مختلف موضوع

دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

ڪتاب ”دنيا جون درسگاهون“ جو پهريون حصو ”يورپ جون يونيورسٽيون“ پيش آهي. هن ڪتاب جي تحقيق ۽ مضمونن جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر مختيار سمون آهي. هن ڪتاب ۾ يورپ جي چوئيتاليهه معياري يونيورسٽين متعلق ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ اتي پڙهندڙ يا پڙهي ڪاميابيون ماڻيندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي شخصيتن جو احوال به ڏنو ويو آهي ته جيئن ٻيا نوجوان به معلومات ۽ اتساهه حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ انهن ادارن مان لاڀ حاصل ڪن.
Title Cover of book دنيا جون درسگاهون (ڀاڱو پهريون) يورپ جون يونيورسٽيون

اٽليءَ جي بولونئا يونيورسٽي

اٽليءَ جي بولونئا يونيورسٽي
اولهه جي ملڪن جي پهرين يونيورسٽي آهي

انسان جِي جياپي لاءِ جدوجهد جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود انسان جي تاريخ. هيءَ ارتقا پذير زندگي مختلف دورن ۾ ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندي اڄوڪي صورت ۾ ظهور پذير آهي. اڄوڪو دور جنهن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور چيو وڃي ٿو ان تائين پهچڻ لاءِ انسان کي جيڪي ڪشالا ڪڍڻا پيا آهن انهن جو صحيح معني ۾ ادراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخ جي پٺين دورن ۾ وڃي انهن ادارن جي ڳولها ڪري سندن تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ جو مطالعو ڪرڻو پوندو، جيڪي انساني شعور ۽ علم کي ايترو ته مٿي کڻي آيا جوانسان پنهنجي جياپي ۽ آرمده زندگي گذارڻ لاءَ اڄوڪيءَ هن سموري ترقي کي ممڪن بڻائي سگھيو آهي. بحر حال ايترو سو ضرور چئبو ته شعور ۽ روحاني بلندين کي ڇهڻ کان سواءِ ماڻهو مادي ترقيءَ مان صحيح معني ۾ نه پاڻ لطف اندوز ٿي سگھندو آهي نه ئي وري ان جو لاڀ عام انسانن تائين پهچائي سگھندو آهي. منهنجي خيال ۾ ترقي ان حالت جو نالو آهي جيڪا انسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪندي عام ڀلائي، امن، آجپي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجي. انهيءَ عظيم مقصد جي حصول لاءِ هر دور ۾ انسان دوست ماڻهن پهنجين مخصوص حالتن ۽ وسيلن پٽاندڙ ڪوششون ڪيون آهن جيڪي اڄ واري زماني ۾ باظابطه ادارن، تنظيمن ۽ سماجي سسٽم جي صورت ۾ اسان جي اڳيان آهن. انهن ۾ تعليمي ادارا خاص اهميت جا حامل آهن.
تعيلمي ادارن جي شروعات وارو سفر اسان کي چار سئو سال قبل مسيح واري يوناني شهر ايٿنس ۾ پهچائي ٿو جتي سڀ کان پهريائين سقراط جي شاگرد افلاطون (پلئٽو) “اڪئڊمي” جي نالي سان هڪ اسڪول قائم ڪيو هيو. قبل مسيح واري انهيءَ ساڳئي دور ۾ ميسوپوٽميا (عراق) ۾ سميري قوم پاران اسڪولن جي قيام جي شاهدي پڻ ملي ٿي جن کي هو “ اِي دَب با ” (E-Dub-Ba)يعني دانشگاهه سڏيندا هيا. انهيءَ کان پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي ثقافتن ۽ مذهبي رنگن ۾ رليل تعليمي ادارن جا بنياد پيا، جيڪي عيسائي چرج جي اثر هيٺ “ڪئٿيڊرل اسڪولن” ۽ اسلامي تعليم ۽ طريقي وارن “مدرسن” جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. اڳتي هلي اهي ادارا ترقي ڪندا الڳ الڳ مذهبي ادارن ۽ جديد تعليمي ادارن جي صورت ۾ نمودار ٿيندا رهيا آهن. يونيورسٽيون جديد تعليمي ادارن جو معراج آهن. دنيا جي پهرين يونيورسٽي جو تعين جيتوڻيڪ ڏکيو ڪم آهي پر ناممڪن ناهي. يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکندڙ اوائلي تعليمي