درسگاهن سان دل لڳيءَ جي ڳالهه (پيش لفظ)
توڙي جو ڪو به ماڻهو پنهنجي حياتيءَ دوران درسگاهن ۾ طالبعلم جي حيثيت سان ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا صرف چند سال ئي گذاري ٿو پر اهي چند سال سموري زندگي ان ماڻهوءَ جي حيثيت، حالت، ڪردار۽ ڪارڪردگي مان پيا جهلڪندا رهندا آهن. درسگاهن مان پڙهي فارغ ٿيندڙ ماڻهوءَ جي اندر ۾ اها خواهش به هميشه پئي رهندي آهي ته ڪاش وري ننڍپڻ جا بي فڪري وارا ۽ جوانيءَ جا حسين ڏينهن واپس ورن ته وري اسڪول وڃي بينچ تي ويهجي ۽ قلم ڪتاب کڻي سائين کان الف ب سکجي يا ڪاليجي ڪورس پڙهي وڃي اهڙين يونيورسٽين ۾ پهچجي جتي علم جا اٿاهه بحر ڇوليون هڻندا هجن ۽ جتي جوماحول پُر عزم جذبي، همٿ، حوصلي، جستجو ۽ جدوجهد وارن رنگن ۾ رنڱيل به هجي ته وري ساڳئي وقت جوانيءَ جي بي فڪر چلولاين جو آئينه دار به هجي. اهو ئي سبب آهي جو درسگاهن سان نينهن جو ناتو ڳنڍي ويهڻ وارن ماڻهن جي وات تي سدائين هيءَ وائي هوندي آهي ته
“درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو”
مان به پنهنجي سموري زندگي نوجوانن جي تعليم ۽ تعليمي ادارن کي ارپي ڇڏي آهي ۽ اهو مان پاڻ لاءِ وڏو اعزاز به سمجهان ٿو. سرڪاري موڪلن وارن ڏينهن کان سواءِ منهنجا ٻيا ڏينهن صبح کان رات تائين تعليمي ادارن ۾ ئي گذرندا آهن ، جتي مان شاگردن کي پڙهائيندو به آهيان ته پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم به ڪندو رهندو آهيان. دنيا جي درسگاهن تي لکيل هنن مضمونن کان اڳ به مون پنهنجا ڇپيل ٽي انگريزي ۽ سنڌي گرامر وارا ڪتاب پنهنجي ڪاليج ۾ درس وتدريس کان ملندڙ فارغ وقت ۾ پنهنجي آفيس ۽ لئبريري ۾ ويهي تحقيق ڪري لکيا آهن يا شام جي وقت ۾ پنهنجي قائم ڪيل اداري ناليج سينٽر ۾ اچي اتي ويهي لکيا آهن. ساڳئي طرح هن ڪتاب سميت دنيا جي درسگاهن تي ايندڙ ٻين ٻن ڪتابن ۾ شامل مواد لاءِ به مون پنهنجن انهن ادارن ۾ صبح کان رات تائين ويهي تحقيق ڪئي آهي ۽ لکيو آهي. اهڙي طرح تعليمي ادارن سان منهنجو روح جو اٽوٽ رشتو جڙي ويو آهي، جيڪو انشاءالله هميشه قائم رهندو.
حقيقت هي آهي ته پنهنجي ڏيهه جي تعليم ۽ تعليمي ماڳن مڪانن تي لکڻ لاءِ دل ته اڳ ۾ ئي گهڻو چوندي هئي پر هن ڪتاب ۾ شامل دنيا جي درسگاهن وارا مضمون لکڻ لاءِ منهنجو جيڪو اتساهه بڻيو ۽ جنهن جي چوڻ تي مون دنيا جي معياري يونيورسٽين تي لکڻ شروع ڪيو، اهو منهنجو عزيز دوست، سنڌ جو نامور اديب ۽ ڪاوش اخبار جي ٻن هفتيوار مئگزينس جو انچارج محترم انور ابڙو آهي. ڀاءُ انور جي دعوت ۽ همٿ ڏيارڻ تي مون دنيا جي معتبر درسگاهن تي لکڻ شروع ڪيو جيڪو سلسلو لاڳيتو اڍائي سال جاري رهيو. مان هر هفتي دنيا جي ڪنهن هڪ معياري يونيورسٽي تي تحقيقي مضمون لکي کيس موڪليندو هيس جيڪو هو ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ سينگاري ۽ سنواري ڇپيندو هيو ۽ ان سان گڏ يونيورسٽيءَ جون خوبصورت تصويرون به پاڻ ئي هٿ ڪري مضمون سان گڏ ڇپيندو هيو. مان سندس شڪرگذار آهيان.
