17
مان چوندو هيس ته، ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڏک سک ايندا رهندا آهن. ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي مسئلن کي مڙسيءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي ۽ انهن ڏکن کي سهڻ لاءِ هن کي ٻين جي سهاري جي ضرورت پئي ٿي. توکي، ان ڳالهه تي اعتراض هوندو هو ته، “ماڻهو ٻين جي سهاري سان زندگي ڇو گھاري؟ ماڻهوءَ ۾ سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور سگھه آهي. مان ته سدائين خوشيون ماڻيون آهن ۽ خدا چاهيو ته ، منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک نه ايندا ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي سهاري جي ضرورت پوندي”
مون کي، تنهنجين انهن ڳالهين تي کل ايندي هئي. ڇاڪاڻ جو، تون پاڻ ئي انهن ۾ ڪامياب نه ويندي هئينءَ. خود تنهنجو مون سان گھرو ٿيڻ به ان جو وڏو ثبوت هو ۽ ننڍن ننڍن ڏکن جو به تون گھرو اثر وٺندي هئينءَ. اهڙي قسم جو اظهار، تنهنجن خطن ۽ ڳالهين مان محسوس ٿيندو هو.
تو ٽيليفون تي ٻڌايو“منهنجي وڏي ڀيڻ جي طبيعت خراب آهي. هن کي دل جي بيماري آهي ۽ هاڻي کيس اسپتال داخل ڪرايو اٿئون، مان به سڀاڻي ڪراچي وينديس. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇاڪيان؟ مون ڏانهن هر طرف کان ڪنڊن ڀريا هٿ ۽ ٿوهر جھڙا منهن وڌندا اچن ٿا ۽ مون کي لڳي ٿو ته مان ڪيڏو به چاهيان پنهنجو پاڻ کي، انهن ڪنڊن جي عذاب کان آجو نه ڪرائي سگھنديس. شام جو لهندڙ سج جا رنگ لڳن ٿا ڄڻ، ڪنهن مريض رت جي گرِڙي ڪئي هجي. ڏکن جي وڻ ويڙهي منهنجي وجود کي گھيري ڇڏيو آهي. الائي ڪيترا انديشا ۽ خوف، منهنجي ذهن کي وڪوڙي ويا آهن.”
مان توکي ٽيليفون تي آٿت ڏيندو رهيس، پر ٽيليفون تي توسان اهو ڪجھه نه ڳالهائي سگھيس، جيڪو تون چاهين پئي ۽ جيڪو مان چاهيان پيو. ڇو جو، ٽيليفون تي ٻيا به اسٽوڊنٽ ويٺا هيا. جن جي سامهون توسان کُلي ڳالهائي نه پيو سگھان. ان لاءِ ٻنهي کي اڃ رهجي وئي. مون توکي گھڻا دلاسا ڏنا ۽ سمجھايو ته “تو جھڙي مضبوط ڇوڪريءَ کي ته ايئن نه ڪرڻ گھرجي ۽ ٻيو ته، تون پاڻ کي اڪيلو ڇو ٿي سمجھين، مان به تون سان گڏ آهيان. توکي ڪيترا دفعا سمجھايو اٿم ته، پنهنجا ڏک مون کي ڏئي ڇڏيندي ڪر”
تنهنجو آواز تڏهن به لڳي پيو ته گھرائيءَ مان اچي رهيو آهي، ۽ تون ٿڪل ٿڪل ۽ ڏکايل آواز ۾ موڪلايو. تون ڪراچي هلي وئينءَ، جتي تنهنجي ڀيڻ داخل هئي.
