون وٽ پيار ۽ خلوص جي مڌ گھڻي مقدار ۾ موجود آهي، جنهن کي ڏسي ڪنهن به ساقي جو هٿ ڏڪي سگھي ٿو ۽ ان جي تصور سان مدهوش ٿي سگھي ٿو. ان لاءِ جو، منهنجي پيماني ۾ کوٽ ۽ ڪوڙ جي ملاوٽ ناهي.“
تنهنجي خط پهچڻ سان مون کي ڏاڍو ڏک پهتو ته تون، مون کي غلط سمجھيو ۽ منهنجن خيالن جي سچائي کي صحيح نموني نه پرکي سگھينءَ. مان توڏي خط لکيو ته.
”ساحره!
تون لفظن جي سحر سان ڪنهن ٻي کي ته متاثر ڪري سگھين ٿي. پر منهنجي لاءِ اها ڪوشش بيڪار آهي. مون کي افسوس آهي ته تون منهنجن جذبن جي سچائيءَ کي پرکي نه سگھينءَ، ڪيئن سمجھندينءَ؟ سچائيءَ کي پرکڻ لاءِ سچو من کپي.
تنهنجي غلطي آهي جي اهو سمجھين ٿي ته تون مڌ پي، وڦلي نه ٿي سگھين. اها ته تنهنجي ساقيءَ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن پيئڻو ئي آهي، ته پوءِ اهو سوچڻ اجايو آهي ته ماڻهو وڦلي به نه. احتياط سان ماڻهو هر جام کي چپن سان لڳائي ته پوءِ فائدو ڪهڙو؟ مئي جو ڪم آهي مدهوش ڪرڻ، ان کان ڪوئي بچڻ چاهي ٿو ته پوءِ مڌ پيئڻ جي ڪوشش ئي نه ڪري. مون کي افسوس آهي جو، مون کي ساقي به سمجھين ٿي ۽ بي اعتمادي به ڪرين ٿي“
تو جواب لکيو
”ساقي!
ساري (Sorry) توکي منهنجي مڌ ۽ ساقيءَ واريون ڳالهيون سٺيون نه لڳيون. پر ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي لفظن جي غلط چونڊ ڪري، تنهنجي ڳالهه جو مقصد ڦري ويندو آهي. بهرحال، تنهنجي پيار ۽ خلوص جي جيڪا مڌ مون کي ملندي، مون کي يقين آهي اگر مان مدهوش ٿي به وڃان ته ساقيءَ کي منهنجو وجود بار محسوس نه ٿيندو. ٻيهر ساري (Sorry )ڪيان ٿي.
ڇو جو بحث ڊگھو ٿي ويو. پر بحث مان اهو فائدو آهي جو، ٻين جي خيالن جي خبر پئي ٿي.
تنهنجو خط ڏاڍو مختصر هو. تون واقعي به مون کي چڱي نموني نه سمجھيو آهي. مان جڏهن اداس يا پريشان ٿيندي آهيان. ته توکي خبر ئي نه پوندي آهي. خبر ناهي مونکي تاثرات لڪائڻ جي سگھه آهي يا تنهنجين اکين ۾ ايتري طاقت ناهي، جو منهنجي من جي پاتال ۾ ٻرندڙ لاوا تائين پڄي سگھين. هونئن اڄڪلهه مان ڏاڍي پريشان آهيان. سبب جي خبر ئي نه ٿي پوي. شايد واندڪائي جي ڪري يا موسم جو به اثر ٿي سگھي ٿو. مٿان وري هي شام وارو ٽاڻو. ڇا ائين نه ٿو ٿي سگھي ته شام جو وقت ئي نه اچي! ڏينهن کان پوءِ هڪدم رات ٿي وڃي. ضروري آهي ته سج جو زوال اچي؟ خبر ناهي، منهنجي وجود سان هن شام جو ڪهڙو رشتو آهي! منهنجي دل چاهيندي آهي ته سج جي لهڻ تي زور زور سان روئان. ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته، پنهنجين انهن ٻرندڙ اکين جي ڇپرن تي ڳوڙهن جون ڏياٽيون ٻاريان. منهنجو خيال آهي ته ڏاڍو مزو ايندو. ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن خوشين ۽ کلڻ کان مونجهه ٿيڻ لڳندي آهي، سڀ ڪجھه مصنوعي لڳندو آهي. ڪنهن ڪم کان بغير پنهنجو وجود اڌورو لڳي ٿو ۽ پوءِ چاهيندي آهيان ته ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي کوڙ سارا ڳوڙها وهايان. اهي ڳوڙها جيڪي مان هر انسان جي غم کي، پنهنجو غم سمجھي پي وئي آهيان. ٻين جي غم تي ڳوڙها وهندا آهن ته دل چاهيندي آهي ته، منهنجو پنهنجو به غم هجي جنهن تي ڳوڙها نڪري اچن. جڏهن دل چاهيندي آهي ته پوءِ، بغير سبب جي ڳوڙها وهندا آهن ۽ ٽشو پيپر کان سواءِ منهنجو ساٿ ڏيڻ وارو ڪوبه نه هوندو آهي. گھر وارن جي سامهون مان ڪڏهن به اکين ۾ پاڻي اچڻ نه ڏيندي آهيان، ڇو جو مون کي خبر آهي ته هي پياريون هستيون هڪ هڪ ڳوڙهي کي پنهنجي دل تي ٽانڊي وانگر محسوس ڪنديون آهن. اهي مون کي هميشه کلندو ڏسڻ چاهن ٿيون. اهو سوچڻ کان سواءِ ته ساحره مصنوعي زندگي گذارڻ نه ٿي چاهي، ۽ مون ۾ روئندي به کلڻ جو حوصلو آهي.
بهرحال، کلڻ ۽ روئڻ جو فلسفو به عجيب آهي، انسان ڪنهن به حال تي خوش نه ٿو رهي. منهنجو خيال آهي ته منهنجو روح، مرڻ کانپوءِ به ڀٽڪندو وتندو. ان لاءِ جو مان هن دنيا ۾ ڪنهن کي به ايترو فري ٿيڻ نه ڏنو ته مان پنهنجا ڳوڙها ڪنهن جي ڪلهي تي وهائي، غمن جو مزو وٺي سگھان، تون چوندين ته بيوقوف ڇوڪري آهي. جو خوشين کان ڀڄي غم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. مگر ڇا ڪيان مون کي ڪنڊن ۾ ٽڙيل گلاب سٺا لڳندا آهن. هونئن به هاڻي مان پريشان ناهيان ڇو جو مان پنهنجي پريشاني تنهنجن ڪلهن تي اڇلي ڇڏي آهي. ۽ دل چئي ٿي ته هاڻي زور زور سان کلان، بهرحال هي عجيب ۽ غريب خيال لکي، ڏاڍي پرسڪون ٿي وئي آهيان. خدا ڪري تون به پرسڪون رهين“
تنهنجي خط ملڻ کان پوءِ مون کي کل اچي وئي ڇو جو تنهنجن خيالن ۾ گھڻو تضاد هيو، ڪڏهن ته چئين ٿي ته توکي خوشيون گھڻيون مليون آهن ۽ غمن کان نفرت ڪرين ٿي ته وري غمن جي طلب به ڪرين ٿي.
جڏهن شام جا پاڇا پوڻ لڳا. سج آهستي آهستي ٻڏڻ لڳو، افق تي ڳاڙهي چادر وڇجڻ شروع ٿي وئي. مان توکي ٽيليفون ڪئي. ”هيلو ...“
”هيلو ڪير؟ “
”جيڪو، تنهنجن خيالن ۾ رهندو آهي“
”الائي ڪير ٿا ڳالهايو؟“ مذاق مان وراڻيو هيئه.
” مڌ پيئندينءَ“
”اڃا نه سڃاتم“(شرارت مان چيئه).
