شفيلڊ هيلم يونيورسٽي
جتي سنڌي شاگرد پڻ پڙهن ٿا
شفيلڊ هيلم يونيورسٽي برطانيا جي وڏين يونيورسٽين مان هڪ ليکي وڃي ٿي.هن ۾اٽڪل پنجٽيهه هزار شاگرد داخل آهن جن ۾ خاصو تعداد انٽرنيشنل شاگردن جوبه آهي.يونيورسٽي جي شاگردن يا اسٽاف ۾ ٻين سان گڏ اسان جا سنڌي نوجوان پڻ شامل آهن. انهن ۾خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ “ جنگهو” ۽ لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکندڙ ٻه اهڙا سنڌي نوجوان به شامل آهن جن جي همٿ جدوجهد ۽ ڪاميابين جي ڪهاڻي ڏاڍي اتساهيندڙ آهي جيڪا به هن مضمون ۾ اڳتي هلي پنهنجي مانوارن پڙهندڙن سان شيئر ڪبي پر پهريان شفيلڊ هيلم يونيورسٽي جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
شفيلڊ هيلم يونيورسٽي جي وجود ۾ اچڻ جو بنياد اڄ کان پوڻا ٻه سئو سال اڳ تڏهن پئجي چڪو هيو جڏهن شفيلڊ جي هڪ مصور ۽ ڊزائينر شهر ۾ ڊزائيننگ جو هڪ تربيت گاهه قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون هيون. هي اهو زمانو هيو جڏهن شفيلڊ جي معشيت پنهنجو رنگ بدلائي رهي هئي ۽ هي علائقو “ڪاري سون” يعني ڪوئلي ۽ لوهه جي کاڻين جي مرڪز مان تبديل ٿي “اسٽيل سِٽي” (Steel City) بڻجڻ وارو هيو. هن شهر ۾ اِسٽيل جي صنعتن متعارف ٿيڻ سان اسٽيل جي ٿانون ٿڦن ۽ ٻئي سامان ٺاهڻ لاءِ ڊزائينگ وارو ڪم وڌڻ لڳو جنهنڪري هن شهر ۾ آرٽ ۽ ڊزائيننگ سيکارڻ جي ڪنهن معياري اداري جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ان حوالي سان شفيلڊ جي نامياري آرٽسٽ ۽ ڊزائينر “بينجمن هيڊن” جي ورتل ڪوششن جي نتيجي ۾ 1843 ۾ هتي “ شفيلڊ اسڪول آف ڊزائينگ” قائم ڪيو ويو جنهن جو انتظام ۽ سار سنڀال شفيلڊ جي لوڪل ڪائونسل جي هٿ هيٺ ڏني وئي. 1850ع ۾ هن اسڪول کي وسعت ڏئي هن جو نالو “ شفيلڊ اسڪول آف ڊزائين ائنڊ آرٽ” رکيو ويو. 1969ع ۾هن کي استادن جي ٻن تربيتي ادارن يعني شفيلڊ سِٽي ڪاليج ۽ ٽوٽلي هال ڪاليج ۾ ضم ڪري هن جو نئون نالو “شفيلڊ سِٽي پوليٽيڪنڪ” رکيو ويو. 1992ع ۾ “شفيلڊ سِٽي پوليٽيڪنڪ” جو درجو وڌائي کيس “شفيلڊ هيلم يونيورسٽي” بڻايو ويو.
شفيلڊ هيلم يونيورسٽي ٻن ڪئمپسن، چئن فئڪلٽين،کوڙ سارن تدريسي تحقيقي شعبن، انسٽيٽوٽن، اسڪولن ۽ ڪاليجن تي مشتمل آهي.هن جون فئڪلٽيون هن ريت آهن، جهڙوڪ؛ فئڪلٽي آف هيلٿ ائنڊ ووئيل بينگ (Well being) ، فئڪلٽي آف ڊيولپمنٽ ائنڊ سوسائٽي، فئڪلٽي آف آرٽس، ڪمپيٽنگ، انجنيرنگ ائنڊ سائنس، ۽ فئڪلٽي آف آرگنائيزيشن ائنڊ مئنيجمنٽ جنهن کي شفيلڊ اسڪول آف بزنس ائنڊ مئنيجمنٽ سڏيو وڃي ٿو.