تو مون کي ٻڌايو هو ته، تون سهيليون گھٽ بڻائيندي آهين ڇو جو، توکي انهن جي ڳالهين تي چڙ ۽ نيرو مائينڊيڊ هجڻ تي ڏک ٿيندو آهي. جنهن ڪري تون ڪنهن سان به ذهني طرح ايڊجسٽ نه ٿي سگھندي هئينءَ ۽ پنهنجي وڏي ڀيڻ کي ئي پنهنجي سهيلي سمجھندي هئينءَ. تون جڏهن به ڪيڏانهن ٻاهر گھمڻ ويندي هئينءَ ته تنهنجي ڀيڻ تنهجي پارٽنر هوندي هئي. هن جي گھر ۾ تون پنهنجي گھر کان وڌيڪ رهندي هئينءَ. هن جي ٻارن کي تون ئي وڌيڪ چاهت ڏيندي هئينءَ ۽ گھڻو ڪري هن جي گھر جي سار سنڀال، ڇنڊ ڦوڪ تنهنجي بلي هوندي هئي. جو، هوءَ هرٽ پيشنٽ هجڻ ڪري ڪم ڪار گھٽ ڪندي هئي.
تنهجي وجود ۾، تنهجي ڀيڻ سمايل هئي. هن جي گھر ۾ تنهنجيون ٺاهيل پينٽنگز لڳل هيون. جڏهن به يونيورسٽيءَ کي هڪ ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي هئي، تنهنجي بيگ ڪراچي لاءِ تيار هوندي هئي. تنهنجي، پنهنجي ڀيڻوئي سان به سٺي انڊر اسٽينڊنگ هئي. هن کي تنگ ڪرڻ، چرچا ڪرڻ ۾، سڀني ڳالهين ۾ تون اڳتي هوندي هئينءَ. ٻار ته توکان سوا رهي ئي ڪونه سگھندا هيا. ان پنهنجي پياري ڀيڻ جي سخت بيماريءَ ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ سان تنهجي پريشاني چوٽ چڙهيل هئي.
تنهنجي اداس ٿيڻ تي مان توکي يقين ڏياريو ته پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي.
“مان تنهجي هر خوشيءَ ۽ غم ۾ شيئر ڪر ڻ چاهيندو آهيان. پر، مونکي ندامت آهي ته مان تنهجي اداسيءَ ۾، توسان شيئر نه ڪري سگھيس ۽ تون شئير ڪندي آهين. ان ۾ جيڪڏهن ڪجھه قصور منهنجو آهي ته ڪجھه تنهنجو به آهي ڇو جو تون پنهنجي مٿان خول چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي اداسيءَ کي ظاهر نه ڪندي آهين. جڏهن ته مان دوستن جي آڏو پنهنجي هر ڪيفيت جو کليل اظهار ڪندو آهيان.
تون اداس نه ٿيندي ڪر. ڇو جو تنهجي اداسي، منهنجي اداسي آهي. ان ڳالهه جو ثبوت اڃ ملي ويو هوندءِ، ڇو جو مان نه پيو چاهيان ته توکي اداس ڇڏي مان حيدآباد هليو وڃان. مان توسان ڪمپني ڪري تنهنجي ڏک ۽ قرب کي اندر ۾ اوتڻ چاهيان پيو. پر هميشه وانگر اڄ به دوستن، ان خواهش کي پورو ٿيڻ نه ڏنو ۽ واندڪائي ئي نه ملي.
اي ڊگھن وارن واري ڇوڪري،
تون ايئن ڇو سمجھندي آهين ته، ٽشو پيپر ئي تنهجي ڏک جا ساٿي آهن. مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تنهنجن ڳوڙهن سان منهنجي قميص آلي ٿئي. هونئن اڄ تنهنجي خول ۾ ٿورا ٿورا ڏار پيا آهن. ڇو جو، تون هر وقت چوندي هئين ءَ ته، خوشين کان سواءِ مون وٽ ڪجھه نه آهي. مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته، زندگيءَ جي درياءَ ۾ ڏک سک جا وهڪرا گڏ گڏ هلن ٿا. مان نه ٿو چاهيان ته تنهجي حصي ۾ صرف غم هجن. منهنجي ته خواهش اها به آهي ته، تنهنجي حصي جا غم مون کي ملن ۽ تون کلي زندگيءَ جو جام پيئندي رهين. تو ڪڏهن لکيو هو
“منهنجو روح مرڻ کان پوءِ ڀٽڪندو رهندو، ان لاءِ جو مان هن دنيا ۾ ڪنهن کي به پاڻ سان ايترو فري ٿيڻ نه ڏنو، جو مان ٿورا ڳوڙها ڪنهن جي ڪلهي تي وهائي، غمن جو مزو وٺي سگھان.