ادارن پاران دنيا ۾ سڀ کان اوَل قائم ٿيڻ جي دعويٰ ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ ادارا آهن، جن ۾ سن 500 عيسوي ۾ ان وقت جي هندوستان ۽ هاڻوڪي پاڪستاني پنجاب واري شهر ٽيڪسيلا ۾ قائم “ تڪشيسلا تعليمي ادارو”، مراڪش جي شهر فيض ۾ 598ع ۾ قائم ٿيل “مدرسو” جيڪو پوءِ 1968ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ماڻي جامعته القرويين يا “يونيورسٽي آف القرويين” جي نالي سان مشهور ٿيو، هندوستان ۾ پنجين عيسوي صديءَ کان ٻارنهين صديءَ تائين بِهار واري صوبي ۾ ڪم ڪندڙ “نلندا” تعليمي ادارو، 840ع ۾ عراق ۾ پنجين عباسي خليفي هارون رشيد پاران بغداد ۾ قائم ڪيل “بيت الحڪمه” (هائوس آف وِزِڊم)، ۽ 1088ع ۾ اٽلي جي شهر بولونئا Bologna) (۾ قائم يونيورسٽي آف بولونئا اچي وڃن ٿا. جيئن ته لفظ يونيورسٽي خود يورپي ، ماحول ۽ اتان جي ملڪ اٽليءَ جي اوئلي “ لاطيني” (Latin) ٻوليءَ جي لفظ “يونيورسٽاس” (universitas) مان ورتل آهي تنهنڪري گمان ڪيو وڃي ٿو ته “يونيورسٽي آف بولونئا” ئي دنيا جي پهرين جديد يونيورسٽي آهي، ڇو ته لفظ “يونيورسٽاس” سڀ کان پهريائين “بولونئا يونيورسٽيءَ” لاءِ استعمال ڪيو ويو هيو. جيتوڻيڪ مٿي بيان ڪيل ٻيا ادارا بولونئا يونيورسٽيءَکان به اڳ موجود هيا ۽ پنهنجي معيار ۾ پڻ منفرد هيا پر ڇوته انهن مان ڪو به جديد معني ۾ يونيورسٽي واري تشريح تي نه پيو لهي تنهنڪري انهن مان ڪنهن کي به يونيورسٽيءَ جي حيثيت ۾ تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. بحرحال مون سميت گھڻن ماڻهن جي خيال مطابق بولنئا يونيورسٽي دنيا جي نه پر اولهه جي ملڪن جي پهرين يونيورسٽي آهي، ڇو ته يونان ۾ افلاطون واري اڪيڊمي توڙي مشرقي دنيا وارا مٿيان ادارا پڻ ڪنهن به صورت ۾ اڄ وارين ڪيترن ئي يونيورسٽين کان معيار ۾ گھٽ ڪو نه هئا.
يونيورسٽي آف بولونئا انهن اوائلي يونيورسٽين مان هڪ آهي جيڪا پنهنجي قيام کان اڄ تائين هڪ هزار سال واري سفر ۾ پنهنجي پوري جاه و جلال سان روان داوان آهي. اڄ به هن يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل چوراسي هزار جي قريب شاگرد ٽي هزار استادن جي نگراني هيٺ زيرِتعليم آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن جا پنج هزار انٽرنيشنل شاگرد پڻ داخل آهن. اٽليءَ جو اڳوڻو وزير اعظم “ رومانو پورڊي” پڻ هن يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس واري فئڪلٽيءَ جي “ انڊسٽريل آرگنائيزيشن ائنڊ پاليسي ” واري شعبي ۾ ڪل وقتي پروفيسر جي حيثيت سان تدريس جو فرض انجام ڏئي رهيو آهي. هن يونيورسٽيءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هتان جي هڪ اڳوڻي شاگرد اڻويهين صديءَ ۾ مواصلاتي شعبي ۾ منفرد ايجاد وسيلي انقلاب برپا ڪر ڇڏيو. اهو هيو “گليلامو مارڪوني” جنهن دور رس ريڊيو ٽرانسميشن، ۽ وائير ليس ٽيليگراف ايجاد ڪري پنهنجو ۽ هن يونيورسٽيءَ جو نالو روشن ڪيو. مارڪوني کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. اٽليءَ جو قومي شاعر “جوزو ڪارڊف” هن يونيورسٽيءَ ۾ اطالوي (Italian) ٻوليءَ جو نوبل انعام يافته پروفيسر هيو.
