37
“هن وقت مون کي بخار آهي ۽ بخار ۾ منهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿي، تمام خوبصورت بڻجي ويون آهن. مون کي پاڻ کي به سٺيون لڳي رهيون آهن. پر هڪ ڳالهه آهي ته، مان اپ سيٽ نه پر فريش آهيان. منهنجي ذهن ۾، ڪابه سوچ ناهي، مان سوچڻ به بند نه ڪيو آهي. ليڪن ڪجھه سوچن کي مان ختم ضرور ڪري ڇڏيو آهي. مان ڄاهه ڪيو آهي، پر تڏهن به الائي ڇو محسوس ٿيندو آهي ته، منهنجي دل ۾ باهه لڳل آهي، خبر ناهي ڪهڙي باهه؟ الائي ڇو ڪجهه چهرا ايترا جلدي بدلجي ويندا آهن. مُهانڊا ته اهي ئي هوندا آهن پر صرف، انداز بدلجي ويندو آهي. اُهي پر اعتماد رشتا ڪيئن بدلجي ويندا آهن. اهي شفيق/دوست جن تي اسان انڌا ڌنڌ اعتماد ڪندا آهيون.
اهي مقدس رشتا، جن سان جيون جي ڏور ٻڌل هوندي آهي، ڪچو ڌاڳو ڇو ثابت ٿيندا آهن؟ ۽ انهن رشتن جي ٽٽڻ سان، دلين ۾ جيڪي گھاوَ پيدا ٿيندا آهن، اهي ڪڏهن به نه ڀرجندا آهن. جيڪا خلا پئدا ٿيندي آهي، اها ڪنهن به طرح پُر نه ٿيندي آهي. اهي نازڪ احساس، اهڙي طرح مجروح ٿيندا آهن، جو وکريل وجود ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندا آهن. (روئڻ جو آواز)
مون کي فخر آهي ته تون منهنجو دوست آهين تون نه هجين ها ته مان مري وڃان ها. تون ڏکن ۾ مون سان شيئر ڪيو، منهنجا ڳوڙها سميٽيا ان لاءِ مان جيتري به ٿورائتي ٿيان، گھٽ آهي.
مون ته ڪڏهن ڏک ڏٺا ئي نه هيا، مان سوچيندي هيس ته مون کي جيڪڏهن، ڏک مليا ته واقعي به مان پاڳل ٿي پونديس. مگر ڏس، تون منهنجو دوست آهين ۽ تون مون کي پاڳل ٿيڻ کان بچائي ورتو. پر، مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته، هن زندگيءَ ۾ خبر ناهي ڪيترا ڏک ملن ۽ تون انهن ڏکن ۾ شيئر ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏيندين يا نه؟ مون کي جڏهن ڏک ملندا آهن تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته، منهنجن ڪلهن تي احساسن جو صليب رکيل آهي. پر توسان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو آهي ته، مان پنهنجن ڏکن جو صليب تنهنجن ڪلهن تي رکي ڇڏي آهي ۽ ان جو مون کي حق به آهي. ٻئي ڪنهن جي صليب ڪلهن تي کڻي، هُن کي زندگي ڏيڻ هِن دنيا جو عظيم ڪم آهي ۽ تو ۾ اها عظمت آهي. جيڪڏهن تون نه هجين ها ته، ڏکن جي صليب تي منهنجو وجود ختم ٿي وڃي ها.
جيئن ڪمري جي ننڍن ننڍن سوراخن مان، ايندڙ روشني ذريعي سج اڀرڻ جي خبر پوندي آهي، اهڙي ريت ننڍين ننڍين ڳالهين مان، انسان جي ڪردار جي خبر پوندي آهي.