ساحره !
مان ته اهو چوندس ته آخر تون اهو حق مون کي ڇو نه ٿي ڏين. جڏهن ته تنهنجي خواهش به اها آهي. منهنجي گذارش آهي ته ڪڏهن ته منهنجي خلوص تي اعتبار ڪر!!
تون ٽيليفون تي ڏاڍي ڏک جي خبر ٻڌائي ۽ تنهنجي لهجي ۾ اداسي جو زهر سمايل هو. مان توسان چاهيندي به نه ڳالهائي سگھيس ڇو جو دوست ويٺل هيا.
مٺي!
هي ننڍا ننڍا ڏک ته ايندا رهندا آهن. انهن جو اثر گھڻو وٺڻ نه کپي. سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو. تنهنجو اهو چوڻ ته هاڻي تنهنجو سمورو سال خراب گذرندو، ايئن سوچڻ صحيح ناهي ۽ تنهنجي اها ڳالهه مون کي ڏاڍو ڏک ڏئي رهي آهي. مون کي مانُ آهي ته تون مون کي ڪو به ڏک ڏيڻ نه ٿي چاهين، ان لاءِ هاڻي واعدو ڪر ته وري ايئن نه سوچيندينءَ.
مان تنهنجي مترنم کِل ٻڌڻ چاهيان ٿو. اها کِل، جنهن تي اهو گمان ٿيندو آهي ته ڪنهن جي پايل ڇمڪي آهي. تون ڪراچي وڃڻ ٿي چاهين، ضرور وڃ پر ان يقين سان ته مان به تون سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي موٽ جو شديد انتظار ڪندس.”
مون اهو خط تون کي ڪراچي موڪليو هو.
مون کي به ڏاڍي اڻ تڻ هئي ته تون خير خوبيءَ سان ڪراچيءَ مان واپس اچين ۽ تنهنجي ڀيڻ جي طبيعت صحيح ٿئي، ڇو جوتنهنجي لاءِ هوءَ گھڻو ڪجھه هئي.
ڪراچيءَ مان لکيل تنهنجو خط مليو:
“مان بلڪل ٺيڪ آهيان، اميد ته تون اداس نه هوندين. ڪالهه ڪراچيءَ پهچڻ کان پوءِ اسپتال هلي آئي آهيان. منهنجي ڀيڻ جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي. تون تصور به نه ٿو ڪري سگھين ته مان ان لمحي ۾ ڪيترو ضبط ڪيو ۽ ڪيترن ڳوڙهن جي ٻوڏ مون پنهنجي من ۾ وهائي ڇڏي. شايد، اهو حوصلو تنهنجي خط ۽ ڳالهين ڏنو هو نه ته، ساحره ايتري به بهادر نه هئي. بهرحال اهي ڪرب آميز لمحا گذري ويا. هاڻي اديءَ جي طبيعت بهتر آهي.
رات جو ننڊ به نه آئي هئي، اکيون ٿڪيل آهن ۽ تصور ۾ توکي خط پڙهندي ڏسي رهي آهيان.