”اهو ئي جنهن جو ڪلهو هميشه تنهنجي لاءِ هر وقت حاضر رهندو. تون جڏهن به چاهين، منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ڳوڙها ڳاڙي سگھين ٿي“
” ٿينڪ يو“
”ٿينڪ يو جي ڳالهه ناهي، تون چري ڇوڪري ناهين، غمن جي طلب اجائي ناهي، ڏک ۽ سک زندگيءَ جو سرمايو آهن. هر شيءِ جو تضاد هجڻ ضروري آهي، نه ته اڳلي شيءِ جي اهميت محسوس نه ٿي ٿئي.
فريم آف ريفرينس ضروري آهي، مٿي هوائي جهاز جي دريءَ مان ٻاهر ڏسبو آهي ته خبر ئي نه پوندي آهي ته هلي به ٿو يا نه، ڇاڪاڻ جو اتي ڪابه اهڙي ساڪن شيءِ نه هوندي آهي.، جنهن سان ڀيٽي سگھجي ته جهاز تحرڪ ۾ آهي. ها اهو تون ڪيئن لکيو آهي ته مان توکي سمجھي نه ٿو سگھان ؟“
”تون ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي آهي، ۽ منهنجي پريشاني ۽ اداسي کي سمجھي نه سگھيو آهين.“
”مان سڀ ڪجھه سمجھندو آهيان، پر ناهيان چاهيندو ته ڪنهن جي ڏکن کي اندر مان کولي ۽ انهن ڏکن جي اثر کي وڌائجي. رک ۾ پوريل ٽانڊا، آهستي آهستي وسامي ويندا آهن. پر جيڪڏهن انهن ٽانڊن تان خاڪ لاهي وري ظاهر ڪبو ته انهن جو تاءُ وڌي ويندو ۽ باهه ٻرڻ شروع ٿي ويندي.
هلو ....ٻڌين ٿي نه؟ “
”ها ها ٻڌاءِ ،مان اڄ رڳو ٻڌڻ چاهيان ٿي.“
”هونئن به اسانجو ذهن عجيب آهي، ڪنهن ڳالهه جي گھڻي چوڻ سان اسانجو ذهن به ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ شروع ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي چئبو ته تون پريشان آهين ته هو واقعي پريشان ٿيڻ شروع ٿي ويندو. ايئن آهي نه؟“
”ها ايئن آهي!“
”جيئن تون پريشان چئي چئي، مون کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهين.“ کلندي چيم
”ها، پر تون مون کان وڌيڪ ماهر هيپناٽسٽ آهين، جو تون پريشان ٿيندو آهين ته اها پريشاني مون کي به پريشان ڪري ڇڏيندي آهي.“
”ها ها ....متان نه مڃين.“ کلندي چيم.
”مڃي ته اڳ ۾ چڪي آهيان“ تون شرارت ۾ وراڻيو هو.
”ڪهڙي حيثيت ۾؟“
”اها منهنجي دل ۾ آهي.“
”مهرباني ڪري، ٽن دفعن مڃڻ واري حيثيت ۾ نه مڃجانءِ نه ته قهر ٿيندو.“
”ها، ها ... ڊڄي وئين نه“ هاڻي تنهنجي کلڻ جو وارو هيو.
”ها، ڀوائتين ڳالهين کان ڊڄندو آهيان“
”شام ڪيڏي نه خوبصورت ٿي وئي آهي“
”چوندو آهيان نه ته موسم اندر جي هوندي آهي، جيڪا ٻاهرين ماحول تي اثر ڇڏي ٿي“
”ايئن ناهي، خبر ٿي، صرف تنهنجي ڳالهائڻ جي ڪري شام خوبصورت ٿي وئي آهي“
”ڀلا سڀاڻي ايندينءَ؟ ڪلهه به نه آئي هئينءَ“
”ها، پر هڪ شرط تي...“
”ڪهڙي؟“
”چانهه پيئنداسي پر مٺي“ شرارت مان چيو هيئه،
مان به مذاق مان کلندي جواب ڏنو هيم
”توهان اچو ته سهي، توهان کي چانهه ضرور ملندي“
ٻنهي جي ٽهڪن سان گڏ رسيور به پنهنجي اڌ وجود، ڪريڊل سان مليو.