ناول

خالي بينچ

هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي، جڏهن لطيف يونيورسٽيءَ ۾ ٻين وڳي کان پوءِ سڃُ جو راڪاس ڊوڙندو رهندو هو. ڪاريڊور ۾ ايتري پيهه نه هوندي هئي، پر ان وقت جي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ رومانس جون گھنڊڙيون وڄنديون هيون. جڏهن املتاس ۽ ڪچنار جا گل خوبصورت ڇوڪرين جي وڳن سان ميچ ڪندا هيا. جڏهن يوڪلپٽس جا وڻ، خاموشيءَ سان پريمين جي گفتگو ٻڌندا هيا، هيءَ ان زماني جي ڪٿا آهي.
Title Cover of book خالي بينچ

8

ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو ته مان ڪراڙو نوجوان آهيان. ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جي هر رُخ ڏانهن منهنجو رويو سنجيده هوندو آهي. هر نوجوان عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ مير علي نواز ”ناز“ بڻجڻ چاهيندو آهي. پر مان عشَق يا محبت ڪرڻ کان گھٻرائيندو آهيان. صرف ان ڪري جو، جنهن خواهش جو پورائو نه ڪري سگھجي تنهن سان ناتو ڇو رکجي! محبت ڪرڻ کان پوءِ ٻئي نالا هڪ ٻئي سان ايترا منسوب ٿي وڃن ٿا جو پوءِ اڪيلو نالو اڌورو لڳي ٿو. اسان اڃان ريتن رسمن جي ”ڪوٽ قلعي“ کي پار نه ڪري سگھيا آهيون. جنهن ڪري اڪثر طور ٻن پيار ڪندڙ دلين جو ميلاپ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو. جيڪڏهن سندن چاهت جذباتي هوندي ته ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ٻئي کي وساري ويهندا ۽ جيڪڏهن چاهت چري هوندي ته ٻئي دليون پنهنجن جيون ساٿين سان صحيح نموني نباهي نه سگھنديون.
شادي به پيار جو موت آهي.
ڇاڪاڻ جو شاديءَ کانپوءِ خوابن جي چادر مٿان لاهي، زندگيءَ جي حقيقت جي تيز اُس ۾ هلڻو ٿو پئي. نابرابريءَ واري سماج ۾، پيٽ جي پورائي ڪرڻ ۽ محبت ڪندي، خواهشن جي منڇر کي خالي ئي رکڻو پئي ٿو ۽ پوءِ پيٽ، پيٽ کان هيٺ واري چڪر کان مٿي آهي.
پيار کي شاديءَ جي روپ ۾ پائڻ کان پوءِ، چاهت جو رخ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ان ڪري مان پاڻ کي عشق لاءِ Unfit محسوس ڪندو هيس. مان صرف دوستيءَ واري ئي روپ کي ڏسڻ چاهيندو هيس، جنهن ڪري گھڻيون ڇوڪريون جن جي منزل شادي هوندي هئي ملڻ، کان لنوائينديون هيون.
تون ته آهستي آهستي وڌي رهي هئينءَ.
مون کي اِهو خوف ستائڻ لڳو ته ڪٿي تنهنجي ذهن ۾ به ته اها ساڳي منزل ناهي. هڪ ڏينهن ٽيليفون تي ڳالهائيندي توکي چيم ته، اسان ٻئي سٺا دوست رهي سگھون ٿا. تون ٿوري دير خاموش ٿي وئي هئينءَ. مان طنز ڪندي چيو ته ”ڇو دوستيءَ جي نالي تي چپ ٿي وئينءَ؟“
تون ڪو به جواب نه ڏنو، ٻئي ڏينهن تي تنهنجو جواب لکت ۾ مليو.
”ثاقب صاحب!
توهان ٽيليفون تي پڇيو هو ته مان دوستيءَ جي نالي تي گھٻرائجي ڇو ويسِ.
هڪڙي ڳالهه چوان ته دوستي ۽ دڪانداريءَ ۾ وڏو فرق هوندو آهي ۽ ماڻهو توهان سان خود غرضيءَ کي محبت جي لباس ۾ ڍڪي ۽ پنهنجي ديوانگيءَ کي دوستيءَ ۾ ويڙهي، ضرور مليا هوندا پر ساحره انهن ڇوڪرين مان ناهي جيڪا هڪ مسڪراهٽ ۽ ٻن ٽن رومينٽڪ ڊائلاگن تي پنهنجي دل ڏئي ويهي يا غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وڃي. محبت ۽ عشق کان سواءِ ڪجھه رشتا اهڙا به هوندا آهن، جڪي بي نانءُ هجڻ جي باوجود بي مثال هوندا آهن!