هاڻي مان گھڻي پرسڪون آهيان. مون سان گڏ منهنجو ڀيڻيويو به آهي، ان سان خوب ڪچهريون ٿين ٿيون. مون کي چئي پيو ته تنهنجا سيل ختم نه ٿا ٿين ڳالهائي ڳالهائي. مان چيومانس ته اسان ڪجھه اسپيئر ۾ رکندا آهيو. هي خط مان اسپتال مان لکي رهي آهيان، هاڻي تون تصور ڪر ته، دل جي ڪائي مريضه توڏي خط لکي رهي آهي. تون، مون کي ڏاڍو ياد اچي رهيو آهين. خير هي جيترا به ڳوڙها مون گڏ ڪيا آهن ۽ تون سوچي ڇڏ، جنهن ڏينهن انهن کي وهائڻ جي ارادو ڪيم ته تون ڪلهن تائين ٻڏي ويندين ۽ پوءِ پنهنجي آفر تي پڇتائيندين. تنهنجي مهرباني جو تون، منهنجي پريشاني ۽ اداسيءَ جي ڪري پنهنجو حيدرآباد وڃڻ وارو پروگرام ڪينسل ڪيو.
سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته مان ڪهڙيءَ ريت تنهنجين انهن عنايتن ۽ مهربانين جو شڪريو ادا ڪيان؟ بهرحال، شڪريو ته ڌارين جو ادا ڪبو آهي، جيڪڏهن تون چاهين ته سمورو تشڪر ...
تون وعدو ڪر ته تون پاڻ کي اڪيلو نه سمجھندين. مان ٿي سگھيو ته روزانو خط لکنديس. تون به ان جو جواب لکي، لفافي ۾ بند ڪري پنهنجي ميز جي خاني ۾ وجھندو وڃجانءِ. ۽ جڏهن مان اچان ته مون کي ڏجانءِ. مان ڄاڻان ٿي ته تون ڇا لکندين! پر، مان انهن لفظن کي پنهنجي نظر سان ڏسڻ چاهيان ٿي. جيڪي تنهنجي ذهن جي پاتال مان نڪري، منهنجي دماغ ۾ سمائجندا، اميد ته منهنجي اها خواهش ضرور پوري ڪندين.
تنهنجي خط ملڻ سان مان مطمئن ٿيس. ڪراچيءَ ۾ ڪجھه ڏينهن رهڻ کان پوءِ تون خيرپور واپس آئينءَ ته تنهنجو چهرو خوشيءَ ۾ کڙي رهيو هو. تون گھڻيون ڳالهيون ٻڌايون. پنهنجي ڀيڻ جون ۽ اسپتال جون. واعدي مطابق، مان پنهنجي ٽيبل جي خاني ۾ رکيل خط ڪڍي تولاءِ کڻي آيو هيس.
“مان هن وقت هاسٽل جي ڇت تي ويٺو آهيان. توکي خبر آهي ته اڄ ڪلهه هاسٽل ۾ ڇوڪرا گھٽ آهن، جنهن ڪري اڪيلائي محسوس ٿئي ٿي.
هن وقت سج آهستي آهستي لهي رهيو آهي، ۽ هاسٽل جي پٺيان جيڪي ڳوٺ آهن اتان جون عورتون، گاهه جون ڀريون مٿي تي رکي گھرن ڏانهن موٽي رهيون آهن، وڻن تي ويٺل جھرڪين جي، چين چين تمام سٺي لڳي رهي آهي. ان خوبصورت ۽ پرڪيف ماحول ۾ توکي حصي دار بنائڻ لاءِ هي خط لکي رهيو آهيان.
مان پنهنجي آفر تي اڃان تائين قائم آهيان ۽ تو کي ڪلهي تي ڪنڌ رکي روئڻ جي اجازت آهي. پوءِ ڀلي کڻي مان انهن ڳوڙهن ۾ وهي ڇو نه وڃان. پر اهي ڳوِڙها زمين تي پهچندائي نه، ڇو جو انهن ڳوڙهن کي مان پي ويندس. انلاءِ جو اهي ڳوڙها منهنجي ويجھي دوست جي اندر ۾ وهندڙ سمنڊ جا ڪجھه ڦڙا هوندا ۽ ڦڙا جيڪي بي معني ناهن.