اٽليءَ جي مشهور تاريخي شهر بولونئا ۾ هن يونيورسٽيءَ جو قيام هن طرح ٿيو جو 1088ع کان اٽليءَ جا شاگرد گروپن جي صورت ۾ گڏجي استادن کي معاوضو ڏئي چرچ وارن مذهبي ۽ سماجي اصولن، قاعدن ۽ قانونن بابت سکيا وٺندا هيا، انهيءَ ڳالهه يورپ جي ٻين ملڪن جي شاگردن جو به ڌيان ڇڪايو جيڪي اٽليءَ جي شهر بولونئا ۾ پهچي پنهنجون تنظيمون ٺاهي استادن جون خدمتون حاصل ڪري انهن وٽان مٿي ڄاڻايل شعبن ۾ تعليم وٺڻ لڳا. پڙهائي جو اهو عمل ايترو ته منظم طرح ٿيندو هيو جو انهيءَ رومن ايمپائير جي شهنشاهه ۽ اٽليءَ جي بادشاهه “فيڊرڪ ون باربوسا” جو ڌيان ڇڪايو جنهن 1158ع ۾ شاگردن جي انهن تنظيمن کي باظابطه يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو اهڙي طرح بولونئا يونيورسٽي وجود ۾ آئي. اڄڪلهه بولونئا يونيورسٽيءَ کي اٽليءَ جي “اسٽيٽ يونيورسٽي” جو درجو حاصل آهي. ياد رهي ته اٽليءَ وارو ملڪ ان وقت رومن شهنشاهيت جو حصو هيو. يونيورسٽيءَ جي قيام جو سال 1088ع کي ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو. بولونئا يونيورسٽيءَ جي نَوَن صدين جي خدمتن جي مدِنطر 1988ع ۾ هن جي 900وين سالگرهه جي موقعي تي يورپ جي430 يونيورسٽين جا وائيس چانسلر ۽ ريڪٽر بولونئا يونيورسٽي م گڏ ٿيا جٿي هنن يورپ جي يونيورسٽين جي اصولِ عمل واري هڪ گڏيل دستاويز تي صحيحون ڪندي بولونئا يونيورسٽيءَ کي “ تعليمي ادارن جي ماءُ” جو لقب ڏنو. بولونئا يونيورسٽي پنجن ڪئمپسن ۽ ٽيويهن اسڪولن تي مشتمل آهي جتي سمورن جديد علمن جهڙوڪ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي، هيلٿ سائنسز، ميڊسنز، ائگريڪلچر، ڪمپيوٽر ائنڊ انفرميشن ٽيڪنالاجي، ايڪنامڪس ۽ مئٿميٽڪس، نيچرل سائنس، آرٽس، ميوزڪ، فلم ميڪنگ، هيومنٽيز ۽ سوشل سائنسز جي اٽڪل هڪ سئو کان وڌيڪ شعبن ۾ پڙهائي ۽ تحقيق جو ڪم ڪيو وڃي ٿو. بولونئا يونيورسٽيءَ جي مکيه ڪئمپس اتر اٽليءَ جي “ايمليا رومانيا” واري پرڳڻي جي گاديءَ واري شهر بولونئا ۾ آهي ۽ ٻيون ڪئمپسون اٽليءَ جي شهرن “سيسينئا”، “رئوِينئا”، “رمني”۽ “فورلي” ۾ آهن. هن جي انٽرنيشنل ڪئمپس ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ارجنٽينئا جي شهر “بونئيس ائريز ” ۾ آهي.
اٽلي اولهه يورپ جو مشهور ملڪ آهي جنهن جي تاريخ ڪيترن ئي اهم واقعن، ماڳن ۽ شخصيتن جي ذڪر سان ڀري پئي آهي. هن ملڪ ۾ مشهورِ زمانه رومن شهنشايت جي گادي وارو شهر روم پڻ واقع آهي. هي ملڪ ئي قديم ٻولي “لئٽن” جو گھر رهيو آهي، لاطيني ٻولي انگريزي ٻوليءَ سميت ڪيترن ئي ٻين يورپي ٻولين جي لفطن جي ذخيري توڙي علم ادب ۾ واڌارو ڪيو آهي. عيسائي دنيا ۾ پڻ لاطيني ٻوليءَ کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اٽليءَ مٿان ايڪيهه سال دٻدٻي سان حڪومت ڪندڙ فاشسٽ اڳواڻ ۽ ڊڪٽيٽر “بينيٽو مئسوليني” پڻ اٽلي جي تاريخ جو متضاد حوالو آهي. بحرحال بولونئا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن کي پنهنجي گريجوئيشن يا ڊاڪٽوريٽ ڪورس پڙهڻ سان گڏوگڏ اهو به موقعو ميسر ٿئي ٿو ته هو اٽليءَ جي تاريخ جيڪا ماڳن مڪانن جي صورت ۾ هن ملڪ جي مختلف هندن تي موجود آهي انهن جا نظارا ڪري يورپ جي آڳاٽي علم ادب، سياست ۽ سماج جا ڪي ئي راز پروڙي سگھن ٿا.
هن يونيورسٽي ۾ درس و تدريس جو ڪم اطالوي (اٽيلئن) ٻوليءَ ۾ ئي ڪيو وڃي ٿو جنهن لاءَ انٽرنيشنل شاگردن کي پهريان چار پنج سيمسٽر اطالوي ٻوليءَ جي سکيا تي لڳائڻا پون ٿا. ٻوليءَ جي سکيا کي آسان بڻائڻ لاءِ انٽرنيشنل شاگردن کي مقامي ڪٽنبن سان پڻ رهايو ويندو آهي ته جيئن کين ٻوليءَ تي عبور حاصل ٿئي. بحر حال علم جي بحرتائين پهچڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ سان ماڻهوءَ جي لياقت ۾ اضافو ٿئي ٿو. دنيا جي هزارن نوجوانن جيان اوهان به جيڪڏهن انهيءَ موقعي ۾ مستفيض ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اڄ کان ئي ڪوششون وٺڻ شروع ڪيو.

(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 4 سيپٽمبر 2013)