مون کي اها خبر هئي ته توهان اهڙي ڳالهه ضرور ڪندئو. مان توهان جو مطلب سمجھي وئي آهيان، مگر هر ماڻهو هڪ جھڙو نه هوندو آهي، دراصل توهان کي هاڻي ڪنهن ماڻهوءَ تي اعتبار نه رهيو آهي ۽ توهان سڀني کي خود غرض سمجھو ٿا. توهان جي ان ڳالهه منجھان، مون اندازو لڳايو آهي ته توهان اڃان دوستيءَ جي وسعتن کان ناواقف آهيو. ان جو سبب صرف اهو آهي ته، توهان پنهجو پاڻ کان ڊڄو ٿا. توهان پنهنجي چهري تي مصنوعي خول چاڙهي ڇڏيو آهي، هڪ طرف ته توهان پنهنجي اصلي چهري سان، پنهنجي وجود جي تلاش ۾ نڪرو ٿا ۽ ٻي طرف پنهنجي خول ۾ لڪي پنهنجي ۽ ٻين جي وجود کان انڪار ڪري فرار ٿيڻ چاهيو ٿا. توهان جو هاڻي ڪنهن تي اعتبار ناهي، پنهنجو پاڻ تي به نه، ۽ ٻين تي به نه. سهارن جي عادت توهان جو اعتبار کسي ورتو آهي. سهارن جي خود غرضي توهان کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ئي توهان کي پنهنجو وجود انهن سهارن ۾ نظر نه ٿو اچي. ڪڏهن بغير سهارن جي پنهنجي اندر جھاتي پايو ها، ته توهان کي پنهنجو وجود نظر اچي ها.
سهارن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي، پنهنجو وجود به ڳوليو ٿا ۽ ان ڀوءَ ۾ به مبتلا رهو ٿا ته اهو ڪلهو توهان جي ڪنڌ هيٺيان کسڪي نه وڃي. توهان جي بي چيني، جستجو ان ڪري آهي، جو توهان پنهنجي تلاش سهارن سان گڏ ڪئي آهي. پنهنجن پيرن کي رتوڇاڻ ڪيو ها ته رستو به مِليوَ ها ۽ منزل به! انهن مصنوعي سهارن ۽ توهان جي خوف، توهان کي رستن جي ٿڪاوٽ ۽ پٿرن جي سختيءَ کان محروم رکيو ۽ توهان کان اعتبار به کسيو. ڪڏهن يقين جي قوت ۽ اعتبار سان ڪنهن کي سمجھو ها ته توهان کي پنهنجو وجود به ملي ها. توهان زندگيءَ کان فراريت حاصل ڪندا رهيا آهيو. توهان کي خبر ناهي ته اهي سهارا اسان کي منزل کان ڀٽڪائيندا آهن. هن مطلبي ۽ خود غرض دنيا ۾، ڪنڊن تي هلڻ لاءِ ڪو ڪو ساٿ ڏيندو آهي. راهه ۾ هلندي، پيرن ۾ پيل لڦن تي، هر ڪوئي مرهم نه هڻندو آهي.
ثاقب! شڪ جي ڪري تو پنهنجا پر خلوص سهارا وڃائيا آهن. پنهنجي وجود سان ملندي توهان ڊڄندا آهيو ته، توهانجي اندر نه ڪوئي جھاتي پائي توهانجي اصل شڪل ڏسي وٺي. ان ڀوءَ جي ڪري توهان کي ٻين جي خلوص تي اعتبار نه ٿو اچي. منهنجي درخواست آهي ته ڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي شخصيت سان ملايو، مون کي يقين آهي ته ان طرح اوهان کي پنهنجو وجود ڏاڍو خوبصورت نظر ايندو ۽ جڏهن توهان منزل تي رتوڇاڻ پيرن سان پهچندئو ته پنهنجن چپن سان دوا رکڻ وارو هڪڙو وجود، توهانجي ذات جي شاهديءَ سان گڏ توهانجو منتظر هوندو. مگر توهان گھٻرايو ٿا. ان لاءِ جو، توهان ۾ پنهنجو پاڻ سان ملڻ جي همت نه آهي ۽ ٻين جي ذات تي اعتبار نه آهي. هنن جي ڪلهن تي ڪنڌ رکي، توهان خود غرضيءَ ۾ مبتلا ٿي انهن کي ڌوڪو به ڏيو ٿا ۽ پنهنجي وجود کان ناواقف به رهو ٿا.
اهو مڃون ٿا ته اسان سڀ هن دنيا جي ڊرائنگ روم ۾ سجايل آهيون.
