ايڊنبرا يونيورسٽي
جيڪا ڊارون، گراهم بيل ۽ بختاور ڀٽو زرداري جي مادر علمي آهي
اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا ۾ واقع ايڊنبرا يونيورسٽي، اڄ کان ٻه سال کن اڳ، پاڪستان جي ٻين اخبارن سميت سنڌي اخبارن جي خبرن جي به زينت بڻي هئي. خبر هيءَ هئي ته “سنڌ جي راڻي بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ايڊنبرا يونيورسٽي جي “اسڪول آف لٽريچر، لئنگئج ائنڊ ڪلچرس” مان پنهنجي گريجوئيشن واري چئن سالن تي مشتمل تعليم جي پڄاڻي تي يونيورسٽي پاران 28 جُون 2012ع تي منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ انگريزي ادب واري سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن جي ڊگري وصول ڪئي جنهن ۾ بختاور ڀٽو جي والد ۽ پاڪستان جي تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري پڻ شرڪت ڪئي. بختاور ڀٽو جنهن کي سندس ماءَ شهيد بينظير ڀٽو پيار مان “اِٽي بِي”(Itty Bee) سڏيندي هئي تنهن انگريزي لٽريچر ۾ گريجوئيشن واري ٿيسز لاءِ جنهن موضوع تي تحقيق ڪئي هئي اهو هو “Shakespeare’s political heroines in Anthony and Cleopatra, Macbeth, Othello and The winter’s Tale” يعني“شڪيسپيئر جي ڊرامن ائنٿوني ائنڊ ڪليوپئٽرا، مئڪبيٿ، اوٿيلو ۽ دي ونٽرس ٽيل جون سياسي هيروئنيون” ايڊنبرا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هن سنڌي نياڻي نه رڳو پنهنجين صلاحيتن جي آڌار اسڪاٽلينڊ جي انهيءَ يونيورسٽي ۾ پنهنجو ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو پر ان يونيورسٽي کي پڻ اسان جي ڌيان جو مرڪز بڻايو.
”دِي يونيورسٽي آف ايڊنبرا” جنهن کي عام طور تي صرف ايڊنبرا يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي سا برطانيا جي اتر طرف واري رياست اسڪاٽلينڊ جي گادي واري شهر ايڊنبرا ۾ اڄ کان چار سئو ايڪيٽهه سال اڳ يعني 1583ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هي يونيورسٽي اسڪاٽلينڊ جي پراڻين يونيورسٽين مان هڪ آهي جيتوڻيڪ اسڪاٽلينڊ جي ڏيهي ٻولي “اسڪاٽش” آهي پر هن رياست، برطانيا جو حصو هجڻ ڪري، انگريزي کي پنهنجي ٻي ٻوليءَ طور اختيار ڪيو آهي، جنهنڪري هتي درس ۽ تدريس جوعمل انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ٿيندو آهي.
ايڊنبرا شهر جيڪو خود يارنهين عيسوي صدي ۾ قائم ٿيو هيو ۽ پندرنهين صدي کان اسڪاٽلينڊ جي حڪومتي ۽ انتظامي گادي جو هنڌ آهي ان جي تاريخي اهميت جي حامل هڪ پراڻي پر مرڪزي علائقي ۾ چار صديون اڳ واقع ٿيل هي يونيورسٽي نه رڳو وقت جي ڇوليون هڻندڙ طوفاني وِيرن سان ٽڪرائبي پاڻ به تاريخي حيثيت ماڻي چڪي آهي پر هن يونيورسٽيءَ دنيا ۾ڪي ئي تاريخ ساز شخصيتون پيدا ڪري سماج ۾ پنهنجي ڪارج ڀرئي ڪردار جي ساک پڻ قائم ڪئي آهي. اِهو هِن يونيورسٽي ۾ صدين کان روان دوان علم ۽ ادب جي ڪاروان جو ئي نتيجو آهي جو يورپ ۾ ارڙهين صدي دوران آيل سجاڳيءَ واري دور (The Enlightenment) ۾ايڊنبرا شهر کي به علم ادب، ساڃاهه ۽ سرت جو مرڪز سمجهيو ويندو هيو ۽ ان حوالي سان هن شهر کي .”ايٿنس آف نارٿ” جي لقب سان به متعارف ڪرايو ويندو هيو ڇاڪاڻ ته قديم يونان جو شهرايٿنس عالمن۽ فلاسافرن جو مرڪز هيو.