مٿين فئڪلٽين جي خاص تدريسي ۽ تحقيقي شعبن ۾ بايو سائنسز، ڊائگنوسٽڪ ريڊيوگرافي، نرسنگ ائنڊ مڊ وائفري، فزيوٿراپي، آڪيوپيشنل ٿراپي، آپريٽنگ ڊپارٽمنٽ پريئڪٽشنرس، پئراميڊڪ اسٽڊيز، ريڊيوٿراپي ائنڊ اونڪولاجي،سوشل ورڪ ائنڊ اسپورٽ، آرٽ ائنڊ ڊزائين، ڪميونيڪيش ائنڊ ميڊيا، بِزنس سِسِٽَمس ائنڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽرس ائنڊ ڪمپيوٽنگ، انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ملٽي ميڊيا ائنڊ انٽرنيٽ، مئٿميٽڪس ائنڊ اسٽيٽڪس، آرڪيٽيڪچر، انوائرنمنٽل سائنس، بِلٽ انوائرنمنٽ، جيوفرافي، انگلش لٽريچر ائنڊ لئنگئج، ايجوڪيشن، هيومنٽيز، لا، ڪميونٽي جَسٽس، پلاننگ، سوشل سائنسز،پرفارمنگ آرٽس، بزنس ائنڊ مئينجمنٽ، فئسلٽيز مئنيجمنٽ،فئنانس، اِيوينٽس مئنيجمنٽ، ڦوڊ ائنڊ نيوٽريشن، لئنگئج ائنڊ ڪلچر،ٽوئرازم ۽ هاسپيٽلٽي وغيره شامل آهن.
تازو ئي منهنجو رابطو شفيلڊ هيلم يونيورسٽي سان وابسطه سنڌ جي هڪ پورهيت گهراڻي جي هڪڙي اهڙي باهمٿ نوجوان سان ٿيو، جنهن جي جدوجهد جي ڪهاڻي وڏي اتساهيندڙ آهي. منهنجي رابطي دوران هو هيلم يونيورسٽي پاران مليل ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم لاءِ اونڊونيشيا جي اندلس يونيورسٽي ۾ ڪجهه هفتن لاءِ آيل هيو.هن نوجوان جو نالو صادق ڀنڀرو آهي.منهنجي رابطي ڪرڻ تي هن جيڪو ڪجهه ٻڌايو اهو زندگي جي سڦلتا لاءِجاکوڙيندڙ نوجوانن جي اتساهه لاءِ هتي پيش ڪيان ٿو. صادق ٻڌايو ته “ مان پهرين مارچ 1981ع ۾ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ “جهنگو” ۾ هڪ هاري محمد صالح ڀنڀري جي گهر ۾ پئدا ٿيس. مان اڃا سيڪنڊري اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس ۾ ئي پڙهندو هيس جو منهنجو والد گذاري ويو. مون کي هڪ وڏو ڀاءُ ۽ پنج ڀينرون آهن جيڪي سواءِ هڪ ڀيڻ جي ٻيون سڀئي مون کان وڏيون آهن. توڙي جو منهنجا پيءُ ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀينيرون ( سواءِ هڪ ڀيڻ جي جيڪا صرف پنج درجا پرائمري پڙهيل آهي) اڻپڙهيل آهن پر منهنجي امڙ جندل خاتون منهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ مونکي همٿائيندي رهي. مان ان دوران پنهنجي تعليمي خرچ پکي حاصل ڪرڻ لاءِ شام جو ڳوٺ ۾ ڪلينڪ تي ڪمپائونڊر جو ڪم به ڪندو هيس. آخر ڪار مون سخت محنت ڪري گمبٽ جي هائير سيڪنڊري اسڪول مان اَي وَن گريڊ ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ساڳئي اسڪول مان 1998ع ۾ پِري ميڊيڪل ( Pre-Medical)گروپ ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان اَي گريڊ ۾ پاس ڪيم. ان کان پوءِ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٽيچر جي حيثيت سان ڪم به ڪندو رهيس ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ٽي دفعا اينٽري ٽيسٽ وارا امتحان به ڏنم پر ٽئي دفعا ناڪام ٿيس. بحرحال هن ناڪاميءَ جي ڏک ۾ اچي مايوس ٿي ويهي رهڻ بجاءِ مون اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي سان منسلڪ خيرپور جي ڪاليج مان بي اَي جو امتحان پاس ڪري ڪراچي هليو ويس. ڪراچي ۾ صبح جو ڪالا بورڊ واري علائقي ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول ۾ ۽ وري منجهند جو سچل ڳوٺ ۾ واقع روشن تارا اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳس. شام جو انگريزي ٻولي تي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ لئنگئج سينٽر ۾ داخلا ورتم ۽ ائين سمورو ڏينهن ويندي رات دير تائين جدوجهد ڪرڻ لڳس. هڪ سال جي انهيءَ سخت محنت کان پوءِ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ داخلا ورتم جتان 2004ع ۾ سوشل ائنٿراپالاجي واري سبجيڪٽ ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيم. اسلام آباد ۾ تعليم لاءِ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن پاران مون کي مالي مدد پڻ ملندي هئي. ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مون کي ڪراچي ۾ ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائيزيشن ۾ اسسٽنٽ ريجنل آفيسر جي نوڪري ملي وئي پر چند مهينا اها نوڪري ڪرڻ کان پوءِ مون آغا خان يونيورسٽي جي ڪمينٽوني هيلٿ سائنسز ڊپارٽمنٽ ۾ ريسرچ آفيسر جي نوڪري حاصل ڪري ورتي. ان دوران 2006ع ۾ مون کي يورپين ڪميشن جي “ارسمس منڊس اسڪالرشپ پروگرام”(Erasmus Mundus Scholarship Programme) تحت برطانيا ۽ پولينڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي وئي. هن اسڪالرشپ جي مدد سان مان برطانيا، پولينڊ ۽ فرانس وڃي اتي تعليم جاري رکي ٻه ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون؛ هڪ شفيلڊ يونيورسٽي مان ماسٽرس آف پبلڪ هيلٿ (MPH) ۽ ٻي جيگيلونين يونيورسٽي آف ڪراڪو، پولينڊ مان ايم ايس سي اِن سوشل ائنڊ هيلٿ پروٽيڪشن (MSc.PH), انهيءَ سلسلي ۾ڪجهه عرصو فرانس جي رينيس شهر ۾فرينچ اسڪول آف پبلڪ هيلٿ ۾ به پڙهڻ لاءِ ويس. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مون کي “سِٽي يونيورسٽي آف لنڊن” ۽ “سينٽ جارج يونيورسٽي آف لنڊن” ۾ پڻ ريسرچ ايسوسئيٽ طور نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو. بلآخر 2012ع ۾ لنڊن کي ڇڏي شفيليڊ ۾ اچي “شفيلڊ هيلم يونيورسٽي” ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان نوڪري جوائن ڪيم جيڪا اڃا تائين جاري آهي. مان پنهنجا لکيل تحقيقي پيپر ڪيترن ئي ملڪن ۾ منعقد ٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۽ سيمنارن ۾ پيش ڪري چڪو آهيان، انهن ملڪن ۾ سوئزرلينڊ، فلپائينس، ترڪي، جرمني، ريپبلڪ آف آئرلينڊ، انڊونيشيا، پاڪستان ۽ برطانيا به شامل آهن.
اهڙو ئي ٻيو همٿ ڀريو نوجوان لاڙڪاڻي واروڊاڪٽر سيد عالم شاهه آهي جيڪو پڻ هڪ مڊل ڪلاس ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. هن جي جدوجهد جي ڪهاڻي به محنت ۾ يقين رکندڙ ماڻهن لاءِ جوت ۽ جلا بخشيندڙ آهي. عالم شاهه لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسڪولن مان پڙهي ڪراچي يونيورسٽي پهتو جتان هن 2002ع ۾فلاسافي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري اتان ئي “پوليٽيڪل فلاسافي ۾ “پوليٽيڪل لِبرَلزم آف جان رالس” جي موضوع تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس صلاحيتن جي بنياد تي کيس ڪراچي يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمنٽ ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ به هن نوجوان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ نامياري جرمن فلاسافر “هيڊيگر” جي فلسفي واري نظرئي تي تحقيق ڪري 2013ع ۾ پي ايڇ جي ڊگري حاصل ڪئي ان لاءِ پاڻ جرمني ٻولي ۾ به مهارت حاصل ڪيائين. ساڳئي سال سندس شريڪ حيات صبا عالم شاهه (جيڪا پڻ ڪراچي يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي) کي شفيلڊ هيلم يونيورسٽي جي هيلٿ ايڪنامڪس ڊپارٽمنٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي جنهن سان گڏجي هو به شفيلڊ هليو آيو جتي اڄڪلهه هو “شفيلڊ يونيورسٽي” جي فلاسافي ڊپارٽمنٽ ۾ وِزيٽنگ اسڪالر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هڪ سنڌي نياڻي ڊاڪٽر پروين اعظم ميمڻ پڻ شفيلڊ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر مقر ٿيل آهي. لاڙڪاڻي جو فياض حسين ڪانڌڙو جيڪو اين اِي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي اهو به اڄڪلهه شفيلڊ يونيورسٽي مان مٽيريل انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.بحرحال“شفيلڊ هيلم يونيورسٽي” جامٿي ڄاڻايل باصلاحيت سنڌ واسين جيان اوهان لاءِ به علم جا دروازکليل آهن.
(ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 10 جون 2015)