دنيا جي درسگاهن تي منهنجن هفتيوار مضمونن جي ڇپجڻ جو سلسلو 12اپريل 2013ع کان شروع ٿيو جيڪو پورا اڍائي سال جاري رهي 11 نومبر 2017ع تي ختم ٿيو. انهيءَ دوران مون سخت تحقيق ۽ جفاڪشي ڪري دنيا جي 125 يونيورسٽين ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن تي تحقيقي مضمون لکيا، جنهن لاءِ مان دنيا جي يونيورسٽين بابت انٽرنيٽ تي موجود مختلف سائيٽس تي ڏنل مواد جي گهري مطالعي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سان گڏ ٻاهرين يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ يا تعليم حاصل ڪري واپس آيل دوستن سان به رابطو ڪري معلومات حاصل ڪندو هيس. هر هفتي اربع واري ڏينهن ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ ڇپجندڙ هي سلسلو ڏاڍو مقبول بڻيو. نه رڳو ٻاهرين يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشس رکندڙ نوجوان هي مضمون شوق سان پڙهندا هيا پر سندن والدين، هتان جي تعليمي ادارن جا استاد ۽ عام ماڻهو به اهي مضمون وڏي دلچسپي سان پڙهندا هيا. ان جو اندازو مون کي تڏهن ٿيندو هيو جڏهن مضمون ڇپجڻ کان پوءِ ڪيترائي پڙهندڙ پنهنجو فيڊ بيڪ ڏيڻ لاءِ مختلف ذريعن وسيلي مون سان رابطو ڪندا هيا. جڏهن هي سلسلو ختم ٿيو تڏهن به منهنجا مهربان پڙهندڙ هن کي وري شروع ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا ڇاڪاڻ ته هن ذريعي کين ۽ سندن اولاد کي دنيا جي معياري يونيورسٽين بابت مڪمل ۽ سودمند ڄاڻ به ملي رهي هئي ته وري پرڏيهه جي يونيورسٽين ۾ پهچڻ لاءِ اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ ۽ اتي پڙهندڙ يا پڙهي واپس آيل سنڌي نوجوانن ۽ پروفيشنلس جي ڪاميابيءَ وارين ڪهاڻين مان به کين وڏو اتساهه ملندو رهندو هيو. بحرحال انهن ئي دوستن جي اهڙي دلچسپي ۽ تعليم دوستي واري عظيم جذبي کي مدِنظر رکي مون پنهنجي مضمونن کي گڏ ڪري هڪ ڪتاب ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن اسان جو موجوده توڙي ايندڙ نسل پڻ ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي. اها ڳالهه ڳڻي جڏهن مون پنهنجن لکيل مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ترتيب ڏني ته هڪ وڏو ڪتاب جڙي پيو جيڪو لڳ ڀڳ اٺ سئو صفحن کان به وڌيڪ پئي ٿيو. تنهنڪري بهتر ڀانيم ته هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايان ته جيئن پڙهندڙن لاءِ آساني ٿئي. ان حساب سان دنيا جي معياري اعليٰ تعليمي ادارن ۽ نامور يونيورسٽين متعلق اوهان کي منهنجا ٽي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ٿيندا. انهيءَ سلسلي جو هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو يورپ جي چوئتاليهه معياري ۽ چونڊ يونيورسٽين تي لکيل مضمونن تي مشتمل آهي. انهن ۾ ٻاويهه يونيورسٽيون صرف برطانيا جي مختلف شهرن ۾ واقع آهن جن مان گهڻيون ته مان پاڻ به گهمي ۽ ڏسي آيو آهيان. باقي يورپ جي ٻين ملڪن جي به اهڙين يونيورسٽين کي شامل ڪيو آهي جيڪي پڻ تعليمي معيار واري حوالي سان وڏي ساک رکن ٿيون. انهن يونيورسٽين مان کوڙ سارا سنڌ واسي به اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيا آهن ۽ ٻيا اڃا اتي پڙهي رهيا آهن.
هن سلسلي جا باقي ٻه ايندڙ ڪتاب ايشيا، آمريڪا، آسٽريليا، آفريڪا ۽ ٻين ملڪن جي معياري يونيورسٽين ۽ ٻين اعليٰ علمي ادارن متعلق آهن جيڪي پڻ تمام جلدي ڇپجي مارڪيٽ ۾ ايندا.
مان معزز پڙهندڙن کي هي ڪتاب آڇيندي تمام گهڻي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، اميد اٿم ته سنڌ جا نوجوان هن مان وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ڪندا.
پروفيسر مختيار سمون
ناليج سينٽر لاڙڪاڻو
03003410640