مون کي دنيا جي ٺاهيل اصولن کان نفرت آهي، تمام گھڻي نفرت! قتل ڪرڻ وارن کي ته موت جي سزا ڏين ٿا. پر جيڪي، روحن کي لتاڙين ٿا، احساسن جو قتل ڪن ٿا، اهي ڪيڏا آزاد ۽ خوش گذارين ٿا. ان ڳالهه کان لاپرواهه ٿي ته انهن جي هڪ ڳالهه، هڪ فيصلي تي ڪنهن جي شخصيت ختم ٿي وڃي ٿي، اها شخصيت قتل ٿي وڃي ۽ قتل ٿيندي، آخري رڙ به نه ڪري سگھي، زندگيءَ جي بخشش به نه گھري سگھي(روئڻ جو آواز)
مان سهارن کان تمام الرجڪ هيس مگر، هاڻ اعتراف ڪيان ٿي ته، اسان کي جيڪڏهن سهارا نه ملن ته مري وڃون. مان سهارن کان ان ڪري به الرجڪ هيس جو، مون کي ڏک ئي نه مليا هيا ۽ خوشيون، پنهنجو پاڻ سان شيئر ڪري وٺندي هيس. مگر، جڏهن مون کي، ڏک مليا ته مون کي احساس ٿيو ته، منهنجا ڪجھه دوست، بلڪه تون، منهنجي ويجھو آهين ته، مان پنهنجن ڏکن کي وساري ويٺيس. مان گھڻي حساس آهيان مگر تنهنجي پيار، تنهنجي تمام گھڻي چاهت ۽ ايڏي گھڻي خلوص، مون کي وري جياري ڇڏيو. نه ته ساحره جھڙي ڇوڪري ته مري وڃي ها. مون کي يقين ئي نه ٿو اچي ته، دنيا ۾ ايترا سٺا ماڻهو به هوندا آهن. اهڙا پيارا پيارا ماڻهو جن جو خلوص ۽ پيار، ايترو بي لوث ۽ وشال هوندو آهي جو، اسان ان سمنڊ ۾ ٻڏندا ويندا آهيون ۽ اسان کي ٻڏڻ جو احساس به نه ٿيندو آهي. ڏکن جي چادر منهنجي وجود جي مٿان ڦهلجي وئي آهي. مگر تنهنجي پيار ۽ چاهت جي طاقت مون کي ان چادر هيٺيان ڇڪي ڪڍي رهي آهي. جيترو پيار ۽ چاهت تو مون کي ڏني آهي، خدا ڪري، تون هميشه زندهه رهين ۽ مان، بند ٿيندڙ اکين سان توکي ڏسندي ڏسندي مري وڃان ۽ منهجين اکين ۾ آخري عڪس ٻئي ڪنهن جو نه پر، تنهنجو هجي. جيڪڏهن تون، نظر نه ايندين ته منهنجو روح بي چين هوندو ۽ جنهن شخص کي زندگيءَ ۾ سڪون نه ملي، ان لاءِ ضروري آهي ته مرڻ کانپوءِ ته هن کي سڪون ملي.
زندگي، پوپٽ وانگر اسان جي چوڦير اڏامندي رهندي آهي ۽ پنهنجي رنگن تي هر شخص کي برغلائي، ڏسندي ڏسندي گلن ۾ گم ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن، اسان هن کي پڪڙي به وٺئون ته پنهنجا رنگ ڇڏي اڏامي ويندي آهي ۽ اهي رنگ هوندا به عارضي آهن.
گھڻي رات گذري چڪي آهي پر، مون کي ننڊ نه ٿي اچي، هونئن به هاڻي ننڊ جي ٻيٽن ڏي ناوَ نه ٿي وڃي. مان به ڪيسٽ ڀرڻ ٿي چاهيان ۽ ايستائين ڳالهائيندي رهنديم جيستائين، ننڊ نه اچي. تنهنجي خيال سان ننڊ سٺي اچي ويندي ۽ مان ڳالهائيندي ڳالهائيندي تنهنجي خوبصورت خيالن سان سمهڻ چاهيان ٿي....‛
تنهنجي ڪيسٽ، روئڻ سان گڏ ڀريل هئي. توکي اڃان تائين خليل جي جواب ڏيڻ جو ڏک هو. تون، خليل سان نفرت ڪرڻ لڳي هئينءَ ته چڱو ٿيو جو اهڙي ماڻهوءَ سان زندگي گذارڻ کان بچي ويس، جنهن جو ذهن ايڏو خراب آهي ۽ ڪريل آهي. ان هوندي به تون منجھيل هوندي هئينءَ ته، تنهنجي ڀيڻ جا ٻار، تمام گھڻو ڀوڳيندا. هنن جون ڳالهيون ڪندي تون روئي پوندي هئينءَ. اڃا تائين، تنهنجي ذهن تي ٻارن جو مستقبل ڇانيل هوندو هو.