لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پوليٽڪل سائنس
سائنس، جتي سنڌ جا نوجوان به پڙهيا
لنڊن عالمي حيثيت جو اهڙو شهر آهي جتي پهچڻ کانپوءِ هر ڪو ئي پنهنجي مزاج مطابق ماحول ڳولهي لهي ٿو ۽ انهيءَ مان حض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسان تاريخ ۽ تهذيب جا شاگرد، علم، قلم ۽ ڪتاب جا گھرجائو ، ثقافت ۽ فطرت جا چاهيندڙ جتي به پهتاسين پنهنجي لاءِ ماحول به اھڙو ئي طلبيوسين. لنڊن پهچڻ کانپوءِ ڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري جي تلاش ۾ نڪتاسين ته ڪڏهن ڪنهن ميوزم جو مزو ماڻيوسين. ڪڏهن لئبريري ۾ لعل ڳولهياسين ته ڪڏهن تاريخي جاين، اھڃاڻن ۽ آثارن جي آڳنڌن ۾ گھمياسين يا وسيع ۽ ڪشادن پارڪن جي پسار ڪئيسين. بحر حال ريڊنگ شهر مان جڏهن به لنڊن ايندا هياسين ته پنهنجي ڪار لنڊن جي سائوٿ هال واري علائقي ۾ پارڪ ڪري، سائوٿ هال ريلوي اسٽيشن وٽان “ڊَي ٽڪيٽ” يعني هڪ ڏينهن تائين هلندڙ ٽڪيٽ وٺي اچي ريل ۾ سوار ٿيندا هياسين جيڪا هڪ ٻن اسٽيشنن کان پوءِ انڊر گرائونڊ ٽيوب ۾ تبديل ٿي ويندي هئي. اها ساڳي ٽڪيٽ ساڳي ڏينهن تي ريل ۾ به ڪم ڏيندي هئي ته لنڊن شهر ۾ هلندڙ بسن ۾ به اها ساڳي ئي ٽڪيٽ ڪم ڏيندي هئي. ائين ئي اسان پنهنجي مرضي واري منزل تي وڃي پهچندا هياسين. لنڊن جي سائوٿ هال واري علائقي ۾ پهچڻ کانپوءِ ائين لڳندو هيو ڄڻ انڊيا، پاڪستان يا اهڙي ئي ٻئي ايشين ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ پهتا هجون. دور دور تائين انگريز نامدار جو نه نالو نه نشان. دوڪان، هوٽل ۽ فوٽ پاٿيون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن ۽ شين سان سٿيل. ڪٿي ڪٿي ته مختلف عمارتن تي “لاهوري ڪڙاهي هائوس ” ، “پنجابي باءِ نيچر” ، “شير ِپنجاب مارڪيٽ”، “ چوڌري ريسٽورينٽ”، “ امبالا سوئيٽ شاپ”، “ مرچ مصالحه ۽ شهنشاهه ريسٽورنٽ” جهڙا سائين بورڊ پڙهي ائين پئي محسوس ٿيندو هو ڄڻ لنڊن ۾ به هڪڙو پنجاب آهي. بحرحال لنڊن جو اهو به ٻين گھڻن مان هڪڙو روپ آهي جنهن تي ڪنهن ٻئي موقعي تي لکبو اڄ اسان جي دلچسپي جو مرڪز لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ائنڊ پالٽڪس آهي، تنهنڪري اچو ته ان بابت ڪجھه ڳالهيون ڪريون.
لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پالٽڪس، جنهن کي سهوليت خاطر صرف “ايل اِي سِي” يا لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس به سڏجي ٿو، سو هڪ پبلڪ يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکندڙ پنهنجي نوعيت جو اهڙو معياري ادارو آهي جنهن جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور آهي. هن اداري جي نالي ۾ ته لفظ “اسڪول” استعمال ٿئي ٿو پر هتي يونيورسٽيءَ جيان گريجوئيشن، پوسٽ گريجوئيشن ۽ ڊاڪٽوريٽ جا ڪورس پڙهايا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون. هي ادارو نالي ۾ ته اسڪول ٿو سڏجي پر حيثيت ۾ يونيورسٽي آهي.
“لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پالٽڪس” لنڊن شهر جي مرڪزي ۽ تمام اھم علائقي “ويسٽمنسٽر” ۾ قائم آهي. لنڊن جي وچ مان گذرندڙ ٿئمس ندي جي اترئين ڪناري کان وٺي ڏکڻ اولھه ۾ “چارنگ ڪراس” تائين ڦھليل هي ويسٽمنسٽر وارو علائقو لنڊن اندر هڪ مرڪزي ضلعي يا “بارو” واري حيثيت رکي ٿو. لنڊن جو هي علائقو اسلام آباد جي بلو ايريا وانگر برطانيا سرڪار جي اهم عمارتن جي جڳھه آهي. هن علائقي ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس سميت برطانيا جي راڻي جي سرڪاري رھائشگاھه “بڪنگھم پئلس، يونيسڪو پاران “ورلڊ هيريٽيج” جو اعزاز رکندڙ “ پارليامنٽ آف يونائيٽڊ ڪنگڊم” جي تاريخي عمارت، “ پئلس آف ويسٽ منسٽر”، تاريخي عبادتگاھ ۽ برطانيا جي ڪيترن ئي مشهور اڳوڻن بادشاهن، فلاسافرن، ڪلاسيڪي شاعرن، اديبن ۽ ٻين شخصيتن جو آخري ۽ ابدي آرمگاھه “ وَيسٽمنسٽر ابَي” پڻ هن علائقي ۾ قائم آهي.
“لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ائنڊ پالٽڪس” جي قيام جو قصو به حقيقت ۾ اڻوهين صديءَ ڌاران چند انسان دوست باشعور شخصيتن پاران شعور ۽ ساڃاه جي ترقيءَ لاءِ ڪيل بي لوث ڪوششن جو قصو آهي. جيڪو ٻڌڻ کان پوءِ علم دوستن ۽ سماج سڌارڪن لاءِ وڏي اتساھه جو سبب بڻجي ٿو. اُهو سن 1884ع جي چوٿين آگسٽ واري ڏينهن جو صبح وارو پهر هيو، جو اسان وٽ “سَرَي محل” وارين خبرن سبب مشهوري ماڻيل برطانيا جي هڪ وسيع علائقي “سَرَي” ڪائونٽي جي هڪ ننڍي شهر “ملفورڊ” جي هڪ فارم هائوس ۾ چار دوست گڏجي ويٺي ناشتو به ڪري رهيا هيا ته علم، شعور، آگاهي ۽ برطانيا جي ماڻهن جي تعليمي ترقيءَ جو خبرون چارون به ڪري رهيا هيا. اهي چار ئي يعني مشهور اديب جارج برنارڊ شا، مسٽر بيٽرائيس، سڊني ويب ۽ گراھم وئلاس پاڻ ۾ پڪا دوست به هيا ته برطانيا جي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هڪ سماجي ۽ نظرياتي تنظيم “ فيبئن سوسائٽي” جا ميمبر به هيا. انهيءَ علمي ڪچهري جي نتيجي ۾ سندن ذهنن ۾ هڪ خيال جنم ورتو ته ڇو نه لنڊن ۾ هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪجي جيڪو نئين نسل کي معاشيات ۽ سياست واري علم سان همڪنار ڪري، منجهن معاشي، سياسي، سماجي برابري ۽ بنيادي انساني حقن ۽ آزادين لاءِ ڪم ڪرڻ جو جذبو پئدا ڪري ته جئين قومن جو اهو نسل پُر امن ۽ مثبت سماجي تبديليءَ جو محرڪ بڻجي سگھي. خيال تمام خوبصورت هيو چئني هڪ ٻئي سان ها ۾ ها ملائي ۽ پوءِ اهي چار ئي پنهنجي آدرش کي عملي روپ ڏيڻ لاءَ ڪم ۾ لڳي ويا، جنهن لاءِ فيبئن سوسائٽي سندن ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ آخر ڪار سندن انهيءَ علمپسنديءَ واري پورهئي جي نتيجي ۾ وَيسٽمنسٽر جي وسيع علائقي ۾ آڪٽوبر 1895ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ظهور پذير ٿيو.