مگر اسان سڀني کي، اسانجي معبود پنهنجي پنهنجي جڳهه تي فٽ (Fit) ڪيو آهي. ڳالهه صرف سمجھڻ جي آهي، ضروري ناهي ته اسان سٺي جڳهه تي رهون ۽ خوش به رهون. گل به ته ڪنڊن سان گڏ هوندا آهن پر کڙندا آهن، چنڊ به پنهنجي داغيل وجود سان چانڊوڪي ڪندو آهي، درياءُ به ته مسلسل ٿڪاوٽ جي باوجود روان دوان آهي. اهڙيءَ طرح اسان جتي به هجون، اسانجي هڪ اهميت هوندي آهي. ضروري ناهي ته نمايان نظر اچڻ واري تصوير ئي، سڀني نگاهن جو مرڪز هجي! ڪنڊ ۾ لڳل تصوير به ته ڪنهن کي پُرڪشش لڳي سگھي ٿي، پنهنجي پنهنجي نظر جي ڳالهه هوندي آهي جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سمجھندا ته مطمئن رهندئو. توهان کي درياءَ تي لهندڙ سج ڏاڍو سٺو لڳندو آهي! ڪڏهن غور ڪيو اَٿوَ ته سج روز پنهنجي موت ڇو مرندو آهي؟ ان ڪري جو درياءَ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾، درياءَ جي چاهت ۾ ٻڏي هن جو وجود ٺري پوندو آهي. تنهن ڪري هو روز اڀرندو آهي. هن کي خبر آهي ته هڪ درياءُ هُن جو منتظر آهي. جيڪو هن کي، هُن جي گرميءَ سميت پنهنجن ٻانهن ۾ لڪائي/سمائي ڇڏيندو. هو عظيم آهي جو دنيا جي ساري باهه پنهنجي اندر جذب ڪري ٻين کي فائدو پهچائي ٿو.
عظيم هونداآهن اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ٻَري، ٻين کي روشني ڏيندا آهن.
ڪڏهن درياءَ مان سج کي اڀرندو ڏٺو اٿوءَ؟ ضرور ڏسجو! سج جي ڪرڻن جي نچڻ سان توهان کي زندگي نچندي نظر ايندي. توهان به خلوص ۽ اعتبار سان اڀري ڏسو. مون کي يقين آهي، ته توهان جي عظمتن جي اعتراف ۾ هڪ درياءَ توهانکي اوهانجي ڏک ۽ تپش سميت سميٽڻ لاءِ توهان جو منتظر هوندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي زندگيءَ جو سج اڀرندي محسوس ٿيندو.
توهان جي بي اعتباري ۽ توهان جي هڪ جملي مون کي گھائي وڌو آ، ڪاش اهي لفظ ٻڌڻ مهل، توهان منهنجي چهري جا رنگ به ڏسو ها. احساس جي مار واقعي شديد ٿئي ٿي، خلوص جو ٿڏو منهن ڀر ڪيرائي ٿو. ڏکن جي باڪس ۾، هڪ وڌيڪ ٽشو پيپر.
توهان جي وجود جي تلاش ۾، جيڪڏهن منهنجو وجود ڪم اچي ته مان هاڻي، خلوص دل سان پنهنجي خوش قسمتيءَ جو اعتراف ڪيان ٿي. جيڪڏهن منهنجي وجود مان، توهان کي خوشي حاصل ٿئي ٿي ته مان قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجي سڙيل جسم جي خاڪ، توهان جي زخمن کي مسيحائي ڏي ته مان حاضر آهيان، خوشيءَ سان سڙڻ لاءِ، پنهنجي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ. ڇو جو مان انهن مان ناهيان جيڪي دوستي ۽ خلوص ۾ دڪانداري ڪندا آهن. منهنجو اهو واعدو آهي ته جيترا لمحا، جيتريون گھڙيون، منهنجون توهان سان گڏ لکيل آهن، انهن لمحن ۽ گھڙين ۾ توهان جي زندگيءَ ۾ محرم ڪڏهن نه ايندو، توهان بي خوف ٿي ڪنهن جي دوستيءَ تي اعتبار ڪري ڏسو، خلوص تي شڪ ڪندئو ته سٺن دوستن کان محروم رهندئو.
دعا ڪجو ته، توهانجي ان ڳالهه وسارڻ ۾ ڪجھه ڏينهن، ڪجھه پل تيزيءَ سان گذري وڃن. نه ته، لفظن جا گھاءَ صدين کان پوءِ به تازا محسوس ٿيندا.“
هڪ چري ڇوڪري.