اي ڊگھن وارن واري ڇوڪري!
اڄڪلهه، رنگن ۽ خوشبوئن جي موسم آهي. ان موسم ۾ سوچون ڪنهن ول جيان وڪوڙين ٿيون. اها موسم منهنجي ذهن جي ڪينواس تي يادن جا گھڻا رنگ پکيڙي ٿي، اهي رنگ ڳاڙها به آهن ته پيلا به!
موسم جا ايترا سارا رنگ ڏسي، دل چاهي ٿي ته سڀ رنگ پنهنجي اندر ۾ سميٽي ڇڏيان. پر، هڪ دفعو رنگن کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ منهنجا چپ ۽ منهنجو ذهن زخمي ٿي پيو هو. تنهن ڪري، هاڻي ڀوءُ ٿئي ٿو ته وري نه ايئن ٿي پئي.
تون ٻي ڏينهن تي منهنجي ان خط جو جواب لکيو هو ته :
“ تون جنهن وقت ۽ موسم جو ذڪر ڪيو آهي. مان توکي چيو هيو نه ته، خوبصورت موسم ۽ خوبصورت منظر منهنجي ڪمزوري آهن. سوچيان ٿي ته, تو جيڪو منظر بيان ڪيو آهي، اهو ڪيترو خوبصورت هوندو، جيڪڏهن اهڙي خوبصورت منظر ۽ خوبصورت جڳهه تي مان هجان ها ته، منهنجا پير زمين تي ئي نه ٽڪن ها. ۽ اهڙي خوبصورت موسم ۾ وري تنهنجي ياد اچي ها ته مان خوشيءَ مان چري ٿي پوان ها، خير چري ته هاڻي به آهيان. ان موسم ۾ توکي منهنجي ياد آئي آهي نه! توکي اڃان اهو يقين ناهي ته منهنجين يادن ۽ ڳالهين جا عڪس تنهنجي ذهن تي ڪيترا گھرا آهن. مان چاهيان ٿي ته تون مون کي ئي ياد ڪر، ايترو گھڻو جو هر وقت مون کي هڏڪي ايندي رهي ۽ انهن هڏڪين ۾ ئي منهنجو ساهه نڪري وڃي. خبر ناهي، ڪراچيءَ مان اچڻ کانپوءِ مون کي ڪاوڙ ايتري گھڻي ڇو ٿي اچي. هڪ ته گھر ۾ ڀاتي به گھٽ آهن، ٻي بوريت به گھڻي آهي، ڪراچيءَ مان اچڻ کان پوءِ ٽي چار ڏينهن ته مان خاموشيءَ سان پينٽنگز ٺاهيون. جڏهن، خاموشي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي ته يونيورسٽي هلي ويس، اتي وڃي ڪاوڙ وڌيڪ آئي. هاڻي مان پنهنجي ڪاوڙ ٽيبل ٽينس کيڏي لاهيندي آهيان. خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه آهي، وحشت ٿئي ٿي، دل چاهي ٿي ته ڪنهن شيءِ تي زور زور سان مڪون هڻان ۽ پوءِ رڙيون ڪري روئان، خير ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڪاوڙ لهي ويندي. گھر ۾ به اڄڪلهه ڪنهن جي ڳالهه برداشت نه ٿي ٿئي. هاڻي سوچيان ٿي ته اها ڪاوڙ ڪنهن تي لاهي ئي ڇڏيان .