اڄ تائين هڪ سئو اڻويھه سالن جو سفر طئي ڪري هي اسڪول نه رڳو هڪ ريسرچ يونيورسٽي واري حيثيت ماڻي چڪو آهي پر برطانيا سميت سڄي دنيا مان ايندڙ شاگردن لاءِسماجي علمن ۽ شعوري تربيت جو آمجگاھه بڻجي چڪو آهي. هن وقت هن اسڪول ۾ ڏھه هزار شاگرد سوشل سائنسز ۽ ٻين تدريسي شعبن ۾ گريجوئيشن، ماسٽرس، ڊاڪٽوريٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڊگري ڪورسن ۾ داخل آهن. هن اسڪول ۾ ڪل 3000 استاد آهن جن مان 16 ڄڻن مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ تي نوبل انعام حاصل ڪيا آهن. لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪل ٽيويھه تدريسي شعبا ۽ سورنهن تحقيقي مرڪز آهن. جيتوڻيڪ هي اسڪول صرف آرٽس جي سبجيڪٽن م تدريس لاءِ ٺاهيو ويو هيو پر بعد ۾ هن ۾ ڪامرس ۽ سائنس جي ڪجھه سبجيڪٽن جي تدريس به شروع ڪئي وئي آهي. هن اسڪول ۾ آرٽس ۽ سوشل سائنسز جا نمايان شعبا هن ريت آهن؛ ايڪنامڪس، پوليٽيڪل سائنس، انٽرنيشنل رليشن، سوشالاجي، لا، لنگوِسٽِڪس ائنڊ لٽريچر، ائنٿراپولاجي، ميڊيا ائنڊ ڪميونيڪيشن، فلاسافي، پبلڪ افيئرس، هيومن رائيٽس، ڪرمنالاجي ۽ انهيءَ کان علاوه ڪامرس جا شعبا اڪائونٽنگ، فئنانس، مئنيجمنٽ وغيره ۽ سائنس جا چند سبجيڪٽ جھڙوڪ جاگرافي، ۽ مئٿميٽڪس وغيره شامل آهن.
لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس خاص طور تي آرٽس جي تدريسي شعبن ۾ ريسرچ ۽ پڙهائي ۾ دنيا ۾ وڏي ساک رکندڙ ادارو آهي. ٽائيمس ايجوڪيشن ورلڊ ريپوٽيشن مطابق هي اسڪول دنيا جي بهترين ساک رکندڙ تعليمي ادارن ۾ 25 نمبر ۽ تعليمي معيار واري حوالي سان اوڻتالهين نمبر تي آهي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر جان ايف ڪئنيڊي ۽ برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم لارڊ ائٽلي سميت دنيا جي 34 ملڪن جي حڪومتن جا سربراھه هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. اسان جي سنڌ جي هڪ نياڻي ۽ پاڪستان جي نيشنل اسيمبلي جي ميمبر ماروي ميمڻ سميت سنڌ جون ڪيتريون ئي نامياريون شخصيتون هن اسڪول مان تعليم پرائي چڪيون آهن. منهنجو هڪ ويجهو دوست اقبال ڏيٿو جنهن پنهنجي بنيادي تعليم لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ “نظر ڏيٿو” مان ورتي ۽ پوءِ شڪارپور جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيو اهو پنهنجي محنت ۽ ذهانت جي مدد سان برطانيا سرڪار جي “شِوِننگس اسڪالرشپ” حاصل ڪري وڃي لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ پھتو جتان هيومن رائيٽس ۾ ايم ايس سي ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻي اسڪالر شپ “ هبرٽ همپري فيلوشپ” حاصل ڪري وڃي آمريڪا جي يونيورسٽي آف مينوسوٽا مان پڙهائي ڪري آيو. ٻهراڙيءَ جي عام رواجي اسڪول مان پڙهيل هي نوجوان اڄڪلھه انساني حقنن واري هڪ تنظيم ۾ اعليٰ عھدي تي فائز آهي. انهيءَ کان علاوه پوليس کاتي ۾ سٺي ساک رکندڙ سنڌي نوجوان آفيسر جهڙوڪ خادم رند، عرفان بلوچ، پير محمد شاھه، شرجيل کرل، عبدالخالق شيخ، ڊاڪٽر امير شيخ، جاويد جسڪاڻي ۽ ڪافي ٻين شعبن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي پڻ مختلف اسڪالرشپس حاصل ڪري لنڊن جي هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. مان اڳم به ڪيترن ئي مصمونن ۾ لکي چڪا آهيان ته محنتي، ۽ مستقبل کي روشن ڏسڻ جا خيال رکندڙ همٿ وارن نوجوانن لاءِ دنيا جي اهڙن تعليمي ادارن ۾ پھچڻ ڏکيو ڪونهي، اڳم به ته سندن جھڙا ئي وچولي طبقي ۽ سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۽ شھرن سان تعلق رکندڙ ڪيئي نوجوان اتي پهتا، انهن محنت ڪئي ، اسڪالر شپون حاصل ڪيون، ۽ انهن مان ڪيترن ئي پنهنجي پڙهائي جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ فارغ وقت ۾ ڪمايو به ته تعليم به جاري رکي ۽ آخرڪار ڪامياب ٿيا. علم ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي، اوهان به جستجو ڪريو، ڪتاب پڙهو، لکو، انٽرنيٽ مان فائدو حاصل ڪيو، روشن مستقبل جي تلاش ڪيو ۽ پوءِ ڪامياب ٿي پنهنجي ماروئڙن، سانگئيڙن ۽ ڌرتي ڌڻين سميت سموري عالمِ انسانيت جي خدمت ڪيو.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 19 جون 2013)