هن يونيورسٽي مان پڙهي نڪتل شخصيتن جن پنهنجن ڪارنامن جي عيوض دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو انهن ۾ “ارتقا واري نظريي” (Evolution Theory)جو باني چارلس ڊارون، ٽيليفون ايجاد ڪندڙ سائنسدان الينگّزينڊر گراهم بيل، برطانيا جا ٽي اڳوڻا وزيراعظم گورڊن برائون، لارڊ پالمسٽرن ۽ لارڊ جان رسل، ڪئناڊا جو اڳوڻو وزيراعظم چارلس ٽوپر، ڏکڻ ڪوريا جو اڳوڻو صدر يون جُو سيوز ۽ اڳوڻو وزيراعظم جانگ تائڪ سئنگ، نڪاراگوا جو اڳوڻو صدر وليم واڪر، آفريڪي ملڪ تنزانيا جو پهريون صدر جولئس نيريري،مالوي جو اڳوڻو صدر هئسٽگس باندا، ڪولمبيا جي موجوده عورت وزير اعظم ڪرسٽي ڪلرڪ، شام ملڪ جي پهرين عورت نائب وزيراعظم نجاح العطار، مصر جي اڳوڻي عورت وزير حڪمت ابوزيد، رومانيا جي شهزادي مارگريٽا، اردن جي بادشاهه حسين ۽ راڻي نور جي ڌيءُ شهزادي رائيا بنت الحسين، انگريزي ٻوليءَ جا مشهور اديب سر والٽر اسڪاٽ، رابرٽ لوئس اسٽينونسن، چوٿين جولاءِ 1776ع ۾ برطانيا کان آمريڪا جي آزادي واري معاهدي تي صحيح ڪندڙ جيمس ولسن، جان وڌراسپون ۽ بينجمن رش سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن جون مشهور شخصيتون شامل آهن. هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ارڙهن محققن ۽ سائنسدانن پنهنجي نمايان ڪمن جي عيوض نوبيل انعام حاصل ڪيا آهن. ٽائيمز هائير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽيز جي 2013ع واري سروي مطابق ايڊنبرا يونيورسٽي آرٽس ۽ هيومنٽيز وارن تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ معيار جي لحاظ کان دنيا ۾ يارنهين نمبرآهي.
ايڊنبرا يونيورسٽي 1583ع ۾ قائم ڪئي وئي. هيءَ يونيورسٽينون فئڪلٽين ۽ ڪيترن ئي ، انسٽيٽيوٽس، ريسرچ لئبارٽرين ۽ ٻين اهم مرڪزن تي مشتمل هئي پر2002ع ۾ يونيورسٽي جي سڀن فئڪلٽين کي ٽن ڪاليجن ۾ گڏايو ويو آهي جهڙوڪ ڪاليج آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ، ڪاليج آف سوشل سائنسز ائنڊ هيومنٽيز ۽ ڪاليج آف ميڊيسن ائنڊ ويٽرنري سائنسز. اهي ڪاليج مختلف تدريسي ۽ تحقيقي سبجيڪٽن جي حوالي سان ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ورهايل آهن. ايڊنبرا يونيورسٽي جو ڪاليج آف سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ٻين ٻنهي ڪاليجن کان وڏو ۽ وسيع آهي. هن ڪاليج ۾ يارنهن اسڪول آهن جهڙوڪ اسڪول آف لٽريچرس، لئنگوِجز ائنڊ ڪلچرس، بزنس اسڪول، موري هائوس اسڪول آف ايجوڪيشن، اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ائنڊ لئنڊ اسڪيپ، اسڪول آف هسٽري، ڪلاسڪس ائنڊ آرڪيالاجي، اسڪول آف فلاسافي، سئڪالاجي ائنڊ لئنگوجز سائنس، اسڪول آف سوشل ائنڊ پوليٽيڪل سائنس، اسڪول آف هيلٿ اِن سوشل سائنس، اسڪول آف ايڪنامڪس، اسڪول آف ڪمپيوٽنگ ائنڊ انفرميٽڪس ۽ اسڪول آف ڊِوِنٽي وغيره. هن يونيورسٽي جو انگريزي ادب وارو شعبو برطانيا ۾ سڀ کان آڳاٽو آهي.
ايڊنبرا يونيورسٽي جو ڪاليج آف ميڊيسن ائنڊ ويٽرنري ميڊيسن پڻ وڏي نالي ۽ اهميت وارو آهي. هن ۾اسڪول آف بايوميڊيڪل سائنسز، اسڪول آف ڪلينيڪل سائنسز، رايل اسڪول آف ويٽرنري اسٽڊيز ۽ ايڊنبرا يونيورسٽي ميڊيڪل اسڪول قائم آهن. يونيورسٽي جي هن ڪاليج جي محققن ۽ سائنسدانن وڏيون ايجادون ۽ دريافتون ڪري يونيورسٽيءَ لاءِ دنيا ۾ نيڪنامي حاصل ڪئي آهي. يونيورسٽي جي هن ڪاليج مان پڙهيل سائنسدانن جي ايجادن ۽ دريافتن ۾ ارتقا جو نظريو، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪلوروفارم اينٿيزيا، آڪسٽوسن، هيپاٽئيٽس بي جي ويڪسن، ٽي بي جو علاج وغيره شامل آهن.