تو وٽان، “ماهه نو” جو سلور جوبلي نمبر کڻي آئي آهيان، اڄڪلهه اهو پڙهان ٿي ته. گھر وارا چريو سمجھن ٿا ته مان ايڏي وڏي ٿلهي ڪتاب ۾ گم آهيان. هاڻي، هاڻي، امجد اسلام امجد جو هڪ خوبصورت نظم پڙهيو اٿم، تون به ٻڌ:
اس سے پھلے کہ یہ ساون کی جھڑی تھم جائے
جتنے اقرار کے الفاظ ھیں کھہ دو مجھہ سے
بھیگتے پیڑ ھیں، میں ہوں، تم ہو
لفظ اگر مر کے نہ آئے بھی تو کیا
بھیگتے پیڑ کسے جا کے گواھی دیں گے
مگر هتي ته لڳي ٿو ته ساوڻ ڪڏهن به نه ايندو، بهار جي موسم ۾ به هيءَ ساوڪ، ايئن ئي مرجھايل ۽ پيلي هوندي، ۽ وڻ ايئن ئي سوڳوار رهندا. خبر ناهي بارش ڇو نه ٿي وسي، مان سمهڻ وقت خدا کان دعا گھرندي آهيان ته خدا ڪري سڀاڻي صبح سان بارش پئي ۽ خوبصورت موسم ٿي وڃي، پوءِ منهنجي هيءَ سموري وحشت ۽ ڪاوڙ ختم ٿي وڃي. مگر، هتي ته پري پري تائين بارش جا اهڃاڻ ئي ناهن.
ها. هاڻي ڳالهه تنهنجي آفر جي ته ساقي! مون کي ڀوءُ ٿو ٿئي، تنهنجي ڪلهي تي مٿو رکي ڳوڙهن وهائڻ جو، انلاءِ جو تون ته منهنجا ڳوڙها ميڙي، ۽ مون کي پنهنجي ڪلهي جي عادت وجھي، هن دنيا جي گوڙ ۾ گم ٿي ويندين ۽ پوءِ جڏهن، مون کي روئڻو هوندو ته مان توکي ڪٿي ڪٿي ڳولهينديس ۽ ڪٿي سڏيندي وتنديس؟ ۽ پوءِ منهنجا ڳوڙها منهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويندا ۽ انهن کي ڪنهن ٻي جي ڪلهي تي وهائڻ جي بجاءِ، پنهنجي دل ۾ اوتينديس، جيڪي منهنجي وجود کي ساڙي ڇڏيندا.
۽ِ پوءِ مون کي سهارن جي عادت به پئجي ويندي. پر مون کي يقين آهي ته تون منهنجن ڳوڙهن کي ڪرڻ نه ڏيندين ۽ پي ويندين. تنهن ڪري، جڏهن به مون کي روئڻ لاءِ ڪلهي جي ضرورت پئي ته اهو صرف تنهنجو ئي ڪلهو هوندو ۽ تنهنجي خلوص تي مان اعتبار ڪيان ٿي، ڇاڪاڻ ته تنهنجي خلوص ۾ فريب، بناوت ۽ ڪوڙ شامل ناهي، جن کان مون کي نفرت آهي. پر مان ڪڏهن به نه چاهينديس ته منهنجا ڳوڙها پي يا منهنجن ڳوڙهن ۾ ٻڏي تون غمزده ٿي وڃين. ان لاءِ مان تنهنجين ڳوڙهن ۾ به شيئر ضرور گھرندس.
ساقي! تون خوبصورت موسم ۾ سوچيندو ڇو آهين؟
صرف انجواءِ ڪندو ڪر، سڀني يادن کي هڪلي، هونئن به ان موسم جي رنگن کان وڌيڪ خوبصورت رنگ تنهنجي چهري تي خوشيءَ جا هوندا ۽ مون کي موسم جي خوشين کان وڌيڪ، تنهنجي چهري تي خوشيون، خوبصورت لڳنديون. تون رنگ ضرور پاڻ وٽ رک. مون کي اميد آهي ته توکي مايوسي نه ٿيندي ڇو جو هي سڀ رنگ اسان لاءِ ته آهن!”