هن يونيورسٽي جو ٽيون ڪاليج جيڪو ڪاليج آف سائنس ائنڊ انجنيئرنگ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ان ۾ اسڪول آف ڪيمسٽري، اسڪول آف مئٿميٽڪس، اسڪول آف فزڪس ائنڊ ائسٽرانامي، اسڪول آف انجنيئرنگ وغيره قائم آهن.
ايڊنبرا يونيورسٽي تعليم ۽ تحقيق وارين سرگرمين سان گڏ هم نصابي سرگرمين، تفريحي، ثقافتي ۽ شاگردن جي ڀلائي وارين سرگرمين جو پڻ مرڪز آهي. هتان جي شاگردن جو پڙهائي سان گڏ سماجي طور متحرڪ هجڻ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته هتان جي شاگردن جون سوسائٽيون ۽ تنظيمون جهڙوڪ ايڊنبرا يونيورسٽي سوشلسٽ سوسائٽي، ينگ گرينس، پيپل ائنڊ پلانيٽ، ايڊنبرا گلوبل پارٽنر شپ، اسٽوڊنس فار جسٽس اِن فلسطين ۽اهڙا ئي ٻيا شاگردن جا گروپ برطانيا سان گڏ دنيا جي ماحولاياتي بهتري، سماجي انصاف، پائيدار ترقي۽ معاشي برابري لاءِ آواز اٿاريندا رهن ٿا. راند روند ۽ تفريحي، ۽ اشاعتي شعبي ۾ پڻ هتان جا شاگرد گھڻن کان اڳڀرا آهن. ايڊنبرا يونيورسٽي جي شاگردن 1887ع ۾ “دِي اسٽوڊنٽس” نالي اخبار جاري ڪئي هئي جيڪا اڄ تائين وڏي ڪاميابي سان پنهنجي پڙهندڙن تائين دلچسپ معلومات پهچائيندي رهي ٿي.انهيءَ کان علاوه هتان جي شاگردن جو جاري ڪيل “دِي جرنل” پڻ شاگردن جي اشاعتي صلاحيتن جو ثبوت آهي. ايڊنبرا يونيورسٽي اسپورٽس يونين هن يونيورسٽي ۾ اٽڪل ستهٺ اسپورٽس ڪلب هلائي ٿي. ايڊنبرا يونيورسٽي ۾ 1896ع ۾ قائم ڪيل ايڊنبرا يونيورسٽي ٿيٽر ڪمپني، ڊراماٽڪ سوسائٽي، اوپيرا گروپ، فٽ لائيٽ ميوزيڪل ٿيٽر هتان جي شاگردن کي نه رڳو “پَرفارمنگ آرٽ” وسيلي تفريح ميسر ڪندا آهن پر شاگردن کي شموليت جا موقعا ڏئي انهن ۾ موجود فنون لطيفه وارين صلاحيتن جو پڻ واڌارو ڪندا رهن ٿا. هتان جا شاگردن جي سماجي شعور ۽ خدمت جي جذبي جو مثال هي آهي ته هنن پنهنجي همٿ سان “ اسٽوڊنٽس هائوسنگ ڪو آپريٽو سوسائٽي” ۽ “هارٽي اسڪيورل فوڊ ڪوآپريٽو سوسائٽي” جهڙيون تنظيمون قائم ڪري شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ پڻ جوڳو انتظام ڪيو آهي.
ايڊنبرا يونيورسٽي سان گڏ هن شهر جا ٻيا اعليٰ درسگاهه جهڙوڪ هيرياٽ واٽ يونيورسٽي، ڪوئين مارگريٽ يونيورسٽي، ايڊنبرا نيپيئر يونيورسٽي، ايڊنبرا ڪاليج آف آرٽ، اسڪاٽس ائگريڪلچر ڪاليج، ايڊنبرا ٽيلفورڊ ڪاليج، ۽ انٽرنيشنل ڪاليج وغيره هن شهر ۾ علم ادب جي سهوليتن سان گڏ هن جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا. ايڊنبرا جي اها سونهن جيڪا ٻه ٽي سال اڳ مون به پسي هئي، اوهان به ان جا مظهر پسي سگھو ٿا.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين 30 اپريل 2014)